; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي

31 August, 2019

ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي


ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي
جاکوڙي هاري اڳواڻ
قادر بخش طالباڻي
لڳاتار بيمار ۽ ضعيف عمر هئڻ ڪري طبيعت سفر ڪرڻ کان لنوائيندي آهي، شادي غمي ۾ اُٿڻ ويهڻ به ان ڪري گهٽائي ڇڏيو اٿم پر ڪنهن دل واري جي موت جي خبر ڪَن تي پوندي آهي ته پاڻ کڻائي به ان ۾ شرڪت ڪندو آهيان پر واپسي تي ڪي ڏينهن تڪليف ڀوڳڻ تي دل ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته هاڻ ٻيهر سفر نه ڪندس.
زندگي ۾ فيصلا ڪري ان تي پير کوڙي بيهڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم پر هن فيصلي تي پابندي ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار آهيان.


اوڻويھ نومبر تي دستور موجب اخبار پڙهڻ وقت هڪ سرخي تي نظر پئي “کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.” خبر پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويا، وڃڻ جي سگهه نه سمجهي فرزند مبارڪ جو فون ملائي تعزيت ڪيم. هن منهنجي ضعيفي ۽ طبيعت جي حال کان واقف رهي منهن جي تعزيت قبول ڪئي ۽ ڳوٺ اچڻ کان سخت منع ڪئي. ان هوندي به اندر ۾ اڌما ڦڙڪڻ لڳا، ضمير جهيڙو ڪرڻ لڳو ته تنهنجو دل گهريو دوست اڄ دنيا مان ڪوچ ڪري وڃي پيو، راڄ ڀاڳ، اوڙو پاڙو، دوست سڄڻ مٺو رستماڻي ۾ ان آخري رسم ۾ شريڪ ٿيندا پر آءٌ دل گهرئي دوست جي حيثيت ۾ صحت جا بهانا بڻائي سندس آخري رسم ۾ نه وڃان، هو ته مون کي ڪا ميار نه ڏيندو پر.. فون ڊائل ڪري زاهد ٽيڪسي ڊرائيور کي فون ڪيم، نوَ صبح جا ٿيا هئا، هن اڌ ڪلاڪ ۾ پهچڻ جو ٽائيم ڏنو. ٺيڪ ٽائيم تي پهتو، کيس چيم ته ۱۱ وڳي مٺو رستماڻي ڳوٺ (جلال موري کان پنج ڪلوميٽر) پهچي سگهبو؟ هن هائوڪار ڪئي، پوڻين يارهين وڳي ڳوٺ مٺي رستماڻي پهتس، گهڙي کن کان پوءِ ڳوٺ سڪندر لغاري مان ڀاءُ محمد خان ۽ ناصر لغاري پهتا. مقرر وقت تي اسڪول جي عمارت جي اڳيان عالم دين جنازي نماز پڙهائي. بعد ۾ تنظيمي ساٿين جٿي جي صورت ۾ گڏجي تنظيمي سليوٽ ڪري ساٿي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. لحد ۾ ميت لاهي مذهبي عالم مذهبي ورد پڙهيو، ساٿين انقلابي گيت ٽولي ۾ گڏجي پڙهيو.
صبح نه آيو هو سڄڻ ٿي شام، اچي يا نه اچي،
ڪهڙي خبر آ رات به آرام، اچي يا نه اچي.
ويل وڃڻ جي ڪجهه ته اشارن ۾ به چيائين ٿي،
پر مون نه پروڙي، سا ئي مام، اچي يا نه اچي.
تنهن جو آ قسم تنهن جو آهيان، ٿي ايئن چيائين،
اڄ ياد سڄڻ کي هي انجام، اچي يا نه اچي.
بزم جهان ۾ ته حَسين ٻيا به گهڻا آهن، پر
محبوب جيان ڪوئي سربام، اچي يا نه اچي.
قاصد جيڪو مُڪم تنهن افسوس ڪندي آ هيئن چيو،
ڀُلجي به وٺي ٿو نه، “ضيا” نام اچي يا نه اچي.
قبر تيار ٿيڻ بعد مذهبي عالم قرآني آيتون پڙهي دعاءِ خير گهري. تنظيمي دوستن قبر مٿان پورهيت ۽ هاري طبقي جو ڳاڙهو جهنڊو کوڙي وڏي عقيدت سان سلامي ڏئي وڏي آواز سان وَچن دهرايو: “اوهان جو باقي رهيل مشن اسان سڀ پوري ڪرڻ جو وچن ڪيون ٿا.”
مقام کان ٻاهر نڪري دعاءِ خير گهري، ساٿي جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي ويئي. اهڙي ريت ساٿي ڦوٽي خان جي آخري سفر جي رسم پڄاڻي تي پهتي ۽ سڀ ڪو پنهنجي گهر روانو ٿيو. رات جو تنظيمي ساٿين طرفان تعزيتي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ لاهور کان ڪراچي تائين سڀني ساٿين پنهنجي خيالن جو اظهار ساٿي ڦوٽو خان رستماڻي جي زندگي تي ڪيو ۽ کيس شاندار عقيدت پيش ڪئي وئي. ڦوٽو خان رستماڻي ڳوٺ سوري لڳ واهي پانڌي ضلعي دادوءَ ۾ ۱۹۳۲ع ۾ ڄائو، ساڻس منهنجي ڏيٺ ويٺ ڳوٺ واهي پانڌي ۾ ٿي، جڏهن آءٌ کاٻي ڌر جي عزيز سلام بخاري جي ڌڙي سان لاڳاپيل هئس ۽ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري پڻ هئس ۽ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي ساڳئي ڌڙي جي تنظيم ضلعي دادو جي هاري فرنٽ جو سيڪريٽري هو. آءٌ استادن ۽ هارين ۾ ڪم ڪندو هئس ۽ رستماڻي صاحب هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم ڪندو هو. کيس تنظيم طرفان تمام ٿورڙو معاوضو ۽ ڪرايو خرچ ملندو هو.  اسان هر مهيني ضلعي سيل ۾ لکت ۾ رپورٽ ڪندا هئاسين ۽ تنظيمي ڪم بابت لکيل مضمونن يا ترقي پسند ڪتابن جي تعليم گڏجي ڪندا هئاسون. رستماڻي صاحب پرائمري تعليم جو هڪ ٻه ڪتاب پڙهيل هو. ان ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئاسون، هو جيتوڻيڪ پڙهيل مون کان گهٽ هو پر پوءِ به لکڻ پڙهڻ ۾ مون کان وڌيڪ هوشيار هو. سندس صحبت ۽ محبت ۾ مون جوهي، واهي پانڌي، حاجي خان ۽ ٻين ڳوٺن جو اڻانگو پنڌ سائيڪل تي يا پيادل ڪيو.
واهي پانڌي جي ڀر ۾ اوچن جبلن تي به چڙهي سڄو نظارو ڪيوسون. هي اهو وقت هو جو کٽارا بسن ۽ پراڻين جيپن تي سفر ڪرڻ به ڪو سوکو ڪم نه هوندو هو. رستا وڏي ڊسڙ ۽ ڊاڳ ۾ ورتل هوندا هئا، کڏا کوٻا تن جو ته ليکو ئي ڪو نه هو. پراڻي جيپن ۾ ماڻهو مال وانگر ميڙي گاڏي ۾ هڻندا هئا جيڪي منزل مقصود تي پهچڻ وقت گهرڀاتي يا واقفڪار به سڃاڻي نه سگهندا هئا. رستماڻي صاحب اهڙن ڏکين هنڌن تي تنظيمي ڪم ڪار خوش اسلوبي سان ڪيو. رستماڻي صاحب ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اسان جي تنظيم کان جدا ٿي ويو پر وڃڻ وقت باقاعده ميٽنگ ۾ ڪجهه اعتراض، ڪجهه تنقيد لکت ۾ ڏئي ان تي بحث مباحثو ڪري پوءِ هليو ويو، پر وڃڻ کان پوءِ به اسان جي سمورن دوستن سان هلي ملهي اچي پاڻ ملاقاتون ڪندو هو. اسان جي تنظيم تي جيڪا به تنقيد، اعتراض لکت ۾ ڪيائين تن کان تنظيم کان ٻاهر ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هڪ اکر به ظاهر نه ڪيائين. اهو ئي سبب هو جو ڪامريڊ عزيز سلام حياتيءَ تائين ڦوٽي خان سان ملندو رهندو هو ۽ سندس وقت ضرورت مالي مدد پڻ ڪندو هو جيڪا ڳالهه ڦوٽو خان پاڻ اسان سان ڪندو هو.
اسان کان وڃڻ کان پوءِ مون کي ڦوٽي خان جي تنظيمي ڪم ڪار جي ڪا به ڄاڻ نه هوندي هئي. روبرو ايندو هو ته ڪچهري سياسي، سماجي مسئلن تي ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ رستماڻي صاحب اسان جي تنظيم ڇڏي چڪو هو پر هن جو آخر تائين ميل جول مون کي محسوس ٿيڻ ئي نه ڏنو ته هو اسان کان الڳ يا ٻي تنظيم سان آهي. ڪجهه دوست تنظيم ڇڏي وڃڻ وارن دوستن کي سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا پر مان ان وقت توڙي هاڻ ان موقف تي آهيان ته ڇڏي ويندڙ دوستن جي اها وڏي بهادري هوندي هئي جو هڪٻئي ۾ رت جي رشتن کان وڌيڪ محبت هوندي به هڪٻئي کان تنظيمي طور جدائي جو اعلان ڪندا هئا.
هر شيءِ جا ٻه پاسا آهن، هڪ هنڌ ٽڪي پير ڄمائي ڪم نه ڪرڻ جو ان ۾ پاسو ڏسڻ ۾ ته ايندو هو پر ٻيو پاسو سچائي جو به هوندو هو ته ايڏي تعلقاتن محبتن هوندي به هڪٻئي ۾ سچائي ئي هوندي هئي جو تنظيم ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به تعلقاتن ۾ وٿي نه وڌي ويندي هئي. رستماڻي صاحب سياسي طور ڪهڙي به ڌر يا تنظيم ۾ رهيو پر هن آخري دم تائين پراڻن دوستن سان تعلقات قائم ۽ دائم رکيا. سندس اهڙن سلڇڻائين ۽ سچائين کيس وڌيڪ ڪُندن بڻائي دوستن کان حد کان وڌيڪ پيار ملڻ ۾ ڀائيوار بڻايو. سندس جدوجهد جا پيرا ڪاڇي جي برپٽ کان چمبڙ جي سرسبز علائقن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ به ملن ٿا.
ڦوٽو خان وٽ ذاتي طور ڪا به دولت نه هئي، هن جي سڄي حياتي جو دور مفلسي ۽ مسڪيني ۾ گذريو، اها غريبي هئي جنهن هن منجهه تنظيمي عشق جاڳايو. هو پنهنجو مشن پهچائڻ لاءِ دور دراز پيادل پنڌ ڪرڻ کي وڏو اعزاز سمجهندو هو. سندس سفر ۾ ڪاڇي جو رڻ ۽ ان جي ڀر ۾ وڏن شهرن جو پنڌ سمايل هوندو هو. پر هِن ان ڪَٺن سفر کي ٻه ٻرانگهون سمجهي دل جي خوشي سان طئي ڪيو. ڪچهري جي ڏنل ٽائيم تي هُن سختي سان پابندي ڪئي. ڀلي نئين گاج تيز رفتاري سان اوچن جبلن تان ڪڙڪاٽ ڪري لهي يا سنڌو درياءُ سانوڻي بند جي ٻنهي طرفن کان ڇولين جا ڇڇڪا ڏيندو هجي پر هي صاحب ٽائيم تي ضرور حاضر هوندو هو.
سندس خودداري ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي جو آءٌ کيس ڪڏهن ڪنهن اوڇڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هئس ته پاڻ ٻئي ڪنهن ساٿي کي ضرورتمند سمجهي سفارش ڪندو هو ته هيءُ ان ساٿي کي ڏيو ڇو ته هو سخت تڪليف ۾ آهي. سندس تنظيمي سچائي ۽ عشق سان جيئڻ، للڪاري جيئڻ ۽ گذارڻ لاءِ هڪ شاعر جون هي سٽون ذهن تي اچن ٿيون:
غيور ٿي ڄميو رهه، غدار ٿي نه مرجان،
للڪار ٿئي، اُٿي پئو، ڪاڳر ٿي نه سڙجان.
مرڻو آ موت ايندو، هي ڳالهه ياد رکجان،
ڌرتي مٿان او ارڏا، بار ٿي نه مرجان.
ڦوٽو رستماڻي پنهنجي آخري دؤر ۾ جسماني طور بڪين، جيري ۽ اندر جي ڪيترين ئي بيمارين ۾ گهيريل هو پر هو ڪڏهن به ڪنهن لاءِ بار گران نه بڻيو. پنجاسي سال عمر جا هن ارڏو ٿي گذاريو. ڪارن مان اڇا وار ٿي ويا، جواني کان پيري آئي پر هن حق جي ويڙهه لاءِ راهه مان هٿ نه ڪڍيا ۽ شيخ اياز جي چوڻي کي سچو ثابت ڪيو:
ماريندي هِن مَچ کي ڪيڏا وس ڪيام،
چَتيون ڇَهيون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام،
وڙهندي ورهيه ٿيام- اچي وار اڇا ٿيا.
هي ساٿي آخر تائين مظلوم پورهيتن، هارين، نارين جي ڏکڙن ڏوجهرن لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪندو رهيو. ان ڪري سندس ڏات ڏهوڻي ٿي ويئي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي ۱۸ نومبر ۲۰۱۸ع تي رات جو وفات ڪئي، ٻئي ڏينهن لاهور، اسلام آباد، ڪراچي تائين هر فڪر جي ماڻهن سندس ڳوٺ مٺو رستماڻي ۾ تعزيتي جلسا ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪئي جنهن ڪري اڃا به سندس ناماچاري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي. شيخ اياز جي هنن سٽي سان مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو:
ڳڀو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين،
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.


ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي
سنڌ جي هاريءَ جو ڪردار
نثار لغاري
سرد جنگ جو دور ختم ٿي چڪو هو، ۱۹۹۱ع ۾ سوويت يونين ڊهي چڪو هو ۽ اهو سال ۱۹۹۶ع جو آخر ۽ سياري جا ڏينهن هئا. پورهيت طبقي ۽ اُن جي بنيادي مسئلن بابت پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ۽ شوق مون کي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٿي چڪو هو. بي بي سي ٻڌڻ، سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهڻ، علم سان چاهه رکڻ جو شوق مون کي تمام گهڻو هو. انهيءَ ڪري جيڪو به ۽ جنهن به قسم جو ڪتاب ملندو هو اُهو پڙهي ڇڏيندو هوس. اهڙي ريت آهستي آهستي پورهيت طبقي سان انهيءَ نظريي سان جهڙوڪر انسيت ٿي وئي. عاصم آخوند اهو دوست هو جيڪو پهريون مارڪسٽ هو جنهن سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ جتي جتي ڪنهن انقلابي جو ٻڌندا هئاسين اُن سان ملاقات ٿيندي هئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سائين جاويد ڀٽو سان ۽ پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون جاري رهيون.
هي ۱۹۹۱ع کانپوءِ جو سخت دور هو اڪثر اڳوڻا انقلابي سياست، انقلاب ۽ سوشلزم جي خلاف هئا ۽ هو اهو چوندا هئا ته ڪميونسٽ تحريڪ ختم ٿي وئي، انهيءَ جو مستقبل تاريڪ آهي وغيره. اهي جملا ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پوندا هئاسين. ۱۹۹۶ع جي ڊسمبر جو مهينو هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضيءَ جي گهر هڪ گڏجاڻي رکيل هئي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪامريڊ احمد خان لغاري، ڦوٽو رستماڻي، مانڌل شر، صديق خاصخيلي، ستار، ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي ۽ ٻيا ڪي دوست آيل هئا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ وري هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون. انهيءَ گڏجاڻي ۾ مون ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي ٻڌو ۽ هن چڱي طرح اُن دور جي عڪاسي ڪئي. هو ڪٿي به مايوس نظر نه آيو. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي کي اُن وقت به اهو يقين هو ته سوشلزم ڪو معمولي معاملو نه آهي. پورهيت طبقي جا مسئلا حل نه ٿيا آهن جنهن جي ڪري سوشلزم جي خاتمي جي ڳالهه پروپگينڊا آهي. آئون پنهنجي ڳالهه ڪريان ته آئون تمام گهڻو جذباتي هوس ان ڪري مون کي ڪامريڊ ڦوٽي جون سڀئي ڳالهيون پسند آيون پر جيڪي ٻيا دوست هئا انهن جي چهري تي مون اهو ڏٺو ته انيڪ سوال هئا ۽ اُهي مطمئن نه ٿيا. انهن جو خيال هو ته هي ڪامريڊ هاڻ پوڙها ٿي چڪا آهن. هنن سموري زندگي اهو ئي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري هنن کي اهي ئي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ٻيو هو ڇا ڪن؟ اهي ۽ ٻيا اهڙي قسم جا خيال هئا، اُتي موجود استاد مرتضيٰ اها ڳالهه ڪئي ته موجوده دور ۾ مايوس ٿيڻ به جائز آهي، توهان هڪ ٻن ڪچهرين ۾ يا موجوده منظرنامي ۾ مايوس نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ڪندا. سوچڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ مانڌل شر ۽ ڦوٽي رستماڻي پنهنجي مستقبل جي سرگرميءَ جو احوال ڏنو ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.
جيئن جئين وقت گذرندو ويو ته مون کي پوءِ انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيندو ويو ته هي ئي اهي انسان آهن جيڪي حوصلو ڏيندڙ آهن. اهو ڪيترو نه شاندار ۽ هڪ مثالي مانائتو مرتبو هو جو ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي، حاجي زنئور کي واڻڪي وسيءَ جي ڪامريڊ غلام حسين لغاري کي، عاصم آخوند کي اسان ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو ۾ دفن ڪيو. هن جو مطلب هو مستقبل ۾ ايندڙ انقلابين لاءِ هڪ وڏو ۽ عظيم اتساهه! اهو اتساهه ئي آهي جيڪو هر لمحي ۽ گهڙي اسان جا حوصلا وڌائي ٿو. گذريل ۲۰ سالن ۾ اها نهايت خوفناڪ، ڀيانڪ ۽ گمراهه ڪندڙ پروپگينڊا ڪئي وئي ته مارڪسزم، ليننزم ختم ٿي ويو هاڻ انهن جي اهميت نه رهي آهي. هاڻ دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي پر ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو. اهو ثابت ٿيو ته هي فقط پروپگينڊا هئي ته جيئن سوشلزم کي بدنام ڪري سگهجي. سرمائيداري نظام خلاف اڀرندڙ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي روڪي سگهجي. هن وقت اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سرمائيداري نظام پورهيت عوام خاص طرح ۽ سموري انسانذات جا مسئلا حل ڪرڻ جي قابل نه آهي. سچ پچ پروپيگينڊا جي انهيءَ شديد حملي واري دور ۾ به سوشلزم جي حامي فردن ۽ خاص طرح ڦوٽي رستماڻي ۽ احمد لغاري جهڙن انقلابين اهو ثابت ڪيو ته اسان جو ايمان ڪنهن به قسم جي ڪا لالچ ۽ مراعت توڙي رعايت کي ٺڪرائي اهو چيو ته سوشلزم ئي عوام جو مستقبل آهي، ان کان سواءِ ڪنهن به قسم جي ڪا نجات ممڪن نه آهي، توهان ڀلي جمهوريت ۽ عوام دوستي جي ٻين قوتن کي آزمائي وٺو.
پورهيت طبقي جي سياست مخالف جيڪا به پروپگينڊا هئي انهيءَ اهو ڪيو آهي جو پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ سياسي قوتن کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هاري ۽ مزدور تي تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو آهي پر پورهيت طبقي ۽ هاري جو ڪو سگهارو آواز نه آهي. سنڌ هاري ڪميٽي مختلف ٽڪرن ۽ گروهن ۾ ڪم ڪري رهي آهي پر اها سماج ۾ موثر نه آهي. کاٻي ڌر جون ٻيون جماعتون گروهي نفسيات ۽ پنهنجي ۾ خوش آهن. انهن هارين سان غريب ۽ پورهيت طبقي سان پنهنجو عملي تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن تعلق به آهي ته فقط جلسي يا ڪنهن ميڙاڪي جي حد تائين. اُن کان وڌيڪ ڪو به تعلق نه آهي. اهو جيڪڏهن جاري رهيو ته پوءِ پورهيت طبقو شايد کاٻي ڌر مڪمل طرح وساري ڇڏي ۽ اها تلخ حقيقت پڻ آهي ته عام ماڻهن کي هاڻ اها خبر ئي نه آهي ته هنن جي نمائندگي ڪندڙ ڪا حقيقي عوام دوست پورهيت دوست يا اهڙي دعويٰ ڪندڙ ڌر سماج ۾ موجود آهي ڇو ته عملي طرح انهن وٽ وڃڻ وارا ڪردار ۽ ڪارڪن کاٻي ڌر وٽ نه آهن ۽ هن وقت اسٽيڊي سرڪل يا ڪنهن به پروگرام ۾ ايندڙ يا اچڻ وارن جو تعداد به نهايت گهٽ آهي. اُن جو اهو سبب آهي جو هن وقت جيڪي به ڌريون انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون. انهن کي انهيءَ ڳالهه جو ادارڪ ئي نه آهي ته پورهيت طبقي وٽ ڪهڙي انداز ۾ وڃجي. ڪهڙي ريت پورهيت طبقي ۾ ڪم ڪجي. افسوس ته جيتوڻيڪ مارڪسزم فڪري طرح اڄ فتح حاصل ڪري ورتي آهي پر تنظيمي طرح جيڪو نقصان انهيءَ سموري عرصي ۾ پهتو اهو شديد هو. انهيءَ جا اثر اڄ ڏينهن تائين موجود آهن.
اڳي کاٻي ڌر جي انقلابي ورڪر کي گهڻي ڀاڱي ليڊرشپ، شهرت، وڏائي جي گهڻي ضرورت نه هئي. هو عملي طرح ڪم کي ۽ بغير ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي ڪم ڪندو هو کيس انهيءَ ڳالهه جو فڪر نه هوندو هو ته هو ڪٿي نوٽ ڪيو وڃي. ڪو اچي سندس ساراهه ڪري، فيس بڪ تي فوٽو رکي. اڳي اهو نه هوندو هو ته اخبارن ۾ بنا ڪنهن سبب جي ڪوريج حاصل ڪجي، ڪٿي ڪو فوٽو ڪڍي. فيس بڪ تي پروگرام جون تصويرون رکڻ لاءِ فقط پروگرام ڪجي! فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ويهي پارٽي هلائجي يا وري آفيسن ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي تعليمي ڪلاس هلائجن ۽ ڊگها ليڪچر ڏئي دل کي خوش ڪجي. انهن ليڪچرن ۾ پنهنجو عملي ۽ فڪري وزن ڏاڍي عمدا نموني سان بيان ڪجي، واهه واهه ڪرائجي. پنهنجي چوڌاري هڪ گروپ يا گروهه ٺهرائي جتي ڪٿي پنهنجي تعريف ڪرائجي! هر محفل ۾ پاڻ کي مٿي ثابت ڪجي. پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ مسڪين ۽ پورهيت ڪلاس جي ڪامريڊن کي وس ڪري گهٽ اهميت وارو ۽ معمولي ڪارڪن ثابت ڪجي. اهو ڪم ڪجي جتان ٻن رپين جو فائدو هجي، اها روش هن وقت عام آهي ايتري قدم جو علمي فڪري ماڻهو ته اڳي ئي انهيءَ منفي روش جو شڪار هئا. هن وقت به ڪي ماضيءَ جا ڪي هاڻوڪا انقلابي سڏرائيندڙ فرد خلوص ۽ محبت سان ڪم ڪرڻ جي بدران جتي فائدو ڏسن ٿا يا جتي کين ٻه رپيا خرچ نه ڪرڻو پوي اوڏانهن وڃن ٿا. بنيادي انقلابي خلوص کي هو بيوقوفي سمجهن ٿا. اهڙن اندورني عنصرن کاٻي ڌر خاص طرح مارڪسٽ ڪلچر کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. اين جي اوز جي فنڊنگ واري ڪلچر جو اثر تمام گھڻو گهرو آهي. انهيءَ به وڏو نقصان پهچايو آهي. انهن سڀني برائين کان جيڪي ڪنهن حد تائين بچيل آهن. انهن ۾ وري انا حاوي آهي. ڪن مذهبي خطيبن جيان هو سمجهن ٿا ته انقلابي مفڪر ۽ عالم توڙي سچا فقط هو آهن باقي ٻيا اچي هنن جي هٿ تي بعيت ڪن يا هنن جي ڊسپلين ۾ اچي وڃن پوءِ هو ڪنهن به ٻئي گروپ يا کاٻي ڌر جي ڌڙي وٽ نه وڃن ۽ نه ئي انهن جي ڪنهن درست ڳالهه کي تسليم ڪن. گروپ بندي ۽ ٽولي پسندي ۾ رهڻ انهن کي آسان رهندو آهي. انهيءَ ڪري سندن انا کي تسڪين ملندي آهي. هو پنهنجي گروپ ۾ پنهنجي ذات کي حاوي ڪري سماج جي اجتماعي ڀلائي ۽ اجتماعي سماجي تبديليءَ کي انهيءَ سان ڪيترو نقصان ڏئي رهيا هوندا آهن ان بابت کين ڪا پرواهه ناهي. عوامي طبقاتي تحريڪ ڪمزور ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي، پورهيت طبقي جي نجات جون قوتون ڪمزور ٿين ٿيون ته ڀلي وڃي ٿين. بس هنن جي هڪ ڌار ديڳڙي موجود رهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي تڏي تي هڪ ڪامريڊ چيو ته وڏا مرندا وڃن ۽ ننڍا وڏا نٿا ٿين. هن جو اشارو کاٻي ڌر جي نئين گروهه ڏانهن هو. مون سوچيو ته انهيءَ کان به وڏو الميو اهو آهي ته سڀ ننڍا گڏجي جنهن کي وڏو يا منتظم ڪندا آهن اهو وري جدليات، تاريخ، ادب، جماليات جو ماهر هوندي ننڍو ٿي ويندو آهي اهو پڻ الميو آهي.
هن وقت کاٻي ڌر جي ورڪر سان اهو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو هڪ طرف غريبن، مفلسن ۽ مجبورن جا ڏک وڌندا پيا وڃن، انهن جي ننڌڻڪائي عروج تي آهي. پورهيت طبقي جي ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو نه آهي ۽ کاٻي ڌر جا ننڍا ننڍا گروپ پنهنجي گروهي خوش فهمي ۾ سرشار ٿي سماج کان لاتعلق رهي خود فريبي جو شڪار رهي خوش آهن، مطمئن آهن، اها پڻ ويڳاڻپ آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انقلابي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ به پورهيت طبقي جيان ويڳاڻپ ۾ گم آهن. هڪڙا گروپ واقعي ويڳاڻپ ۾ گم هوندا آهن پر ٻين گروهن کي عالمي سرمائي جي ايجنٽن انهن جي مايا جال ۾ باقاعده ڦاسايو ويو آهي. ڪوڙيون سماجي تنظيمون ٺاهي انهن کي ننڍا ننڍا ڪم ۽ پراجيڪٽ ڏئي پئسو ۽ ڪوڙو سامراجي فلسفو ڏئي گمراهيءَ جا سڀ قسم جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن. هڪ طرف مارڪسزم تي خارجي حملا آهن ٻئي طرف اندروني حملا آهن جيڪي هر وقت جاري آهن. ڪوڙا انقلابي ۽ ترميم پسند عارضي طرح مارڪسزم ليننزم جو روپ ڌاري ايندا آهن. اهي ڪوڙا گروهه پورهيت طبقي جي فڪر تي نظرياتي ۽ تنظيمي طرح وڏا حملا ڪندا آهن ۽ انقلابي مارڪسي گروهن کي انتشار جو شڪار بنائيندا آهن. انهيءَ کي ئي هن وقت خود سامراجي ڌريون ففٿ جنريشن وار جو نالو ڏنو آهي. اها گمراهه ڪندڙ جنگ موجوده دور ۾ وڏي شدت سان وڙهي پئي وڃي.
ففٿ جنريشن وار جو مطلب آهي مخالف جون هر طريقي خاص طرح نظرياتي طريقي سان متيون منجهائي ڇڏڻ. اها ساڳي جنگ عالمي سامراج سموري دنيا خاص طرح ٽين دنيا ۾ وڙهي رهيو آهي ۽ وڏي طاقت سان وڙهي رهيو آهي. سموري دنيا جي انقلابين خاص طرح ننڍي کنڊ ۽ هن خطي جي انقلابين لاءِ اهو لازمي آهي ته انهيءَ سموري صورتحال کي سمجهن ۽ کاٻي ڌر کي پڻ انهن مونجهارن مان ڪڍي بهتر طريقي مظلومن ۽ غريبن جي مالڪي ڪن. جيستائين غريبن، ڳوٺن ۾ رهندڙ پورهيت عوام جي انهن ڏکن سکن جي مالڪي نه ٿيندي ان وقت تائين سماج کي بهتر نه ڪري سگهبو. هن خاص دور ۽ وقت ۾ ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو به اهو ئي طريقو آهي. ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي، علي محمد خاصخيلي ۽ احمد لغاري جون محبتون ۽ حوصلا هتي جي پورهيت تحريڪ جا سدائين ساٿاري رهندا.


ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي
سندس وڇوڙي تي
صالح بلو
چمبڙ تحريڪ جي بانين مان هڪ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، حق سائين لغاري، محمد خان لغاري، محمد خان احمداڻي، غلام علي لغاري ۽ ٻين سان گڏجي هاري ڪورٽون لڳائي انهن جا زميندارن سان فيصلا ڪندا هئا. جيڪو سلسلو ڪافي وقت هليو. ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جنهن جي وات ۾ سدائين؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آهن؟“، ”ڇا پيا ڪريو؟“، هر ڪنهن لاءِ هوندو هو. جيڪو هر دور ۾ جدوجهد ڪندو رهندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ هو. جنهن سان گڏ هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور موجود هوندو هو ۽ ڊائري جنهن ۾ ڪنهن سان ڪٿي ملڻو آهي ڇا ڪرڻو آهي.
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، جيڪو اصل ته جوهي جو هو، ليڪن سندس جدوجهد جو مهور چمبڙ رهيو. جتي اڪثر ٻين ساٿين سان گڏ، بحث مباحثا ٿيندا رهندا ھيا. هاري ڪاميٽي جا به جدا جدا گروهه هوندا هئا. پوءِ آخر ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي جي ڪوششن سان گڏ، سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو. جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي، شاهي قلعي لاهور مان آزادي ماڻي ته ڪميونسٽ پارٽي جي فيصلي تحت، سنڌ هاري ڪاميٽي پاران پوري سنڌ اندر ڪامريڊ ڄام ساقي جا شاندار استقبال ڪرايا ويا. ان وقت، سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو هو. ناچيز صالح بلو جنرل سيڪريٽري، ڦوٽو رستماڻي نائب صدر هو.
ڪامريڊ ڦوٽو جيڪو اڪثر نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ايندو هو ۽ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ بحث مباحثا ڪندو رهندو هو ته پنهنجو موقف ضرور رکندو هو. جيڪو گهڻو هاري فيلڊ ۾ ڪم ڪندو، آهستي ڳالهائيندڙ ڪامريڊ سان هر ڪنهن تي کيڪاريندڙ جنهن جو گهر ۾ رهڻ گهٽ هوندو هو ۽ هول ٽائيمر بنجي، پنهنجي حياتي تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. جنهن سياست ۾ مختلف مرحلا طئي ڪيا ۽ هڙ لاها چاڙها ڏسي چڪو هو. جنهن انقلاب جي مشن کڻي، جهر جهنگ، دوستن، ساٿين ۽ هارين وٽ پهچندو رهندو. جن کي هارين جي مسئلن جي خبر ڦوٽو رستماڻي ۽ سندس ساٿي چمبڙ جي آس پاس وارن علائقن جي پڻ سروي ڪندا هئا ته اتي ڪيترا هاري آهن. ڪيترن کي هر جا جوڙا آهن. ڪيترا ننڍا وڏا زميندار آهن. ڪيترن هارين کي ڪکاوان گهر آهن. ڪير ڪيترو حاصل ڪري ٿو. سندن خاندان ۾ ڪيترا ئي ڀاتي آهن. ڪيترا ڪمائن ٿا يا نه ٿا ڪمائين وغيره. جيڪي اهڙي سروي سان ڄاڻ حاصل ڪندا هئا ته هتي ڪيتري غربت آهي، ڪيترا بيروزگار، ڪيترا مزدوري ڪري رهيا آهن.
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جنهن زندگي ۾ ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ جدوجهد ۾ سندس ايمان هوندو هو. بک ڏک ۾ هن ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي. بلڪ هر ڏک، صبر سان سهندو رهيو. ڪامريڊ جنهن جون اکيون خراب ٿي چڪيون هيون. جنهن آپريشن پڻ ڪرايو، ليڪن نظر ائين اچي پيو ته آپريشن صحيح ٿيل ڪو نه هئا.
ڪامريڊ جڏهن به نوابشاهه ايندو هو، ملندو ضرور هو. اهو به هو ته منهنجي جاءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جتي هو ايندو رهندو هو. ڪجهه ڏينهن گذري ويندا هئا ته سندس مائٽن کان حال احوال وٺندو هوس. سندس هڪ مائٽ ڪامريڊ بصر رستماڻي جيڪو به اڪثر ايندو رهندو هو، جنهن جي وات ۾ اهو ضرور هو ته؛ ”ڪامريڊ ڇا حال آ؟“، ”ڇا پيو ڪرين؟“ اهو به ويچارو جهونو ٿي چڪو.
ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي پوري سنڌ اندر ٿيل استقبالن ۾ ڦوٽو رستماڻي پڻ گڏ هو. جيڪي دورا ختم ٿيڻ بعد، جڏهن منهنجي جاءِ، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي آفيس هئي، جنهن ۾ مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي اڳي ئي ٽٽي چڪي هئي. حالانڪ مون گهڻي ئي اختلاف رکيو، رڙيون ڪيون ته سنڌ هاري ڪاميٽي نه ٽوڙيو، ان کي آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو وڃي، جڏهن ته هاري ڪاميٽي جي اها پاليسي رهي ته ڪنهن مڪتب فڪر جو ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، اهو ڀلي ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکندڙ هجي، هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري، ليڪن ڪامريڊ اڳيئي ڄڻ فيصلو ڪري چڪا هئا ته هر فرنٽ کي ٽوڙيو ويندو ۽ ائين ٿيو جو ساٿي ٻارڙا، ڊي ايس ايف مزدور تنظيم ۽ ٻيا جيڪي ترقي پسند ونگس هئا اهي ٽوڙيا ويا. ورڪنگ ڪاميٽي جي انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي پڻ موجود هو.
آخر سنڌ هاري ڪاميٽي کي ٽوڙي ڄڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي مايوس ڪيو ويو. جنهن جي نالي جي سڃاڻپ سان سنڌ هاري ڪاميٽي هلندي هئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٽٽڻ بعد، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حيدرآباد واري رهائشگاهه سنڌ هاري ڪاميٽي ان حوالي ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سڏائڻ لڳو. ڪميونسٽ پارٽي جي زير نگراني هلندڙ سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر، گلاب پيرزادو ته ساڳئي وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند اظهر جتوئي پاڻ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چوندو رهندو آهي. اهڙي نموني سنڌ هاري ڪاميٽي جي طاقت ٽٽندي وئي. جيڪي هاڻي پيرڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جو سڏائي ڪم ڪندو رهندو آهي.
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي بيمار ۽ تڪليفون هوندي، ڪمزوريءَ جي حالت ۾ گڏجاڻين ۾ اچڻ، ساٿين سان رابطو قائم رکڻ جي ڪندو رهندو هو. جنهن جي اوچتي وفات تي ڄڻ اکين اڳيان اونداهه اچي وئي ته آئي ڇا آهي جو ڪيترا ساٿي وڇوڙو ڪندا وڃن پيا.
ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻي جي وفات ان وقت ٿي، جڏهن ڪامريڊ رشيد راڄڙ جي پهرين ساليانه ورسي ملهائي وڃي پئي. ڪجهه ڏينهن اڳ، ڪامريڊ ڄام ساقي جي سالگرهه ملهائي وئي، جيڪو پڻ تازو وڇوڙو ڪري ويو.
کيس اباڻي قبرستان سيد جڙيل شاهه درگاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي.
ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي جسماني موجود ڪونهي. سندس ڪيل جدوجهد، کيس تاريخ جو ورق بنائي ڇڏيو آهي. ھو بيباڪ سياسي ڪارڪن هو.

No comments:

راءِ ڏيندا