; سنڌي شخصيتون: صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي

31 August, 2019

صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي


صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي
مختيار ملاح
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ (۱۸۶۸_۱۹۳۱ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ۱۸۹۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. ۱۹۱۷ کان ۱۹۲۷ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽ پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين.
ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب: ”بلوکوکر“ (ناول ۱۹۳۰ع)، ”تارن جو اڀياس“ (ناول ۱۹۳۰ع) ۽ ”سيل پري“ (قصو) اهم آهن.


ايس سي شاهاڻي جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو ته ڪاليج ۾ قائم ڪيل انجنيئرنگ، قانون ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. شاهاڻي صاحب پارسي واپاري جمشيد مهتا جي مدد سان ايڊلجي ڊنشا ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خاندان کان چندو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پرنس آف ويلز فنڊ مان به کيس ۵۰ هزار روپيا مليا. اهڙيءَ ريت ايس سي شاهاڻي ۱۹۲۲ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊي) نالي پويان رکيو ويو.
ايس سي شاهاڻي، اين اي ڊي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کانپوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان شاهاڻي صاحب ۱۹۲۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ‘سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج’ قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سي شاهاڻيءَ جي تعليمي خدمتن سبب اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تائين هي ڪاليج ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو.
شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڪاليج ايس ايم ڪاليج جي نالي سان اڄ به هلي رهيو آهي. شاهاڻي صاحب حقيقي تعليمدان هو، هو نه رڳو روشن خيال هو پر سندس نظر مستقبل جي تعليمي ضرورتن تي هئي، هن کي اهو احساس هو ته سنڌ زرعي طور خوشحال پرڳڻو آهي، ان لاءِ اڳتي هلي زرعي ماهرن جي ضرورت پوندي، ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ‘سنڌ زرعي ڪاليج’ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي.




صاحب سنگھ چندا سنگھ شهاڻي

سنڌ ۾ جديد تعليم جو باني

مختيار احمد ملاح

سنڌ جي تاريخ، عالمن، اديبن، ساڃاه وندن ۽ دانشورن سان ڀري پئي آهي. سنڌ ۾ صرف موقعن جي کوٽ رهي آهي. صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي اچي نه سگهيا آهن. جڏهن جڏهن، ڪنهن به صحيح ماڻهو کي صحيج جاءِ تي رکيو ويو، ان پنهنجي عمل، ڪردار ۽ خداد صلاحيتن سان پنهنجي اهميت کي مڃرائي تاريخ ۾ نالو رقم ڪري ڇڏيو، اهڙن نالن ۾ هڪ صاحب سنگهه چندا سنگهه جو آهي، جنهن سنڌ ۾ جديد علمن کي متعارف ڪرائڻ ۾ پنهنجو نالو امر ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخ تي پنهنجا نشان ڇڏيا آهن.

صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي جو جنم حيدرآباد ۾، سن ۱۸۶۶ع ۾ ٿيو. هو صرف سٺو منتظم نه هو، پر هڪ بهترين اديب به هو. ڊي جي ڪاليج جي اڏيندڙن مان هڪ به هو. سندس پتا چندا سنگهه ڪانسنگهه حيدرآباد جي اوائلي آنرري مائجسٽريٽن مان هو. پنهنجي اوطاق جي کٽ تي ويهي مقدما هلائيندو هو. صاحب سنگهه شهاڻي ۽ ڏيارام گدومل شهاڻي پاڻ ۾ سوٽ هئا. سندس باري ۾ ڀيرومل لکيو آهي ته ديوان صاحب سنگ پنھنجو مٽ پاڻ هو. راج رشي ديوان ڏيارام گدومل وانگر بمبئيءَ جي سفر جون سختيون سھي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڃي پڙهيو ۽ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ اڳي رڳو يورپي پرنسپال مقرر ڪندا هئا. هي پھريون کي سنڌي هو جو سنڌ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. جھڙو هو قابل تھڙو ئي هو ديا ۽ حشمت وارو، ۽ شخصيت به شھاڻي هيس. راج رشي ديوان ڏيارام گدومل سنڌ سان گھڻيئي ڀال ڀلايا، ته هن شير مڙس به سنڌ سان وڏا ٿي وڙ ڪيا. اهو مڙس هو جنھن نه رڳو سنڌ ڪاليج کي اوج تي آندو، پر انجنينئرنگ ڪاليج ۽ ”لا“ ڪاليج به بريا ڪرايائين. زرعي ڪاليج ۽ ڪمرشل ڪاليج کولڻ ۽ سنڌ ۾ يونيورسٽي برڀا ڪرن جا روزمره سپنا پيو لھندو هو“.

تعليمي سرگرميون

صاحب سنگهه، بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان ۱۸۹۱ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي پاس ڪئي. هو سنڌ جي تاريخ جو ٻيو سنڌي هو، جنهن ۱۸۹۱ع ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پهريون سنڌي هو، جيڪو ۱۸۹۶ع ۾ ڊي. جي. ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ۱۹۱۷ کان ۱۹۲۷ع تائين ڪاليج جو پرنسيپل رهيو. تمام سخت منتظم هوندو ۽ بهترين استاد هوندو هو. سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. ڪاليج ۾ ”لٽرري ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ“ وسيلي تمام وڏي پيماني تي مقابلا ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار آهي. ڊي جي ڪاليج جي مسليني به سندس دور ۾ عروج تي پهتل هئي، جنهن ۾ پاڻ به انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. شاگردن جي سکيا لاءِ الڳ ليڪچر پروگرام رکندو هو ۽ پاڻ به ليڪچر ڏيندو هو. اڪثر ڪري، ڪاليج جي لان (lawn) تي شاگردن سان ڪچهري ڪندو ۽ کين ليڪچر ڏيندو هو، جتي ٻيا استاد به شامل هوندا هئا. ڊي جي ڪاليج جي مسليني به سندس دور ۾ عروج تي پهتل هئي، جنهن ۾ پاڻ به انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرڪ جي امتحان لاءِ ”سنڌيءَ“ جو ممتحن هو. سندس ئي ڪوششن سان ۱۹۲۴ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ بي اي جي سطح تائين ”سنڌيءَ“ کي نصاب ۾ آندو ويو. پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ”سينيٽ“ جو ميمبر، ۽ ”سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز“ جو چيئرمن ٿي رهيو. سنڌ جي جديد تعليم کي متعار ڪرائڻ ۾ سندس تمام وڏو ڪردار آهي. هن ڪي ئي نوان ادارا جوڙيا:

انجنيئرنگ ڪاليج

سنڌي ماڻهن جو ٽيڪنيڪل تعليم ڏانهن گهڻو ڏيان نه هو. ان کان علاوه ٻارن کي سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪراچي پهچڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي جو اچڻ وڃڻ جو ڪو به مناسب بندوبست نه هوندو هو. ڪجهه وقت لاءِ ڊي جي ڪاليج ۾ ڪلاسن جو بندوبست هوندو هو، جيڪو اڻ پورو هو. ويهين صديءَ جي اوائل ۾، جڏهن سکر بئراج تعمير ٿي رهيو هو، ته ڊي جي ڪاليج جي پرنسيپل ايس. سي. شهاڻيءَ، بئراج جي اڏاوت جي سلسلي ۾ انجنيئرن ۽ ٻين هنرمندن جي ضرورت کي محسوس ڪندي، ڪراچيءَ ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج جي قيام جو فيصلو ڪيو. شهاڻي صاحب ان موقعي مان فائدو وٺندي ۲۹ آگسٽ ۱۹۲۱ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر وسيلي بمبئيءَ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي وئي، جو ڊي جي ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل هو، يونيورسٽيءَ خراب مالي حالتن سبب سنڌ ڪاليج بورڊ کي انجنيئرنگ ڪاليج جي اجازت نه ڏني. بعد ۾ ان منصوبي جي خرچ جو پورائو، شهرين جي چندي مان ڪيو ويو. ان وقت شهرين طرفان ۵۳ هزار رپين جي رقم گڏ ڪئي وئي ۽ ۱۹۲۲ع ۾ ”پرنس آف ويلز“ جي نالي تي هيءُ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن جو انتظام سنڌ ڪاليجئيٽ ائسوسيئيشن جي حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ممتاز سماجي شخصيت جمشيد نسروانجي مهتا، پنهنجي ڪوششن سان، ان وقت جي هڪ امير شخص ”نادرشاهه ايڊل جي ڊنشا“ جي وفات تي، سندس وارثن کان ڏيڍ لک جي رقم عطيي طور وٺي، ڪاليج تي خرچ ڪري، ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. ۱۹۲۲ع ۾ انجنيئرنگ جا ڪلاس ڊي جي ڪاليج مان ختم ڪري، نئين ڪاليج ڏانهن منتقل ڪيا ويا. هي سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهرئين انجنيئرنگ ڪاليج آهي.

ايس سي شهاڻي لا ڪاليج

ڊاڪٽر جيڪسن جي دور ۾ ڪاليج انتظاميه ٿوري عرصي ۾ قانون جا ڪلاس به شروع ڪري ڏنا، پر بمبئي يونيورسٽي، انهن جي اجازت نه ڏني. بهرحال ۱۸۹۰ع ۾ قانون جي ڪلاسن جي منظوري اچي وئي. سنڌ جي تاريخ جو پهريون قانون جا ڪلاس وٺندڙ ان دور جو پراسيڪيوٽر مسٽر ٽهلرام کيمچند هو، جنهن کي لا (Law) جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. قانون جو شعبو ۱۹۰۸ع تائين بمبئي يونيورسٽيءَ پاران ختم ڪرڻ تائين ڪم ڪندو رهيو، پر اڳتي هلي هڪ دفعو ٻيهر، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان ايس سي شهاڻي ۱۹۲۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ”سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج“ قائم ڪيو، پر بعد ۾ ان جو نالو تبديل ڪري پرنسيپل ايس سي شهاڻي لا ڪاليج“ رکيو ويو. ان دور ۾ ڪراچي جا سينيئر وڪيل قانون پڙهائيندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڀاءُ هاسومل مولچند گربخشاڻي پڻ ۱۹۱۱ع ۾ هن ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ وڏو نالو ڪمايائين. هن ڪاليج ۾ پرنسيپل ايس سي شهاڻيءَ جو وڏو پٽ پرتابسنگ صاحبسنگ، ۱۹۰۰ع ڌاري ڪاليج ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ بار ائٽ لا بڻيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. بعد ۾ ايس سي لا ڪاليج جو پرنسيپل پڻ بڻيو.

سنڌ آرٽس ڪاليج

ڊي جي سنڌ ڪاليج، بنيادي طور تي آرٽس ڪاليج هو، پر هڪ ٻن سالن جي اندر، سائنس جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا. ۱۹۴۰ع ۾ سائنس ۽ آرٽس فيڪلٽين کي الڳ ڪري خود مختيار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي، ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. آرٽس شعبي جو ڊين پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو اڳتي پرنسيپل بٽاڻيءَ سان گڏ وائيس پرنسيپل ۽ ڊين آف آرٽس به رهيو. ڊي جي ڪاليج جي هن ونگ تي اڳتي هلي، سنڌ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو ويو، جيڪو اڄ به موجود آهي.

زرعي ڪاليج

سنڌ هڪ زرعي ملڪ هجڻ ڪري، سنڌ جي اسڪولن ۾ زراعت جي تعليم جو ڪورس رکيل هوندو هو. بمبئي پريزيڊنسيءَ جي زرعي کاتي سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ زرعي فارم ۽ زراعتي کوجنا جا مرڪز کوليا. ۱۸۸۱ع ۾ حيدرآباد ۾ زرعي اسڪول جي شروعات ٿي، پر اهي صحيح نموني ڪم نه ڪري سگهيا. ايس سي شهاڻي، ڊي جي ڪاليج کي صرف آرٽس ۽ سائنس تائين محدود رکڻ نه ٿي چاهيو، ”ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ”سنڌ زرعي ڪاليج“ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي ۽ سندس اهو خواب اڻپورو رهجي ويو. بهرحال، اڳتي هلي، هند سرڪار سڪرنڊ ۽ لاڙڪاڻي ۾ زرعي اسڪول/ ڪاليج قائم ٿيا.

سنڌ يونيورسٽي جو قيام

سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ايس سي شهاڻيءَ سرگرمي ڏيکاري. ان سلسلي ۾ ڊي جي ڪاليج جي تاريخ لکندڙ پروفيسر ايل ايڇ اجواڻيءَ موجب ”سنڌ ۾ يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻ شهاڻيءَ جو خواب هو، جيڪو هو ڏينهن جو به ڏسندو هو، ان لاءِ هن گذريءَ واري پاسي زمين به ڏٺي هئي. هن ان رٿا تي تمام گهڻو ڪم به ڪيو هو. هن ڊي جي ڪاليج بورڊ ۽ بمبئي سرڪار کان منظوري به وٺي ڇڏي هئي. پر يونيورسٽيءَ لاءِ تجويز ڪيل زمين جو اگهه مناسب نه هئڻ سبب ان تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو“.

ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪوششون

پروفيسر پادشاھ کان پوءِ، ديوان صاحب سنگھ چندا سنگھ شھاڻيءَ سنڌ ڪاليج کي هيڪاري وڌيڪ اوج تي آندو ۽ سندس ڪوشش سان ڇوڪريون ڪاليج ۾ داخل ٿيون ۽ اعليٰ تعليم وٺڻ لڳيون. اهڙي مثال وجهڻ لاءِ، اول پنھنجي وڏي نياڻي ڪاليج ۾ داخل ڪرايائين، جنھن بي. اي پاس ڪئي. پوءِ سندس ٻيون نياڻيون به ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳيون، ته ٻين ڇوڪرين ۾ پاڻ مرادو رشڪ جاڳي. ڇوڪرين جي مائٽن کي خاطري هئي ته پرنسپال شھاڻيءَ جھڙو نرم دل جو ڪاليج جو انتظام هلائي رهيو آهي. ائين زناني تعليم زور ورتو. موتيرام ايس رامواڻيءَ لکيو آهي ته”ڪراچي ڪاليج ۾، پهرين سنڌي ليڊي اسٽوڊنٽ، جنهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، سا هئي مس رڪي صاحبسنگهه شهاڻي. هوءَ پرنسپال ايس. سي. شهاڻيءَ جي سپتري (ڌيءُ) هئي. هن ۱۹۲۰ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پهرين سنڌي ليڊي گريجوئيٽ بنجڻ جو شرف حاصل ڪيو. ڪاليج ۾ هوءَ ”فيلو“ پڻ هئي. شاديءَ کان پوءِ هوءَ گدواڻي (مسز) رڪي سهجرام نالي سان ٿي“.

رٽائرمينٽ ۽ ادبي سرگرميون

۱۹۲۷ع ۾ ۶۰ ورهين جي عمر ۾ ڪاليج مان رٽائر ڪيائين، سندس رٽائرمينٽ تي ڪاليج طرفان سندس مان ۾ شاندار الوداعي پارٽي ڪئي وئي هئي ۽ ڊي جي ڪاليج مسلينيءَ طرفان سندس شان ۾خاص نمبر جاري ڪيو ويو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ علمي، ادبي سرگرمين سان گڏ زمينداري ڪندو رهيو. هن جون مشهور لکڻيون سندس رٽائرمينٽ کان شايع ٿيون. ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ڪتاب: ”بلو کوکر“ (ناول ۱۹۳۰ع) ۽ ”تارن جو اڀياس يا آتو ميرچنداڻي“ (ناول ۱۹۳۰ع) اهم آهن. ڊي جي ڪاليج جي مسليني به سندس دور ۾ عروج تي پهتل هئي، جنهن ۾ پاڻ به انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون لکندو هو. هن کي پکين جي تمام گهڻي معلومات هوندي هئي، ان سلسلي ۾ سندس مضمون ”چنڊول“ ۽ ”وهيو“ تمام گهڻا معلوماتي آهن. سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو پهريون ناول صاحب سنگهه چندا سنگ شهاڻيءَ جي ”تارن جو اڀياس“ کي چئي سگهون ٿا. ناول جو مکيه ڪردار آتو مير چنداڻي ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم آبزرويٽريءَ ۾ ويهي تارن، گرهن ۽ وايومنڊل جو اڀياس ڪري ٿو ته جيئن درست انگ اکر زراعت لاءِ ڪتب آڻجن، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جو اڳواٽ بندوبست ڪري سگهجي. هن ناول کي سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ مليو هو.

ديهانت

رٽائرمينٽ کان پوءِ، هو پٽيل پارڪ، ڪلفٽن جي ئي پاسي ۾ پنهنجي بنگلي ۾ رهندو هو. پٽيل پارڪ ۾ روزانو واڪ ڪندو هو. آخر ۾ پير ۾ گئنگرين ٿيس ۽ تڪليف ۾ گذارڻ لڳو، بل آخر ڪراچي ڪلفٽن واري بنگلي ۾ سن ۱۹۳۱ع ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌ جي مشهور سياسي اڳواڻ ايوب کهڙي جي حوالي سان، ڊاڪٽر حميده کهڙي لکي ٿي ته: ”جان محمد صاحب کهڙي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محمد ايوب کي تعليم جاري رکڻ کپي ۽ زمين سنڀالڻ جو وقت اڃان پوءِ ايندو. ان وقت ڊي جي سنڌ ڪاليج جو پرنسيپل هڪ اهڙو فولادي شخصيت وارو نهايت قابل انسان ايس سي شهاڻي هو جنهن جهڙو پرنسيپل ان ڪاليج کي وري ڪو ورلي نصيب ٿيو هوندو. هو خود هڪ زميندار هو ۽ بعد ۾ جڏهن وري وائسراءِ جي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو تڏهن هو سياستدان به بڻجي ويو. هيءُ ئي هو جنهن اهو نظريو پيش ڪيو ته سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ سکر بئراج جي تعمير وقت سنڌ ۾ پنهنجن مڪاني انجنيئرن جي جيڪا ضرورت پوندي تنهن لاءِ اڳواٽ ئي سنڌ ۾ انجنيئرنگ ڪاليج جو وجود ضروري آهي، پوءِ سندس ئي ڪوششن سان اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۱۹۲۲ع ۾ برپا ٿيو.“

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۷ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا