; سنڌي شخصيتون: استاد لغاري

23 September, 2019

استاد لغاري

استاد لغاري

بايوڊيٽا ۽ پروفائيل



استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم (بن حاجي عليمراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباح بن شاهن بن ھارون بن رند بن جلال خان بلوچ) آهي. استاد لغاري ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۱۹۷۹ع ۾ ھاءِ اسڪول سانگھڙ مان، انٽر ۱۹۸۶ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان، بي اي ۱۹۸۸ع ۾، ۽ ايم اي ۱۹۹۱ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۱ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪئي.


سنڌي ادب ۾ باقاعده لکڻ جي شروعات ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي کان ڪيائين. ۱۹۸۱ع ۾، “سنڌي ادبي سنگت” شاخ کپري جو يونٽ قائم ڪري، پاڻ ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال “پڪار پبليڪيشن” کپرو جو بنياد وڌائين. ان پليٽ فارم تان، ڪتاب “آيو آيو سوجھرو” جون ۱۹۸۲ع ۾ شايع ڪيائين. ساڳئي پبليڪيشن پاران، ٻيا چار ادبي پرچا “سچي دنيا” جي نالي سان، ۱۹۸۶ع ۾، کپري مان شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾، اخباري سائيز جو هڪ عدد ادبي پرچو “ڪاروانِ بهار” ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا، “ڀاڳ” جي نالي سان، کپري مان شايع ڪيائين.

۱۹۸۳ع ۾، ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن سنڌ ) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي“استاد لغاري ادبي لائيبريريءَ” ۾، هن وقت ٻين هزارين ڪتابن سان کان گڏوگڏ، شاھ جي رسالن جو قيمتي ذخيرو موجود آهي. خصوصا، قلمي، دستخطي، ليٿو، عڪسي، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائيءَ تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، انگريزي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل، شاھ جا رسالا وٽس موجود آهن. سندس نمايان ادبي پورهيو، شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي ترجمو (جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، پهريون ڇاپو سال ۲۰۱۰ع ۾ شايع ٿيو) آهي.ان کا علاوه سٽ وار سمجھاڻيءَ تي آڌاريل، شاندار شرح لکيل شاھ جو رسالو،( جيڪو ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو) ۽ منظوم ڍاٽڪي ترجمو (جيڪو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، پهريون ڇاپو سال ۲۰۱۸ع ۾ شايع ٿيو)، شامل آهن. هن پنهنجن هٿن سان، شاھ جي رسالي جو “رنگين قلمي نسخو” به لکيو آهي، جيڪو سال ۲۰۱۱ع ۾ لکي مڪمل ڪيائين. هي رسالو ڇهن رنگن سان، ڇٽيهن سُرن تي آڌاريل آهي. باقي سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾، شاھ جو رسالو( وڏو واحد رسالو، جيڪو سال ۲۰۱۳ع ۾، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(ننڍڙو، کيسي ۾ رکڻ جيڏو، حمائيل سائيز ۾، جيڪو سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو( جلد پهريون، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(جلد ٻيو، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۴ع ۾ شايع ٿيو)، موکي متارا (هي لطيف شناسيءَ تي آڌاريل تحقيقي ڪتاب، المهراڻ فائونڊيشن سانگھڙ پاران، سال ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو)، لطيفي اسرار( هن ڪتاب ۾، لطيف شناسيءَ تي لکيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، سال ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو)، سونَ ورنيون سٽون( هي نثر ۾ لکيل شاھ جو رسالو آهي، جنهن کي ڪويتا پبلشرز حيدرآباد، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ڪيو)، ڪلياتِ ٻاجھي (ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪلام، ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر (تعارف، سمجھاڻيون ۽ فلسفا، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، سال ۲۰۱۸ع ۾ شايع ٿيو). “جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا” ڪتاب شخصيتن تي آڌاريل آهي. هي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن پاران، سال ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت، استاد لغاريءَ جا، هن وقت تائين ۱۵ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکيل ۽ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن جو تعداد سون ۾ آهي، جيڪي لطيف شناسي، ماڳ مڪانن، شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل آهن.

استاد لغاريءَ جو پسنديده ۽ اسپيشل موضوع“ شاھ جو رسالو” آهي. هُو هِن وقت:

۱. شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي مُترجم به آهي.

۲. شاھ جي رسالي جو منظوم ڍاٽڪي مُترجم به آهي.

۳. شاھ جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو لکندڙ مُقلم به آهي.

۴. شاھ جي رسالي جو شارح به آهي.

۵. شاھ جي رسالي جو مُرتب نگار به آهي.

۶. شاھ جي رسالي جو پاڪيٽ سائيزر(مُرتب) به آهي.

۷. شاھ جي رسالي جو الف ب وار ايڊيشن ترتيب ڏيندڙ به آهي.

استاد لغاريءَ کي مڃتا ايوارڊ به ملي چڪا آهن. جن ۾، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران؛ ”لطيف ايوارڊ” سال ۲۰۱۳ع ۾، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد پاران؛ ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي اور تصوف ايوارڊ” سال ۲۰۱۷ع ۾، ۽ آئيڊيل پبلڪ اسڪول کاهيءَ پاران“بهترين رائيٽرس ايوارڊ”، سال ۲۰۱۸ع ۾ ڏنو ويو. استاد لغاري سال ۲۰۱۶ع ۾، سروس تان ريٽائر ٿيو، هن وقت پنهنجي ادبي لائيبريريءَ کپرو ۾، علم و ادب جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي.


 

استاد لغاري

منهنجو بابا سائين

زينت لغاري

اڄ سوچيم ويٺي، ايڏي وڏي اديب جي نياڻي آهيان، ڪجھ ته مون کي به لکڻ گھرجي. “لطيف شناسي” ۽ بابا سائينءَ جو ته شايد ازل کان ئي رشتو ناتو آهي، آئون به ڪنهن نه ڪنهن عنوان ۾ اسپيشلي لکڻ جو ارادو رکان ٿي. چڱو اڄ ته لکان ٿي، پنهنجي بابا سائينءَ جي شخصيت تي، جيڪو منهنجو آئيڊيل به آهي ۽ منهنجو استاد به. جڏهن ننڍپڻ جون يادون ذهن جي اسڪرين تي اچڻ وڃڻ شروع ڪنديون آهن، ته سڀ کان اول اهو ياد اچي ٿو ته اسان جي گھر ۾، ڪتابن ۽ اخبارن جي گھڻائي هوندي هئي. آئون جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي هيس، ته بابا سائين صبح جو ناشتي مهل ڳالهين ڳالهين ۾، کوڙا ايئن ياد ڪرائيندا هئا، ڄڻ ڪا دلچسپ آکاڻي ٻڌائيندا هجن.

گھر ۾ سڀني کان ننڍي هجڻ جي ناتي، منهنجي هر فرمائش پوري ٿيندي هئي، پر ٻاراڻا ڪتاب بنا گھرڻ جي اچي ملندا هئا. جن ۾“گل ڦل” ۽ “ٻارن جي دنيا” جهڙا رنگين رسالا، منهنجي دلچسپيءَ جو ڄڻ مرڪز هوندا هئا. مون کي بچپن کان ئي، علم و ادب ورثي ۾ ملندو رهيو. اهي ڪتاب پڙهي پورا ڪرڻ کان اڳ ۾، ڇڏڻ تي دل ئي ڪا نه چوندي هئي. جڏهن آهستي آهستي منهنجو بچپن ختم ٿيندو ويو، ته ٻاراڻو ادب به هٿن مان نڪرندو ويو. ان جي جڳھ ان ادب والاري، جيڪو انسان جي ذهن کي، عظيم سوچ بخشي، سگھاري تخليق ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندو آهي. اهو سڀ ڪجھ، مون کي منهنجي بابا وٽان ملندو رهيو. آئون ان عظيم انسان جي نياڻي آهيان، جنهن جو عشق، ڀٽائيءَ جي بيتن کان شروع ٿيندو، ادب جي هر گليءَ مان گذرندو، سنڌ ڌرتيءَ جي هر اديب تائين پهچي ٿو.

منهنجو پيارو ڀاءُ اياز علي لغاري چوي ٿو ته “منهنجي بابا، ڪنهن به وڏي ماڻهو، يا ڪنهن به وڏي اديب سان دوستيءَ ڪو نه رکي، پر جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، بابا سائينءَ جي پهريين ڪتاب “شاھ دا رسالا” جي مهورت ڪئي، ته سندس بلند و بالا ستارو ڏسي، ڪيترا ئي اُتاڇرا ۽ اُتاولا اديب، اُهو سيڪ سهي نه سگھيا. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي انتقال فرمائي وڃڻ کان پوءِ، انهن سڀني گڏجي، منهنجي بابا جي خلاف، پنهنجيون پنهنجيون حسرتون پوريون ڪيون، جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري و ساري آهي”.

منهنجي بابا سائين جِي جوڙيل ادبي لائيبريريءَ ۾، شاھ لطيف رحه جا سوين رسالا، خوبصورتيءَ سان سجايل ۽ موجود آهن، ته ان ۾ شاھ سائينءَ کان سواءِ، سنڌ جي ٻين به کوڙ سارن نامور اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، محققن ۽ ناول نگارن جي ڪتابن سان گڏوگڏ، تاريخ، فلسفي، سوانح حيات ۽ سفرنامن وارا به، سوين هزارين ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي سگھجن ٿا. ادبي گڏجاڻيون هجن، يا گھر ۾ ملاقات لاءِ آيل مهمان، بابا سائين هر وقت انهن کي ٽائيم ڏيندا رهندا آهن. هن پنهنجي زندگيءَ جو گھڻي کان گھڻو وقت، علم و ادب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اڪثر صبح جو سويري چئين وڳي اُٿندا آهن، نه تڏهن به فجر جي نماز کان پوءِ، پلٿي هڻي ويهي لکندا آهن. صبح کان وٺي، ويندي رات تائين، اڪثر مون بابا جي هٿن ۾، پين ۽ پنا ڏٺا آهن. منهنجي دعا آهي ته“بابا سائينءَ جي سنڌي ادب سان چاھ ۽ محبت شال سدائين سلامت ۽ قائم رهي. جيستائين سندس ساھ جو سڳو ساٿ ڏي، تيستائين هو لکندو رهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو مان مٿاهون ڪندو رهي”. آمين!

 

ڊيلي جيجل اربع ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۸ ع.. جي ٿورن سان


 

استاد لغاري

حفيظ چانڊيو

جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري. (شاھ)

هو جيتوڻيڪ عمر جي ان حصي ۾ وڃي رسيو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو گهر جي ڪنهن ڪا ڪنڊ سنڀاليندا آهن، پر استاد لغاري اهڙن ماڻهن کان بنهه مختلف آهي. هن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ جو وچن پاڙڻ لئي مسلسل ادبي دنيا ۾ محنت سان تاريخ سهيڙيندو رهيو آهي، جنهن جي ورقن تي دز چڙهي ويئي آهي. استاد لغاري سنڌ جي انهن متحرڪ انسانن منجهاران آهي، جن پيار جي ڇانو ۾ نج ادبي پورهيو پئي ڪيو آهي، سنڌ جو شايد ئي ڪو تاريخي ماڳ ۽ مڪان هوندو جتي هي سنڌ جو سپورنج معلومات گڏ ڪرڻ سان گڏ انهن ماڳن جي وارثي ڪرڻ لئي نه پهتو هجي. رات ۽ ڏينهن، سرديءَ ۽ گرميءَ ۾ جهر جهنگ سنڌ جا نغما ڳائيندڙ اهو استاد لغاري ئي آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي لکڻ لاءِ وسان ناهي گهٽايو. لطيفيات کان ويندي تاريخ نويسي تائين، شخصي خاڪن کان ويندي اخبار ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هن جنهن فڪرمندي واري عالم ۾ لکيو آهي، تنهن تي کيس جس هجي جو هن سست رفتار سماج اندر ڪوئل جهڙي ڪوڪ ڪندو ٿو رهي.

سانگهڙ ڀرسان سندس آبائي ڳوٺ مولوي خيرمحمد احمداڻي آهي، هن ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع ڌاري ڳوٺ جي نيڪ مرد محمد عالم جي گهر ۾ جنم ورتو هئائين. سندس علائقو سنڌ جي انقلاب جي امام سورهيه بادشاهه جو ماتر ڀومي آهي، جنهن ڌرتيءَ جي وارثيءَ ۾ انگريز سامراج سان چوٽيون کاڌيون هيون، سندن فوجي ڪيمپن تي ڇاپا مار گوريلا تحريڪ کان خوفزده انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه جي حُرن کان ايترو خوف ۾ ورتل هئي، جو ننڊ کانئن ڪوهين ڏور هئي. هُن آزاديءَ يا موت ، وطن يا ڪفن جي نعري هيٺ ساهه ڏئي ماڻهن منجهه اهڙو ته ويساهه قائم ڪيو، جو اڄُ به ماڻهو کيس قومي هيرو قرار ڏئي ساڻس عقيدت جي حد تائين پيار ڪندا رهن ٿا. اهي ڏينهن اهي شينهن ڪتاب ۾ پير صاحب سورهيه بادشاهه بابت لکندي چوي و ته:“  هڪ دفعي سورهيه بادشاهه سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته اوهان برصغير کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ واري سازش جو حصو نه ٿيو، سڀاڻي ساڳيا ئي ماڻهو اوهان جي ۽ پوري قوم لاءِ ناسور ثابت ٿيڻا آهن.

استاد لغاري پرائمري جا پنج درجا پنهنجي آبائي ڳوٺڙي مان پرائي، مڊل کان مئٽرڪ تائين هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سانگھڙ مان پرائي ڪاليج جي لئي فڪرمند رهيو، پڙهائيءَ جي لئه کيس ڪجهه ڏوڪڙ گهربل هئا، سندس والد محمد عالم لغاري جو گذر سفر هارپي تي ئي هو. ان باوجود سندس والد پيٽ سان پٿر ٻڌي پنهنجي پُٽ کي پڙهايو. سندس والد هن کي ۱۹۸۶ع گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري مان فرسٽ اييئر ۽ انٽر ڪرائي. سندس والد جي اٽوٽ ڪمٽمينٽ آڏو مجبورين کي مات آئي هئي ۽ هُن پڙهائيءَ سان گڏ پنهنجي والد سان هارپي ۾ ٻانهن ٻيلي پڻ رهندو آيو، هن کيس اهو ڪڏهن محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو ته ڪو هارپي دوران سندس نازڪ هٿن ۾ ڇالا نڪرن ٿا. مشڪلاتن سان مڙسيءَ سان منهن ڏيندي استاد لغاريءَ بي اي کانپوءِ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ريگيولر بنيادن تي پوري ڪئي. يونيورسٽيءَ مان ڊگري ملڻ کانپوءِ کيس ستت ئي تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي وئي هئي، جيڪا هن جي لاءِ ۽ سندس پوري ڪُٽنب لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ڪو نه هئي.

استاد لغاري، هڪ شخص نه پر هڪ اهڙو لاڀائتو اداري جو نالو آهي، جنهن سان جڏهن به ملبو ته علم و ادب کان ويندي دنيا جي تاريخ جي جهجهي معلومات ملندي. هو سنڌ جو نهايت محنت ڪش ليکڪ آهي.جنهن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي خوب لکيو آهي ۽ وقت جي حُڪمرانن کي پڻ شرمايو آهي.

بنيادي طور تي هو هڪ استاد آهي، پر سندس لطيف شناسي وارو پاسو سندس پيشي تي ڀاري رهيو آهي، سندس ڇٺيءَ جو نالو لقمان احمد آهي، سندس تعلق سنڌ جي ان علائقي سان آهي، جيڪو عشق ۽ انقلاب جو مرڪز رهيو آهي.

شاهه سائين جي آفاقي ڪلام سندس دنياوي دستور ئي مٽائي ڇڏيو، سندس چارئي طبق کولي ڇڏيا. ڪتابن سان سندس شناسائي ٻالڪپڻ کان وٺي هئي. هو ڪچهرين ۾ اڪثر شاهه سائينءَ جا بيت پڙهي، دلي اظهار ڪندو رهندو آهي. سندس زندگيءَ ۾ شاهه سائين اهو رهبر آهي، جنهن جي سٽ سٽ مان هن سبق پرائي، زندگيءَ کي بامقصد بڻايو آهي. ان کان علاوه هن لطيف سائين جي ڪلام تي جنهن انداز ۾ مسلسل نج نبار ۽ تخليقي توڙي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو سچ پچ ساراهه جوڳو آهي. سندس ذاتي“استاد لغاري ادبي لائيبريريءَ” به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن ۾ مختلف نوعيت جا ڪتاب موجود آهن. سندس ادبي لائبرريءَ منجهه قلمي ڪتابن، دستخطي، ليٿو، عڪسي، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائيءَ تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، انگريزي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين جا لکيل ڪتاب موجود آهن جن ۾ وٽس شاھ جا رسالا پڻ  نمايان آهن.

هو پيغمبري پيشي سان واڳيل هڪ سڄاڻ شخص آهي، جنهن ٻارڙن کي پڙهائڻ سان گڏ ادبي دنيا ۾ نهايت ايمانداريءَ سان مسلسل پورهيو ڪيو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ شاھ جي رسالي جو منظوم سرائڪي ترجمو، سٽن تي آڌاريل سمجھاڻيون، شاھ جي رسالي جي شرح، ڍاٽڪي ۾ منظوم ترجمو( جيڪو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو هو قابلِ ذڪر آهن.

استاد لغاريءَ جهڙا بنهه گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جيڪي جنون جي حد تائين ادبي دنيا ۾ پورهيو ڪندا رهن ٿا. هن جيڪي به ڪتاب ڇپايا آهن، اهي پنهنجي ذاتي خرچ تي ڇپايا آهن، ڪتابن جي ڇپائي لاءِ هن ڪڏهن به ڪنهن ڪاموري ڏانهن واجهايو ناهي. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ املهه انسان آهي، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ جو گهاٽو ڇانورو آهي، جيڪو گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول منجهه هڪ اهڙو اتساهه ۽ آٿت ڏيندڙ آهي، جو سندس سنڱ سياپي ۾ رهي ڪافي ڪجھ پرائي سگهي ٿو، سندس علمي ادبي خدمتون ڪنهن کان ڳجھيون نه آهن.

اسين ان سماج جا باشنده آهيون، جتي هر شاخ تي ڪو نه ڪو چٻرو ويٺل اهي، جيڪو پنهنجو اُلو سڌي ڪرڻ جي چڪر ۾ عطائي لکيڪن جا ڪتاب ڇپرائي، کانئن ڪميشنون وٺندا ٿا رهن ، ان ڪميشن خوري واري پيدا ٿيل رجحان ۾ استاد لغاريءَ جهڙا املهه انسان رهجي ويندا آهن. اسان ان سماج جا باشنده آهيون، جيڪي مرده پرست بڻجي ويا آهيون، ڪنهن کي به سندس حياتيءَ ۾ گهربل مان ۽ مرتبو ڏيڻ اسان کان پُڄي ئي ڪو نه ٿو.. ادبي اسٽيجن تي سالن کان ساڳيا ئي چهرا صدارت کان وٺي مهمانِ خاص طور ويٺل نطر اچن ٿا. ادبي دنيا جا اهي ساڳيا ئي ماڻهو جيڪي اڄُ استاد لغاريءَ جهڙي فقير منش انسان جاڙون ڪري رهيا آهن، سندس عظمت جا انڪاري بڻيل آهن، سي هڪ نه هڪ ڏينهن سندس ڪيل ادبي پورهئي کي مڃيندا ۽ کيس گهربل مان ۽ مرتبي سان نوازيندا، اهو ان جي ڪري جو هن هميشه سچائيءَ سان، پوري ڪمٽمينٽ سان علم و ادب جي دنيا منجهه رنڊا روڙيا آهن. استاد لغاري اتساهه جي علامت طور هميشه رهڻو آهي، ساڻس پيار ڪندڙ ماڻهن جو حلقو وسيع آهي. هن جي ادبي جدوجهد زندگيءَ جي اها گونج آهي، جيڪا اڄُ جي ٻوڙن ۽ گونگن اديبن کي ٻڌڻ ۾ ئي ڪو نه ٿي اچي.

No comments:

راءِ ڏيندا