سيما عباسي صاحبه
استاد لغاري
محترمه سيما عباسي
صاحبه جو جنم، ۱۸ اپريل ۱۹۷۳ع تي، لعل محمد عباسي صاحب جي گھر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. تعليمي مرحلن مان گذرڻ کان
پوءِ، جڏهن عملي ۽ شعوري زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿي، ته پنهنجي آس پاس انيڪ انيائن،
اهنجن، پيڙائن، مظلوميت ۽ ٻين مسئلن جو مهاساگر موجون ماريندو ڏسي ٿي. انساني
اُمنگن ۽ آدرشن جو سرِ عام قتلِ عام ٿيندو ڏسي، انهن جي خلاف پنهنجي مقدس قلم کي
جنبش ۾ آڻي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجن جذبن ۽ ڪيفيتن کي، ڪوري ڪاغذ تي
اُتارڻ جي لاءِ، سڀ کان پهريان شاعريءَ جو سهارو ورتو. آئون هن وقت ڪيترا ئي
رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون اٿلائي ڏسان ٿو، ته انهن ۾ محترمه سيما عباسي صاحبه جون
تحريرون مون کي ڀليڪار ڪن ٿيون. خاص ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب “لفظن ڀوڳيو آ
بنواس” جي مطالعي کان پوءِ، اها ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي، ته “آدمي هر دم دُکي آهي سڄڻ!”.
مون پنهنجي ابتدائي
ادبي دور ۾، جن خوش نصيب ڀينر ليکڪائن ۽ اديبائن کي پڙهيو ۽ علم و ادب جي اُفق تي
چمڪندي ڏٺو، انهن ۾ محترمه نورالهديٰ شاھ جو نالو سرِ فهرست آهي. ان بعد
خيرالنساءَ جعفري، سحر امداد ۽ ج ع منگھاڻي صاحبه جو ستارو به، ٻين ڪيترين ئي ڀينر
ليکڪائن کان وڌيڪ روشن رهندو آيو آهي. جيڪا ڳالھ علم و ادب جي کيتر لاءِ، نهايت ئي
سهڻو سوڻ ثابت ٿئي ٿي. ان کان بعد ۾، يعني ھاڻوڪي ويجھي دور تي سراسري نظر ڊوڙائينداسين،
ته محترمه زيب نظاماڻي، مهرالنساءَ لاڙڪ، ثمينه ميمڻ، گل بدن جاويد مرزا، نجمه
پنهور، ثريا سوز ڏيپلائي، اندرا شبنم پونا والا، پشپا ولڀ، سلطانه وقاصي، سنڌيا
شاھ، شگفته شاھ، روبينا ابڙو، زاهده تاج ابڙو، شاھده کوکر، رخسانا پريت چنڙ،
فرزانا سنڌو، گل بيبي شاھ ۽ فهميده شرف بلوچ صاحبه جا نالا به علم و ادب جي آسمان
تي پنهنجي جوت جلايو بيٺا آهن. جيستائين پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو تعلق
آهي، ته سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو هڪ وڏو جهان آهي. ھو اعليٰ پائي جي ليکڪا آهي.
هن جي باري ۾ اسان ڪجھ به لکون يا نه لکون، ڪوئي فرق نه ٿو پوي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي
چئجي، ته اها اسان جي ليول کان تمام گھڻو وڏي ليکڪا آهي. اسان فقط پنهنجي ھمعمر ۽ ھمعصر
يا ادبي ليول رکندڙ اديبائن تي ئي لکڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ ٻيو بس.
محترمه سيما عباسي
صاحبه اھڙين چند ۽ چونڊ خوش نصيب ڀينر ليکڪائن مان هڪ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ نه
فقط سهڻي صورت سان نوازيو آهي، پر سهڻي سيرت، سهڻين تحريرن، نيڪ جذبن ۽ پاڪيزه
خيالن سان پڻ مالا مال ڪيو آهي. مون هن کان اڳ ۾، محترمه فهميده شرف بلوچ صاحبه جي
شاعري ۽ شخصيت جي باري ۾ ڪجھ لکيو هيو. منهنجي انهيءَ ليک کي، ڪيترين ئي اخبارن،
رسالن ۽ ڪتابن پنهنجي جيءُ ۾ جايون ڏنيون هيون. منهنجي دلي خواهش هئي، ته آئون
محترمه سيما عباسي صاحبه بابت به هڪ اڌ ليک اهڙو لکان، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾، امر ڇاپ
ڇڏي وڃي، ليڪن هن وقت لفظ مون کان رسي ويا آهن ۽ لفظن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسن ئي نه ٿا.
مون محترمه فهميده
شرف بلوچ صاحبه جي ڪتاب “ اُماس راتيون اُداس رستا” کان پوءِ، محترمه سيما عباسي صاحبه
جي ڪتاب “لفظن ڀوڳيو آ بنواس” کي بغور پڙهيو آهي. ان کان علاوه سندس مختلف مضمون،
مقالا، مهاڳ، تاثر ۽ انٽرويو به پڙهيا آهن. جن مان پتو پوي ٿو، ته “شايد حسد ۽ ساڙ
جي ڪا به سرحد نه ٿيندي آهي. منافقي هر حساس ماڻهوءَ جو پيڇو ڪري ٿي. بدخواهيءَ جي
باھ نه فقط ڪاٺيون ساڙي ٿي، پر اُها ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جو ستيا ناس ڪري ٿي ۽
انهن جا جھُڳا جھڻ ڪرڻ جي لاءِ، مسلسل متلاشي رهي ٿي”. سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز، توڙي مون (استاد لغاريءَ) تائين، انهيءَ اتياچاريءَ
جا اُلا پهتا آهن. اسان جي ڀيڻ محترمه سيما عباسي صاحبه هڪ هنڌ لکي ٿي، ته “حساس ٿيڻ
هن دور جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. بي وسين جي بيابانن ۾، جڏهن سچايون پنهنجا پير پٿون
ڪري، نارسائين جي منزلن تي پڄي وينديون آهن، تڏهن اذيت جا انيڪ احساس، اکين جي ماڻڪين
۾، هڪ منجمند تاثر جهڙي ڪيفيت بيهاري ڇڏيندا آهن. هي تيرن جا تمغا، ٺٺولين جا ٺڪر
۽ تهمتن جا ترانا، آخر ڪيستائين اسان جي احساسن جو اندر ڪوريندا رهندا؟ سب ني رد ڪر
ديا تو ڦر مين ني، اپني ھوني ڪا اعتراف ڪيا”.
رجعت پرست ۽
دقيانوسي اديبن ۽ نقلي نقادن، اسان جي علم و ادب کي جيڪو نقصان پهچايو آهي، ان جو
حساب ڪتاب، تاريخ کي اڃان ڪرڻو پوندو. شاھ جي رسالن تي آڌاريل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
جي جلد نمبر ڏهين ۾، ڪٿي به لکيل ڪونهي، ته شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي ترجمو ڪنهن
جو ڪيل آهي. ساڳئي جلد ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي، ته شاھ جي رسالي جو آخري رنگين قلمي
نسخو ڪنهن جو لکيل آهي. ساڳئي جلد ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي، ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، سٽ
وار سمجھاڻيءَ سان لکيل شاھ جو رسالو ڪنهن جو تحرير ڪيل آهي. اهڙيءَ ريت، نقلي
نقادن ۽ ھٿرادو حاسدن، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي نه فقط تاريخي جلدن کي، بلڪه ٻين
به ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي تاريخ کي نقصان پهچايو آهي ۽ اڃان نقصان پهچائي رهيا
آهن، ان جو جيترو به افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي. شيخ اياز چيو هو، “مينڌرا! تو ڦٻي وئي
مومل، نه ته ڪاڪ تي ڪيترا ڪُٺل آهن”. اي نامي گرامي حاسدو! اوهان کي اوهان جو حسد
ھميشه ڦٻندو رهيو آهي، نه ته اوهان جي ڪُلفت واري ڪاڪ تي، ڪيترن ئي قدردانن جا سر،
اوهان جي قلم سان قلم ڪيل آهن.
مون کي ياد ٿو اچي،
ته خليل جبران پنهنجي ڪتاب “سپون” ۾، هڪ هنڌ لکيو هو، ته “مون بڪبڪين کان خاموشي، ظالمن
کان مهرباني ۽ ڏاڍن کان نرمي سکي آهي”. ساڳي وانگر محترمه سيما عباسي صاحبه لکي ٿي،
ته “زندگيءَ ۾ جڏهن ڪي ماڻهو، اسان جي اکين ۾، روين جي رئي اڇلائي، پنهنجيءَ پر ۾
اسان کي انڌو ڪري هليا ويندا آهن، ته انهن جي ان عمل سان، اسان اڃان ويتر وڌيڪ
بهتر انداز ۾ ڏسڻ لڳندا آهيون. اهڙيءَ ريت، انهن ماڻهن جا ٿورا مڃڻ ۽ احسان مند ھئڻ
گھرجي، جن جي بيرحمي، اسان کي نيازمندي ۽ نوڙت سيکاري ڇڏيندي آهي”. ھن وقت خوشبوئن
جي شاعره ۽ ليکڪا، محترمه سيما عباسي صاحبه جو ستارو بيشڪ بلند آهي. اخبارون، رسالا،
مئگزينون، ڪتاب، ريڊيا توڙي ٽيليويزن وغيره کيس ڪوريج ڏين ٿا ۽ عزت افزائيءَ ڪري،
سندس مان مٿاهون ڪن ٿا. انهيءَ ڪاميابي ۽ منزل ماڻڻ ۾، ھن جي پنهنجي محنت، اوجاڳا
۽ اوسيئڙا ضرور شامل آهن. رنگ، پٿر ۽ قلم جو پورهيو ڪڏهن به رائگان نه ويندو آهي.
دعا آهي، ته محترمه سيما عباسي صاحبه اڃان وڌيڪ لکي، پڙهندڙن جو پيار ماڻي ۽ جڳ جڳ
جيئي.
No comments:
راءِ ڏيندا