; سنڌي شخصيتون: ديدار بلوچ

16 August, 2019

ديدار بلوچ


ديدار بلوچ
تو وڇوڙيا سوين اي زمانا
ماڪن شاھ رضوي
نئين سال جي پهرئين مهيني سنڌي ادب کان املهه هار جو هڪ قيمتي موتي ڇني ورتو، اهڙو موتي، جنهن جي وڃڻ جي اڃان ويل ڪانه هئي. تمام گهٽ اهڙا انسان هوندا آهن، جيڪي سچ منهن تي ان انداز ۾ چئي سگهن، جو ڪنهن کي ڪنهن پر ڪاوڙ نه اچي ۽ هو پاڻ به مرڪي پوي. ٻن ڪتابن جي ليکڪ شاعر ۽ نثر نويس ديدار بلوچ ۾ اها خوبي اُتم هوندي هئي. بيحد حساس دل رکندڙ، سونهن پرست ديدار جون اهي مرڪندڙ ڳالهيون آخري دم تائين نه رڳو جاري رهيون، پر دل ڪتاب تي هميشه لاءِ لکجي به ويون. ”چُميا چنڊ گلاب“ هن جي پهرين شعري ڪتاب جو عنوان هو، ان ڪتاب جي مهورت تن ڏينهن حيدرآباد جي ان دور واري مشهور ”فٽاز“ هوٽل ۾ ٿي هئي. هن تقريب ۾ ڪيترن ئي شاعرن توڙي اديبن ويچار ونڊيا هئا، هڪ تمام خوبصورت ليکڪه پنهنجي تبصري ۾ چيو ”هي دور جوش ۽ جذبي جو آهي، جڏهن ته ديدار جي شاعري اداس آهي.“ ديدار پنهنجي جوابي تقرير ۾ سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو هو ته، ”هڪ محترمه چيو ته، ديدار جي شاعري اداس آهي، ان کي عرض ڪندس ته جنهن دور ۾ ماٺيڻي اوٺي جهڙو محبوب شاعر عشق جي آڙاهه ۾ پچندي ”سنڌو“ سان لانئون لهي وڃي، (تن ڏينهن ويجهڙائي ۾ نوجوان شاعر ماٺيڻي اوٺي تازو خودڪشي ڪئي هئي) بخشڻ مهراڻوي جهڙو ڪلاڪار درديلا گيت ڳائيندي آپگهات جون ڳالهيون ڪري، ۽ اسان جون محبوبائون وڏي ڪار تي هرکجي هليون وڃن، اتي اسين اداس شاعري نه ڪنداسين ته ٻيو ڪهڙا ڦاڙها مارينداسين؟


ان وقت جي مشهور، معروف ۽ اعليٰ عهدي تي موجود خاتون پنهنجي دور ۾ حسين ترين ليکبي هئي، ان پنهنجي ان دور ۾ آفيس ورڪ پئي ڪيو ۽ ديدار هن کي غور سان ڏسي رهيو هو. اوچتو هن محترمه اکيون مٿي کنيون ۽ مرڪي پڇيو. ”ديدار! ڇا پيا ڏسو؟“ جواب ۾ چيائين ”محترمه!  جنهن دور ۾ ڀٽائي هو تڏهن ڇوڪريون چاقن ۽ ڏانٽن سان نهن ڪپينديون هيون، پر جي لطيف هن دور ۾ هجي ها ۽ اوهان جا اهي رنگين هٿ ڏسي ها ته الائي ڪهڙي شاعري ڪري ها!“ محترمه ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ديدار، دعا ڪريو؟“ ديدار هڪدم وراڻيو، مون سدائين اها دعا گهري آهي ته شال منهنجي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن نه اچي، جو اوهان کي شٽل ڪاڪ جهڙي برقعي ۾ گاڏي کاتي جي ڪنهن ميڊيڪل اسٽور تان ڏاٺ جي سور جي دعا وٺندي ڏسان! ديدار جي ان جواب تي موجود سمورا حاضرين ٽهڪ ڏيئي کلي ويٺا.
هڪ وڏي اعليٰ آفيسر وٽ ڪيسن هلائڻ جي تاريخ رکيل هئي، ذات وڪيل اچي فريادين ۽ جوابدارن سميت گڏ ٿيو هو. اوچتو ديدار به آيو. دروازي تي بيهي چيائين ”بلي، اڄ ته شيطانن جي ڪانفرنس ٿي لڳي!“ سندس عادت ۽ مذاق کي سمجهڻ واري آفيسر کلي چيو ”ديدار يار ڪجهه ته ڌيان ڪر، هڪدم وراڻيائين ”اوهو...سڀني جو اڳواڻ ٻولي ٿو-“ چوڌاري ٽهڪڙا مچي ويا. جن ڏينهن وٽس اڃا گاڏي نه هوندي هئي، تن ڏينهن ديدار ٽانگي تي گهر کان ڪورٽ سڳوري ويندو هو. انهن ڏينهن جو هڪ ڊگهي قد وارو ڪجهه چيلهه کان مڙيل همراهه به ڇوٽي ڪاري پتلون ۽ جهڙو ڪري ننڍي ڀاءُ جو نيلامي ڪوٽ پائي پنڌ ئي پنڌ ڪورٽ کان گهر، ۽ گهر کان ڪورٽ تائين ايندو ويندو هو، سو هڪ ڏينهن ديدار جي ڳچي ۾ پئجي ويو ته اڄ پنڌ ٿا گهر هلون، ان سان صحت سڌرندي- لاچار ديدار ان سان گڏ پنڌ روانو ٿيو، رستي ۾ کين هڪ واقف ڪار مذهبي خيالن وارو همراهه مليو. سلام دعا ڪرڻ بعد همراهه ديدار کي هدايت ڪئي ته، نماز روزي ڏانهن ڌيان ڏيو، نيٺ پڇاڻو ٿيندو. ديدار وراڻيو، يار: اسان جي زندگي جون حسين شامون (پاڻ سان گڏ واري همراهه ڏانهن اشارو ڪري) ههڙن بتال ماڻهن سان پنڌ هلندي گذري ويون، اڃان ٻيا ڪهڙا پڇاڻا ٿيندا؟ اسان جو هڪ دوست بيحد ڪنجوس هوندو هو، ان سان ديدار کي ملائيندي بخشڻ مهراڻوي تعارف ڪرايو ته ان دوست رسمي طور پڇيو، سائين! ٿڌو پيئندا يا گرم؟ ديدار ٺهه پهه وراڻيو، ادا، تون اها هستي آهين، جو محبوبه لاءِ به سستن کارن بسڪوٽن جون پڇائون ڪندو آهين، تنهنجي چانهه يا ٿڌو ڪيئن پيئون؟
اصل مير شير محمد جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ديدار بلوچ، نيٺ ميرپورخاص ۾ پنهنجو گهر ٺهرايو. خان محمد ڇلگري جي هن پُٽ سموري زندگي دوستيون نڀائيندي، ٽهڪ ڏيندي گذاري. جابر ضياءَ جي آمريت وارن ڏينهن ۾ حڪم موجب جڏهن ٽي وي تي اداڪارائن ۽ نيوز ڪاسٽرن روا (پوتيون) پائڻ شروع ڪيون ته هڪ بيحد خوبصورت نيوز ڪاسٽر کي هو اسڪرين تي موتئي جو گل سونگهائيندو هو. هڪ ڀيري اها ڇوڪري اڇو رئو پائي خبرون پڙهڻ آئي ته ديدار دانهن ڪري چيو، الا جهڙو گلاب ڪفن ۾ ويڙهيو پيو آهي. هٿ ۾ سدائين اڻ دُکيل سگريٽ ڦيرائي ڪچهريون ڪندڙ ديدار به ”برين ٽيومر“ جي بيماري ۾ اسان کي ويندي ويندي پنهنجو هڪ ٻيو ڪتاب ”يادون، درد، وڇوڙا“ جي نالي سان ڏيئي نيٺ موڪلائي ويو. پنهنجي محبتن جا ڀنڊار دوستن جي دل ۾ ڇڏي اوچتو هليو ويندڙ هن زندگي جا ڏک سُک کلندي گذاريا. آمريت جي دور ۾ جيل جون تڪليفون به ڏٺيون ته ٽڙيل گلابن سان رهاڻيون به ڪيون. اڄ به کيس ياد ڪندي دل مان درد جي دانهن نڪري وڃي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا