; سنڌي شخصيتون: گلاب چانڊيو

16 August, 2019

گلاب چانڊيو


گلشن جو مرجهايل گل
معشوق مُحسن ابڙو
مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته؛ “فنون لطيفه اهي هوندا آهن، جن وسيلي انساني جذبات ۽ ڪيفيتن جا نقش چٽي، اهڙي دلڪش، دلسوز ۽ روح افزا انداز ۾ پيش ڪجن، جو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو روح ۽ دماغ جذبن ۽ امنگن سان آراسته ٿي، گهراين ۽ اونهاين ۾ رچي وڃي. ڪنهن به لطيف فن کي انسان جي دل، روح ۽ جذبات کان جدا ڪري نه سگهبو. انهيءَ لحاظ سان رقص يا ناچ، ساز ۽ موسيقي، مصوري، ادب ۽ شعر کي فنون لطيفه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن سان ڪلي جذبات جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. لطيفي فن تخليقي فن سڏبا آهن.“


اسان جي سنڌ اهڙن مهان ماڻھن سان مالامال رهي آهي، جنهن جي گلشن ۾ گوناگون فنون ِلطيفه سان لاڳاپيل شخصيتون ملنديون جيڪي پنهنجي فن ۽ آرٽ وسيلي سماجي احساسن جي عڪاسي ڪنديون رهنديون آهن اهڙن ئي فنڪارن سدا بهار صداڪارن ۽  اداڪارن مان گلاب چانڊيو پڻ هڪ هو. گلاب چانڊيو ۶ جنوري ۱۹۵۸ع تي ڳوٺ شهمير چانڊيو ضلع نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان کيس فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو انتهائي اشتياق هوندو هو جنهن جي ڪري اڳتي هلي هن ۱۹۸۰ع ڌاري پي ٽي وي جي ڊرامن کان اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي ۽ هن ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ڊراما ڪيا جن مان غلام، جهنگل، زينت، ٽيپو سلطان وغيره مشهور آهن. هن سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو جن ۾ محب شيدي، الزام، طوفان، غلام ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.فلم جي بابت مختيار احمد ملاۡح خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي ته؛ ”فلم يا مووي دراصل مظاهراتي فن آهي، جنهن جي هڪ ادبي اهميت به آهي. فلم جي ڪهاڻي لکندڙ، فلم جي گانن لاءِ شعر لکندڙ ۽ مڪالما لکندڙ اديب پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. ڊرامي وانگر فلم به ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. فلم جو ڪينواس ڊرامي کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ڇو ته ڊرامي جي تاثر کان فلم جو تاثر وڌيڪ سمجھيو وڃي ٿو. فلم وسيلي ڪنھن به ملڪ جي مزاج، رھڻي ڪھڻي، عادتن، رسم و رواج جي خبر پوي ٿي. فلم ۽ ٽي وي وسيلي اڄ شهري يا ڳوٺاڻو پنھنجي گھر ۾ ويھي ڪنھن بھ شھر ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعات ۽ وندر جي پرگرامن جو لطف ماڻي سگھي ٿو. ھن وقت جڏھن ڊش اينٽينا، ڪيبل سسٽم گھر گھر عام ٿي ويو اھي ۽ گھر گھر سئنيما ھال ٿي پيو اھي، تڏھن فلم جي اھميت اڃا بھ وڌي ويئي اھي. اڄ فلم وندر جو بھترين ۽ طاقتور وسيلو اھن. فلمن جون اھم خوبيون فلم جو وڏو پردو، اداڪار، ڪھاڻي، گيت، ڊائلاگ، ڊانس، چترڪاري، موسيقي سنگتراشي وغيره. قدرتي نظارا، گانا ڪھاڻي کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندا اھن. سنڌي فلمن جي شروعات ورھاڱي کان اک ۱۹۴۲ع ۾ ڪريم بخش نظاماڻي ”ايڪتا” ٺاھي ڪئي ھئي.“ اڄ هڪ اهڙو سنڌي ثقافت جي گلشن جو گلاب مرجهائجي ويو آهي جنهن جي وڇوڙي تي سڳنڌ سان گڏ سڄي سنڌ سوڳوار آهي. موت هڪ فطري عمل آهي جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي ليڪن اچانڪ جڏھن اجل ڪنهن اڱڻ تي اچي ٿو ته جيءُ جهوري ٿو وجهي ڪيترائي انسان ڏکارا ڪري ٿو وجهي ڪيترائي خال وجهي ٿو ڇڏي جيڪي صدين تائين ناهن ڀرجي سگهندا. جيئن گلاب چانڊيو جي وڇوڙي دليون دکاريون ڪري وڌيون آهن. بقول راشد مورائيءَ جي ته؛
مٺا اڄ موت آيو آ، مون کي پورڻ جو سعيو آ!
عزيزن ڄاڻُ راشد جو جڏهن توکي ڪرايو آ،
ٿجان ڀيڙو ڀتر ڀائي، تون واپس آء ُ!
فنڪار ۽ اداڪار پنهنجي فن سان سچا ۽ ثابت قدم هوندا آهن. اهي پنهنجي ڏکن کي سيني جي صندوق ۾ لڪائي ٻين جي چهرن تي مرڪن جو مينهن وسائيندا آهن.انهن کي ڏاتر طرفان اهڙي ڏات مليل هوندي آهي جو اهي پنهنجي ڪمال جي ڪاريگريءَ سان هر ڪنهن جي دل کي پنهنجو ڪري وٺندا آهن. سنڌي ثقافت جي سڄاڻ شخصيت گلاب چانڊيو اچانڪ سنڌ کان موڪلائي ويو سنڌي سڀئي ساڃاھ وند ساٿي ته ضرور رنا هوندا ليڪ  فلمون ۽ ڊراما به  اداس ٿي گلاب جي غم ۾ گهڻا غمگين ٿيا هوندا.

گلاب چانڊيو
گُلاب جو گُل ڪومائجي ويو
حيات علي شاهه بخاري
گُل ڪهڙو به هُجي، ڪو مائجڻ کانپوءِ خوشبوءِ ڏيندو آهي، وري جيڪڏهن گُلاب جو گُل هجي ته پوءِ ڇا کڻي چئجي، ڪي ماڻهو گُلاب جي گُل جهڙا هوندا آهن ۽ ڪنڊن ۾ هُئڻ باوجود سونهن سوڀيا رکندا آهن، خوشبو ڏيندا آهن، وري جڏهن ڇڻي ويندا آهن ته به سندن يادون خوشبوئن وانگر رهجي وينديون آهن. تازو شوبز جو گُلاب، گُلاب چانڊيو وڇڙي ويو، جنهن جو صدمو سندس عزيزن کان وڌيڪ سندس دوستن، ساٿين ۽ پرستارن کي ٿيو هوندو.
گُلاب چانڊئي سان منهنجي ملاقات جي ايم خاصخيليءَ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي ڪرائي. گُلاب منهنجو نالو ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو، چوڻ لڳو ته ”مان اوهان جون لکڻيون شوق سان پڙهندو آهيان، خاص طور تي ”ڇهنڊڙيون“ لاجواب سلسلو آهي“. اُن ملاقات کانپوءِ گُلاب سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو، پي ٽي وي تي ۽ گُلاب هڪ ٻه ڀيرا روزاني ”عبرت“ جي آفيس ۾ به آيو، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٻن پريس ڪانفرنس ۾ مون کي به گهلي ويو. عيد تي ايس ايم ايس تي مبارڪ ڏيڻ بدران ڪال ڪري مبارڪباد ڏيڻ وارو اِهو واحد شخص هو. پي ٽي وي لاءِ مون هڪ ڊرامه سيريل لکيو ۽ ان جي مرڪزي ڪردار لاءِ گُلاب جو نالو تجويز ڪيم، ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران ڊرامي جي پروڊيوسر نعيم بلوچ چيو ته ”گُلاب تعاون نٿو ڪري“، مون گُلاب کان پُڇيو ته ”جواب ڏنائين ته مرشد ڊرامي جي مناسبت سان مونکي ڪپڙا نٿا ٺهرائي ڏين، اسان جي ڊرامن مان لکين رپيا اشتهارن جا ڪمائين ٿا، اسان جو ايترو به حق ناهي، جو ٻه چار وڳا ٺاهوڪا ٺهرائي ڏين؟“ ان سبب جي ڪري گُلاب جڏهن به ڊرامي جي رڪارڊنگ تي ايندو هو ته سادا ڪپڙا سي به استري نه ٿيل پائي ايندو هو، پروڊيوسر دانهون ڪندو رهجي ويو پر گُلاب ڍنگ جا ڪپڙا پائي نه آيو، باقي ان جي ڊرامي ۾ پرفارمنس جو ته ڪو جواب نه هو، مون گُلاب جا ڪافي ڊراما ڏٺا پر سڀ کان وڌيڪ اردو ڊرامي ”چاندگرهن“ ۾ سندس اداڪاري لاجواب هُئي.
جڏهن شرميلا فاروقي سنڌ جي ثقافت واري صلاحڪار هُئي، تن ڏينهن اداڪار صلاح الدين تنئي کي پرائڊ آف پرفارمنس جو اعزاز ڏنو ويو، ان تي گُلاب تمام گهڻو مڇرجي پيو، ڏاڍو گوڙ ڪيائين ته صلاح الدين مون کان وڏو اداڪار ناهي، منهنجو حق ماريو ويو آهي. خير، گُلاب ويو پر ان جون خوشبو ڀريون يادون ياد رهنديون.
ڊاڪٽر محمود مغل هڪ ڀيري ريڊيو جي هڪ پروگرام ۾ هڪ قصو ٻُڌايو ته ”هڪ خوبصورت ڇوڪري هوندي هُئي، جنهن جون آڱريون ڦڏيون هونديون هيون ۽ ان کي اهو احساس به هو، ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس چوندو هو ته ”تون ڏاڍي خوبصورت آهين“ ڇوڪريءَ جي شادي ٿي، ٻار ٻچا ٿيس، هڪ ڀيري پنهنجي پيءُ کي چيائين ته ”بابا، ڏسو منهنجون آڱريون ڦڏيون آهن“، پيءُ ڌيءَ کي چيو ته ”ڌيءَ، جن هٿن سان تون ماني پچائين ٿي، پنهنجي ٻارڙن کي سنواري اسڪول موڪلين ٿي، اُهي هٿ اُهي آڱريون خوبصورت آهن، تون هرو ڀرو ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا نه ٿي“. واقعي خوبصورت احساس هوندا آهن، جيڪي سونهن بخشيندا آهن، خوشبو ڏيندا آهن.
سال اڳ جن ڏينهن دبئي ويو هوس، اُهي يادون اوهان سان ونڊي چُڪو آهيان، ابو ظهبي ۾ ”فراري ورلڊ“ نالي وڏي مال گهمڻ دوران جڏهن حاجت ٿي ته آئون ۽ منهنجو فرزند ٽوائليٽ ڏي هليا وياسين، منهنجي ڌيءَ مال جي ان هنڌ بيٺي رهي، جتي وچ ۾ هڪ حوض هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڦوهارو هو، ان ڦوهاري جو پاڻي واپس حوض ۾ پئي ڪريو پر هوا جي ڪري ڪجهه ڦُڙا حوض کان ٻاهر پئي ڪريا. هڪ عورت وائپر سان حوض کان ٻاهر ڪريل ڦُڙا صاف ڪري رهي هُئي، بلڪل اِئين جيئن اکين تي کوپا چڙهيل ڏاند نار جي چوڌاري پيو ڦرندو آهي، جڏهن اسان ٽوائليٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته منهنجي ڌيءَ ان عورت سان ڳالهائي رهي هُئي، جنهن بابت ٻُڌايائين ته ”اُها عورت فلپائن جي آهي، سندس مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏي آهي، سندس پُٽ فلپائن ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ اتي هڪ هاسٽل ۾ رهندو آهي، عورت ان لاءِ هتي جاب ڪري رهي آهي“ واپسيءَ ۾ جڏهن اُن جاءِ تان لنگهياسين ته عورت کي ڦوهاري جي ڦُڙن کي صاف ڪندي اِئين لڳو ڄڻ هوءَ پنهنجا لُڙڪ صاف ڪري رهي هُجي، ان کانپوءِ جڏهن به ڪنهن عورت کي ڪو جاب ڪا محنت مشقت ڪندي ڏسندو آهيان ته لڳندو آهي، هوءَ جيئڻ ڪاڻ پنهنجو رت ۽ ست ڏئي رهي هُجي، نه ته ڪير ٿي بگهڙن جي هن دنيا ۾ مٿي تان پوتي لاهي ۽ بکايل بگهڙن جي تيز نگاهن جا تير سهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسين جنهن ماحول ۾ زندگي گُذاري رهيا آهيون، نفرتن جا ڏنڀ سهي رهيا آهيون، اسين اڪيلا ناهيون، ٻيا به کوڙ سارا آهن، جيڪي مُرڪن پويان لُڙڪ ٽهڪن پويان سڏڪا لڪايو وتن.
منهنجون لکڻيون بي ترتيب هونديون آهن، جن جو ڪو سلسلو ناهي هوندو، پروفيسر رام پنجواڻي جي چواڻي موجب ته”نثر وکريل موتي ۽ نظم پونئل موتي هوندا آهن“. آئون پنهنجي لفظن کي موتي چوڻ جي جسارت نٿو ڪري سگهان، بس جيڪي دل ۾ تري اچي ٿو، سو ڪاغذن تي اِئين اڪريندو آهيان، جيئن ڪو ڪنهن ڪپڙي تي ڪڙهائي ڪري، گُل ٺاهي، اُنهن مان جيڪڏهن ڪنهن کي سڳنڌ اچي ٿي ته اُها ان جي پنهنجي ظرف جي نشاني آهي، منهنجو ان ۾ ڪو به ڪمال ناهي. زندگي آهي ته اُهي سموريون وفائون ۽ جفائون آهن، مرڻ پُڄاڻان ته ...
موڪلائڻ کان اڳ استاد بخاري جو شعر اوهان جي نظر ڪريان ٿو.
وس ۾ ناهين جو وساري ڇڏيان،
رات ناهين جو مان گُذاري ڇڏيان،
درد آهن ته دل ڏُکائين ٿا،
پَکي هجن ته مان اُڏاري ڇڏيان،
تون اَچين نه اَچين، مرضي آ تنهنجي،
مان رستا ته سينگاري ڇڏيان،
ڏاڍو ٿو جهليان، پر نٿي جهلي،
دِل جهنگ ناهي جو ساڙي ڇڏيان.

No comments:

راءِ ڏيندا