; سنڌي شخصيتون: فريد نواز بلوچ

01 September, 2019

فريد نواز بلوچ


فريد نواز بلوچ
سنڌي ڊرامن جو شاهاڻو انداز رکندڙ - ستر هين ورسي جي مناسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
سینئر اداکار فرید نواز بلوچ کی 17ویں برسی منائی گئی
فريد نواز بلوچ ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جو سدا بهار اداڪار ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي اداڪاري ۾ فطري رنگ ڀري هڪ منفرد ۽ ور اسٽائيل اداڪار جي حيثيت ماڻي ۽ ڏسندڙن جي دلين ۾ جڳھه پيدا ڪئي. فريد نواز بلوچ فريد محلا گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رئيس خان محمد نوحاڻي جي گهر ۾ ۹ سيپٽمبر ۱۹۴۶ع ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس پيدائش کان اڳ ئي سندس والد صاحب وفات ڪري چڪو هو. رئيس خان محمد نوحاڻي بلوچ کي ۲ پٽ ۽ ۲ نياڻين جو اولاد هو. جنهن ۾ عبدالستار نوحاڻي، آپا مريم نوحاڻي، آپا نظير ۽ فريد نواز بلوچ هئا. فريد نواز بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي ورتي ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. اهڙي طرح هن مختلف کاتن ۾ نوڪري به ڪئي ۽ ٽي سي پي جي عهدي تي به رهيو.


هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو کان ڪئي کيس فني اداڪاري جي شعبي ۾ ولين ٿيڻ جو وڏو شوق هيو ۽ انهيءَ شوق ڪري هن فلمن ڏانهن قدم وڌايو. سندس اردو فلم گريبان هئي جنهن ۾ هن اداڪاري ڪئي پر فلمي دنيا ۾ سندس گهڻو ٽڪاءُ نه رهي سگهيو ۽ هي واپس حيدرآباد اچي ريڊيو پاڪستان تي صداڪاري ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ کيس ننڍي اسڪرين تي اداڪاري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن پاڪستان ٽيليويزن تي ڪيترائي شاهڪار ڊراما ڪيا. سندس ڪيريئر جو سفر ۱۹۷۱ع کان ۲۰۰۱ع تائين هلي سگهيو. انهيءَ عرصي دوران ۳۰ سالن جي فني سفر ۾ هن پاڪستان ٽيليوزن تي اردو توڙي سنڌي ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ڊراما ڏنا. سندس اداڪاري جاندار هوندي هئي ۽ پنهنجي ڪردارن ۾ گم ٿي ويندو هيو ۽ ڪردارن ۾ حقيقي رنگ ڀري انهن ۾ فطرت جا رنگ ڀريندو هيو. اداڪار فريد نواز بلوچ، پاڪستان ٽيليوزن جي يادگار ڊرامن ۾ ڪم ڪري ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ شهرت حاصل ڪئي.
اداڪار فريد نواز بلوچ پاڪستان ٽيليوزن کي ڪيترائي مشهور ڊرامه ڏنا جن ۾ دنيا ديواني جنهن کي منظور قريشي پروڊيوس ڪيو هو، جڏهن ته ٽيليوزن جي مشهور سيريل راڻي جي ڪهاڻي ۾ هن جو شاهڪار ڪردار هيو جنهن ڊرامي کي بعد ۾ اردو ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته انهيءَ ڪاسٽ ۾ فريد نواز بلوچ سان گڏ پاڪستان ٽيليوزن جا ناليوارا اداڪار شامل هئا. جنهن ۾ قربان جيلاني، نور محمد لاشاري، روشن عطا، شهزادي، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان پوءِ پي ٽي وي جي مشهور سيريل جانگلوس ۾ ڪم ڪيائين. ان سان گڏ ناٽڪ رنگ ۾ نبيرو، زينت، ڪارو ڪاري، باک ۽ اردو سيريلن ۾ هوائين ۽ سورج گرهن اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه هن پي ٽي وي جي مختلف ڏڻن جي موقعي تي ڪيترائي سنڌي ۽ اردو سولو پلي ڪيا. جڏهن ته سندس فني سفر ۾ يادگار ڪردار ڊرامي جنگل ۾ لکمير خان جو ڪردار ڏسندڙن کي تمام گهڻو پسند آيو. ان کان علاوه عبدالقادر جوڻيجي جي تحرير ٿيل ڊراما سيريل ديوارين ۾ هن پنهنجي ڪردار ۾ ڀرپور نڀايو. ان کان پوءِ سندس زندگيءَ جي يادگار ڊرامه سيريل باک هئي. جنهن ۾ هن ٿر جي چڱي مڙس (پٽيل) جو ڪردار ادا ڪيو. هن ڊرامه سيريل کي ڪراچي سينٽر کان منظور مگسي پيش ڪيو. جيڪو سنڌ واسين کي اڄ تائين  نه وسري سگهيو آهي. مطلب ته اداڪار فريد نواز بلوچ فن جي دنيا ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي سندس زندگي جا ۳۰ سال فن جي دنيا ۾ گذريا.
سندس اداڪاري سنڌي ڊرامن جي جان سمجهيو ويندو هو. خاص ڪري هن جي شخصيت تي روايتي پير، وڏيرو، ولين، بزنس مين، ڳوٺ جو چڱو مڙس جهڙا ڪردار ٺهڪي ايندا هئا. جن سان هي پرفارم ڪري خوب نڀاءُ ڪندو هيو. ان سان گڏ هن ڪيترا ئي ٽريجڊي رول، جزباتي رول، ڪريڪٽر رول ادا ڪرڻ کان علاوه هن مزاحيه اداڪاري پڻ ڪئي.
اداڪار فريد نواز بلوچ ۲۲ سالن جي عمر ۾ پسند جو پرڻو ڪيو جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. جنهن ۾ ياسر نواز، دانش نواز، فراز نواز ۽ انزالا شامل آهن. سندس ٻن پٽن شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هنن پاڪستان ٽيليوزن کان علاوه مختلف نجي ٽي وي چينلن تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري پاڻ مڃايو آهي. ياسر نواز هن وقت ڊرامن جي هدايتڪاري ۽ اداڪاري ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. جڏهن ته سندس ننڍو پٽ فراز ڊينٽسٽ (ڊاڪٽر) آهي ۽ ڪيترن ئي اردو ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي جڏهن ته سندس نياڻي انزالا مشهور ٽي وي اسٽار صلاح الدين تنيي جي پٽ خالد مصطفي جي وني آهي. ان کان علاوه ياسر نواز پنهنجي پيءَ جي نقش قدم تي هلندي ٽيليوزن تي ڪيترائي ڊراما ڪري رهيو آهي. ياسر نواز پاڪستان ٽيليوزن جي بهترين پروڊيوسر ۽ فريد نواز بلوچ جي دوست ڪاظم پاشا جي نياڻي ندا پاشا سان شادي ڪئي ۽ هي جوڙو شوبز جي دنيا ۾ ڀرپور ڪاميابيون ماڻي رهيو آهي.
اداڪار فريد نواز بلوچ ۱۵ ڊسمبر ۲۰۰۱ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي مداحن سان گڏ پنهنجي خاندان کي سوڳوار ڇڏي ابدي آرامي ٿيو. هن موقعي تي سندس وڏي پٽ ياسر نواز پنهنجا احساس شيئر ڪندي ٻڌايو ته اها ۲۹ رمضان شريف جي رات هئي. جڏهن بابا اسان کان وڇڙي ويو. انهن ڏينهن ۾ سارو لوڪ عيد جي خريداري ۾ مصروف هيو پر اسان جي گهر کان عيدون رسي ويون هيون. اسان هر سال ۲۹ رمضان شريف تي بابا جي ورسي ملهائيندا آهيون. فن جي دنيا جو هي عظيم اداڪار اڄ به پنهنجي منفرد اداڪاري سبب ٽي وي ڏسندڙن ۽ مداحن وٽ زنده آهي اڄ سندس ۱۷ هين ورسي جي موقعي تي کيس فني خدمتن عيوض لفظن جي ڀيٽا پيش ڪيون.


فريد نواز بلوچ
سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو ڪامياب اداڪار
سيد يار محمد شاهه
فريد نواز بلوچ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو نامور اداڪار هو، کيس هميشه اسلم پرويز جيان پاڻ کي پاڪستاني فلمن جو ولين ٿيڻ جو شوق هوندو هو. نفيس مزاج، سڀني کي خوش رکڻ وارو فريد نواز حيدرآباد مان جنم وٺندڙ، سڀني سنڌي اداڪارن ۽ هدايتڪارن جو لاڏلو ۽ پيارو به هوندو هو ۽ پاڻ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جتي به نوڪري ڪيائين اتي هن چيمبرس آف ڪامرس جي محڪمي ۾ ننڍي پوسٽ کان وٺي وڏي عهدي تي پهچڻ تائين، منجهس ڪڏهن به وڏائي ۽ تڪبر نه آيو. هر هنڌ پنهنجي هڪ بيٺڪ به رکندو هو، حيدرآباد ۾ گهر مٽائيندو هو، پر ياري نه مٽائيندو هو. ريڊيو جا سڀ صداڪار ۽ ان وقت جا ابتدائي سڀ فنڪار، جيڪي ٽي وي ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪندا هئا، اهي سڀ دل وندرائڻ لاءِ شام جو فريد نواز بلوچ جي بيٺڪ تي پهچي ويندا هئا. حيدرآباد جي ڪراچي هوٽل وارا سڀ فنڪار، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، مشتاق چنگيزي، عابد نويد، ابوبلاول، نادر بلوچ، رشيد خمار، قاسم فاني ۽ مون سميت ڪيترائي ٻيا فنڪار فريد نواز بلوچ جي بيٺڪ تي پهچي پنهنجي فن جي اڃ اجهائڻ ايندا هئا. پاڻ منظور قريشي جي ڊرامن ۾ مرڪزي ۽ مزاحيه تمام گهڻا ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي هڪ سٺو اداڪار مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هو پنهنجي اولاد مان ياسر نواز کي پاڻ سان گڏ، هر هنڌ وٺي وڃي متعارف ڪرائيندو هو ۽ نيٺ کيس هڪ سٺو اداڪار ۽ هدايتڪار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ آخر ۾ جڏهن ياسر نواز سپرهٽ هدايتڪار به ٿي ويو ته فريد نواز بلوچ پنهنجي پٽ ياسر نواز جي هدايت ۾ ڪم به ڪيو، ۽ ان کانپوءِ سندس ٻيو فرزند دانش به اڄ هڪ سٺو مزاحيه اداڪار آهي. اڄڪلهه سالن کان جي او ٽي وي تي هلندڙ ٻارن جي پروگرام ”بچي من ڪي سچي“ جي ميزباني به وڏي اعتماد ۽ ڪاميابي سان ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته سندس نياڻي مشهور اداڪار صلاح الدين تنيو جي اداڪار پٽ خالد تنيو جي گهر واري آهي، ۽ هڪ پٽ ڊينٽسٽ اٿس، جنهن پڻ ڪجهه اردو ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. فريد نواز بلوچ جو اهو به خواب هو ته هو هڪ ولين ٿئي ۽ سندس اهو خواب به هڪ دفعو ضرور پورو ٿيو. اهو هيئن ته فريد نواز بلوچ هڪ دفعو پاڪستان جي هڪ اردو فلم ۾ بطور ولين به آيو، پر جڏهن اها فلم ناڪام ٿي ته پاڻ به واپس ڪراچي ٽيليويزن تي اچي بي شمار اردو سنڌي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيائين. فريد نواز سوين ڊرامن ۾ سوين خوبصورت ڪردار ڪيا.  ڊرامي”ديوارين“ ۽ ”جنگل“ ۾ لکمير خان وارو ڪردار سندس رڪارڊ ڪردار هو. اسان سنڌي فنڪارن مان اهوئي واحد سنڌي فنڪار هو جو هن کي اردو پروڊيوسر به وڏي چاهه سان پنهنجي ڊرامن ۾ وڏا وڏا ڪردار ڏيندا هئا، حيدر امام رضوي ۽ ڪاظم پاشا کيس وڌيڪ ڀائيندا هئا ۽ آخر ۾ هو ڪاظم پاشا جي نياڻي ندا پاشا پنهنجي پٽ ياسر نواز سان پرڻائي هميشه لاءِ ان خاندان جو حصو بنجي ويو. ماشاءَ الله اڄ ڪلهه ياسر نواز، دانش نواز ۽ ندا پاشا ٽي وي جي دنيا جا وڏا نالا آهن ۽ هر وڏي چينل تي سندن ڪئين ڊراما سالن کان ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن، جن ۾ ڪافي سالن کان جي او ٽي وي تي هلندڙ سندن مزاحيه ڊرامون ”نادانيان“ بي حد مقبول آهي، جنهن ۾ ياسر نواز، دانش نواز ۽ ندا پاشا به شامل هوندا آهن.
پروڊيوسر ڪاظم پاشا جي نامور سيريل ”جانگلوس“ ۾ مونکي اهم ڪردار مليو، اتفاق سان ريڪارڊنگ واري ڏينهن منهنجي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي اچي مون ڊرامي جو اسڪرپٽ معاون پروڊيوسر طارق جميل کي واپس ڪري معذرت ڪئي. ان کانپوءِ اهو ڪردار فريد نواز بلوچ کي مليو ۽ ان کانپوءِ ڪاظم پاشا ۽ فريد ۾ تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي جيڪا اڳتي هلي رشتيداريءَ ۾ تبديل ٿي وئي. فريد نواز بلوچ جو اهو ڪردار به يادگار بنجي ويو هو پر ڪاظم پاشا مونکان تمام گهڻو ناراض ٿي ويو هو، جڏهن هن مونکي مشهور ڊرامه سيريز ”جي منسٽر جي“ ۾ ڪاسٽ ڪيو ته هڪ دفعو جڏهن ڪاظم پاشا مونکي اهو مهڻو ڏنو هو ته توهان ”جانگلوس“ ۾ منهنجو ڪردار ڇڏي ويا هئا جنهنجو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو، تڏهن مون کيس چيو ته اها الله جي حڪمت هئي جنهن توهانکي ۽ فريد نواز کي رشتيداريءَ ۾ ان بهاني سان ئي ڳنڍيو هو. هن کلي ڏنو.
فريد نواز بلوچ سان منهنجي ملاقات منظور قريشي جي ابتدائي ڊرامي ”دنيا ديواني“ دوران ٿي هئي. ان ۾ آئون محمود صديقي، يوسف علي، فريد نواز بلوچ ۽ ٻيا ڪئين دوست شامل هئاسين. ان کانپوءِ ساڻس سندس حيدرآباد واري بيٺڪ تي پڻ محفلون مچنديون هيون. ساڻس ڪئين يادگار محفلون ۽ واقعا ٿيا. اڪثر اسان ٻئي منظور قريشيءَ جي عيد ڊرامن ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين، ۽ منظور قريشيءَ سان اڪثر ڪئين قرب ڀريون ڪچهريون ٿينديون هيون. هارون رند جي اردو ڊرامي ”جنگل“ ۾ گڏ ڪم ڪيوسين. ۱۹۹۷ع ۾ مون جڏهن ڪراچي ٽيليويزن سينٽر لاءِ اردو مزاحيه سيريل ”سچ گيا بچ“ تحرير ڪيو جيڪو عبدالڪريم بلوچ صاحب جي تعاون سان سميع بلوچ پروڊيوس ڪيو هو، منهنجي گذارش تي سميع بلوچ اردو ڊرامي ”سچ گيا بچ“ ۾ ياسر نواز ۽ فريد نواز بلوچ کي مرڪزي ڪردار ڏنا هئا ۽ انهن ٻنهي سٺي اداڪاري ڪئي هئي جيڪا اڄ به سڀني کي ياد آهي. ان کان پوءِ جڏهن منهنجي پرائيويٽ پروڊڪشن شروع ٿي ته مون پنهنجي لکيل ۽ منهنجي هدايت ۾ تيار ٿيندڙ ڊرامي ”ڪفن پوش“ ۾ ياسر نواز کي بطور هيرو ۽ فريد نواز بلوچ کي بطور ڪيريڪٽر ايڪٽر ۾ بڪ ڪيو ۽ ان دوران ٻنهي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ٿي ۽ ٻنهي مون سان تمام گهڻو ۽ سٺو ساٿ ڏنو، پر بدنصيبيءَ سان 26 قسطن تي مشتمل اهو ڊرامون اڄ تائين نشر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ياسر نواز ان وچ ۾ وڏو اداڪار ٿيڻ کانپوءِ اڄ جي دور جو مهانگو ترين ۽ ڪامياب هدايتڪار بنجي، ڪئين ڪامياب ڊراما ڏئي رهيو آهي. فريد نواز جيڪو فنڪار ٿيڻ ۽ شوبز ۾ اچڻ جو خواب ڏٺو هو، اڄ سندس اولاد اهو خواب پورو ڪري ڏيکاريو.
حسب معمول سنڌي فنڪارن لاءِ، نه ڪراچي ٽيليويزن ۽ نه محڪمي ثقافت وارن کي مرحوم جي فني سفر کي سهيڙڻ يا ياد رکڻ يا ڪا ورثي ملهائڻ جي ڪا يادگيري آهي، ۽ نه ڪو وقت آهي. تازو اداڪار منظور مراد مونکي مرحوم نور محمد لاشاريءَ کي ڀيٽا ڏيڻ سانگي هڪ ميوزيڪل اسٽيج پروگرام ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد اچڻ لاءِ چيو، جنهن تي مونکي خوشي ٿي ۽ مون سوچيو ته ثقافت جو سيڪريٽري ساٿ ڏئي ته سندن حيدرآباد واري آڊيٽوريم ۾ ”حيدرآباد جا هيروز“ نالي پروگرام ڪري، انهن امر فنڪارن جون يادون ملهائي سگهجن ٿيون، جن جو تعلق حيدرآباد سان هو. بھرحال ڪير ياد ڪري نه ڪري پر فن جي تاريخ ۾ فريد نواز بلوچ هميشه ياد رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا