ڊاڪٽر نياز سومرو
دوستن کي مالها ۾ جوڙيندڙ
مهيش ڪمار
ڇڙوڇڙ دوستن کي جوڙيندڙ
دلبر دوست ڊاڪٽر نياز سومرو جي ياد ۾ اڄ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي تي تعزيتي ريفرنس
منعقد ٿي رهيو آهي. اهو ڪيترو ڏکائيندڙ مرحلو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪيترن سالن کان پوءِ
حيدرآباد آيو تمام تڪڙ ۽ جلدي ۾ ڇڙوڇڙ دوستن کي هڪ مالها ۾ جوڙي پنهنجا حالات قابو
۾ نه رکندي موڪلائي به ويو. ڊاڪٽر نياز سومرو جي ڪهاڻي نرالي آهي. راڻيپور جهڙي
گرم علائقن مان ڄامشورو جهڙي سرد عاشق موسم ۽ ماحول ۾ اچي ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڇا ڪيو.
پاڻ سڀني جو معشوق بڻجي ويو. راڻيپور ۾ سندس حالات قابو ۾ هئا يا نه پر ڄامشورو ۾ ڊاڪٽري
پڙهندي حالات سندس مڪمل قابو ۾ هئا. ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ واري عرصي جي ڪهاڻي
جو ذڪر به عاليشان آهي. پهريائين سندس لاهور ياترا جو ٿورو قصو ڪري ٿا وٺون.
لاهور ۾ جهڙوڪ سنڌ
جو سفير مقرر ٿيو هجي سمورا اهي طريقا استعمال ڪيا. جيڪي هڪ سفير کي ادا ڪرڻ
گهرجن. ڌرتي جي عزت مان مرتبي جو امين ڊاڪٽر نياز لاهور واسين جي دلين ۾ به تمام
جلد پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. لاهور جي سمورن ترقي پسند لبرل سيڪيولر ماڻهن سان واسطو
رکندي پروفيشنل طور ڊاڪٽر وارو ڪردار به سٺي نموني نڀائيندو رهيو. دوستن جي مطابق
انهي عرصي دوران سندس حالات آهستي آهستي بي قابو ٿيڻ شروع ٿيا هئا. هن چوڻ شروع ڪيو
ته حالات قابو ۾ ناهن. لاهور ۾ سندس اڱڻ سدائين يار دوستن نظرياتي ساٿين لاءِ کليل
رهيو، ديس پرديس مان لاهور ايندڙ ساٿي سدائين نياز جا مهمان هوندا هئا. نياز هر
مهمان جو آڌر ڀاءُ پيار سان ڪندو رهيو. ساغر سميجو لاهور ۾ نياز جون ايتريون ڪيتريون
ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو، جو دل سدائين لاهور نياز وٽ وڃڻ لاءِ چوندي رهي. اسان سندس
ڪشاده دل مهمانوازي مان لطف اندوز نه ٿي سگهياسين. پنهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ نياز
وري حيدرآباد کي اچي وسايو. حيدرآباد جا حالات بدليل هئا ۽ بي قابو پڻ هئا. ڪيترا ئي
دوست ساٿي حيدرآباد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هر هڪ پنهنجي منهن ۽ پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهيو،
وتايو گهر به کليو، خانه بدوش رائيٽر ڪيفي به هلڻ شروع ٿيو، ڊاڪٽر حميد سومرو هلڪي
ليول تي حيدرآباد ۾ چرپر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر حيمد اصل ماڳ جوهي کي بڻايو.
ڊاڪٽر نياز سومرو
حيدرآباد ڇا آيو سڀني دوستن جا حالات قابو ۾ آڻڻ شروع ڪيا. ايترو ڪنهن کي به
اندازو نه ٿيو ته سندس حالات ڏينهون ڏينهن بي قابو ٿيندا پيا وڃن، هڪ سال جي تمام
مختصر عرصي ۾ ايترا پروگرام منعقد ڪرايا جو گهوٽڪي کان ڪراچي تائين جا دوست ورهين
کانپوءِ هڪٻئي سان ملڻ شروع ٿيا، ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ڇا ڪامريڊن وري ڪا پارٽي ٺاهڻ
جي چڪر ۾ آهن.؟ ڪامريڊ ڄام ساقي جي علاج جي سلسلي ۾ سندس پٽ سارنگ ڄام ڏي بختاور ڄام
سان گڏجي ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو. ڪراچي مان ماهر ڊاڪٽرن کي گهرائي چڪاس ۽ علاج ڪرائيندو
رهيو. ڪامريڊ ڄام جون سالگرهه تقريبون ساڻس شام ۴ مارچ جي ۵۰ سال تقريب، شهيد نذير عباسي جي ورسي، پروفيسر جمال نقوي کي ياد ڪرڻ لاءِ
تعزيتي ريفرنس منعقد ڪرائڻ، مظلومن جي شاعر حبيب جالب جي ڌيءَ کي حيدرآباد گهرائي
شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا حالات قابو ۾ نه رکي سگهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي
جي سالگرهه پروگرام لاءِ پنهنجي گهر تي گڏجاڻي ڪرائي پروگرام ترتيب ڏنو، پاڻ شرڪت
نه ڪري سگهيو. اسان جي دلبر اڳواڻ امداد چانڊيو سان گڏجي ڪنهن نئين منصوبي جي
پلاننگ ڪندي اوچتو تمام جلدي اسان کان موڪلائي ويو، شايد کيس پنهنجي موڪلائڻ جي
خبر ملي چڪي هئي. ڪيترن دوستن کان موڪلائي اجازت وٺڻ جي به ڪوشش ڪيائين بهادر ۽ اڻٿڪ
دوست ساٿي جي وڇوڙي غمگين ڪري ڇڏيو آهي، هڪ خوشي اها آهي ته نياز سومرو حيدرآباد ۾
دوستن جا حالات قابو ۾ ڪيا، سندس دوست ساٿي انهن ڪاوشن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڌرتي ماءُ
لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ڪامريڊ نياز سومرو
سندس وڇوڙي تي
صالح بلو
ڪامريڊ ڊاڪٽر نياز سومرو
جون سوچون اڌوريون رهجي ويون، ڪنهن کي اها خبر هئي ته هو ائين جلد اسان کان موڪلائي
ويندو، اڃا ته کيس وڏو پروگرام ڪرڻو هو، سندس اهي جميلا جيڪي رکي رکي چوندو هو اهي
به ڄڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويو، کلڻو ملڻو ٿلهو ٿنڀرو، ٺينگ ٽپا ڏيندڙ گول مول شخص هر ڪنهن
جو مرڪز ٿي ويندو هو، سندس هو جمالو تي ڊآنس به عجيب ڪيفيت سان هوندي هئي، ڪامريڊ ڊاڪٽر
نياز جيڪو ڪڏهن لاهور جي ڪنهن دانشور وٽ ته ڪڏهن سنڌ جي ڪنهن اديب سان ملي کيس
حيدرآباد ممتاز هال جي سامهون خانه بدوش ۾ ڪامريڊن يارن دوست کي گڏ ڪري ننڍا وڏا
علمي ادبي پروگرام ڪرائي پيو ٻهڪندو هو، ڊاڪٽر نياز سومرو جنهن ڪڏهن هار ڪا نه
قبولي هئي، شاگردي زماني ۾ ايس اين ايس ايف کان شاگرد تنظيم ڊي ايس ايف ۾ رهيو، جيڪو
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو پڻ ميمبر ڪامريڊ ڄام ساقي شهيد نظير عباسي جو ساٿي، جيڪو
تنهنجو سائين منهنجو سائين جا نعرا هڻندي ٿڪبو ڪو نه هو، جنهن کي ضياءُ الحق جي دور
۾ ۲۰ ڦٽڪا به لڳايا ويا، ڪامريڊ نياز سومرو جنهن حقيقتن کان
انڪار نه ڪيو اڪثر ڪامريڊن سان گڏ ڪو نه ڪو پروگرام ترتيب ڏيندو رهندو هو، ڪامريد
مايوسي واري زندگي نه گذاري بلڪه انقلابي سوچ سان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هو،
وقت تيزي سان تبديل ٿيندو ويو، ليڪن ڪامريڊ ۾ ڪو
فرق نه آيو، جيڪو ترقي پسند سوچ سان هر جدوجهد ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ اصولن تي
ڪا به سودي بازي ڪا نه ڪئي، بلڪ سينو سپر ڪري هر ڪم ۾ اڳتي هوندو هو، ڪامريڊ جيڪو
پارٽي ٽٽڻ کانپوءِ سرگرام رهيو ۽ ڪو نه ڪو پروگرام سندس دماغ ۾ هوندو هو، ڪامريڊ
نياز سومرو، جڏهن سگريٽ پيئندو هو ته کيس نر جن ڪمار روڪيندو هو، خاص ڪري وتائي جي
گهر جڏهن ڪو پروگرام هوندو هو ۽ ڊاڪٽر نياز اتي اچي ٻين ساٿين سان ويهي ڪا نه ڪا
تاريخي فلم ڏسندو هو ۽ جڏهن سگريٽ ڪڍي ڪش هڻندو ته نرجن ڪمار کيس ويهڻ کان معذرت وٺندو
هو، جيڪا ڳالهه وري ڊاڪٽر نياز کي نه وڻندي، هو ليڪن نرجن ڪمار به اصولن جو پابند ڪير
به هجي قانون سڀني لاءِ ساڳيو لاڳو ٿيندو هو، ڪامريڊ نياز جو سوچيندڙ ذهن جنهن سوسائٽي ۾ ٿيندڙ نا انصافين کي وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو
هو، اڪثر گورين جو ٻڪ ڀري هڪ ئي ڌڪ سان کائي ڇڏيندو هو، مان کيس چوندو هوس ته هي ڇا
ٿو ڪرين جواب ۾ ڪامريڊ کلي چوندو هو خير آهي ڪامريڊ، ڊي ايس ايف جي ٿيندڙ هر فنڪشن
۾ ايڪٽو ڏاڍو هوندو، هو جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ پڻ ڏاڍو ايڪٽو هوندو،
ڪامريڊحقيقت ۾ هڪ ڊاڪٽر هوندي به پنهنجي بيماري کي پاڻ ۾ سمجهي سگهندو هو، اڪثر اندر
۾ ڪيئن اڌ مان هوندي به ڪنهن اڳيان پنهنجي ڏک ظاهر نه ڪندو هو، ڪامريڊ جي زندگي عملي
ڪردار هو، شهيد نظير عباسي جي شهادت ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي به کيس نهوڙي وڌو هو،
ليڪن هان جي زور تي پيو هلندو هو، اڪثر حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪنهن به فنڪشن مان غير
حاضر نه هوندو هو، دوست کيس ڀوڳن ۾ چوندا هئا ته ڪامريڊ نياز پاڻ کي کڻائي به پهچي
ويندو، ڪامريڊ نياز ڪچهري جو ڪوڏيو هوندو هو بحث مباحثو اڪثر چوندوهو حالات قابو ۾
نه اهي چوندو رهندو، سچ پچ ته پارٽي جي ٽٽڻ جو ٻين جيان کيس به ڏاڍو ڏک هوندو هو، بهر
حال ڪامريڊ جي اوچتي وڇوڙي جو ٻڌي ڄڻ زمين پيرن مان نڪري وئي، جو گذريل سال ۾ به ڪيترا
ڪامريڊ وڇوڙو ڪري ويا تازو ڦوٽو رستماڻي ۾ به وڇوڙو ڪري ويو، مٿان ڪامريڊ نياز سومرو
جدائي ڏئي ويو، جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا