ڳالهيون الاهي بخش سومرو
جون
نسيم بخاري
الاهي بخش سومرو
حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۱۶ مئي ۱۹۲۶ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان
حاصل ڪئي. ۱۹۳۵ع ۾ سندس چاچي شهيد الله بخش سومرو کيس ۽ پنهنجي اولاد کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ
لاءِ ڪراچي موڪليو. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، پر هن سان مسئلو اهو پيش
آيو ته هن جي جيڪا سنگت هئي سا ڪنهن ٻي ليول ۾ هئي ۽ هي يار جنهن بيچ ۾ هو اتي هن
جو ڪو واقف ئي نه هو، سو هن اهو سور پنهنجي چاچي سان سَليو جيڪو ان وقت سنڌ جو
وزيراعليٰ هو. هن اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي فون ڪري ان سان ملڻ
لاءِ وقت گهريو، وائيس چانسلر کيس چيو ته سائين ٻه ڏينهن ته صفا مصروف آهيان، ٽئين
ڏينهن اوهان اچي مون سان ملي سگهو ٿا. سو ٽئين ڏينهن تي وائيس چانسلر جي آفيس وڃي
کيس سڄي ماجرا ٻڌايائين، جنهن الاهي بخش سومرو کي ان بيچ ۾ شامل ڪيو. جنهن ۾ هن جا
سنگتي شامل هئا. اهڙيءَ ريت الاهي بخش سومرو اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان سول
انجنيئر بڻجي ويو. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين ۽ اهليت جي بنياد تي هو پاس
به ٿيو. ۱۹ سالن جي عمر ۾ والدين جي مرضيءَ کان سواءِ هن هڪ هندو ناريءَ کي مسلمان بڻائي
پيار جو پرڻو ڪيو. جنهن جو والد شڪارپوري هو ۽ امڙ حيدرآباد جي هئي. هن پنهنجي
پيار جو احوال جڏهن ڪوئيٽا ۾ موجود پنهنجي مرشد سان ڪيو ۽ عشق هٿان بي انتها
مجبوريءَ وارو داستان ٻڌايو ته هن کيس چيو ته تون ڪوئيٽا هليو اچ هتي ناريءَ کي ڪلمو
پڙهائينداسين ۽ تنهنجو نڪاح به ڪرائينداسين. اهڙيءَ ريت تنهنجو والد به تو تي اسان
جي مداخلت ۽ شفقت جي ڪري گهٽ ناراض ٿيندو. الاهي بخش سومرو ڪوئيٽا ۾ هڪ سنگتيءَ وٽ
رهيو ۽ هن کان هن جو والد پورا پنج سال ڪاوڙيل رهيو ۽ ڪاوڙ ان ڪري هئي ته هن ڪنهن
خاندان جي نياڻي ڀڄائي جيڪا شادي ڪئي آهي سا ڳالھ اخلاقي ۽ سماجي حوالي سان ڪنهن
به طرح سان ٺيڪ نه هئي. بحرحال الاهي بخش کي جڏهن اولاد ٿيو ته هن جي والد جي دل ۾
نرمي پيدا ٿي. هو پنهنجي نُنهن سان ته پيار سان ملندو هو، پر پورا پنج سال پٽ،
پيءُ جي ڪاوڙ جي خوف سبب هن جي منهن تي نه چڙهيو. الاهي بخش سومري جو هندو ناريءَ
سان پيار جو پيچ اڙجڻ پويان هن جي پريميڪا جي ڀاءُ سان دوستيءَ ۽ گڏ پڙهڻ جو وڏو
عمل دخل رهيو. جنهن الاهي بخش سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو ۽ هن سان هن جي
پيار جي شاديءَ واري سپني جي ساڀيان ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. الاهي بخش کي پنهنجي
گهرواري زندگيءَ جي هر دور ۾ ايتري پياري رهي جو سرعام اهو چوندي ٻڌو ويو ته جيڪڏهن
مون کي ڪا ٻي زندگي ملي ۽ ان ۾ زال جي چونڊ جو چيو وڃي ته آءُ پنهنجي محبوب
گهرواريءَ کي ترجيح ڏيندس.
الاهي بخش سومرو جي
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان لاس اينجلس آمريڪا ۾ پهرين ملاقات ٿي هئي. جيڪا بعد ۾
دوستيءَ ۾ بدلجي وئي هئي. لنڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اي ڪي بروهيءَ وٽ وڪالت جي
پريڪٽس ڪندو هو ته اڪثر الاهي بخش سومرو هن سان ساڻ ويندو هو ۽ گڏ موٽندو هو. ذوالفقار
علي ڀٽي جي نصرت ڀٽو سان شاديءَ جا انتظام به الاهي بخش سومرو پنهنجي ۽ ڀٽي جي گڏيل
دوست مرحوم ڪريم داد جوڻيجو سان گڏجي ڪيا هئا. ڪريم داد جوڻيجو، خير محمد جوڻيجو ۽
علي خان جوڻيجو جو ڀاءُ هو جيڪي وزير به رهيا آهن، ذوالفقار علي ڀٽي ئي پنهنجي
وزارت عظمي دوران الاهي بخش سومرو کي ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۷ع تائين لنڊن جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر بڻايو هو. ڀٽي جي حڪومت
جي ضياءُالحق پاران تختي اونڌي ڪرڻ تائين الاهي بخش سومرو لنڊن سفارتخاني ۾ ئي هو.
ضياءُالحق جا ڪن ڀريا ويا ته لنڊن سفارتخاني ۾ متعين ماڻهو سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي
جو ويجهو دوست آهي. اهڙي رپورٽ ملڻ تي ضياءُالحق، الاهي بخش سومرو کي ٿڏي تي هٽائي
ڇڏيو پوءِ جڏهن حاجي مولا بخش سومرو جي دعوت تي هو آيو هو ته کيس اهو معلوم ٿيو ته
جنهن شخص کي ڀٽي دشمنيءَ جي ڪري عهدي تان فارغ ڪيو ويو هو سو ڪو ٻيو نه پر حاجي
مولا بخش سومري جو فرزند ئي هو. اهڙي انڪشاف ٿيڻ تي ضياءُالحق کي شرمندگي به ٿي ته
پڇتاءُ به ۽ هن مولا بخش سومرو کي ٺھ پھ چئي ڏنو هو ته جنهن وقت مون الاهي بخش کي
هٽايو ٿي، تڏهن توهان مون سان ڳالھ ڇو نه ڪئي هئي. موٽ ۾ مولا بخش کيس چيو هو ته
توهان پڇيو ئي نه هو، ساڳي ئي وقت اها به حقيقت آهي ته ڀٽي جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي
هئي ۽ ان ۾ حاجي مولا بخش سومري شموليت کان انڪار ڪيو هو ته اها ڳالھ ڀٽي کي پسند
نه آئي هئي، ان ڪري اهو ڪاوڙجي پيو هو ۽ جن سوين ملازمن کي هن نوڪريءَ مان ڪڍيو هو
تن ۾ الاهي بخش سومرو به عتاب هيٺ آيو هو. نه رڳو ايترو پر هن تي پنهنجي مل جي هڪ
ملازم جي قتل جي ارادي جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي به پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر جڏهن
اها ڪارگر نه ٿي ته الاهي بخش سومرو تي پاڪستان ڊفينس وارو ڪيس داخل ڪري ۴/۵ مهينا جيل جي هوا کارائي وئي هئي. جڏهن
هيءُ آزاد ٿيو هو ته اهو رات جو وقت هو ۽ رات جي وقت الاهي بخش سومرو آزاد ٿيڻ نه
پئي گهريو ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تازو تازو فقير عاقل کي رات جو جيل مان ڪڍي ماريو
ويو هو. ان ڪري الاهي بخش کي به امڪاني خطرن جو ڊپ ٿي رهيو هو پر کيس ذوالفقار علي
ڀٽو جي گهر پهچايو ويو هو، جتي ذوالفقار علي ڀٽي هن کان حال احوال پڇيو ته هن موٽ
۾ مرڪي جواب ڏنو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کيس گهر وڃڻ جو اشارو ڪيو هو.
سال ۱۹۸۰ع کان سياست ۾ ايندڙ الاهي بخش سومرو انڊس
واٽر ڊسپيوٽ جو سنڌ مان ميمبر بڻجي لنڊن به ويو هو. جتي سنڌ جي پاڻي ڪيس جي
نمائندگي به ڪئي هئائين.
قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر رهندڙ الاهي بخش سومرو جو خيال آهي ته فردن بدران ادارا مضبوط هئڻ گهرجن ڇو
ته فرد جڏهن طاقتور ٿين ٿا ته فرعون بڻجي وڃن ٿا. هن کي ڏينهون ڏينهن غريب جو غريب
ٿيڻ ۽ امير جو امير ٿيڻ به تڪليف ڏئي ٿو.
انٽرنيٽ ڀل ته
الاهي بخش سومرو جي حوالي سان اها معلومات ڏيندي هجي ته هو اين اي ڊي انجنيرنگ ڪاليج
ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي. ۱۹۹۵ع ۾ ضياءُالحق جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو وفاقي
وزير رهيو ۽ ۱۹۸۵ع وارين چونڊن ۾ بنان مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو ويو. جڏهن ۲۹ مئي ۱۹۸۸ع تي جنرل ضياءُالحق محمد خان جوڻيجي جي حڪومت
برطرف ڪري نگران ڪابينا ٺاهي ته ان ۾ کيس اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير بڻايو
ويو هو. ۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۷ع ۾ مسلم (ن) جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي ميمبر به چونڊيو ويو پر اسان جيڪي مٿي
تفصل بيان ڪري آيا آهيون سي نه ته ڪنهن ٻڌ سُڌ تي مشتمل آهن نه ئي وري ڪا سنڌي
شخصيتن واري ويب سائيڊ تان کنيل ڄاڻ آهي. اهي ڳالهيون الاهي بخش سومرو جي خود
پنهنجي زبان سان چيل آهن ۽ يوٽيوب تي موجود سندس انٽرويوز ۾ آهن.
ائين به ٿي سگهي ٿو
ته الاهي بخش سومرو جي حوالي سان ڳالهين بيان ڪرڻ جي ترتيب ۾ ڪا هيٺياهين ۽ مٿياهين
ٿي هجي پر اهي ڳالهيون سو سيڪڙو سچ آهن. الاهي بخش سومرو جي بيماري جي مسلسل ايندڙ
خبرن ۽ بعد ۾ طبيعت جي ڪجھ بهتريءَ ۽ گهر منتقليءَ وارا اطلاع ملندا رهيا ته دل
چيو ٿورو وقت ڪڍي الاهي بخش جي شخصيت کان واقفيت حاصل ڪجي ۽ اها واقفيت وري پنهنجي
پڙهندڙن سان به ونڊجي.
بحث ان ڳالھ تي نه
آهي ته ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي، پر جنهن جي جيڪا به سڃاڻپ رهي آهي، اها سڃاڻپ
تاريخ جو حوالو آهي ۽ اهو هر وقت پنهنجي پوري تعارف سان موجود رهڻو آهي. الاهي بخش
سومرو جي جيون ۾ جهاتي پائڻ سان کوڙ ساريون اهڙيون ڳالهيون نڪري نروار ٿين ٿيون جن
سان عام طور تي هر عام و خاص ماڻهوءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪي ڪنهن به طبقاتي
تضاد تائين محدود نه آهن نه ئي وري ڪن حدبندين ۾ انهن کي قيد ڪري سگهجي ٿو. الاهي
بخش سومري جي سياسي حوالن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سندس ذاتي حوالا نه رڳو
منفرد پر دلچسپ به آهن، اهي عام به آهن، سادا به آهن ۽ انساني فطرت ۽ احساسن جا ڀرپور
عڪاس به آهن.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا