; سنڌي شخصيتون: استاد، خميسو، خان، گلبهار، ڏيٿو،
Showing posts with label استاد، خميسو، خان، گلبهار، ڏيٿو،. Show all posts
Showing posts with label استاد، خميسو، خان، گلبهار، ڏيٿو،. Show all posts

15 January, 2013

استاد خميسو خان - گلبهار ڏيٿو


استاد خميسو خان
سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ راڳي
گلبهار ڏيٿو
سنڌ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. انهن جا ڪردار ۽ انهن جون نشانيون هميشه ياد ۽ دل اندر رهنديون آهن. فن سان تعلق رکندڙ استاد خميسو خان چانڊيو جي ڳالهه ڪجي ته اها به گهٽ ٿيندي. ڇو ته استاد به پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، ڪيئي شاگرد بڻائي ڇڏيا. سال ۲۰۱۲ جي بيدرد سال جي ڳالهه ڪجي ته هُن بيوفائي جو مظاهرو ڪري، اسان کان هڪ وڏو استاد خميسو خان چانڊيو به کسي ورتو. تاريخ ۱۵ جنوري جي شام ۵ لڳي ڌاري سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ مشهور راڳي، جيجي الهه وسائي جو ور، استاد خميسو خان چانڊيو، سمورن مداحن کي اڪيلو ڪري هليو ويو. پر سندس ڪيل خدمتون هميشه جي لاءِ ياد رهنديون.