; سنڌي شخصيتون: سيد موٽڻ شاھ - خادم رند

02 August, 2019

سيد موٽڻ شاھ - خادم رند


سيد موٽڻ شاھ
ڀلوڙ صوفي راڳي
خادم رند
سچل سرمست جي درگاھ سان لاڳاپيل سنڌ جو مشهور ۽ ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪندڙ ڳائڻو سيد موٽڻ شاھ هينئر اسان ۾ نه رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان شگر، ساھ جي تڪليف ۽ فالج جهڙن موذي مرضن سان جهيڙيندي ڇنڇر ۲۷ جولاءِ تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ راھوجا آڻي سوين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


سيد موٽڻ شاھ ۱۹۴۶ع ۾ پير ڳوٺ ڀرسان راھوجا ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ھن جو اصل نالو سچل شاھ ھو پر مشهوري کيس موٽڻ شاھ سان ملي. ميڊيا تي آيل ڄاڻ موجب کيس ڳائڻ جو شوق سنڌ جي سدا حيات آواز استاد منظور علي خان کي ٻڌي جاڳيو. پنهنجي شوق جي تڪميل لاءِ پير ڳوٺ جي رهواسي غلام حسين فقير جي صحبت ۾ رھي کانئس راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. سندس استاد غلام حسين فقير ۽ سيد موٽڻ شاھ جي هڪٻئي سان ايتري ته محبت ٿي وئي جو اھي سنڌ جي صوفي درگاھن ۽ مختلف ھنڌن تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ گڏجي ڳائيندا ھئا. ھونئن موٽڻ شاھ سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن فنڪارن سان پڻ گڏ ڳايو، جن ۾ سهراب فقير، ڍول فقير، محمد يوسف، علڻ فقير، وحيد علي ۽ حسين بخش خادم کانسواءِ ڪجھ ٻيا به شامل آھن.
جڏھن اسان صوفي موسيقي يا صوفي راڳ جو ذڪر ڪريون ٿا ته اسان کي سمجهڻ کپي ته صوفياڻو راڳ رڳو راڳ نه پر روحاني ۽ قلبي سڪون حاصل ڪرڻ جو ھڪ ذريعو يا رياضت آھي. ھي راڳ صوفيت واري انسان دوست پيغام کي جهر جهنگ ڦهلائڻ جو به بنيادي ذريعو رھيو آھي. ان ڪري ئي صوفياڻو راڳ ماڻهن مان غرور، بغض، حوس ۽ جنونيت کي گهٽ يا جهڪو ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب رھيو آھي.
موٽڻ شاھ جيتوڻيڪ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، بابا بلي شاھ ۽ بابا فريد سميت ھتان جي ڪيترن ئي صوفي شاعرن کي ڳايو پر سڀ کان وڌيڪ ھن سچل سرمست جي شاعريءَ کي ئي ڦهلايو. سنڌ جي صوفي فنڪارن جو واسطو ھتان جي ڪنهن نه ڪنهن صوفياڻي درگاھ سان رھيو آھي، جيئن سهراب فقير جو واسطو محمد فقير ٽالپر جي درگاھ سان ھو، اھڙي نموني موٽڻ شاھ ۽ سندس استاد فقير غلام حسين جو واسطو وري سچل سائينءَ جي درگاھ سان رھيو. حقيقت اھا آھي ته صوفي درويشن جو درگاھون رڳو اخلاقي ۽ روحاني تربيت جو مرڪز ئي نه پر صوفي راڳ جا ادارا پڻ رھيون آھن. اسان ائين کڻي نٿا چئون ته ھر مسئلي ۽ ھر معاملي جو حل انهن درگاھن تان ئي ملي سگهي ٿو پر ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته انهن درگاھن جو مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت خلاف ھڪ مضبوط ۽ تاريخي ڪردار رھيو آھي.
سنڌ ۾ تمام سٺا صوفي راڳي ٿي گذريا آھن، جن پنهنجي سريلي آواز ۾ انسان دوست نظريي جي پرچار ڪري ماڻهن جي روحاني اصلاح ڪئي. اھڙن فنڪارن جي فهرست ۾ موٽڻ شاھ جو نالو يقينن مٿانهين جاءِ والاري ٿو. ھو سچل سرمست جي بيباڪ شاعريءَ کي جنهن جوشيلي ۽ مست انداز سان ڳائيندو ھو سو ٻڌندڙن کي جهومائي ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندو ھو. صوفي فنڪار گهڻو ڪري يڪتاري ۽ چپڙي وسيلي ڳائيندا آھن پر سنڌ جو ھي يگانو ڳائڻو موٽڻ شاھ ڳائڻ مھل پنهنجا ٻئي ھٿ سازن کان آجا رکندو ھو. ھو ڳائڻ دوران وجد ۾ اچي جهڙي نموني پنهنجي ٻانهن ۽ ھٿن جو استعمال ڪندو ھو تنهن کي رڳو پڙھڻ سان نه پر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
موٽڻ شاھ مجموعي طور سوين ڪلام ڳايا پر جن ڪلامن کيس شهرت جي آسمان تي پهچايو، تن ۾ ”گهنڊ کول ديدار وکائو مين آيا مک ويکڻ“، ”مان جوئي آھيان سو آھيان“ ۽ ”ٻول پکي پرديسيئڙا“ شامل آھن.
موٽڻ شاھ طبيعت ۽ مزاج جي حوالي سان سادو پر کلندڙ ۽ کلائيندڙ ماڻهو ھو. مالي طور ھو صفا مسڪيني لڏي وارو ھو، ان ڪري ئي ڪيترين بيمارين ھوندي به ڪنهن سٺي اسپتال مان علاج نه ڪرائي سگهيو. غريب ھوندي به موٽڻ شاھ ايترو ته خوددار ھو جو شديد بيمار ھوندي به ڪنهن اڳيان ھٿ نه ٽنگيائين. زندگيءَ جو وهنوار ھلائڻ لاءِ ڪڏهن سبزين ته ڪڏهن ڪرياني جو ننڍڙو ۽ معمولي دڪان کوليائين پر سندس حالتن ۾ ڪو ڦيرو نه اچي سگهيو.
فنڪار ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جو سرمايو ھوندا آھن، ان ڪري ٿيڻ ته ائين گهرجي ھا ته موٽڻ شاھ جهڙي وڏي فنڪار جي زندگي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو ثقافت ۽ سياحت کاتو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ھا ۽ مسڪين خاندان جي ھر حوالي سان سھائتا به ڪري ھا پر سڀني ڏٺو ته موٽڻ شاھ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ئي پنهنجا آخري پساھ پورا ڪيا.

No comments:

راءِ ڏيندا