; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عاشق بدوي

20 August, 2019

ڊاڪٽر عاشق بدوي


ڊاڪٽر عاشق بدوي
محمد علي محمدي
ائين لڳي ٿو ته ڪالھ جي ڳالھ آھي. منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ۱۹۶۹ع ۾ داخلا ٿي، ڪمري نمبر ۱۳ ابن سينا ۾ ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ جيڪو تازو آخري سال جو شاگرد هو جي ڪمري ۾ اچي سامان رکيو.
۱۳ ابن سينا ۾، هڪ روسٽرم به رکيل ھوندو ھو. شام جو ڪيترائي دوست ان ڪمري ۾ ايندا هئا. علمي فڪري بحث ڇڙندا هئا. انهي ساڳي هاسٽل ۾ ڪامن روم جي ڀرسان وارو ڪمرو هڪ ڊگهي قد وارو، مشڪي رنگ، اکين ۾ بلا جي ذهانت . ڊاڪٽر ممتاز جو ڪلاس ميٽ مونکان چار سال سينئر.


هي هو عاشق بدوي المعروف ڊاڪٽر عاشق بدوي. ۱۹۷۰ع جي شاگرد سنگت جي اليڪشن ۾ اسلامي جمعيت طلبہ طرفان ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ ۽ سندس مقابلي ۾ ڊاڪٽر مرحوم اسماعيل اڍيجو بيٺو جيڪو کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هو. (آخر ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿي سنڌ جو وزير خزانہ رهيو) اها اليڪشن اسلامي جمعيت طلبہ کٽي. ڊاڪٽر عاشق بدوي هڪ اديب هو سنڌي رسالي ”رهبر ڊائجيسٽ“ ۾ لکندو هو. رهبر ڊائجيسٽ ان دور ۾ اردو ڊائجيسٽ جي پئٽرن تي نڪرندو هو. عاشق آزاد خيال هوندي به پنهنجن دوستن سميت جمعيت جي ورڪ ۾ شام جو اسان سان گڏ ورڪ ۾ نڪرندو هو. ۱۹۷۰ع ۾ ڊاڪٽري پاس ڪري فوج ۾ هليو ويو. ايترا سال منهنجو ساڻس رابطو نه رهيو.
نوي جي ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجي پوسٽنگ ڪراچي ٿي ته، اوچتو هڪ ڏهاڙي ريگل چوڪ جي پراڻن ڪتابن واري علائقي ۾ ملاقات ٿي، ان کانپوءِ هر آچر تي گڏجاڻي شروع ٿي. هڪ ٻه دفعا فليٽ تي به ڪچهريون ٿيون. سندس ازدواجي زندگي ناڪام ٿيڻ ڪري هو وڏو حساس ۽ رولاڪ طبيعت سبب، تصوف ڏانهن هليو ويو.
هو هڪ محقق تاريخ دان، انگريزي ادب تي گهري نظر رکندڙ ذهين انسان هو.
پاڻ ۳۰ جون ۱۹۴۶ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو، ۽ سال ۱۹۷۰ع ۾ ڊاڪٽر ٿيو، فوج ۾ نوڪري بعد ڪافي عرصو ليبيا ۾ رهيو. واپس اچي ٽنڊي آدم ۾ پريڪٽس ڪيائين. چمڙي جي بيمارين تي سنڌي ۾ ڪتاب لکيائين.
سندس ڪيترا مقالا، ترجما مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل اٿس. آخر ۾ ابن عربي جي مشڪل ڪتاب ”فصوص الحڪم“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن لا۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو چوڻ هو ته جنهن ۾ اسان هث وجهي نه سگهيا سين، اتي عاشق وارو وڄايو.
سندس چيني ادب تي به دسترس هئي. هو ڪيتريون ڳالهيون ساه ۾ سانڍي ٻوساٽجي ويو. سندس لاڏاڻو ۱۹ آگسٽ ۲۰۱۲ع ۾ هڪ غير معروف هوٽل رائل هوٽل ڪراچي ۾ پر اسرار انداز ۾ ٿيو. مان پني عاقل ۾ هوس، صبح جو اخبار ۾ خبر پڙهيم. دوست ۽ اديب ممتاز مهر کان تصديق ٿي. کيس ٽنڊي آدم ۾ دفنايو ويو.
سندس ڪيترا ئي مسودا ۽ ڪتاب الائي ڪنهن جي ور چڙهي ويا. الله پاڪ عاشق بدوي جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس عطا فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا