; سنڌي شخصيتون: 2019

31 December, 2019

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري
جديد سنڌي ادب جو نامور نقاد، محقق ۽ سرموڙ نثرنگار ۽ جهالتن جي نڙيءَ تي ننهن
ثناءُالله عتيق چنجڻي
غريب جو ٻار اڪبر لغاري جنهن کي ڦُٽين چونڊيندڙ هٿن سان رڻ جهڙن سماجي روين اندر زندگي گذاري وقت سان رئِي مِٽي ٿيڻو هيو. جنهن نوجوان کي ريتن جي ڏاگھه تي جيئرو سڙي مرڻو هيو انهيءَ ڳڀروءَ پنهنجن ذاتي محنتن سان مروج ذلتن کي پنڊپهڻ بڻائي، علم جي روشنيءَ سان ريتن جي سنگھرن کي ٽوڙي ايترو اڳتي نڪري آيو جو هينئر جهالتن جي نڙيءَ مٿان سندس ننهن ڏسي ويساه ٿيندو آهي ته سنڌ جيئندي سدا، سنڌ رهندي سدا.

آغا محمد علي


آغا محمد علي
ريڊيو جي دنيا ۾ مونکي متعارف ڪرائيندڙ، منهنجو محسن!
جبار آزاد منگي
Image result for ‫آغا محمد علي‬‎
ناميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي ۱۵ جولاءِ ۱۹۵۸ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم شڪارپور جي ڳوٺ ڪِڙي عطا محمد مان ورتي. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۸۴ع ۾ سکر لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم اي (ايڪانامڪس) ڪيائين. پهريائين روينيو کاتي، جيل کاتي ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام واري کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ جون ۱۹۸۸ع کان ريڊيو پروڊيوسر خيرپور، لاڙڪاڻي، مڪران ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو.

رحيمداد خان مولائي شيدائي


رحيمداد خان مولائي شيدائي
ورسي تقريب جي رپورٽ
سيد امداد حسين رضوي

اڄ رحيم داد خان مولائي شيدائي جي ورسي جي سلسلي ۾ تنوير عباسي ھال سکر ڪلچر سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مون بہ شرڪت ڪئي.
مرحوم پاڻ سوري زئي شھواڻي بروھي قبيلي مان ھو سندس آبائي ڳوٺ مستونگ ھو سندس ولادت سکر ۾ ۱۸۹۴ع ٿي ۱۹۱۹ع ريلوي لوڪوشيڊ روھڙي ۾ ملازمت جي ابتدا ڪئي ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي گارڊ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي پاڻ ۱۲ فبروري ۱۹۷۸ع سکر ۾ وفات ڪئي آخري ڏينھن ۾ سندس اکين جي روشني بہ گهٽجي وئي ھئي ۽ مون کي غلام مرتضيٰ شاه موسوي ٻڌايو تہ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ptv وارا مون وٽ آيا تہ شيدائي صاحب جو انٽرويو ڪنداسين. مان کين سندس گهر وٺي ويس. پر تن ڏينھن ۾ سندس يادگيري ختم ٿي چڪي ھئي. ھنن صرف سندس وڊيو ڀري. 
سندس ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آھن. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو مقام نہ ملي سگهيو، جيڪو کيس ملڻ کپي ھا. پاڻ ۴۰ جي قريب ڪتاب لکيائين جن مان ڪجھ ڇپيا، ڪجھ اڃا ڪو نه ڇپيا آھن. ڪجھ چوري ٿي ويا. ھڪ ڪتاب ته سندس ڪوئي دوست وٺي ويو ته کيس واپس به ڪو نه ڪيو. جيڪي ڪتاب ھن وقت تائين ڇپيا آھن، تن جا نالا نيٺ ڏجن ٿا.

محمد پنهل ڏهر


اهڙن انسانن کي اُتساهه ملڻ گھرجي
مولائي ملاح
علم انسان جي ٽين اک ۽ دنيا ۾ ڪتاب کانسواءِ ٻيو سٺو دوست ۽ تحفو نٿو ٿي سگھي. ڪتاب انسان جي ٻاٽ اونداهين راهن کي، علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو آهي. ڪتابن جي دنيا جا ماڻهو، دنيا جهان جي گوڙ گھمسان کان ڪٽيل، پنهنجي ماحول ۾ محو هوندا آهن. مسلسل مطالعي واري ڪيفيت ۾ رهندي، سندن مزاج ۾ به سانت ۽ صبر سمائجي ويندو آهي. اهي، ڪچهري ۾ اچي، ماحول کي پنهنجي نظر سان ڏسندا. ضروري سمجهندا ته مختصر ۽ پراثر ڳالهائيندا، نه ته ٻين کي خاموشيءَ سان ٻڌندا، اهڙي ڪيفيت ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي عام ماڻهو  پنهنجي دنيا جو ماڻهو چوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي دنيا ئي ته، روشن دنيا آهي، جن جي اهڙي عشق ذريعي دنيا ۾ شعور جي لاٽ روشن آهي. اهڙن عظيم انسانن جي سهڪاري ڪردار سان سنسار ۾ علم، ادب، تاريخ ۽ تخليق ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رهي ٿو.

ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي


ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
جنم ڏينهن مبارڪ
رکيل مورائي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات سال ۲۰۰۱ جي سيپٽمبر مهيني ۾ سنڌين جي ثقافتي مرڪز سيتا سنڌو ڀونِ ممبئي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ اسان (مون رکيل مورائي، تاجل بيوس ۽ سندس ونيءَ) جو آجياڻو ۽ انٽرنيشنل مشاعرو رکيو ويو هو. هيءُ منهنجو هند وڃڻ جو پهريون ڀيرو هو.

علي انور قمبراڻي


علي انور قمبراڻي
گھڻن کي روئاري وينداسين – پهرين ورسي جي مناسبت سان
سليم جتوئي
”ڪو نه بچسان، درد تيڏي وچ، رو رو مرويسان“ ۽ ”اسان جڏهن گذاري وينداسين، گھڻن کي روئاري وينداسين“ جهڙن شاهڪار ڪلامن کي سرجيندڙ شاعر، مرحوم حاجي علي انور قمبراڻي کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري ڳوٺاڻن ماڻهن جي دل جي ارمانن وٽان هوندي هئي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان اُڪير توڙي معاشري جي حالتن پٽاندڙ لفظ توري تڪي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل هوندا هئا، هر ڪو ائين ڀائيندو هو ڄڻ ته سندس دل جي ڳالھ پئي هلي. سو ذڪر شاعر حاجي انور قمبراڻي جو جيڪو هن وقت اسان وٽ موجود ته ناهي پر سندس شاعري صدين تائين ماڻهن کي ياد رهندي.

الياس رضا


الياس رضا
آواز جي دنيا جو خاموش ٿيل ڪردار
زيب سنڌي
تاريخ ۹ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي، ريڊيو جي دنيا جو اهو شخص گذاري ويو، جنهن کي پنهنجي ڪم سان عشق هو. عشق به اهڙو، جو ڪم ڪندي هو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندو هو. بنا ڪنهن شڪ جي هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو مثالي ڪم ڪيو، جنهن کي ريڊيو جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهبو. الياس رضا هو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سائونڊ افيڪٽس مين، پر هو ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ کان وٺي پروڊيوسر تائين جا سڀ ڪم ڄاڻندو هو ۽ انهن سڀني شعبن ۾ هن جون ياد رکڻ جهڙيون خدمتون آهن. حقيقت به اها آهي ته هن پنهنجي ڪم کي عشق ۽ خدمت سمجهي ئي ڪيو، نه ته عام طور تي ماڻهو سرڪاري نوڪري ايئن ناهن ڪندا، جيئن الياس رضا ڪئي. جڏھن ھو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پراڻين مشينن تي بيهي ڪم ڪندو هو ته، پنهنجي ڪم ۾ ايئن گم ٿي ويندو هو، جو هن کان دنيا ئي وسري ويندي هئي. ريڊيو جي ڊرامن توڙي ٻين پروگرامن جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي پير ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪندي، ڄڻ ته هو وقت جي قيد کان آزاد ٿي ويندو هو ۽ هن کان اهو به وسري ويندو هو ته، هن ماني به کاڌي آهي يا نه. لڳاتار ڪم ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن هو ڪنهن پروگرام کي فائنل ڪري ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻندو هو، تڏهن ئي هن کي ٿَڪ جو احساس ٿيندو هو. مشين تان ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سندس حالت اهڙي ٿي ويندي هئي، جو هو اتي ئي، مشين جي ڀرسان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي فرش تي ويهي رهندو هو.

30 December, 2019

ڪوڙل قربدار

ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو
ڪوڙل قربدار سماجي ناانصافين، وطن جي حُب ۽ پيار بابت شاعري ڪري پيو. سندس شاعريءَ جو لهجو عام فهم آهي. هُو پيار جو پرچارڪ آهي، جنهنڪري قربدار تخلص رکيو اٿائين ۽ کيس سماجي ناانصافين جي تلخين ڪوڙل بنايو آهي.

29 December, 2019

شيخ اياز -۲

شيخ اياز
اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر
ڊاڪٽر فهميده حسين
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو.
تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.

مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير
رکيل مورائي
ڪالهه اڌ ڏينهن گذريو ئي مس هئو جو ڏهاڙي جيان موبائيل جي گھنٽي تي توجهه ويو اسڪرين تي نوجوان اديب ۽ منهنجي پياري دوست محمد حنيف سومري جو نالو اڀري آيو ۽ کن ۾ جيڪو مون ٻڌو اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ هئو.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر مير عبدالرسول مير ڪالهه ٻنپهرن جو هن جهان کي گڊباءِ چئي ان جهان ڏانهن راهي ٿيو، جنهن جهان کي دنيا جي سمورن مذهبن اهڙو جهان ڪوٺيو آهي جيڪو سدائين رهڻو آهي، جيتوڻيڪ اهو جهان جن ڏٺو آهي، انهن مان ڪنهن به اهڙي شاهدي نه ڏني آهي شاهدي فقط دنيا جي مذهبي ڪتابن ڏني آهي ۽ اسان هن جهان ۾ رهڻ وارا ماڻهو انهن ڪتابن کي آسماني ڪتاب سمجهندا آهيون، ان ڪري انهن ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو انهيءَ تي اسان جو يقين آهي، جنهن کي عقيدو چئبو آهي اسان جو بهرحال اهڙو عقيدو آهي.

زيب النساءِ


زيب النساءِ
گمناميءَ ۾ گذاري ويل سھرا لاڏا ڳائيندڙ ھڪ لوڪ گائڪا
نصير مرزا
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي ۽ گفتگو لوڪ گيت جهڙي...۽ سچ پڇو جيجي زرينا بلوچ سان گڏ جنهن گل و گلزار لوڪ گائڪا لاءِ اهڙا حسناڪ حرف لکي سگهجن ٿا ته اهي صرف زيب النساءِ لاءِ، جنهن طويل علالت بعد بي حس ادارن ۽ بي قدر آفيسرن جي لاپرواهي سبب نيٺ دنيا کان رات موڪلايو. الاس! هاڻي هوءَ اسان ۾ نه رهي، ته پويان اسان وٽ ڇار رهيو! فقط زيب النساءِ جهڙي ٻهڳڻ فنڪار جون ڳالهيون ۽ هُن جا ڳايل انڊلٺ رنگ جهڙا گيت، لوڪ گيت، ڳيچ، لاڏا سهرا، ساٺن سنوڻ وارا محبوب ٻول، ڪافيون ۽ غزل ئي اسان وٽ رھيا. منهنجا نصيب، جو ريڊيو حيدرآباد تي شعبهءِ موسيقي جي پروڊيوسر ناتي سنڌيءَ ۾ لوڪ گائڪائن جي پوري کير ڌار سان گڏجي مون سوين گيت لوڪ گيت رڪارڊ ڪيا، جن ۾ نمايان جيجي زرينا، زيب النساءِ، امينه صادق، زيب ميمڻ، زينت صديقي، مائي ڀاڳي شامل آھن. منجهند ٿيندي ته لوڪ ڪلام جون هي سڀ ڪوئلون ۽ ڪونجڙيون ريڊيو حيدرآباد جي لان ۾ ڪنهن انب جي يا سرينهن جي وڻ هيٺان پنهنجي لاڏلي استاد ماسٽر محمد جمن جي چوپاسي گُلاب جي گلن وانگر پيون مهڪنديون، ڊيلن مثل ٽلنديون ۽ نت نوان لوڪ گيت پيون ٺاهينديون ۽ جهونگارينديون هيون. ”ٻيڙي وارا ادا ڙي مهاڻا، لال تي ٿي وڃان...“، ”منهنجا قلندر لال مان قيدياڻي آهيان...“، ”تنهنجي منهنجي جوڙي ڏاڍي آ مزيدار...“، ”بولو ڙي بولو...“، ”السلام علڪيم جانيئڙا، وعليڪم سلام...“ اسان جي هيءَ زيب النساءِ ڪنڊيارو جي مٽي هئي، والد صاحب جو نالو بچو شيخ هئس. نهايت سگهڙ سياڻي، مسي مساڳ لائي، گهاٽن ڪارن وارن ۾ موتين واريون سڳيون پائي خوش لباس ۽ خوشبودار ٿي ايندڙ گائڪا هُئي. ۱۹۸۴ع ۾ جڏهن مون هن کي سرتين جي جهرمٽ ۾ ريڊيو تي يا شاهه لطيف جي ميلي ۾ زناني سنگ سان ”راڻا جي راجپوت“ يا استاد محمد جمن سان دوگاني ۾ ”جوڳي ڏاڍي ذات“ ڳائيندي ڏٺو هو. هميشه خوش لباس ۽ خوش ادا نظر آئي، ڪنن ۾ ٽاپس يا موتئي جا گل، ڳلي ۾ لاڪيٽ، مٿي تي ڪڏهن رنگين گلن وارو شيفون جو رئو يا ڪڏهن ٻانڌڻي يا موٺڙي واري اوڍڻي سان هوءَ سدائين سلم ۽ سمارٽ خاتون نظر آئي ۽ پري کان ائين باوقار نظر ايندڙ، جهڙي صفا اردو پنجابي فلمن جي هيروئن ”بهار“ ھجي. اڪثر ٻڌائيندي هُئي ته هي ۱۹۵۸ع جو سال هو، آئون ڇوڪري هئس، جو پنهنجي ماروٽ سان هومسٽيڊ هال واري پراڻي ريڊيو اسٽيشن ۾ اندر هلي ويس. حميد نسيم صاحب، ۽ ايم بي انصاري صاحب کي ماءُ وٽان سکيل سهرا لاڏا ٻڌيم. جيڪي هنن کي ڏاڍا وڻيا، ماسٽر ابراهيم منهنجو آڊيشن ورتو، استاد محمد جمن ساٿ ۾ بانسري وڄائي هئي. تڏهن مون ريڊيو حيدرآباد تان لائيو پروگرام شروع ڪيا. ۱۹۶۲ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جي هيءَ موجوده ريڊيو اسٽيشن ٺهي، ته خواجا امداد علي ۽ غلام حسين شيخ، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جي ساٿ سان گيت، لوڪ گيت، سهرا لاڏا ۽ ڪورس ۾ مون ڪيئي ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جيڪي فضائن ۾ هوائن آڌار گونجيا ته هر طرف واهه واهه ٿي وئي. جن منجهان ڪنهن جا ٻول هُئا ”ڀلي مليس ڪنوار“ يا ”وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“، ”گهوٽ گهوريئن نوٽ، لهي آ لاريءَ مان“، ”ڍڳو پير پيران“، ”لوڏي لونگيءَ پاند“، ”هٿين گل ميندي...“ زيب النساءِ جي ساٿ سان ڪيترائي اهڙا شاهڪار ۽ زبردست سهرا ۽ لاڏا ته خود منهنجي اکين جي اڳيان به محمد انور بلوچ صاحب رڪارڊ پئي ڪيا، جن ۾ آئون سندس اسسٽنٽ هوس. اهي سهرن لاڏن ۽ ڪلامن ۾ نمايان هُئا، ”ادل منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ“، ”ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ“، ”شل بوند وسئي لاڏل بوڇڻ تي“...ان سان گڏ علڻ فقير ۽ جيجي زرينا بلوچ سان ”آيل ڪريان ڪيئن“، “ٽڙي پوندا ٽاريين“ به واھ جا رڪارڊ ٿيا. غلام حسين شيخ، خواجا امداد علي ۽ جهانگير قريشي وري زينب النساءِ جي آواز ۾ سولو ڪافيون رڪارڊ ڪيون، اهي به ته سڀ لاجواب، مثال طور، ”ٻانهن جي آئون ٻانهي آهيان، ويرن جو ڪونهي ڏوهه“، ”سڄڻ ريءَ ٿي سڪان“، ”هن ته حياتي کان، مر ته مري مزا ماڻيون“، ”او يار سڄڻ، دلدار سڄڻ“....انهن ڪلامن مان اڪثر جون طرزون زيب النساءِ لاءِ استاد محمد جمن تيار ڪيون، جنهن جي هوءَ ڳانو ٻڌل شاگردياڻي به هُئي. زيب النساءِ جو گلو، ننڍي کنڊ جي شوخ چنچل گائڪا شمشاد بيگم وانگر قدرتي گلو هو. هن جو تعلق ڪنهن پيشه ور گائڪا گهراڻي سان نه هو، البته هن جي والده راڄ ڀاڳ اندر ڪنڊياري وارين شادين مرادين ۾ بي شڪ ته خوش گلو پئي ليکبي هئي. شايد ورثي ۾ مليل آواز سبب زيب النساءِ جا سُر به سهرن لاڏن ۽ لوڪ گيتن لاءِ ڄڻ منڊيءَ ۾ ٽڪ وانگر هُئا، قدرت کيس ڳوٺاڻي سڀاءَ وارو اهڙو ته ثقافتي آواز ڏنو هو، جنهن کي رياضت جي ڪا به ضرورت نه هُئي. ماءُ سان گڏ دُهل تي سهرا ڳائڻ سبب هن ۾ لئي کي سمجهڻ جي به حيرت انگيز صلاحيت هئي. سُر ۽ لئي جي خدا داد صلاحيت سبب هلڪي ڦلڪي گيت گائيڪي ۽ دوگانن ۾ جيڪي يادگار آئٽم موسيقيءَ جي دنيا ۾ هن يادگار ڇڏيا، انهن مان ڪن جا هي ٻول ڏسو، ”هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم. ڪجهه طوفان جي، ڪجهه ساحل جي“، ”سندر سپنا ساٿ ڇڏي ويا“ يا استاد محمد يوسف سان هيءُ زبردست دوگانو ”محبت جا فسانا ياد رهندا...“ استاد محمد جمن سان گڏ ”آئون ڪيئن جيئندس جڳ ۾ پنهنجي پنهل پڄاڻان.“

ارجن حاسد


ارجن حاسد
شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر
ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
هندستان جي ساهت جي ٻنهي شاخائن تي جيڪڏهن ساهتڪ چمشو پائي نظم چاهي نثر جي ميدان تي پري پري تائين نظر وجهبي ت فقط هڪ ئي سڪيلڌو نج سنڌي شاعر ملندو.
شاندار شخصيت جو مالڪ ، صاف سٿرو ، مشڪندڙ چهرو، ادب، عزت ۽ مان وارو هندستان جو هڪ ئي سڪيلڌو شاعر مان ڀانيان ٿي سموري هندستان ۾ اهڙو ڪو ب اديب ساهتڪار يا شاعر ڪون آهي جنهن فقط ساهت جي هڪ ئي صنف تي قلم هلايو هجي. جنهن ڪري مون هن ليک عنوان لکيو آهي شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر - ارجن حاسد جنهن جو جنم ۷ جنوري ۱۹۳۰ ۾ سنڌ جي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. ڪنڊياري شهر ۾ پرائمري تعليم پرايائين ۽ ورهاڱي واري سال ۱۹۴۷ ۾ پنچائتي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. جڏهن ته ورهاڱي سبب ۴ جنوري ۱۹۴۸۾ ٻين سنڌين جيان ڪٽنب سميت احمدآباد شهر ۾ آيو ۽ تمام گهڻي ڪشمڪش بعد پنهنجو آشيانو ٺاهيو.
'حاسد' وڌيڪ ڪون پڙهي سگهيو. جنهن جو آرٿڪ مسئلو مکيه هو. وري ب مالڪ جي مهر سان کيس جلدي پوسٽ کاتي ۾ نوڪري ملي.

انور ڏنگڙائي


انور ڏنگڙائي
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو پارکو ۽ ملڪ جو باذوق اديب
آصف رضا موريو
اها شايد ۱۹۹۹ع جي ڳالهه آهي جڏهن سرزمينِ سنڌ جي هڪ مهان ڄائي ڪامريڊ سوڀوگيان چنداڻي جي قدم بوسي لاءِ سندس گهر ويو هيم جتي هر هفتي اچڻ وڃڻ منهنجو معمول هوندو هيو. توڙي جو اڄ ڪلهه ڪامريڊ جي طبيعت ڪجهه ناساز رهندي هئي پر ان جي باوجود مان جڏهن به سندس بيٺڪ ۾ پهچندو هيم ته وٽس ڪونه ڪو مهمان، پرستار، سائل يا معتقد ضرور ويٺل هوندو هيو. اڄ به هڪ همراهه بت بٽيواوڀر واري ڪتابن جي ڪاٺڪي ريڪ اڳيان رکيل صوفن مان هڪ تي ويٺل هيو. ڪامريڊ پنهنجي ڪتابن سان ڀريل المارين وچ ۾ رکيل کٽ تي شايد آرامي هيو جو مٿي تائين اڇي چادرورايل هيس. ٽيهه پنجٽيهه سالن جو اهو شريفڙو ماڻهو باادب باملاحضه طريقي سان ڪامريڊ جي پيرن اڳيان رکيل صوفن تي بغير ٽيڪ ڏئي اڀي چيلهيو ويٺو هيو سندس ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ جڙيل هيون جيڪي جهولي ۾ جهوليل هيا.

رياض سومرو


رياض سومرو
سنڌ جو سريلو ٻيجل
آصف رضا موريو
اڄ فيس بڪ تي ڪجهه دوستن جي اسٽيٽس تان خبر پئي ته منهنجو پيارو دوست، رياض سومرو ڪنهن مسئلي سبب اسپتال ۾ داخل آهي.
گهٽ ماڻهن وٽ سهڻي شڪل سان گڏ ڪرت سهڻي ۽ سهڻن لڇڻن سان گڏ ساڃاھ هوندي، مخلوق دوستي ۽ مثالي اخلاق هوندو آهي. منهنجو دوست رياض انهن سڀني مڻيائن سان مالا مال آهي. سندس جنم لاهوري محلي لاڙڪاڻو ۾ ۲۲ نومبر ۱۹۷۲ع ۾ ٿيو. پنجين جماعت پرائمري اسڪول لاهوري مان پاس ڪري، مئٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪري ۲۰۰۲ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ايم اي انگريزي ادب مان ڪيائين.

عارفه بشير احمد شاهاڻي


عارفه بشير احمد شاهاڻي
اسان کي پنهنجي نياڻي تي فخر آهي جنهن تازو لنڊن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي
آصف رضا موريو
اسان جي ڳوٺ سومر خان موريو المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ موريو ۽ شاهاڻي ذات جا لوڪ صدين کان ڀائيچاري، محبت ۽ مروت جي لڙي ۾ پوئيل رهندا اچن ٿا. جيڪي پنهنجي تر ۾ انتهائي امن پسند، سٻاجها، مهمان نواز، ٻني ٻاري، اوکي پوکي، مال متاع ۽ باغن واڙن وارا خوشحال ماڻهو آهن. زرخيز زمينن، ٻيلن، چراگاهن، باغن ۽ کوهن جي هنج ۾ اوتيل هن شاندار وستي ۾ رهندڙ شاهاڻي ذات جي ماڻهن جو اسان جي سانڀر ۾ چڱيرڙو زميندار، معتبر ۽ نيڪ مرد مرحوم چاچو غلام علي شاهاڻي هوندو هيو جيڪو اسان جي پياري دوستن مظفر علي، نثار علي، اياز علي ۽ نادر علي شاهاڻي جو والد پڻ هيو.

30 November, 2019

خليل مورياڻي

خليل مورياڻي
نسيم بخاري
سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ مرتب شڪارپور جو عاشق خليل مورياڻي اڄ صبح پنهنجي گهر مورياڻي محلا شڪارپور ۾ ۷۰ سال ۽ ڪجھ مهينن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي خليل مورياڻي شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو باني ۽ روح روان هو سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شڪارپور سونهن جو شهر، شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق، ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون، ڀڳت ڪنورام ۽ موئن جو دڙو شامل آهن شهيد قيوم منگي بابت ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي.

23 September, 2019

استاد لغاري

استاد لغاري

بايوڊيٽا ۽ پروفائيل



استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم (بن حاجي عليمراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباح بن شاهن بن ھارون بن رند بن جلال خان بلوچ) آهي. استاد لغاري ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۱۹۷۹ع ۾ ھاءِ اسڪول سانگھڙ مان، انٽر ۱۹۸۶ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان، بي اي ۱۹۸۸ع ۾، ۽ ايم اي ۱۹۹۱ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۱ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪئي.

22 September, 2019

اوم شرما - ڀارومل امراڻي سوٽھڙ


اوم شرما
صحافي، ليکڪ ۽ مهمان نواز
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
اوم شرما جنهن کي اڄ به ڦڳڻ جي رُت ٿر ۾ ڳوليندي آهي، وسڪاري ۾ چنڊ آسمان تي اُتاولو ٿي پوندو آهي ته هُو ڪهڙي بادل کان اوم جو ڏس پڇي!؟ پر هو مٽي جي امانت هو، مٽي سان ملي مٽي ٿي ويو.

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا


ڊاڪٽر قمر جهان مرزا
ڪاش اڃان ھوءَ نه وڃي ھا
نصير مرزا
جوانيءَ کان موٽندڙ وهيءَ تائين هُوءَ ايتري ته سدا بهار، خوش گفتار ۽ شگفته مزاج، جو جڏهن جڏهن به هن سان مليس، لڳو قرته العين حيدر جي ناول ”آگ ڪا دريا“ واري هيروئن ماهه طلعت يا الطاف فاطمه جي ناول ”دستڪ نه دو“ واري نائڪه گيتي آرا سان پيو ملان.... پر هيءُ تذڪرو ڪنهن جو آئون ڇيڙي ويٺو آهيان؟ وڻندڙ موهيندڙ ۽ دوستن وانگر پنهنجي عزيز ترين ڀيڻ پروفيسر ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جو، جنهن تازو پنجين محرم الحرام تي هن جهان رنگ مان موڪلايو آهي. هاڻي سچي ڳالهه ته پروفيسر ۽ ڊاڪٽر جي لقبن سان ته هوءَ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ معروف هئي، پر خاندان جي فرسٽ، سيڪنڊ، ٿرڊ هڪ جيڏين ڪزنس ۾ ۽ مون لاءِ به، هوءَ قمر ٿورو ئي... ”ادي گيگيءَ“ جي هُجائتي نالي سان سڏبي هئي. اڄ مُڙي ماضي ڏانهن ڏسان ٿو ته، منهنجون ڀيڻون، سئوٽيون، پُڦاٽيون ۽ ادي قمر جتي جتي ۽ جنهن جنهن محفل ۾ گڏبيون هيون، لڳندو هو باغ بُلبُلين سان ڀرجي ويو آهي. چرچا، ڀوڳ، کل، هڪ ٻئي جون نقلون، اَهلون. الاس، انهن منجهان ڪيئي ۽ تازو هيءَ آپا قمر به پنهنجي لحد ۾ جو لهي وئي ته گهرن جا گهر ۽ پينگهن جا پينگها، هاڻي سندن ٽمڪڻ کان جڏهن خالي ٿو ڏسان ته، درد جا گيت ذهن تي تريو اچن.