; سنڌي شخصيتون: عبدالقيوم ’صائب‘ پيرزادو

31 August, 2019

عبدالقيوم ’صائب‘ پيرزادو


عبدالقيوم صائبپيرزادو
تهذيب جو هڪ نشان گُم ٿي ويو
تاج جويو
ورهاڱي کان پوءِ حُسناڪ ۽ اُجاڙ حيدرآباد جي ٻنهي روپن کي ڏسندڙ آخري اک به ٻُوٽجي وئي. پورهيت ۽ خوددار اديب، عبدالقيوم پيرزادو، پنهنجي تخلص ‘صائب’ جي رُوءِ سان زندگيءَ ۽ زماني جون صعوبتون سهي، لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ سائنسز جي وارڊ نمبر ۱۳ جي خانگي ڪمري ۾ بي وارث ۽ بيواهو ٿي گذاري ويو. ڊاڪٽر قاضي خادم، شوڪت شورو، اسحاق سميجو، موهن مدهوش ۽ آءٌ ‘بسترِ مرگ’ تي عبدالقيوم ‘صائب’ جي مُرجهائيندڙ، مايوس ۽ مياري اکين جو تابُ نه سهي، نيڻ ڀِڄائي موٽي آيا سون، ۽ وري سندس سار لھڻ ئي نه وياسون. البت ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ مون، ثقافت کاتي جي سرواڻن کي موبائيل سنيھو ضرور ڪيو هو ته هن پورهيت اديب جي ڪا سارَ لھي سگهو ته مھرباني، جنھن جو اڪيلو پُٽ وقار رڪشا هلائي گهر جي اٽي ٻاٽ جو مَس پورائو ڪري سگهندو آهي، ۽ ‘صائب’ جي وني، پيرانه ساليءَ ۾ به ڪنهن وڏيري جا ٿانوَ ٿِپا ملي ‘ٻوڙ ٻاڙيءَ’ جو بِلو ڪندي آهي. اڪبر لغاري صاحب، مهرباني ڪري ٻن لکن جو چيڪُ، ‘صائب’ جي اڪائونٽ PK30FAYS3172301900333826 فيصل بئنڪ، ڪلاٿ مارڪيٽ، حيدرآباد ۾ جمع ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو هو، جيڪو مرحوم ‘صائب’ جي ونيءَ ضرور بئنڪ ۾ جمع ڪرايو هوندو. ATM ذريعي پئسا نڪتا هوندا ته واهه، ٻيءَ صورت ۾ چيڪ تي صحيح ڪري، پئسن ڪڍائڻ وارو شخص ته وڃي پرلوڪ پهتو، جتان شاهه لطيف چواڻي:


خبر نه خوابُ، نه ڪو اوٺي آئيو،
هميرن حساب، ڪُھ ڄاڻان ڪھڙو ٿِئو؟
هي ۹۱ سالن جو پيرسن ڏاهو اديب، جيڪو حيدرآباد شهر جي تاريخ، گهِٽين، پارڪن، هوٽلن، ماڳن، عطر عنبير جي پاڻيءَ سان ڌوپندڙ هيرآباد، فقير جي پِڙ، ٽنڊي آغا، ٽنڊي جھانيان ۽ ٽنڊي ٺوڙهي جي ماتم ۽ تعزين، ثابت شاهه جي مرثين کان آگاهه شخص، زندگيءَ جي آخري ٻن سالن کان اڳ، پڪي قلعي ۽ هومسٽيڊ هال واريون گهٽيون هيٺ لھي، گاڏي کاتو اورانگهي، نوودياله هاءِ اسڪول (هاڻي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماڊل اسڪول) اُڪري، ڪاري ڪوٽ سان ڪورٽن ۾ پُڄندو هو، ۽ ٻه ڪيس هلائي، پيٽ قُوت جا پئسا ڪڍي گهر پُڄندو هو، ۽ پاڻ کان ڪافي سال ننڍي پنهنجي ونيءَ جي هٿ تريءَ تي پئسا آڻي رکندو هو، ۽ هوءَ گهر جو گاڏو پئي گيڙيندي هئي ۽ پوءِ جڏهن پيريءَ ۽ بيماريءَ ساڻس اچي سڱُ ڳنڍيو ته وڃي کٽ ڀيڙو پيو- ۽ ان کان پوءِ، جڏهن سندس جيون ساٿڻ کيس چيو ته ”تو ۽ مون خودداريءَ سان زندگي گُذاري آهي ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو آهي؛ هاڻي مون کي موڪل ڏي ته ڪنهن وڏيري يا سيٺ جي گهر باسڻ ماڃي، ٻُھارو ڏئي، ڇنڊ ڦوڪَ ڪري ٻه ڏوڪڙ هٿ ڪريان ته پيٽ جي دوزخ جو ڪو پورائو ڪري سگهجي”- ته هن پورهيت ۽ خوددار اديب کيس ڀِنل نيڻن سان اجازت ڏني ۽ هن ۶۰۰۰ روپين ماهياني تي وڃي، ڪنهن گهر ۾ ‘ماسيءَ’ وارو ڪم ڪيو. (‘ماسيءَ’ جو لفظ، اسان جو تھذيبي لفظ، ‘ماءُ جي ڀيڻ’ وارو مقدس لفظ، ٻاهران آيل ماڻهن، ‘گهر نوڪرياڻيءَ’ لاءِ ڪتب آڻي، هن لفظ جو تقدس ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.) ‘صائب’ اُنهيءَ پورهيت ساٿڻ جي ڪمائيءَ جي ڏوڪڙن مان ڪا سُتي ڦَڪي يا گوري ۽ ڪئپسول وٺي ۽ کائي هلڻ جھڙو ٿيندو هو ته موهن مدهوش جي ڪتاب گهر (ڪويتا پبليڪيشنس) تي اچي نڪرندو هو، ۽ هن صعوبتن جي ماريل ‘صائب’ سان مُکاميلو ٿيندو هو ته سندس مُرڪ ٻڌائيندي هئي ته هو اڃا زندگيءَ مان مايوس نه ٿيو آهي ۽ نارائڻ شيام جو هيءُ شعر چپن تي اچي ويندو هو:
زندگي، مسئلا هزار مگر،
مُرڪ تنهنجي سڀن جو حل آهي.
‘صائب’ اسپتال ڀيڙو ٿيو ته ڪو ‘وس’ وارو وٽس نه ويو، ڇو ته اُنهن جي ‘وس’ ۾ ئي ناهي ته ڪنهن ‘بيوس’ شخص جي سارَ لھن. هُو ته جھان وارن کي شڪايت ئي نه ڪندو هو، رڳو ‘يارن جي دلجوئيءَ’ جو خواهان هوندو هو، ڏک ۽ تڪليفون ته ‘سندس آسائش جو سامان’ هوندا هئا:
درد و غم، رنج و الم سان آھه دِل مانوس ٿي،
منھنجي لئه ڇا خوب آسائش جو سامان ٿي ويو.
اسان کي درد و غم جي ناهه پروا اي جھان وارا!
رڳو ‘يارن جي دلجوئي’ ڪرڻ خاطر خُوشي گهرجي. (صائب)
رات جو  هو اڱڻ جي کٽ تي سُتل هوندي، چمڪندڙ ستارن کي ڏسي، ‘غمِ هستيءَ جا فسانا’ ياد ڪندو هو ۽ ‘دل جي گهاون’ مان روشني حاصل ڪندو هو:
شبِ تاريڪ ۾ رخشنده ستارن کي ڏسي،
‘غمِ هستيءَ’ جو فسانو ٿو اچي ياد اڃا!
تاريڪ دل جي دُنيا، جن سان ٿئي ٿي روشن،
اهڙا ڪي منھنجي دل کي تون داغ ضُوفشان ڏي!
عبدالقيوم ‘صائب’، ڊاڪٽر ابراهيم خليل جھڙي ‘جميعة الشعرائي شاعر’ ۽ ‘عروضي پابندين جي ماهر’ جو شاگرد هو، ۽ خود به ‘عروض جا اهڃاڻ’ جھڙو هڪ اهم ڪتاب لکيو هئائين، پر هُو طبيعت جو بخيل ۽ قنوطيت ۽ رجعت جو پاسدار نه هو، هو وسعت قلب ۽ وسيع ظرف وارو شخص ۽ کليل اکين وارو جھانديده شاعر هو. هن جي دوستي نياز همايونيءَ جھڙي جديد شاعر سان به هئي، جنھن سندس شاعريءَ جي ڪتاب ‘ڏکندو ڏور ٿئي’ (۱۹۹۵ع) تي تفصيلي مضمون ۽ پرکَ/ جائزو لکيو، جنھن ۾ نياز ‘شاعري- ماحول جي اهم ضرورت’ جي سري هيٺ لکي ٿو: “شاعري، ماحول جي ضرورت اُن ڪري ليکي وڃي ٿي، جو اُها پيغام رسانيءَ جو ڪم ٿي ڏئي. اهو پيغام زندگيءَ جي دردمندن لاءِ راحت ۽ مسرت جو باعث بڻجي ٿو. اهو پيغام مظلومن لاءِ خوشخبري آهي ته ظالمن لاءِ تنبيهه ثابت ٿئي ٿو. اهڙي طرح شاعري، جدوجھد، مزاحمت ۽ جياپي سان اُتساهه پيدا ڪري ٿي. شاعري زندگيءَ سان اٿاهه محبت ڪرڻ لاءِ اُڀاري ٿي، پر وقت اچڻ تي خود زندگيءَ جي قربان ڪرڻ جو سبق به سيکاري ٿي:
راند بڻجي کيڏ ‘صائب’، زندگيءَ ۾ موت سان،
سک سبق پرواني کان ۽ خود به هڪ پروانو ٿي !”
‘صائب’ جا الياس عشقيءَ ۽ محمد ابراهيم جويي سان به واسطا هئا. جويي صاحب ‘صائب’ جي اهم ڪتاب ‘عروض جا اهڃاڻ’ (۱۹۸۷ع) بابت لکيو آهي:
“ذاتي طور منهنجي لاءِ خاص خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عربي اصناف سخن جي ميدان ۾ اسان جا محبوب ۽ معزز سنڌي شاعر حضرات پنهنجي شعري ڪاوش جي پرک، پروڙ ۽ صِحت لاءِ سند طور هيلتائين، جو علم عروض تي لکيل ڌارين ٻولين جي ڪتابن ڏانهن رجوع ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيندا هئا، سي هاڻي اهڙي ضرورت محسوس ڪانه ڪندا ۽ ان لاءِ اسان جي عزيز ۽ محترم دوست، صاحبِ علم و فن ۽ قادرالڪلام شاعر جناب صائب جو لکيل هيءُ ڪتاب ‘علم عروض’ هر طرح هنن لاءِ ڪافي ۽ تسلي بخش ثابت ٿيندو.”
عبدالقيوم صائب ‘سنڌي ادبي سنگت’ سان به واسطيدار رهيو، پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان سندس ساهه جو سُٻنڌ، بيڪران ۽ اٿاهه هو، ۽ اُن لاءِ هن جا خيال هن ريت هئا.
منهنجي جندڙي، تو در سنڌڙي، آهي هڪ چاڪر،
ٻانهن ٻڌڙو ٻانهو آهيان، ٻيلي ۽ نوڪرُ!
منهنجي مٺڙي، جيجل سنڌڙي، شال رهين خُورسند،
ماءُ ڏکن ۾ ڏسندي، رهندو ماٺ ۾ ڪو فرزند؟
هي هڏڙين مُٺِ، جڏهن ٽنڊي يوسف جي مقام ۾ دفن ٿي، سنڌ جي سازندن ۽ راڳين زوار بسنت، استاد نياز حسين، غلام نبي عبداللطيف، وحيد علي، فيروز گل، امداد حسين، امانت  گل ۽ ٻين جي محفل ۾ وڃي شريڪ ٿيو آهي، تڏهن اسان پنهنجي هن برک اديب جي مزار تي سندس هي سٽون دُهرائي رهيا آهيون:
گرچه ظاهر ۾ ته اُجڙيو آهه ننڍڙو گلستان،
پر ويو گم ٿي هتان تھذيب جو هڪڙو نشان. (صائب)

1 comment:

  1. تمام سٺي ڄاڻ ملي. مان مشتاق مسرور باريچو جي لکيل جنرل سنڌي ۾ عبدلقيوم صائب جي باري ۾ ڏنل مختصر ڄاڻ مان مطمئن نه ھيس. پر ھتان ھي مضمون پڙھي ھاڻ سرھائي ٿي اٿم

    ReplyDelete