; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

22 September, 2019

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا


ڊاڪٽر قمر جهان مرزا
ڪاش اڃان ھوءَ نه وڃي ھا
نصير مرزا
جوانيءَ کان موٽندڙ وهيءَ تائين هُوءَ ايتري ته سدا بهار، خوش گفتار ۽ شگفته مزاج، جو جڏهن جڏهن به هن سان مليس، لڳو قرته العين حيدر جي ناول ”آگ ڪا دريا“ واري هيروئن ماهه طلعت يا الطاف فاطمه جي ناول ”دستڪ نه دو“ واري نائڪه گيتي آرا سان پيو ملان.... پر هيءُ تذڪرو ڪنهن جو آئون ڇيڙي ويٺو آهيان؟ وڻندڙ موهيندڙ ۽ دوستن وانگر پنهنجي عزيز ترين ڀيڻ پروفيسر ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جو، جنهن تازو پنجين محرم الحرام تي هن جهان رنگ مان موڪلايو آهي. هاڻي سچي ڳالهه ته پروفيسر ۽ ڊاڪٽر جي لقبن سان ته هوءَ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ معروف هئي، پر خاندان جي فرسٽ، سيڪنڊ، ٿرڊ هڪ جيڏين ڪزنس ۾ ۽ مون لاءِ به، هوءَ قمر ٿورو ئي... ”ادي گيگيءَ“ جي هُجائتي نالي سان سڏبي هئي. اڄ مُڙي ماضي ڏانهن ڏسان ٿو ته، منهنجون ڀيڻون، سئوٽيون، پُڦاٽيون ۽ ادي قمر جتي جتي ۽ جنهن جنهن محفل ۾ گڏبيون هيون، لڳندو هو باغ بُلبُلين سان ڀرجي ويو آهي. چرچا، ڀوڳ، کل، هڪ ٻئي جون نقلون، اَهلون. الاس، انهن منجهان ڪيئي ۽ تازو هيءَ آپا قمر به پنهنجي لحد ۾ جو لهي وئي ته گهرن جا گهر ۽ پينگهن جا پينگها، هاڻي سندن ٽمڪڻ کان جڏهن خالي ٿو ڏسان ته، درد جا گيت ذهن تي تريو اچن.


آپا قمر، جنهن ۱۹۵۲ع ڌاري ٽنڊو آغا حيدرآباد جي وضعدار چغتائي مغل خاندان ۾ اکيون کوليون. سندن والد ميرزا غلام حسين آرٽسٽ سڀاءَ، باذوق، ڪينچي ڪٽنگ ۽ عاليشان صدرين ڊزائين ڪرڻ جو ماهر، علم ادب ۽ تاريخ جو باريڪ بين مطالعو رکندڙ ۽ والده مهرالنساءِ، ۽ اها به، ڇا ته نفيس ۽ شايان شان خاتون...سندن ٽنڊي آغا وارو سارو پريوار ۽ اسان جو ٽنڊي ٺوڙهي وارو سارو مرزا ڪٽنب، پاڻ ۾ ايترا ته ويجها ۽ قريب جو ائين سمجهو، ”ته يَڪ جانُ دو قالب“...ڇا حرج، جيڪڏهن لکندو هلان ته آپا قمر جون ٻه سڳيون پُڦيون منهنجون ڀاڄايون. ائين سڳين پُڦين جي ڪري آپا قمر جهان، پرائمري کان هائير سيڪينڊري تائين جنهن گرلس اسڪول ۾ پڙهي، اهو اسان جي گهر جي ڀت سان هو ۽ اسڪول جي موڪل ٿيندي ته هلڪي آسماني چولن، سفيد سلوارن ۽ وارن ۾ ڳاڙهين ربنن سان ننڍيون وڏيون هي منهنجون ڀيڻون، سئوٽيون، آپا قمر ۽ ان جون ڀينرون اسان جي گهر ورانڊي ۾ اچي گڏ جو ٿينديون ته گهر نه، ڄڻ مينا بازار هجي. هاڻي هن ڳالهه تي به جيترو فخر ڪجي، اوترو گهٽ ته اسان جو خاندان به مولا حيدر عه ۽ امام حسن عه و حسين عه جو حبدار خانوادو ته آپا قمر وارن جو ڪٽنب به يگانو مولائي خاندان، حيدر جو حُبدار ۽ عزادار...هاڻي جيڪڏهن قليچ بيگ صاحب جي ڪري ٽنڊو ٺوڙهو ادبي حوالي سان نشانبر ته هوڏانهن ٽنڊو آغا وري آپا قمر وارن جي گهر سامهون مرثيه جي عظيم شاعر مرزا ٻڍل بيگ جي شاهي ۽ شاندار حويلي جي ڪري...جنهن جي آسپاس مراد علي مرزا، ممتاز مرزا ۽ مرزا عباس علي بيگ جهڙيون هستيون رهائش پذير...سندن گهر جي بلڪل ڀرسان شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب وارن جي رهائش هئي. سڏ پنڌ تي مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ سياستڪار ۽ اسڪالر مير علي احمد خان ٽالپر جن جا بنگلا...(مير علي احمد خان ٽالپر ته آپا قمر جي ڀيڻ جو سهرو به هو.) هاڻي ٻالڪ پڻي مان نڪري جوانيءَ جي چائنٺ تي قدم جو رکيوسين ته، منهنجي ڪزنس مان ڪا ”نورس ڪلي“ ته ڪا ”انارڪلي“ ۽ انهن جي وچ ۾ آپا قمر سانوري، قداور ۽ ڇا ته پُرڪشش ساروپن واري...آواز دلڪش ۽ ورتاءَ ۾ قدرتي طرح سان ساري جهان لاءِ وڏ وَر ۽ شفيق ڀيڻ مثل...(ڇا فاطمه ثريا بجيا وانگر دنيا ۾ هن کي وڏي ڀيڻ ٿيڻ لاءِ ئي خلقيو ويو هو؟) ڪيترا ئي ته سٺا سٺا پروپوزل هن لاءِ آيا، پر هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪيو ۽ پاڻ کي وڌ کان وڌ تعليم يافته ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي. پنهنجي ڀرپور وهيءَ ۾ هوءَ ڇا ته سيلف ميڊ، بولڊ ۽ ڊيشنگ خاتون، گلاب ۽ موتئي جا گل، سٺا پرفيومز، گلابي لپ سٽڪ، مطالعو ۽ پينگهو، پنهنجي خوش لباسي، ڳلي ۾ ڊائمنڊ واري لاڪيٽ، ڪنن ۾ ٽاپس، آڱر ۾ فيروزي واري مُنڊي ۽ پيرن ۾ ڪولهاپوري يا کُسا نما چپل ۾ کيس ڏسندو هوس ته هجت پائي چوڻ لڳندو هوس، ”اسان جي ادي قمر، اڄ ته صفا چغتائي مغل خاندان جي ماهه راڻي پئي معلوم ٿئي!“
اڪيڊمڪ ڪئريئر ۾ مئٽرڪ کان وٺي سنڌيءَ ۾ ماسٽرز تائين جنونيت سان ڪتاب پڙهندي مون هن کي ڏٺو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرشپ بعد هن ڊاڪٽر الانا صاحب جي زير نگراني پي ايڇ ڊي لاءِ جاکوڙيو ۽ پنهنجي سهولت لاءِ موضوع چونڊيو... ”سنڌ جي تاريخ.... ٽالپر ميرن جو دور“ ۱۷۸۱-۱۸۴۳))... ٽالپر خانوادي سان ويجهڙائپ سبب تحقيق جي مرحلي دوران ڇا ڏسان ته آپا قمر، ميرن جي حاويلين جا در پيئي ڀيٽي ته ڪڏهن پڪي قلعي جا در و ديوار پئي جانچي. اکين تي ڪارو چشمو، هڪ ڪُلهي ۾ پرس ۽ ٻئي ۾ ڪئميرا لٽڪائي ميرن جا محل، قُبا، ۽ نوادرات پئي ڏسي. بزرگ ميرياڻين سان پئي ملي. مون کي اهو به ياد ته مقالو لکجي چُڪو ۽ سئمينار ٿي ويو ته هن گهر ۾ حضرت عباس عه جي حاضري واري مجلس ڪئي، شڪراني جا ٻه نفل امام بارگاهه ۾ اچي ادا ڪيا. ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ بعد پنهنجي واري اچڻ تي هوءَ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن ٿي. ڪيترائي سال ”مارئي هاسٽل“ جي پرووسٽ رهي، جتي هن جي رهائش واري ڪمري ۾ ڇا ته ساڳوان ڪاٺ جو شاندار پينگهو رکيل ۽ هر پاسي جيڪو ڪتابن سان ڀريل....اتي هوءَ هڪ سخت گير منتظم نظر آئي ۽ هونئن ته نهايت خوش ڪلام ۽ شفيق ايڊمنسٽريٽر، پر ڪم چور عملي تي بگڙندي ته دڙڪو ڏيندي صرف ايترو چوندس ... احمق.... يا وڌ ۾ وڌ هيءُ ٻيو لفظ جيڪو، حلاليءَ جو ضد هوندو آهي. ٻئي پاسي سينيئرز، ڪُليگس ۽ شاگردن کي پنهنجو گرويده بڻائڻ جي به هن ۾ ڇا ته قدرتي صلاحيت هئي. سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر جنهن وقت سائين مظهرالحق صديقي هو، تڏهن هر محفل ۾ آپا قمر، مسز اختر صديقي صاحبه سان ساڻ ساڻ نظر ايندي هئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي خاتون وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي ته هن کي سڏيندي ۽ لکندي ئي هئي.... ”قمر مرزا منهنجي پياري دوست“.... رٽائرمينٽ ڏانهن ويندي ويندي هن پنهنجا سارا ڪتاب سنڌالاجيءَ کي ڊونيٽ ڪري ڇڏيا هئا، جنهن لاءِ اتي هڪ شاندار تقريب به منعقد ٿي. ان وقت ڪن ۾ چيومانس...”وصيت ۾ پاڻ وارو بادشاهي پينگهو منهنجي نالي لکجي وڃجو...“تڏهن مُرڪ، هن جي چپن تي پکڙجي وئي، جنهن ۾ اقرار به هو ته انڪار به-
هاڻي ڇا عرض ڪريان، جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم، ٻڌندو اچان هيءَ دنيا سراءِ خانو آهي، راهه گذر، دم گذر...۽ آخر فنا....سو بلا آخر منهنجي آپا قمر به ۶۷ ورهين جي ڄمار ۾ ان بي بقا دنيا کي نيٺ الوداع چيو، پر انهن ۶۷ ورهين جي ڇا حاصلات ۽ اوقات؟ ڄڻ برف جي سِر هئي، جيڪا اک ڇنڀ ۾ ڳري وئي...آپا قرته العين حيدر لکيو هو ”ماڻهو ويچارو جيولوجيڪل وقت ۾ واڙيل، هڪ اهڙو جاندار، جنهن جي ڪُل ڄمار تصور ڪيو ته ماڪوڙيءَ جي عمر کان به گهٽ ۽ سمنڊ ۾ بيٺل پهاڙ مثل، جيڪو ڪنهن به وقت اجگر لهرن ۾ الول ٿي سگهي ٿو.“ عزيز، قريب، دوست احباب اوچتو ئي اوچتو وڇوڙي جو صدمو ڏئي پاڻ ته وڃي پنهنجن قبرن ۾ سُکيا ۽ آرامي ٿين، پر جيڪي پويان، اُهي ته تادم مرگ وڃڻ وارن پيارن لاءِ سدائين بي چين، بي قرار ۽ بي آرام ئي رهندا آهن. ڄاڻان ٿو، هيءُ آئون هن وقت جنهن ڄمار جو آهيان يا جنهن عمر جي آپا قمر جهان هئي...بي شڪ ته اها دنيا مان چل چلا جي سڀاويڪ عمر، پر تڏهن به ٽنڊي آغا ۾ آپا قمر جي قبر کي تصور ۾ آڻي آسمان کي ڏسي دل ئي دل ۾ چوان به ويٺو:
هان اي فلڪ پير، اُسي ڪُيون نهين روڪا،
ڪيا تيرا بگڙتا، جو نه جاتي ڪوئي دن اور-

No comments:

راءِ ڏيندا