; سنڌي شخصيتون: عطا محمد ڀنڀرو

15 August, 2019

عطا محمد ڀنڀرو


عطا محمد ڀنڀرو
سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور
جويو سارنگ
سائين عطا محمد ڀنڀري، سائين محمد بخش ڀنڀري جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ بچل ڀنڀري مان حاصل ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو اهو واحد ڳوٺ آهي، جنهن جي تعليم جو ريشو ۹۰ سيڪڙو آهي، جتان جا ڪيترا ئي نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾ سُٺي مقام تي پُهتل آهن.
سائين عطا محمد ڀنڀري سنڌ جي جڳ مشهور تعليمدان، بئريسٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ۴ مارچ جي هيري حسن علي عبدالرحمان وٽان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان وڪالت پڻ سکي.


سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو ھن وقت اھو واحد سائنسي سوچ رکندڙ ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ڏاھو آھي، جنھن پنھنجي زندگيءَ جون ۸۶ بھارون سنڌ وطن سان بيپناھ محبت ڪندي پنھنجي قلم ذريعي سنڌ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، انساني ارتقا، انقلاب، ويڙھ جي فن، شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي سميت ٻين انيڪ موضوعن تي ناياب ڪتاب ترجمو ڪري وِڌا آھن، جن جو ڳاڻيٽو ۵۰ کان به وڌيڪ ٿيندو ۽ ان سان گڏ موھن جي دڙي جي ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ۽ ”انڊس اسڪرپٽ“ جھڙا ٻه ناياب تحقيقي ڪتاب لکي اسان سنڌين کي ڏنا آھن ۽ ان کان علاوه سنڌ جي آزاديءَ لاءِ فڪري ۽ علمي طور تي مسلسل جُھد ۾ رھيو آھي ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا اٿائين. سنڌ سان سندس ان عشق جي بدلي ۾ ھن وحشي صفت رياستي ادارن سندس پُٽ راجا ڏاھر کي شھيد ڪري ھن عظيم انسان کي جُھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ھن عظيم انسان جُھڪڻ بجاءِ پنھنجي پُٽ جي شھادت تي فخر محسوس ڪندي سنڌ جي مڪمل آزاديءَ لاءِ اڳي کان اڳرو ڪردار ادا ڪندو رھيو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي شعوري آبياري ڪندو رھيو، انھن خوشنصيب نوجوانن مان ھڪ آئون به آھيان.
ڀنڀرو صاحب ھن پيريءَ جي حالت ۾ به سنڌ کي دنيا جي انقلابن، ويڙھ جي فن، سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي موضوعن تي لکيل جڳ مشھور ڪتابن جا ترجما ڪري ڏئي رھيو آھي، ھن وقت به سندس ۱۰ کن ترجمو ٿيل ڪتاب روشني پبليڪيشن، سنڌي ساھت گھر، ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ادارن وٽ ڇپائيءَ لاءِ پيل آھن.
سنڌ جي ھن عظيم ڪردار صدارتي ايورڊ کي به اھو چئي ٿُڏو ھڻي ڇڏيو، ته آئون پنھنجي سنڌ وطن کي غلاميءَ جي آڙاھ ۾ ڌڪيندڙن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لُٽ ڪندڙن کان ڪيئن ٿو ايوارڊ وٺي سگھان.
لطيف سائين، سائين عطا محمد ڀنڀري جھڙي عظيم انسان لاءِ ئي چيو آھي ته،
ايئن نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائِن سون تي،
اچي اَمر ڪوٽَ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،
پَکن جي پريت، ماڙين سين نه مَٽيان.
سائين عطا محمد ڀنڀري ايڇ ٽي سورلي جو لطيف سائينءَ جي فڪر تي لکيل ھڪ اھم تحقيقي ڪتاب ”شاھ آف ڀٽ“ جو سنڌيءَ ۾ شاھڪار ترجمو ڪري ڏنو، ڀنڀرو صاحب لطيف سائينءَ جي فڪر جي سائنسي تشريح جو قائل آھي ۽ روايتي تشريح ۽ تحقيق کي رد ٿو ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اھو ٿو چوي ته اسان کي رُڳو لطيف تائين محدود ناھي رھڻو پر اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيع ميدان طرف وڃڻ گھرجي پر لطيف سائينءَ جي ڪنھن به صورت ۾ مخالفت نه ٿو ڪري، پر اسان جا نادان دوست سائين جي ڳالھ جو مطلب غلط ڪڍي سندس شخصيت تي عجيب قسم جا ڪمينٽ پيا ڪن ۽ کيس گھٽ وڌ پيا ڳالھائين، جيڪا مذمت ۽ افسوس جوڳي ڳالھ آھي.
جنھن عظيم انسان جي آخري خواھش اھا ھُجي ته، ”منھنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ کان اڳ ۾ جي آئون مري وڃان ته منھنجي قبر مٿان زنجيرون ھڻجو ته جيئن دنيا کي خبر پوي اسان جي وطن ۽ اسان جي ماڻھن کي غلام بڻايو ويو آھي ۽ جي سنڌ آزاد ٿئي ته منھنجي قبر مٿان به زنجيرون ھٽائي ڇڏجو“.
سائين ڀنڀري صاحب سان منھنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون آھن، تازو ۲۷ جنوري جي رات جو پڻ ملاقات ٿي ۽ ان موقف بابت به ساڻس ڳالھ ٻولھ ٿي ھُئي، سندن چوڻ صرف اھو ھو ته ھن وقت لطيف جي فڪر تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي ۽ اڃا به لکجي پيو پر ھاڻي اسان کي ان کان به اڳتي وڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي ڇو ته سموري دنيا آٽومائيزيشن طرف پئي وڃي ۽ ترقيءَ، تبديليءَ ۽ انقلاب جا ڏاڪا طئه ڪندي اڳتي کان اڳتي پئي وڌي پر اسان اڃا تائين روايتي انداز سان پيا تحقيق ڪريون، ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي سائنس جي ڄاڻ ڏجي ۽ سائنس جي ميدان ۾ کين تحقيق ڪرڻ گھرجي تڏھن وڃي اسان ھن مُدي خارج نظام مان ۽ رياست جي غلاميءَ مان جان آجي ڪرائي دنيا سان ڪُلھو ڪۡلھي ۾ ملائي سگھنداسين.
آئون پاڻ شاھ لطيف جي فلسفي ۽ فڪر جو شاگرد آھيان ۽ ھر محاذ تي لطيف سائينءَ تي ٿيل غير سائنسي تنقيد ۽ حملن جو دفاع ڪندو رھيو آھيان ۽ آئون سمجھان ٿو لطيف جو فڪر ماضي، حال ۽ مستقبل جو به ترجمان آھي، ان ڪري اسان کي لطيف جي فڪر جي سائنسي تشريح ڪرڻ سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فيلڊ ۾ جيڪي نوان انقلاب برپا ٿيا آھن انھن طرف به وڌڻ گھرجي ۽ سائنسي مطالعي ۽ تحقيق ذريعي اسان نه صرف سنڌ جي آزدي حاصل ڪري سگھون ٿا پر ان سان گڏ سنڌ جي تعمير به ڪري سگھون ٿا.

(سارنگ جي فيس بوڪ وال تان کنيل)


سائين عطا محمد ڀنڀرو به وڇڙي ويو
سھيل ميمڻ
سنڌ ڌرتي جو هڪ عظيم عاشق، چوٽيِءَ جو تاريخدان، هڪ سچو دانشور، محقق، مؤرخ ۽ سنڌيڪار سائين عطا محمد ڀنڀرو ڪالهه شام هنگورجه لڳ  ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ گذاري ويو. سائين عطا محمد  ڪجهه سال اڳ پنهنجي کنڀجي شهيد ٿيل پٽ راجا ڏاهر ڀنڀرو کان پوءِ پنهنجي ٻي فرزند غلام مصطفيٰ جي وفات جي ڪري ٽن مهينن کان ڳوٺ ۾ ترسيل هو. سندس ڀائيٽين ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو ۽ ايڊوڪيت نثار ڀنڀرو ٻڌايو ته  سائين عطا محمد بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو،  بس ڪالهه شام ۵ وڳي ڌاري سندس طبعيت اوچتي خراب ٿي ته کيس هنگورجه اسپتال نيو ويو، پر سائين دم ڌڻي حوالي ڪيو. سائين عطا محمد هڪ علمي ادبي شخصيت ته هو ئي، پر سنڌ جي وطني سوال تي هن وقت سنڌ جي سڀني اهل علم ۽ دانش مان سڀ  کان وڌيڪ چٽو موقف رکندڙ هستي هو. عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري ۱۹۳۶ع تي تعلقو سوڀو ديرو ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ محمد بخش ڀنڀرو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ انگريزيءَ جا پهرين پنج درجن جي تعليم تڏهوڪي اي وي اسڪول هڱورجا مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ تائين ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري بعد ۾ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ايل ايل بي جي تعليم لاءِ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي داخلا ورتي. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي شروعات گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان گڏ پڻ هن ۱۹۷۰ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ ۱۹۸۰ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پريڪٽس پڻ ڪئي.
سائين عطا محمد ڀنڀري صحافتي خدمتون پڻ  سر انجام ڏنيون. هن ۱۹۶۷ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ ڊي پـي آر جو قانون لاڳـو ٿـيو. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو ۱۹۷۴ع ۾ پڌرو ٿـيـو. انهــيءَ دوران ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون. ۱۹۸۰ع ۾ هن ٻارن لاءِ هڪ ايراني ادب جو ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ اهڙي طرح انگريزي توڙي روسي ٻولين مان به ٻارن جي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. ڀنڀري صاحب ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع واري ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري پڻ ڪئي. ۱۹۸۹ع ڌاري هيءُ حيدرآباد ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ اُنهيءَ سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي سان ترجمو ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ترجمي جي فن کي باقاعدي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. هن ”سنڌ جو مهراڻ“ نالي ڪتاب پڻ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس هڪ سئو کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. عطا محمد ڀنڀرو سنڌُو لکت تي پڻ ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ٿيل آھي.
تقريبا ۲ سال  اڳ سائين مون ڏي نياپو موڪليو ته، هڪ ڪم آهي مون وٽان  ٿي وڃ! مان سائين وٽ سيڙجي حيدر رآباد ويس. چيائين، سڄو ڏينهن اڄ مون وٽ هوندين. مون چيو ٺيڪ آهي سائين، پر انعام سان منجهند جي ماني جو ٽائيم آهي. سائين چيو ڪهڙو انعام؟ مون چيو انعام شيخ. صفا رڙ ڪري چيائين، فون ملائيس. مون فون ملائي ته انعام کي چيائين، ڇو يار، ڪاٿين آهين، ايتريون دوريون؟ انعام انهيءَ مهل چيس ته، سائين اچان ٿو. انعام پهتو. پوءِ سائين سان سڄو ڏينهن ميلا رهيا. علم، ادب، تاريخ، سنڌ تي وڏي ڪچهري ٿي. اصل ۾ سائين مون کي گهرايو هو ته سندس ڪيئي اڻ ڇپيل ڪتابي مسوده ڪافي ماڻهن وٽ آهن، جيڪي نه ڇپائين ٿا، نه کيس واپس ٿا ڪن. سو سائين مون کي چيو ته، اهي مون کي هٿ ڪري ڏي. مون سائين کان سندس هٿ اکرن ۾ ڪتابن جا نالا لکرايا، وڊيو ڀريون، صحيع ڪرايم. اها لسٽ مون وٽ هٿيڪي آهي. ڪوشش ڪبي ته سندس پورهيو مڪمل طور هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪجي.
سائين جي نظر ايتري ڪمزور ٿي وئي هئي، جو زوم ڪرڻ واري وڏي شيشي سان لک پڙهه ڪندو هو، پر لکڻ پڙهڻ ڇڏيو ڪونه ھئائين. سنڌ جي ان سچي سپوت جي ڪتابن جي لسٽ به تمام ڊگهي آهي ۽ جن ماڻهن نور نچوئي سنڌ کي پنهنجو ساهه ڏنو عطا محمد ڀنڀرو پڻ انهن ماڻهن مان هڪ آھي. سائين جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جي لسٽ تمان ڊگهي آهي، پر سندس ڪجهه ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن؛ ”ڀٽ جو شاهه“، (ايڇ ٽي سورلي)، ”سنڌو لکت ۽ ٻولي“، ”سنڌ جو مهراڻ“، ”سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو“، ”سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي“، ”سنڌوءَ جو سفر“، ”سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي“، ”سنڌو شينهن درياهه“، ”سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي“، ”حر گوريلا جنگ“ (ايڇ ٽي لئمبرڪ)، ”سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني“، (ايڇ ايم اليٽ)، ”سڪندر جي ڪاهه“، ”ايرين“، ”سنڌ جي فتح“، (ليفٽيننٽ آئوٽرام)، ”سنڌوءَ جو موهه“ (جنرل سرجارج ميڪمين)، ”تاريخ جا سبق“، (ول ڊيورانٽ)، ”سنڌ جا قديم آثار“، (هينري ڪزنس)، ”ٺٽي جا اسلامي درسگاهه“، ”ٺٽي جا ڪاتب“، ”سنڌ جيئن مون ڏني“، (ٽي پوسٽنس، ”سنڌوءَ ڪناري وسايل شهر“ (مائيڪل جينسن)، ”سنڌ ڏکويل ماٿري“، (رچرڊ برٽن)، ”سنڌ هند جي قديم جاگرافي“ (ليگزينڊر ڪننگهام) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب سائين ڀنڀري صاحب جي پورھئي جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻھن جي ھٿن تائين پھتا.


عطا محمد ڀنڀرو
سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور
سارنگ جويو
سائين عطا محمد ڀنڀري، سائين محمد بخش ڀنڀري جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۳۲ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ بچل ڀنڀري مان حاصل ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو اهو واحد ڳوٺ آهي، جنهن جي تعليم جو ريشو ۹۰ سيڪڙو آهي، جتان جا ڪيترا ئي نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾ سُٺي مقام تي پُهتل آهن.
سائين عطا محمد ڀنڀري سنڌ جي جڳ مشهور تعليمدان، بئريسٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ۴ مارچ جي هيري حسن علي عبدالرحمان وٽان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان وڪالت پڻ سکي.
سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو ھن وقت اھو واحد سائنسي سوچ رکندڙ ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ڏاھو هو، جنھن پنھنجي زندگيءَ جون ۸۶ بھارون سنڌ وطن سان بي پناھ محبت ڪندي پنھنجي قلم ذريعي سنڌ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، انساني ارتقا، انقلاب، ويڙھ جي فن، شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي سميت ٻين انيڪ موضوعن تي ناياب ڪتاب ترجمو ڪري وِڌڪيا آھن، جن جو ڳاڻيٽو ۵۰ کان به وڌيڪ ٿيندو ۽ ان سان گڏ موھن جي دڙي جي ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ۽ ”انڊس اسڪرپٽ“ جھڙا ٻه ناياب تحقيقي ڪتاب لکي اسان سنڌين کي ڏنا آھن ۽ ان کان علاوه سنڌ جي آزاديءَ لاءِ فڪري ۽ علمي طور تي مسلسل جُھد ۾ رھيو آھي ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا اٿائين. سنڌ سان سندس ان عشق جي بدلي ۾ وحشي صفت رياستي ادارن سندس پُٽ راجا ڏاھر کي شھيد ڪري ھن عظيم انسان کي جُھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ھن عظيم انسان جُھڪڻ بجاءِ پنھنجي پُٽ جي شھادت تي فخر محسوس ڪندي سنڌ جي مڪمل آزاديءَ لاءِ اڳي کان اڳرو ڪردار ادا ڪندو رھيو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي شعوري آبياري ڪندو رھيو، انھن خوشنصيب نوجوانن مان ھڪ آئون به آھيان.
ڀنڀرو صاحب ھن پيريءَ جي حالت ۾ به سنڌ کي دنيا جي انقلابن، ويڙھ جي فن، سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي موضوعن تي لکيل جڳ مشھور ڪتابن جا ترجما ڪري ڏئي رھيو آھي، ھن وقت به سندس ۱۰ کن ترجمو ٿيل ڪتاب روشني پبليڪيشن، سنڌي ساھت گھر، ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ادارن وٽ ڇپائيءَ لاءِ پيل آھن.
سنڌ جي ھن عظيم ڪردار صدارتي ايوارڊ کي به اھو چئي ٿُڏو ھڻي ڇڏيو، ته آئون پنھنجي سنڌ وطن کي غلاميءَ جي آڙاھ ۾ ڌڪيندڙن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لُٽ ڪندڙن کان ڪيئن ٿو ايوارڊ وٺي سگھان.
لطيف سائين، سائين عطا محمد ڀنڀري جھڙي عظيم انسان لاءِ ئي چيو آھي ته،
ايئن نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائِن سون تي،
اچي اَمر ڪوٽَ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،
پَکن جي پريت، ماڙين سين نه مَٽيان.
سائين عطا محمد ڀنڀري ايڇ ٽي سورلي جو لطيف سائينءَ جي فڪر تي لکيل ھڪ اھم تحقيقي ڪتاب ”شاھ آف ڀٽ“ جو سنڌيءَ ۾ شاھڪار ترجمو ڪري ڏنو، ڀنڀرو صاحب لطيف سائينءَ جي فڪر جي سائنسي تشريح جو قائل آھي ۽ روايتي تشريح ۽ تحقيق کي رد ٿو ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اھو ٿو چوي ته اسان کي رُڳو لطيف تائين محدود ناھي رھڻو پر اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيع ميدان طرف وڃڻ گھرجي پر لطيف سائينءَ جي ڪنھن به صورت ۾ مخالفت نه ٿو ڪري، پر اسان جا نادان دوست سائين جي ڳالھ جو مطلب غلط ڪڍي سندس شخصيت تي عجيب قسم جا ڪمينٽ پيا ڪن ۽ کيس گھٽ وڌ پيا ڳالھائين، جيڪا مذمت ۽ افسوس جوڳي ڳالھه آھي.
جنھن عظيم انسان جي آخري خواھش اھا ھُجي ته، ”منھنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ کان اڳ ۾ جي آئون مري وڃان ته منھنجي قبر مٿان زنجيرون ھڻجو ته جيئن دنيا کي خبر پوي اسان جي وطن ۽ اسان جي ماڻھن کي غلام بڻايو ويو آھي ۽ جي سنڌ آزاد ٿئي ته منھنجي قبر مٿان به زنجيرون ھٽائي ڇڏجو“.
سائين ڀنڀري صاحب سان منھنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون آھن، تازو ۲۷ جنوري جي رات جو پڻ ملاقات ٿي ۽ ان موقف بابت به ساڻس ڳالھه ٻولھه ٿي ھُئي، سندن چوڻ صرف اھو ھو ته ھن وقت لطيف جي فڪر تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي ۽ اڃا به لکجي پيو پر ھاڻي اسان کي ان کان به اڳتي وڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي ڇو ته سموري دنيا آٽومائيزيشن طرف پئي وڃي ۽ ترقيءَ، تبديليءَ ۽ انقلاب جا ڏاڪا طئه ڪندي اڳتي کان اڳتي پئي وڌي پر اسان اڃا تائين روايتي انداز سان پيا تحقيق ڪريون، ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي سائنس جي ڄاڻ ڏجي ۽ سائنس جي ميدان ۾ کين تحقيق ڪرڻ گھرجي، تڏھن وڃي اسان ھن مُدي خارج نظام مان ۽ رياست جي غلاميءَ مان جان آجي ڪرائي دنيا سان ڪُلھو ڪلھي ۾ ملائي سگھنداسين.
آئون پاڻ شاھ لطيف جي فلسفي ۽ فڪر جو شاگرد آھيان ۽ ھر محاذ تي لطيف سائينءَ تي ٿيل غير سائنسي تنقيد ۽ حملن جو دفاع ڪندو رھيو آھيان ۽ آئون سمجھان ٿو لطيف جو فڪر ماضي، حال ۽ مستقبل جو به ترجمان آھي، ان ڪري اسان کي لطيف جي فڪر جي سائنسي تشريح ڪرڻ سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فيلڊ ۾ جيڪي نوان انقلاب برپا ٿيا آھن انھن طرف به وڌڻ گھرجي ۽ سائنسي مطالعي ۽ تحقيق ذريعي اسان نه صرف سنڌ جي آزادي حاصل ڪري سگھون ٿا پر ان سان گڏ سنڌ جي تعمير به ڪري سگھون ٿا.


عطا محمد ڀنڀرو
تاريخ جي تاريخ سان تعزيت
نسيم بخاري
سنڌ جو ڏاهو عطا محمد ڀنڀرو پنهنجي ڳوٺ بچل ڀنڀرو تعلقو سوڀوديرو ضلعو خيرپور ۾ دل جي تڪليف سبب وڇڙي وڃي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج وسائي آهي، کيس تڪليف سبب گمبٽ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. عطا محمد ڀنڀرو کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد هو، جن مان ٻه پٽ راجه ڏاهر ۽ غلام مصطفيٰ سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿي چڪا هئا. راجه ڏاهر کي کنڀي قتل ڪيو ويو هو. عطا محمد ڀنڀري پنهنجي پويان هڪ بيواھ ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ سوڳوار ڇڏيو آهي. سندس هڪ نياڻي ڊاڪٽر ۽ ٻئي پروفيسر آهي. سچي ڳالھ اها آهي ته سڄي سنڌ هنڌ جي سنڌين ۾ عطا محمد ڀنڀرو جي وڇوڙي سبب دلين ۾ تڏا وڇايل آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي جتي جتي به ڪو باشعور سنڌي وسي ۽ رسي ٿو، اتي اتي عطا محمد ڀنڀري جي وڇوڙي تي دل مان آھ نڪتي آهي، اکيون آليون ٿيون آهن ۽ افسوس جو اظهار آڏو آيو آهي.
عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري ۱۹۳۶ع ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ محمد بخش ڀنڀرو جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ابتدائي تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائي ۾ پرايائين جنهن کان پوءِ انگريزيءَ جا پنج درجا اي ڊي اسڪول هنڱورجا مان پاس ڪيائين. مئٽرڪ ٺري ميرواھ جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي اي جي ڊگري ورتائين. ايل ايل بي تعليم ايس ايم لا ڪاليج مان حاصل ڪيائين. وڪالت جي شروعات گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان ڪيائين. ننڍي کنڊي جي وڏي شاعر شيخ اياز سان به ٻه ڀيرا ڇهن ڇهن مهينن لاءِ وڪالت واري شعبي ۾ ساڻ رهيو.
عطا محمد ڀنڀرو ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس پارايو. پاڻ موهن جي دڙي جي لپي جي ڀاڃ تي به ڪتاب لکيائين. تاريخ ۽ تهذيبن جي اهم ترين ڪتابن کي سنڌي ويس ڏنائين ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڳچ ڪتاب لکيائين. عطا محمد ڀنڀرو جو پنهنجي جوان پٽ راجه ڏاهر کي ۲۰۱۴ع ۾ کنڀي شهيد ڪرڻ تي جيءُ جهري پيو هو. جوان پٽ جي جدائي هن لاءِ زندگيءَ جي سڀ کان وڏي پيڙا ثابت ٿي هئي. هن ۲۰۱۲ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمغه حُسنِ ڪارڪردگي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. سندس موقف سامهون آيو هو ته مان غلام قوم مان آهيان ۽ غلام ايوارڊ نه وٺندا آهن. عطا محمد ڀنڀرو اهو به چيو هو ته سنڌ ۾ هندن سان زيادتين سبب لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، اهڙي ماحول ۾ ڪيئن ٿو ايوارڊ وٺي سگهجي. هن اهو به چيو هو ته ملڪ جي حڪمرانن جي افعالن مان لڳي ٿو ته اُنهن لاءِ هيءُ صرف پنجابستان آهي. عطا محمد ڀنڀرو صدارتي ايوارڊ ان ڪري به نه ورتو هو جو ان وقت سنڌ ۾ ٻٽو نظام مڙهيو ويو هو. هن لاءِ ايوارڊ سنڌي ماڻهن پاران سندس نور نچوئي سهيڙيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو مطالعو هو. هو پنهنجي قوم کي شعور جي بلندين تي ڏسڻ جو تمنائو هو. اهو ئي سبب آهي ته هن جو پل پل قلمي پورهئي ۾ گذريو. هن سنڌ بابت پرڏيهين جي لکيل ڪتابن کي ترجمو ڪري قوم کي ٻڌايو ته ٻاهريان ليکڪ سنڌ ۽ سنڌين کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ محسوس ڪن؟ عطا محمد ڀنڀرو هر اهو ڪتاب ترجمو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف رهيو، جنهن سان سنڌ جي قومي سجاڳيءَ ۾ واڌ جا آثار پئي ڏٺائين. هن ماڻهن جو تاريخ سان تعلق جوڙيو ۽ چاهيو ته خلق تاريخ جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن عوامي جاڳرتا لاءِ ڪهاڻيون به لکيون ۽ پنهنجي ايڊيٽرشپ هيٺ ۱۹۶۷ع ۾ ”هوشو“ رسالو به شايع ڪيو، جنهن کان پوءِ ڊي پي آر لاڳو ٿي، آخري پرچو ۱۹۷۴ع تائين شايع ٿيو. ۱۹۹۰ع ۾ هن ٻارڙن جي هڪ ايراني ادب جو ڪتاب به ترجمو ڪيو. اهڙي طرح انگريزي توڙي روسي ٻولين مان به ٻارن جي ادب جا بهترين ڪتاب ترجمو ڪيائين. ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع واري ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري پڻ ڪيائين. ۱۹۸۹ع ڌاري اچي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. انهيءَ سال هينري ڪزنس جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي سان ترجمو ڪيائين. اهڙي طرح عطا محمد ڀنڀرو ترجمي جي فن کي نه رڳو ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو پر ان ۾ ڪمال به حاصل ڪيائين. هن سنڌ جو مهراڻ نالي ڪتاب پڻ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو.
عطا محمد ڀنڀرو سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جو خاموش خدمتگذار هو. هن هزارين ڪتاب پڙهيا هئا. هو جن جي صحبت ۾ رهيو، تن جي صحبت به هن کي وڏو رنگ لاتو. ان سڄي ماحول هڪ اهڙي عطا محمد کي جنم ڏنو، جيڪو شهرتن جي شور کان پري ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائيندو رهيو. هن جي سوچ ۽ لوچ جو انداز ئي نرالو هو. هو پنهنجي ماڻهن جي قومي ڪردار جي حوالي سان ڏاڍو سنجيده هوندو هو. هو نه رڳو سوچيندو هو پر سمجهائيندو به گهڻو هو. اها الڳ ڳالھ آهي ته سندس سوچ سان سهمت هوندي به اڪثر ماڻهو اڳڀرائيءَ واري وک کڻي نه سگهيا. هن جا اڄ به ڪيترن ئي اشاعتي ادارن وٽ ڇپجڻ لاءِ قلمي مسودا موجود آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ته ڇپجي نه سگهيا پر سندس چاليهي جي موقعي تي متان ڪوئي ادارو مارڪيٽنگ ڪري.
عطا محمد ڀنڀرو تحقيق ۽ ترجمي جي حوالي سان پاڻ ملهائيندي ملهائيندي اکين جي جوت به وڃائي ڇڏي، پر پوءِ به دل جي ديد سان پنهنجي طئي ڪيل دڳ جي مسافري ڪندو آيو؛ جيڪا ٿوري گهڻي جوت بچي هئس تنهن کي به پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڪتب آڻيندو هو. هن سنڌ جي استحصال ۽ گهڻو رخين ناانصافين کي تمام وڏي شدت سان محسوس ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته ان جي ازالي لاءِ قلم جو عَلم کڻي پاڻ اٿي کڙو ٿيو ۽ تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيائين. هن جو اهو ڪردار ظاهري طور تي ڀل ته هڪ فرد جي عاشقي عيان ڪندو هجي، پر ان پويان هر سنڌيءَ کي ان واٽ سان هلڻ جو سنيهو به سانڍيل هو. هو پاڻ کي ٻين لاءِ اتساھ جي علامت سمجهندو هو، کيس پڪ هئي ته هن جي جوش جذبي جو نه رڳو قدر ٿيندو پر ان جي پوري پوري پيروڪاري به ٿيندي. جيڪا اڃان تائين اڻ پوري آهي ۽ پنهنجي تڪميل جو تعارف طلبي رهي آهي.
دنيا جو هر انقلابي، هر مفڪر ۽ هر تبديلي پسند انسان چاهيندو آهي ته هو پنهنجي حياتي ڪجھ اهڙي طرح گذاري وڃي جو نسلَ اها واٽ وٺندا اچن پر افسوس ته ائين ٿيندو نه آهي.
عطا محمد ڀنڀري ادارن کان به وڏو ڪم ڪيو. ادارن وٽ وسيلا هوندا آهن، عمارتون هونديون آهن، ورڪر هوندا آهن پر عطا محمد ڀنڀرو وٽ ڪا ٽيم نه هئي، ڪي فنڊ نه هئا، نه ئي وري ايترا وسيلا هئا جو سائنسي بنيادن تي تاريخ ۽ تحقيق بابت لاڳاپيل شعبن جي شاگردن کي ڪا رهنمائي واري روشني عملي طور تي عطا ڪري سگهي ها. قوم پرست فڪر سان سلهاڙيل عطا محمد ڀنڀرو پنهنجي وجود ۾ سراپا قومي عشق هو ۽ عاشقيءَ جي سڃاڻپ اها ئي هوندي آهي ته اها ڪجھ گهرندي يا وٺندي نه آهي پر مسلسل ڏيندي ئي آهي. بلڪل ائين جيئن عطا محمد ڀنڀرو سنڌ ۽ سنڌين کي دنيا جهان جي تاريخ جو پورو پورو شعور ڏنو، اها جاڳرتا ڪا ننڍڙي ۽ معمولي ڳالھ نه آهي. عطا محمد ڀنڀرو جو اهو خواب هو ته سنڌ سائنس جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري اڳتي وڌي. عطا محمد ڀنڀرو چوندو هو ته تاريخ ۾ سنڌ دنيا جي امام رهي آهي. سنڌ يونان، يورپ ۽ آمريڪا سميت پوري دنيا کي تهذيب ڏني آهي پر هاڻ جڏهن ان جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن ته ان کي آزمائشي حالتن مان ڇوٽڪاري ڏيڻ واري گس تي هلڻ کپي ته جيئن ديس واسين جا درد دور ٿين، ان کي سک ۽ سلامتي نصيب ٿئي. هو ماضيءَ جيان هاڻ به عالمي سطح تي اڳ کان اڳرا هجن، ڪو به هنن ڏانهن ميري اک کڻي نه ڏسي. ڪو به هنن جي حقن تي ڌاڙا نه هڻي ۽ ڪوبه کين هيسائڻ جي جرئت نه ڪري. عطا محمد ڀنڀرو جي وڪالت، صحافت، تحقيق، تاريخ شناسي ۽ ترجما نگاري ان ڳالھ جي تقاضائو آهي ته جيڪو خال سندس وڇوڙي سبب پيدا ٿيو آهي، تنهن کي تسلسل بخشيو وڃي ته جيئن سندس روح کي ابدي خوشي نصيب ٿئي. عطا محمد ڀنڀرو جي شخصيت سان انصاف اهو نه آهي ته پاڻ فقط سندس ڳڻ ڳايون، انصاف اهو آهي ته هو جنهن جذبي سان گهڻ رخو ڪردار ادا ڪري ويو آهي، پاڻ به ان ئي احساس سان اڳتي وڌون؛ نه رڳو اڳتي وڌون پر اڳ کان اڳرا به ٿي ڏيکاريون. ڇو ته اها ئي وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي حالتن جو آواز آهي.
اڄ جڏهن عطا محمد ڀنڀرو پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي آهي ته هن جي اڌ ۾ رهيل مشن اسان جي پهرين ايجنڊا هئڻ کپي. عطا محمد ڀنڀرو خود پاڻ تاريخ هو ۽ تاريخ سندس موضوع هئي. ان ڪري هر تاريخ شناس ماڻهوءَ جي من ۾ ۽ هر تحقيق ڪندڙ جي دل ۾ سندس تڏو وڇايل آهي. ان ڪري پاڻ اهو سوچيون ٿا ته سندس ڳوٺ وڃي وارثن سان تعزيت ڪجي يا تاريخ جي تاريخ سان تعزيت ڪجي.


عطا محمد ڀنڀرو
سنڌ جو پروميٿيس
امداد سولنگي
پروميٿيئس يوناني ڏند ڪٿا جو مشھور ھيرو آھي. جنھن تي زيوس ديوتا انسانن کي باھ چورائي ڏيڻ جو الزام لڳايو ھو ۽ جنھن جي نتيجي ۾ ھن جي مٿان فرد لاڳو ڪري اولمپس جبل جي چوٽيء تي ٽنگڻ جي سزا ٻڌائي وئي.جتي ھڪ ديوھيڪل ڳجھه به مقرر ڪئي وئي جنھن جو ڪم پروميٿيئس جو جسم پٽڻ ھو. .پروميٿيئس جو ڏوھ اھو ھو ته ھن زيوس ديوتا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي .ڇو ته زيوس ديوتا ھميشه لاءِ منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ھو ته انسان ذات کي ڪڏھن به باھه ٻارڻ جو شعور ناھي ڏيڻو.زيوس ديوتا کي خوف ھو ته متان انسان باھه جو شعور حاصل ڪري سندس راڄ ڌاني کي نيست و نابود نه ڪري ڇڏي.! .
عطا محمد ڀنڀرو به سنڌ جو پروميٿيئس ھو.جنھن يونان جي مزاحمت جي ھيري پروميٿيئس جي عظيم علامتي مثال جي پيروي ڪندي علم جي روشني جو شعور پنھنجي ماڻھن کي ڏنو ھو.جنھن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي ڳوريون سزائون ھن جي مقدر ۾ آيون پر انھن سزائن عطا محمد ڀنڀري کي ڪڏھن به ڪو نه لوڏيو.رھندو انھن سزائن ھن جي ڌرتي ماءُ earth religion جي نظرئي ۾ ويساھه کي ويتر وڌيڪ پڪو ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو! دراصل عطا محمد ڀنڀرو ان جديد سنڌي ڏاھپ Sindhi Sophia جو نقيب harbinger ھو. جنھن جو ماڊل سنڌ ۾ ورھاڱي کان اڳ حشوڪيولراماڻي مقرر ڪيو ھو ۽ ورھاڱي کان پوءِ وري جنھن ماڊل کي حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد،علامه آءِآءِ قاضي،ابراھيم جوئي ،شيخ اياز، سوڀي گيانچنداڻي ۽ رسول بخش پليجي نه رڳو برقرار رکيو پر ان جي واڌاري لاءِ ڌن ۽ تن جي بازي به لڳائي ڇڏي. بيشڪ عطا محمد ڀنڀري وري ان ماڊل کي ھڪ علمي شعور ۽ آگھي جي نئين لھر سان واقف ڪرايو.جنھنڪري سنڌ علمي سجاڳي جي نئين دور new renaisance ۾ داخل ٿي!ھن فرانسيسي انقلاب جي ھيروز روسو ۽ والٽيئر وانگر علم کي ڦھلائڻ جي لاءِ پنھنجي ذاتي سڪون کان نابري واري ڇڏي! ھن سنڌ کي علم جو اھڙو monument بنائڻ ٿي چاھيو جنھن کي سموري دنيا ڏسڻ کان سواءِ رھي نه سگھي.ھن سنڌ جو اصلي علمي جوھر ورائڻ ٿي گھريو.ڇو ته عطا محمد ڀنڀري کي پنھنجي گھري ادارڪ ڏسيو ھو ته سنڌ جي قديم علمي فلسفي جي گونج ماضي بعيد ۾ به سموري سرشٽي ٻڌي ۽ ورنائي ھئي.
عطا محمد ڀنڀري جو علمي مورچو ترجمو ھيو.ھن ان مورچي کي دنيا جي پسمنظر ۾ جاچي سنڌ جي تاريخي علمي ڏاھپ کي شاھوڪار ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو.ھن برجستي وڪيل ھجڻ جي باوجود، ترجمي جي ھنر کي وڌيڪ ڪارائتو ڄاتو. ڇو ته وڪالت جو پروفيشن رڳو ھن جي ذاتي ضرورتن کي ڪم اچي ٿي سگھيو پر ھن ته ان کان تام گھڻو اڳتي ڏسڻ ٿي چاھيو.جنھن ڪري ھن ترجمي نگاري کي اختيار ڪري ورتو.ڇو جو ھن جي نظر ۾ اھو ڪم سڌ جي شعوري ترقي جي حوالي سان تمام اھم ۽ تاريخ ساز ڪم ھو.عطا محمد ڀنڀري جڏھن ان ڪم ۾ ھٿ وڌو ته پوءِ ھڪ منٽ به ساھي نه کنئي. ھن ڪا به غلفت ڪرڻ نٿي چاھي. سندس رات ۽ ڏينھن جي محنت رنگ لاتو.
ھن الاھي مھاڪتابن کي وڏي جفاڪشي سان سنڌي ٻولي ۾ پنھنجائي سنڌ جي علمي خزاني کي تمام گھڻو شاھوڪار ڪري ڇڏيو. ھن سنڌ جي جھولي ۾ ڪيترا ئي ڪتاب وڌا. جن جو وچور ھن طرح آھي: ۱۹۸۰ع ڌاري ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب،ساڳئي سال “هينري ڪزنس” جو ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” ، ايڇ. ٽي. سورلي جو ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾“ڀٽ جو شاھه”، ۱۹۹۴ع ۾ ايس آر راءِ جو ڪتاب “سنڌو لکت ۽ ٻولي”، ۱۹۹۵ع ۾ ايڇ جي راورٽي جو ڪتاب “سنڌ جو مهراڻ”، ۱۹۹۵ع ۾ جي آر ھنٽر جو ڪتاب “سنڌو لکت جو بين القوامي لکتن سان لاڳاپو”، ۱۹۹۷ع ۾ اين جي مجمندار جو ڪتاب “سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي”، ۱۹۹۸ع ۾ اليگزينڊر برنس جو ڪتاب “سنڌوءَ جو سفر”، ۱۹۹۸ع ۾ ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي جو ڪتاب “سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي” ۱۹۹۹ع ۾ جيئن فيئرلي جو ڪتاب “سنڌو شينھن دريا”، ۱۹۹۹ع ۾ سي ايل ماڙيوالا جو ڪتاب “سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي”، ۲۰۰۰ع ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ جو ڪتاب “حرگوريلا جنگ”، ۲۰۰۰ع ۾ “سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني”، ايڇ ايم اليٽ، ۲۰۰۰ ع ۾ “سڪندر جي ڪاهه” ايرين، ۲۰۰۱ ۾ سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام،۲۰۲۰ع ۾ سنڌوءَ جو موهه، جنرل سر جارج ميڪمين، ۲۰۰۲ع ۾ تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ، ۲۰۰۴ ع ۾ سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس، ۲۰۰۴ ع ۾ ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني، ۲۰۰۴ ع ۾ ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور، ۲۰۰۵ ع ۾ سنڌ جيئن مون ڏٺي، ٽي پوسٽنس، ۲۰۰۵ ۾ سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن، ۲۰۰۶ ع ۾ سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن ، ۽ ۲۰۰۷ ع ۾ سنڌ هند جي قديم جاگرافي، اليگزينڊر ڪننگهام وغيره ترجمو ڪري ترجمي نگاري جي فن کي نئين سڃاڻپ عطا ڪري ڇڏي.
جنھنڪري سرڪار سڳوري وڏي مجبوري کان پوءِ عطا محمد ڀنڀري جي ادبي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ملڪ جي اھم سرڪاري اعزاز حسن ڪارڪردگي سان نوازڻ جو اعلان ڪيو پر عطامحمد ڀنڀري اھو اعزاز وٺڻ کان انڪري انڪار ڪري ڇڏيو ته سندس ضمير اھا اجازت نٿو ڏئي! عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو تمام وڏو ليجنڊ ھو.تاريخ جي ورقن ۾ لکيل آھي ته ليجنڊ پاڻ ناھي ڳالھائيندو پر سندس عمل ڳالھائيندو آھي. عطا محمد ڀنڀري جو علمي عمل به سنڌ سان ھر ڏکئي وقت ۾ مخاطب ٿيندو رھندو.


سائين عطا محمد ڀنڀرو
سندس وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال
غفار ميرجت
سنڌ جي ڌرتي تي آزاد فضائن ۾ ساههه کڻڻ جا سپنا دل ۾ سانڍي هڪ وڻجارو وڇڙي ويو جنهن قومي سفر جي ٻيڙي کي پار پڄائڻ لاءِ اکين ۾ اوڄاڳا سانڍي سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، طاقتور قوتن طرفان قومي ڪارڪنن لاءِ پيدا ڪيل طوفانن ۾ به هن هڪ پل ساهي کڻڻ جي خواهش نه ڏيکاري،هو ڀٽائي جو شعر هي گهڻو پڙھندو هيو؛
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جئن سُمهنِ پير ڊِگها ڪري،
لوچين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هاري! لءِ هوتَنِ؟
نِنڊان نِياڳِيُنِ کي، اوڀالا اَچنِ،
سي پُنهون ڪوهُ پُڇنِ؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهي.
هي ته آزادي جي سفر جو اهو راهي هيو جيڪو راهي بس ساه کڻڻ لاءِ پاڻي ڍڪ، ڪجھ پيٽ ٻل لاءِ مانيون ڳنڍ ٻڌي نڪرندو آھي، هن جي سوچ ۾ مايوسي ڪُفر هئي،
سَمُر جنين نه ساڻُ، هوتُ حِماتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپرَ ۾، پُنهون ايندو پاڻَ،
ٿِيندي رِيجَهه رِهاڻِ، لَحظي مَنجَهه، لَطِيفُ چئي.
هي جڏھن آڪاش ڏي نهاريندو هيو ته ستارا به سلامي ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا هوا، هن جي سوچ مطابق وطن تان سڀ ڪجهھ قربان ڪرڻ  عبادت  هيو. هن جي جهونن هٿن جون ڏڪندڙ آڱريون جڏھن به قلم جهلڻ جي پوزيشن ۾ اينديون هيون ته وطن جي دفاع ۾ توپن کان وڌيڪ لفظ لکنديون هيون  دشمن جي طاقت کي ڀورا ڀور ڪري ڇڏينديون هيون، سائين عطامحمد ڀنڀرو جڏھن سنڌ جي ٿر بر ۽ ڪاڇي ڪوهستان ۾ سفر ڪندو هيو ته هن  جهوني انسان جو نفيس جسم رڪ کان وڌيڪ مضبوط محسوس ٿيندو هيو، ڪڏھن ڪڏھن سائين پاڻ چئي ڏيندو هيو ته عشق پوڙھو ناهي ٿيندو،
سائين عطامحمد ڀنڀرو صاحب اهو چئي حڪومتي ايوارڊ واپس ڪيو هيو ته مان غلام قوم مان آهيان ۽ غلام ايوارڊ نه وٺندا آهن. اهڙي انسان جون يادون پل پل اينديون رهنديون
جيئن ڀٽائي چيو آھي ته
مُون ڀانيو مُون وٽِ، هميشھ هوندا پِرِين،
ويڙهو ڏيئي ويڪِرو، پَهري ويا پَٽِ،
ساهُ جنِين جي سَٽِ، وِڪيُمِ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
مان اهو پيو سوچيان ته سائين عطامحمد جي سنڌ لاءِ ڪهڙي ڪهڙي ڪيل خدمت تي لکان. جيڪڏھن هن کي ليکڪ اديب ڪري لکان ته هي سنڌ جو اهو ليکڪ هيو جنهن ڪيترائي تاريخي ڪتاب لکيا، ۽ ترجما ڪيان جيڪي ڪتاب تاريخ توڙي انقلاب تي لکيل آھن جيڪڏھن سنڌ پرستي تي لکان ته هي اهو جهونو پيُ هيو جنهن پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي شھادت تي تعزيت بجاءُ مبارڪون وصول ڪيون، تعزيت لاءِ ايندڙن کي پهريون اهو پيو چئي ته منهنجو پُٽ راجا ڏاهر سنڌ تان قربان ٿيو آھي، اها مونکي خوشي آھي ان ڪري آءُ پُٽ جي شھادت تي مبارڪون پيو وصول ڪريان،تعزيت نه.
سائين عطامحمد ڀنڀرو جڏھن سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي يا سالگره جي جلسي تي خطاب ڪندو هيو ته، هن جو هر لفظ تاريخ جوڙيندڙ ھوندو هيو، هن جي سڏ ۾ صدين جون صدائون هونديون هيون، هن جي لفظ لفظ ۾ مزاحمت ۽ ارڏائي هوندي هئي، هو دشمن کي للڪارڻ جو درس ڏيندو هيو ۽ وطن تان قربان ٿيڻ کي اصل شھادت سمجهندو هيو.
جيئن ڀٽائي چيو آ؛
ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛
مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛
ڳاهُ ڳِجُھنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِهَ ٿِيا.
هو ارڏو انسان حق ڇني وٺڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هيو. قومي ڪارڪنن سان پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندو هيو. سن ۾ جڏھن ڪارڪن هن جا هٿ چمندا هيا ته ان وق هن جي زبان تي اهي لفظ هوندا هيا ته مان صدقو سنڌ امڙ جي بهادر پُٽن تان. هو سائين جي ايم سيد جي نظريي جو اهو سفير هيو، جيڪو جهر جهنگ حق سچ جي ڳالهھ ۽ وطن جي آزادي جي تبليغ ڪندو هيو.
سائين عطا محمد ڀنڀري جي وڇوڙي سان قومي تحريڪ ۾ علمي ادبي تمام وڏو خال پيدا ٿيو آھي، اهو خال سوين سالن تائين ڀرجندي نظر نٿو اچي، سائين اهو پڙھيو لکيو اڳواڻ هيو جيڪو وطن جي آزادي جي ڳالھه دليلن سان ڪندو هيو، سائين عطامحمد جي وچوڙي تي هر سنڌ پرست ماڻھو ڏکارو آھي. هن جي آخري وصيعت به ڌرتي سان عشق جو اتساهه ڏئي ٿي.
اهڙن اڏول انسانن لاءِ ڀائي چوي ٿو ته؛
واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
اهو ڪنهن پئي ڄاتو ته هي آزاد فضائن جي اوسيئڙي ۾ زندگي گذاريندڙ پکيئڙو ان پار هليو ويندو جتان ويل واپس ناهن ايندا، ڪي انسان ڪجهھ ڏينهن کان پوءِ پنهنجي اهلي ايال کان ۽ ويجهن دوستن يارن کان به وسري ويندا آھن پر سائين عطا محمد جهڙي عظيم انسانن کي سنڌي قومون صدين تائين ياد رکندي، سائين عطامحمد جون وطن جي آزادي قوم جي خوشحالي لاءِ ڪيل خدمتون اڻ وسرڻيون آھن، عطامحمد صاحب قومي تحريڪ جو اهو چمڪندڙ ستارو هيو جنهن جي روشني ۾ قومي ڪارڪن آزادي واري راھ تي پيا سفر ڪندا هيا، اهڙا قومي هيرا ڏينهن، مهينن يا سالن ۾ پيدا ناهن ٿيندا ان ڪري اڃان به کوڙ اهڙا سچا جاکوڙي گمنام ڪردار موجود آھن جن کي رڳو سڃاڻڻ جي ضرورت آھي
اهڙا ڪردار  چمڪندڙ چوڏهين جي چنڊ کان وڌيڪ روشناس هوندا آھن.
چَنڊَ تنهنجي ذاتِ، پاڙيان نه پِريُنِ سين،
تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهرو.
ڪنهن پئي ڄاتو ته خيرپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ محمد بچل ڀنڀرو ۾ عطامحمد ڀنڀرو نالي  هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو وڏو ٿي شاھ ڀٽائي ۽ سن واري سيد جي عاشقي ۾ پاڻ کي ذرو ڪري ڇڏيندو. اڳتي هلي اهو تاريخ جو پڙاڏو ٿيندو پڪي توڙي نوجوان جي دل جو راڻوٿيندو. مون سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي  ڪنهن وڏيري، مير، پير جي  پيرين پوندي نه ڏٺو. پر سائين عطا محمد ڀنڀرو جي خدمتن  اڳيان ان ارڏن جوڌن قومي ڪارڪنن کي مون سجده ڪندي ڏٺو آھي.
هن وقت قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مٿان اهو فرض ٿو ٿئي ته هو ڀنڀري صاحب جي وڇوڙي تي اهو وري هڪ ڀيرو ٻيهري وچن ورجائين ته سندس مشن کي اڳتي کڻي هلندي ذاتي رنجشون ختم ڪن، ڇو ته انقلابي تحريڪن ، اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۾ ذاتي رنجشون ۽ هڪ ٻئي ڏانهن منفي روين جي ڪري ڏار پوندا آھن، وڇوٽيون پيدا ٿينديون آھن اهو سڀ ڪجھه هن وقت ان ڪري ضروري آھي ته سائين عطامحمد جهڙي عظيم انسان جو وڇوڙو ٿيو آھي ته، ان جي خواهش ھئي ته سڀني کي گڏجي قوم جي خوشحالي ۽ بقا لاء جدوجهد ڪرڻ گهرجي، هن پاڻ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو تڏھن ته هرقومي ڪارڪن جي دل ۾ تڏو وڇايل آھي، مان سائين عطا محمد ڀنڀرو جي وفات تي وارثن سان گڏ ھر ان ڪارڪن سان تعزيت ڪريان ٿو جيڪو سنڌ پرست آھي!


عطا محمد ڀنڀرو صاحب
سنڌ جو چنڊ
عبدالرزاق ٽالپر
ھن جي سڃاڻپ ھڪ تاريخدان ۽ اديب طور ھئي پر پاڻ ڪجھ وقت وڪالت به ڪيائين ھن جي وصيت پڙھڻ کانپوء خبر پئي ته ھو سنڌ جو تمام وڏو ۽ ڏاھو ماڻھو، انتھائي مضبوط ۽ طاقتور ترين سنڌي ھو. جنھن جو سنڌ وطن سان عشق مثالي ۽ لازوال ھو. ڀنڀرو صاحب، ڪنھن به سياسي پارٽي سان واڳيل نه ھو پر سنڌ جي آزاد سنڌي رياست جي وجود ۽ ان خيال ۽ نظرئي سان بي پناھ محبت ڪندڙ ھو. سندس پٽ راجا ڏاھر جي پوڙھائپ ۾ بيرحم شھادت، کيس خوفزده ۽ ڪمزور نه ڪيو پاڻ وڌيڪ طاقت بخشي ۽ پاڻ تعزيت به وصول نه ڪيائين.
عام ماڻھن جي جواني ۾ برداشت ھمت دليري جون خوبيون عام جام ھجن ٿيون پرجڏھن ۶۰ سالن کان مٿي عمر چڙھندي آھي ته چڱا ڀلا ماڻھو ذھني طور ڀڄي ڀري پون ٿا ۽ طوفانن سان مقابلي جي ھمت ختم ٿي وڃي ٿي. لوڪ سان اوڀارو ھلڻ تا ھٿ کڻي وڃن ٿا ۽ ھٿيار ڦٽا ڪن ٿا. ھو ذھني نظرياتي ۽ جسماني سرينڊر ڪن جي اھو ماڻھون نالي وارو آھي ته نظرياتي مخالف ۽ دشمن قوتون ان سرينڊر کي سماج ۾ سندن فتح ۽  نفسياتي برتري طور پيش ڪن ٿيون ڀنڀرو صاحب ۸۷ سالن جي عمر ۾ به ڪارونجھر جبل جيان مضبوط بيٺو رھيو ۽ سنڌي قوم کي غلامي جو احساس نرالي نموني ڏيئي ويو اڳ ڊاڪٽر نجم عباسي پڻ اھڙي وصيت ڪئي پر جيڪا ڀنڀرو صاحب سنڌ لاء  پنھنجي پٽ جي قرباني ۽ غير معمولي وصيت ۽ پيغام  جھڙا ڪم ڪري ويو ان جو ڪو مثال ناھي عطا محمد ڀنڀرو صاحب سنڌ جو روح ۽ ڪارونجھر جبل جيان مضبوط ۽ حسين ترين ڪردار آھي. ھي سنڌ تي ھميشه چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪندو رھندو.


سائين عطا محمد ڀنڀرو
کيس شرڌانجلي - سنڌڙيءَ جي نانءَ جي مالا جپيندڙ سُمھي رهيو
سنگرام
اڄُ [۰۳ جُونِ، ۲۰۲۰] هڪ اَڀاڳي خبر سڄيءَ سنڌ تي وِڄَ وانگر ڪڙڪي آهي ته سڀاڳيءَ جيجل جي نانءَ جي مالا جپيندڙ اَبدي ننڊ سُمھي پيو آهي. هُن پنھنجو سڄو جيوَنُ سنڌڙيءَ لاءِ سوچيندي، لوچيندي، نُورُ نِچوئيندي اَرپي ڇڏيو هو.
سنڌي ساهَت کيتر ۾ سنڌوءَ جي سَڀيَتا جي باکَ ڦُٽڻ کان وٺي اڄ تائين انيڪ انسانن پنھنجو پاڻ موکيو آهي، اُهي ڪَوِي، ڪلاڪارَ، اديب ۽ دانشوَر آڪاس منڊلَ ۾ جرڪندڙ کير ڌارا (galaxy) جي تارن وانگر سنڌي ساهَتَ جا روشن سِتارا آهن. سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌي ساهَتَ جِي اُن کير ڌارا (galaxy) جي وڌيڪ روشن، وڌيڪ جرڪندڙ تارن منجھان هڪ هو. اڄُ سنڌي ساهَتَ جو آڪاس منڊل سوڳوار آهي، اُنَ تي اُماسَ جي ڪاريءَ رات جو راڄُ آهي، پرَ، اسان جو اَٽَلُ وِشواسُ آهي ته سُڀاڻي سِجُ اَوَس اُڀرندو ۽ پنھنجي نُورَ سان چؤ ڏِس پِرڪاشُ پکيڙيندو. اسان کي اِهو نه وِسارڻ گھُرجي ته سِج پڻ آڪاس منڊل جو هڪ روشن ترين سِتارو آهي.
سائين عطا محمد ڀنڀرو هڪ سدا بھار، مُرڪڻو، مِلڻو، اَٿاهه پيارُ ڏيڻ وارو ۽ پيارُ نِڇاوَر ڪرڻ وارو هڪ آدرشي انسانُ هو. اهڙا مَڻيادار ۽ پاڻ اَرپيندڙ، پَر اُپڪاري ماڻھو جُڳن ۾ مَس پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن جنم وٺندا آهن ته صدين جون سِڪُون لاهيندا آهن.
سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب جون سنڌي ساهَتَ لاءِ ڪيل سيوائون سُنھري اکرن ۾ لکيون وينديون. پاڻ علم جي عميق ساگرَ ۾ ڪنھن ماهر ٽوٻي وانگر اُونھيون ٽُٻيون هڻي، ڪنھن پارکُو جوهريءَ وانگر مقصد جا موتي ميڙي وٺندو هو. پاڻ سڄي سَنسارَ جي ساکائتي، مايه دار، سَچَ ڀرئي، سائنسي ۽ عقُلي ساهتَ مان چونڊ ڪري پاڻ اَرپنا واري اُدَمَ سان پيار جو پورهيو ڪري، جھُوني جُوڻيءَ ۾ به نُورُ نِچوئي، اُنھن کي مٺڙي سنڌي ٻوليءَ جو ويسُ پَھرائي سنڌي ساهَتَ جي ڀنڊارَ کي ماڻڪ موتين ۽ رَتن جَواهرن سان مالا مال ڪندو رهيو. سندن علمي ۽ قلمي پورهئي سنڌ ۾ ماڻھن جي سوچڻ جي اندازَ تي ڪافي اثر ڇڏيو. سنڌ، سنڌي ماڻھو، سنڌي ٻولي، سنڌ جي آدجُڳادي اِتھاسَ ۽ سِنڌوُءَ جي سَڀيَتا سان سندن سِنيھهُ لازوال هو، جنھن جو اظھار سندن ڪتابن جي چونڊ مان لڳائي سگھجي ٿو. پاڻ نھايت ئي ڏُکين ۽ اَڇُتن موضوعن جي چونڊ ڪيائون ۽ اُنھن کي سدا سُھائيندڙ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ جو ويسُ اوڍائي اُن جي قدردانن ۽ پارکُن آڏو پيش ڪيائون، ڊاروِن جو جڳ مشھور ۽ انساني ڪايا پلٽيندڙ ڪتابُ، ”نسلن جا بُڻَ بُنياد“، اِنھيءَ جو چِٽو ثبوت آهي.
سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب سان سُٻنڌُ رکندڙ ساهت پريمي کين اڄُ پنھنجي پنھنجي طريقي سان شرڌانجلي پيش ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا. پر منھنجي ڪيفيت ڪجھه الڳ آهي. سائين عطا محمد ڀنڀري جھڙي ٻَھڳُڻي شخصيت جي وڇوڙي تي ڪجھه لکندي لفظ منھنجي قلمَ جو ساٿ ڏيڻ کان پِڙ ڪڍي بيھي رهيا آهن. مون اَڀاڳي غريب العلم وٽ اُهي لفظ ئي ناهن جن جي مالا جوڙي سائينءَ جھڙي مھانُ هستيءَ کي سندن شايان شانُ شرڌانجلي ارپڻ ڪريان، تنھنڪري، آءٌ مارٽِن لُوٿر ڪِنگ جونيئر جي لفظن جو سھارو وٺي رهيو آهيان.
سائين عطا محمد ڀنڀري جي نيڻن ۾ سڀاڳيءَ سنڌ لاءِ اَنيڪ سُپنا سمايل هئا، جن جي ساڀيان لاءِ هُو آساٻنڌُ رهندو هو. مارٽِن لُوٿر ڪِنگ جونيئر پڻ چيو هو ته سندس نيڻن ۾ هڪ سُپَنو هو. آءٌ هتي مارٽِن لُوٿر ڪِنگ جي اُن سُپني جون ڪجھه سِٽون سائين عطا محمد ڀنڀري کي شرڌانجليءَ طور ڀيٽا ارپڻ ڪري رهيو آهيان:
”منھنجي نيڻن ۾ هڪ سُپَنو وَسي ٿو...  منھنجي نيڻن جو اُهو سُپَنو اِهو آهي ته هڪ ڏينھن هيءَ قوم جاڳندي ۽ حقيقي معنى ۾ پنھنجي قومي نِيَمَ، پنھنجي قومي اُصُولَ، يعني ”اسين اِنھن سچائينَ جا پابند رهڻ جو کُلم کُليو اعلان ڪريون ٿا؛ ته سڀئي انسان برابر خلقيا ويا آهن“ مطابق پنھنجو جِيوَنُ گھاريندي.
”...  منھنجو سُپَنو آهي ته منھنجا ٻچڙا هڪ ڏينھن هڪ اهڙي قوم ٿي جيئندا جتي کين سندن چمڙيءَ جي رنگ جي آڌار تي نه پر سندن گُڻَ، ڪِردار جي آڌار تي پرکيو ويندو ...
”... منھنجي مَنَ ۾ اڄُ هڪ سُپَنو آهي ...  منھنجو ويساههُ آهي ته هڪ ڏينھن اسين نااُميديءَ، نِراسائيءَ جي اَجگر ڏُونگرَ کي ڏاري، اُن مان اُميد جو رَتَنُ، جواهَرُ ماڻينداسون. اِنھيءَ ويساههَ سان اسين هڪ ڏينھن پنھنجيءَ قومَ جي خسيس تڪرارن کي رَدُ ڪري، اُنھن اُگرن کٽراڳن کي ڀائپيءَ جي رُوحَ کي راحت ڏيندڙ سُريلن سُرن ۾ بدلائڻ جي قابل بڻجنداسون. اِنھيءَ ويساههَ، اِنھيءَ نِسچي سان اسين گڏجي ڪم ڪرڻ، گڏجي بندگي ڪرڻ، هڪ ٻئي جي ڀلائيءَ، سُکَ، ۽ ڪَلياڻَ لاءِ، گڏجي سڏجي جدوجھد ڪرڻ، لوچ پوچ ڪرڻ، گڏجي ڪَشٽَ ڪَشالا ڪڍڻ، جيلون ڀوڳڻ، ۽ اِهو ڄاڻندي ته هڪ ڏينھن اسين ضرور آجپو ماڻينداسون، آزاديءَ لاءِ گڏجي سندرو ٻَڌڻَ جي قابل بڻجنداسون...
”اُهو ڏينھن هڪ اهڙو ڏينھن هوندو جڏهن رَبَ جا سڀئي ٻچڙا هڪ نئينءَ معنى ۾ اِهو گيتُ، اِهو ترانو ڳائڻ جي اهل بڻبا:
”اَي منھنجا ديسَ، اِهو تون ئي آهين،
”اَي آزاديءَ جِي مِٺڙي ڌرتي،
”آءٌ تنھنجا جَسُ ڳايان ٿو.
”اُها ڌرتي جنھن کي منھنجن وڏڙن پنھنجا جيوَنَ اَرپيا،
”اُهو ديسُ جتي اچڻ ۾ پرڏيھي پانڌيئڙا فخر محسوس ڪن ٿا،
”هر بُلنديءَ تان اچو ته اُن آزاديءَ جا گھِنڊُ وڄايون.



سائين عطا محمد ڀنڀرو

سنڌ جي عشق جو رُٺل ٻار

مسعود لوھار

منھنجي ساڻس ملاقات اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ۱۹۹۹ع ۾ ٿي. انگريزي جا ڪجھ ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻا ھئا. نوڙت وارو، يڪ سخنو، برجستو ۽ پنھنجي ڪم جو اُستو (Professional). نه ڪا لٻاڙ، نه ڏيکاءُ ۽ نه ڪنھن شيءِ جي لوڀ. سندس ان مزاج مون کي حيران ڪري ڇڏيو. ادبي لڏي ۾ اھڙن گڻن واري ڪا پھر ڪو نه ٿي ملي. تجربا خراب ھئا ۽ آسرو پليل ھئو. وڏا وڏا نالا پر کوڙيءَ کي گھُمرو ھو. ماڳھين ڪڏھن ڪڏھن منھن مٿو ٿي پِٽڻون پيو.

عطا محمد ڀنڀرو تاريخ ۾ رڳو ان ڪري ڪو نه سڃاتو ويندو جو ھن سنڌ متعلق انگريزي مان اھي ڪتاب ترجما ڪيا جن جي بغير، سنڌ جي تاريخ سمجھڻ ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ نا ممڪن ھئي— اھڙا ڪتاب، جو حيرت ٿي ته ھن کان اڳ اسان جي وڏن وڏن مشاھيرن ۽ ادارن باوجود ذريعن موجود ھئڻ جي، انھن جي ترجمي ڪرائي ڇپائڻ جا جوڳا بندوبست ڇو نه ڪيا ھئا —  يا ان ڪري ته ھن سنڌو تھذيب (موھن جي دڙي) جي ٻولي کي پڙھڻ جي ھڪ انتھائي يگاني ڪوشش ڪئي ۽ ان تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب لکيا، پر تاريخ کيس اھڙي مست عاشق وانگر ياد رکندي جنھن جو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ماڻھن سان عشق جنون کان ٽپيل ۽ بيمثال ھو. اُھو عشق بي لوث ھو ۽ ان ۾ نه ڪو ذاتي مفاد ھو ۽ نه ئي ڪنھن “ڪشور ڪُشائي” وارو ڏيکاءُ ھو. ھن ڪيترن ٻين “مھا ڏاھن” وانگر پنھنجي سنڌ سان محبت کي ڌنڌي لاءِ استعمال نه ڪيو. ھتي ته ماڻھن “سنڌ سنڌ” ڪري الھو تلھو چٽ ڪري اوگرائيِ به ڪونه ٿي ڏني. گھڻن نام نھاد “سپوتن” ته ديس جو سودو اھڙي ھوشياري سان ڪيو جو اردو جي ڪليم عاجز  جو شعر ٿي ياد آيو ته

دامن پي ڪوئي ڇينٽ نه خنجر پي ڪوئي داغ

تم قتل ڪرو ھو ڪه ڪرامات ڪرو ھو

ڏيڍ سئو کان مٿي ڪتاب لکندڙ سنڌ جي ھن عظيم فرزند کي بنھ ورلي ڪنھن ادبي پروگرام ۾ ڏسبو ھو. نسيم نگر جي موري تي ھڪ ننڍڙي گھر، جنھن جي ڀتين تان سيمنٽ جا چاپڙ ڇڻندي نظر ايندا ھئا، ھو کليل ٻاھن ۽ خلوص سان اھڙو ملندو ھو جو ماڻھون کيس وري ڪڏھن وساري نه سگھندو ھو. نه رڳو اھيو پر اھڙين ملاقاتن ۾ به ڄاڻ ۽ سُخن اھڙا جو ھميشه پرائي موٽبو ھو. سنڌ سان سندس عشق وبا وانگر وچڙندڙ ھو. کيس پتو ھو ته ڪيئن ۽ ڪنھن کي ان جي سُتي ڏيئي روانو ڪجي. ويھ سال اڳ پھرين ملاقات ۾ مون کي چيائين ته لوھار ته پيشو آھي تنھنجي ذات ڪھڙي آھي. چيومانس ته؛ “اسين سما آھيو ۽ پڙ ڏاڏو ڪڇ مان ويھين واري ڏھاڪي ۾ لڏي بدين ضلعي ۾ اچي رھيو. وٽس ۷۰۰ ڍڳيون ھيون جن کي اتي پيل شديد ڏڪار کان بچائڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪيائين.” سندس سوال نه کُٽا. چي نُک ٻڌاءِ. ٻڌايومانس ته ٻي ته خبر ناھي پر اسان جي ڏاڏيِ اسان کي ٻڌائيندي ھئي ته اسان راءِ کنگھار جو اولاد آھيون. بس اھو ڏينھن! مون کي ھميشه “ڄام مسعود “ ڪري سڏيندو ھو. ھن ايترو جلدي منھنجي مزاج جي اندر سنڌ سان عشق جا خيما کوڙي ڇڏيا جو اڄ تائين آئون لئوڻون ڦيري نه سگھيو آھيان. سندس پڇيل سوالن  جي دٻاءُ  منھنجي ان وقت تائين پچر نه ڇڏي جيسين مون پنھنجي خاندان سميت  سمن ڄامن جي مختلف نُکن جي لڏپلاڻ ۽ شھرن جي برباد ٿيڻ  ۽ وري آباد ٿيڻ جي وارتا تي ڪم نه ڪرڻ شروع ڪيو. اصل ھڻي وڃي ھنڌ ٿيا. اھڙا اھڙا نوان پاسا تاريخ جا ظاھر ٿيا جو حيران ٿي ويس.  ڄام فيروز (وفات ۱۵۳۵ع)  جي نااھل ليڊرشپ کان پوءِ ٺٽي کان ڪڇ  ۽  وري  اوڻويھين صدي جي آخر ۽ ويھين صدي جي شروع ۾ ڪڇ مان سڄي دنيا ڏانھن  جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان تحقيق جا نوان پاسا کوليا. ڪينيا، تنزانيه، يوگنڊا، ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيه سميت يورپ جا ڪجھه ٻيا ملڪ جتي لوھار واڍا سڏجندڙ اھي سما دراصل اڄ تائين به سنڌ پاڻ سان گڏ کڻيو پئي ھليا. برطانيه ۾ مون کي اھا پوڙھيِ لوھار واڍيِ نٿي وسري جيڪا نوي جي ڏھاڪي ۾ به روز ابوالحسن جي سنڌي وارو قلمي نورنامون پڙھندي ھئي.

سال ۲۰۰۷ع ۾ مون کي پنھنجي لائق پُٽ عبدالحق جي ھٿان نياپو ڪرايائين ته حيدرآباد جي ھڪ پبلشر پاران سندس موھن جي دڙي جي ٻولي تي لکيل سنڌي ڪتاب جون سڀ ڪاپيون خريد ڪرايان ته جيئن خرچ نڪري. مون ڪاپيون ته سڀ خريد ڪري ورتيون پر جڏھن سندس سنڌو ماٿري جي لِپي کي پڙھڻ جي طريقي ۽ انداز کي ڏٺم ته وٽس لڙي ويس. چيومانس ته سڄي ڪم کي انگريزي ۾ آڻيو. چيائين ڪير ڇپيندو ڪو نه. مون واعدو ڪيومانس ته پنھنجي اداري جي پاران پبلش ڪندس. ڪتاب تيار ٿي ويو ته مون کي نياپو ڪيائين ته ڪلچر ڊپارٽيمينٽ وارا شرما شرمي ۾ ڇپائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن. مون ڏانھن مھاڳ لکڻ لاءِ مسودو موڪليائين جيڪو ٽي مھينا منھنجي ملڪ کان ٻاھر سفر ۽ سستي جي ڪري پيو رھيو. نيٺ معافي وٺي موڪليومانس ته ٻي ڪنھن لائق ماڻھو کان لکايو. موھن جي دڙي تي سنڌو ماٿري جي ٻولي تي ٻه بين الاقوامي ڪانفرنسون ٿيون آھن. منھنجي ڄاڻ موجب نه ته ھن عظيم اسڪالر کي اتي گھرايو ويو ۽ نه ئي ھن جي ھيڏي ساري ڪم کي ٻين ٻاھرين عالمن کي ڏيکاريو ويو. گھر جو پيِر چُلھ جو مارنگ.

وصيت ڪري پنھنجي قبر کي زنجيرن ۾ جڪڙائي دفن ٿيندڙ ھن مجذوب عالم جي ڪردار جو ٻيو پاسو اھو آھي ته صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيائين. اھو واحد سنڌي عالم آھي جنھن پنھنجي نفس کي ايڏي لت ھڻي پنھنجي پاڻ کي سرخرو ڪيو. حالانڪه گھڻا “مھا ڏاھا” ۽ “سنڌ پرست” دانشور ان ڪاڪ تان ڪڪورجڻ بنا نه موٽيا. سندس جوان پُٽ مبينه طور ڳُجھن ھٿن ھٿان مارجي ويو. انھن سڀني ڪلورن ۽ ڪارگذارين به ھن ۸۰ سالن جي پوڙھي شينھن جي سنڌ سان عشق کي ڪنھن به طرح نه گھٽايو.

سندس وصيت ۽ قبر کي زنجيرن ۾ جڪڙائڻ وغيره جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي مختلف ٽيڪاٽپڻيون ٿينديون رھيون آھن. آئون بس اھو چوندس ته عطا محمد ڀنڀرو به جرمن فلاسافر نٽشي ۽ اسان جي حليم بروھي وانگر ھو. اھي ماڻھو ھليِ چليِ تي نه ھلندا آھن. اھي فطرت جا رُٺل ٻار ھوندا جيڪي دنيا جي حياتي ۾ پرچائجي نه سگھبا آھن. انھن جا حساب ڪتاب ۽ ليکا چوکا ھو ڄاڻن ھنن جو خدا ڄاڻي.

 

(ڏيھاڙي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل – مسعود لوھار جي فيسبڪ وال ٽائيم تان ۱۱ جون ۲۰۲۰ع تي کنيل)


عطا محمد ڀنڀرو صاحب کي ڀيٽا....

جڙون جِنين جيءَ ۾.....

محمد ابراهيم جويو

بيحد مانائتي ۽ سنڌ جي سڳنڌ سان هٻڪاريل ۽ واسيل شخصيت عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو سچو ۽ کرو، جاکوڙي ۽ کاهوڙي آهي. هو انهن بنهه ٿورڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ۽ پڻ سنڌ جي هر ڪنهن شيءِ سان من جي سموريءَ سچائيءَ سان محبت ڪئي آهي ۽ هن ديس جي ويرين ۽ دشمنن سان انتهائي حد تائين نفرت ۽ ڌڪار ڪئي آهي، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي دودن ۽ دلالن جي چڱي پر پروڙ آهي.

سندس خاص سڃاڻپ ترجما ئي آهن، پر ترجمي لاءِ هن انهن ڪتابن جي چونڊ ڪئي، جن ۾ سنڌ جي نسبت سان ڪوبه حوالو آيل هجي. خاص طرح پاڻ سنڌو سڀيتا جي حوالي  کان اهم ڪم ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا اٿن، جي هر طرح ساراهه جوڳا آهن. انهن ترجمن منجهان ڪيترا ئي ڇپجي چڪا آهن، پر ڇپائيءَ جي ادارن جي کوٽ سبب سندن وڏي انگ ۾ ترجما پڌرا نه ٿي سگهيا آهن. هوند ڪو ان ڏس ۾ اهتمام ٿي پوي ته سنڌ جي ساڃاهه ۾ اڃا به واڌارو اچي وڃي.

ترجمن کان سواءِ به منجهن خوبيون ۽ خاصيتون آهن، پاڻ ملڻ ۾ مٺا ۽ گفتار ۾ حَسين ماڻهو آهن. ان کان سواءِ پاڻ سنڌ جي حوالي کان خاص تڪ تور رکن ٿا. کين اها ڄاڻ آهي ته سنڌ هن وقت ڪهڙن مسئلن ۽ مامرن ۾ ڦاسي ترقي نه ڪري سگهي آهي ۽ انهن مسئلن ۽ مامرن جو حل ڇا آهي. پاڻ سنڌ کي عقل تي ڀاڙيندڙ پاڻڀري سماج طور ڏسڻ گهرن ٿا ۽ وهم پرستي ۽ وقت کان اڳ ئي شڪست مڃي ويهڻ واري رويي ۽ نراسيت جا مخالف رهيا آهن ۽ انهن سڀني کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ سمجهندا آيا آهن، انهيءَ ڪري منجهن ۽ مون ۾ اها هڪجهڙائي رهي آهي. سدائين پاڻ کي پڏائڻ، وڻائڻ ۽ وڌائڻ کان پاسيرو رکيو اٿن.

اها ڪي ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن مون ڪي ڪتاب ترجمي لاءِ الڳ ڪري رکيا هئا. خواهش هئي ته ڪنهن به طرح اهي ترجمي جي روپ ۾ ڇپجي پڌرا ٿين ته اسين هڪ قوم طور، انهن ڪتابن ۾ موجود مواد مان لاڀ پرائي اڃا به اڳڀرا ٿي سگهنداسين، انهيءَ ڪم ۾ مون ڪن نوجوانن سان گڏجي هٿ وڌو، پر ڪنهن طرح اهو خواهش ڪيل نموني توڙ تائين رسي نه سگهيو. ان کان پوءِ اهڙي ڪم لاءِ مون کي سندن نالو ذهن ۾ آيو. مون پنهنجي عزيزم محسن جويي سان حال اوريو ۽ هن عطا محمد سان وڃي ملاقات ڪئي ۽ منهنجو نياپو کين پهچايو. جنهن کان پوءِ پاڻ وڏا قرب ڪري مون وٽ هلي آيا. توڻي جو، سندن طبيعت ناساز هئي، پر پوءِ به اهو شرف بخشيائون. ان ملاقات ۾ مون ساڻن ڪتابن جي ترجمي وارو حال پيرائتي نموني بيان ڪيو. اهي ڪتاب ٽي هئا: (۱) Human Side of Science” (سائنس جو انسان دوست پاسو) (۲) سيڪيولر سٽي ۽ (۳) “Origin of Species” (نسلن جو بڻ بڻياد). انهن ٽن ڪتابن مان پهريون يعني “سائنس جو انسان دوست پاسو” پاڻ ترجمو ڪيائون ۽ اهو روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جيڪو جن نه پڙهيو آهي، انهن کي لازمي طرح پڙهڻ کپي. ٻئي ڪتاب جي ڪاپي مون کين ڏياري موڪلي، پر ڪنهن طرح اها ڪاپي وڃائجي ويئي ۽ “سيڪيولر سٽي” جهڙو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو، جڏهن ته ٽيون ڪتاب به خيرن سان ترجمي کان پوءِ هاڻي ڇپائيءَ هيٺ آهي، جيڪو پڻ پاڻ ترجمو ڪيو اٿن، اهو ترت پڌرو ٿي سامهون ايندو. ان ريت اها ملاقات هر طرح سجائي ويئي ۽ اهڙيءَ چڱائيءَ جو سمورو جس عطا محمد جي کاتي ۾ ئي لکيو ويندو، جنهن نظر جي ڪمزوري ۽ طبيعت جي ناچاڪائي هڪ پاسي رکندي، اهو اهم ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ وڏي ذميواري ۽ وقت سر پورو ڪيو.

سائين جويي صاحب کان ۲۰۱۲ ۾ اوارڊ وصول ڪرڻ جي تقريب ۾ سائين جويي صاحب جي تقرير...


عطا محمد ڀنڀرو

عشق ھاڻي ڪجي ڪنھن سان

ڊاڪٽر نواز علي شوق

۱۹۵۶ع ۾ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌ ڪوٽ مان مئٽرڪ ڪئي ته منهنجي والد صاحب ڪن پڙهيل ڳڙهيل ڏاهن سان مشورو ڪيو ته نواز علي کي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪهڙي ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي ڏيان، انهن ڏاهن بابا سائين کي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ پڙهائڻ جي صلاح ڏني، بابا سائين مون کي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ داخلا وٺرائي ڏني، حالانڪ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ به ڪاليج هئا. پر واقعي ان زماني ۾ اپر سنڌ ۾ سڀ کان ممتاز، ممتاز ڪاليج هو، جڳ مشهور مفڪر ماهر تعليم پروفيسر ڪرار حسين انگريزي پڙهائيندو هو ۽ مشهور اديب ۽ شاعر، مشفق مهربان استاد عطامحمد حامي سنڌي پڙهائيندو هو، ٻيا آرٽس ۽ سائنس جا استاد به مثالي استاد هئا، تنهنڪري ممتاز ڪاليج سنڌ جو هڪ مثالي ڪاليج هو، ڪاليج ۾ داخلا کانپوءِ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ داخلا ملي، اتي عطامحمد ڀنڀري، سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ سان اهڙو پريت جو پيچ پئجي ويو،

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن من ماروئڙن سين،

سي ماروئڙا ٿر ٿئا، جي ڳڻن جا ڳهير،

تني ري همير، گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.

اسان چار يار ڪرنل شاهه هاسٽل جي روم نمبر ۳۲ ۾ رهندا هئاسين، جنهن تي “اسان فقراءُ منزل” جي تختي هڻي ڇڏي هئي، اتي هر هفتي محفل مچائيندا هئاسين، ڪڏهن مشاعرو، ڪڏهن تنقيدي نشست ته ڪڏهن وري ڀوڳ چرچي جا مقابلا ٿيندا هئا، جنهن ۾ خيرپور جا مشهور چرچائي شريڪ ٿيندا هئا، ڪڏهن وري ڪو فنڪار وٺي ايندا هئاسون ته راڳ رنگ جي محفل مچي ويندي هئي، مطلب ته فقراءُ منزل ادب ۽ ثقافت جو مرڪز هئي. ۱۹۶۰ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ اسان چارئي يار ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ ڪراچي وياسين ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتيسون، جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ داخلا ملي وئي، مون سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايم اي سنڌي ادب ڪرڻ لاءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڻ داخلا ورتي، ان زماني ۾ هڪ ئي وقت ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي، ايم اي جا ڪلاس صبح جو ٿيندا هئا ۽ ايل ايل بي جي پڙهائي شام جو ٿيندي هئي، سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايل ايل بي اڌ ۾ ڇڏي فقط سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، مون ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي، ڀنڀري به ايل ايل بي ڪئي.

سيد محسن علي شاهه نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، محمد رمضان اعواڻ پهريائين اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ٿيو پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سپيرئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، عطامحمد ڀنڀري وڪالت ڪئي، ڪجهه وقت شيخ اياز جو جونئير ٿي رهيو، شيخ اياز کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، مان پهريائين ۱۹۶۳ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس، ۳ جنوري ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس ۽ اتان ئي ۱۹۹۸ع ۾ رٽائر ٿيس، عطامحمد ڀنڀري کي وڪالت نه وڻي، هو حيدرآباد اچي پنهنجي پٽ عبدالحق سان نسيم ننگر ۾ رهڻ لڳو. اسان جي دوستي مثالي هئي، پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪا رنجش نه ٿي، ڪوبه دوست ڪنهن کان ناراض نه ٿيو، ڪجهه سال اڳ سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ جدائي جي جهوري ڏيئي اڻ ڏٺي ڏيهه هليا ويا.

مان ۽ ڀنڀرو جڏهن ملندا هئاسون ته انهن يارن جي ياد ستائيندي هئي، پيارن جيءُ جيارن جون ڳالهيون ڪندي ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. چوياري جو اڌ وڍجي ويو ته اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا هنيون ڄڻ اڌو اڌ ٿي ويو، هڪ يار عطامحمد ڀنڀرو وڃي رهيو هو سو به سوين سور ڏيئي هليو ويو، عطن يار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي انتهائي شريف، بااخلاق ۽ ايماندار انسان هو، ڪوڙ ڪپت کان ڏور، ٺڳي ٺوڙي ڄاڻي ئي نه، هر وقت سندس منهن تي مرڪ، ڪڏهن وري وڏا ٽهڪ، اهڙن انسانن لاءِ ڀٽائي فرمايو آهي ته

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي.

اسان جي ۱۹۵۶ کان دوستي نه ڀائپي به نه پر عشق هو، ٻن پيڙهين جيترو عرصو نينهن جو ناتو رهيو، ان وڏي عرصي جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن، سي سڀ سهيڙجن ته ڪتاب تيار ٿي ويندو، دل چاهي ٿي ته انهن يادگيرين مان فقط هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌايان، عطامحمد ڀنڀري جي ڳوٺ واري گهر مان چوري ٿي، چور سندس گهر کي ٻهاري ڏئي ويا، سڀ قيمتي شيون زر زيور کڻي ويا، ڏاڍو ڏک ٿيو، اسان ٽيئي ڄڻا محسن شاهه بخاري، مان ۽ محمد رمضان اعواڻ ارمان ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ وياسون ساڻس ڏک جو اظهار ڪيوسون، چيائين ته مون سان ڇا جو ارمان، ڇا جو ڏک ڪيو ٿا، منهنجي گهر مان چوري ٿي آهي، واقعي منهنجو ڪجهه نقصان ٿيو آهي، پر يار اهو ته سوچيو سڄي سنڌ لٽجي ڦرجي رهي آهي، ڌاڙا لڳي رهيا آهن، سڀ ڌاڙا ڳڻي ٻڌايائين، افسوس ۽ ارمان ته ان تي ڪرڻ گهرجي، باقي هڪ گهر جي چوري تي ڇا جو ارمان ۽ افسوس، اچو ته ان لٽ ڦر تي احتجاج ڪريون. هو سڄي عمر اهڙو احتجاج ڪندو رهيو ۽ مرڻ کانپوءِ به پنهنجي قبر تي احتجاج جي علامت ڇڏي ويو.

عطامحمد ڀنڀرو وڏو بهادر ۽ اصول پرست انسان هو. اسان پارا ڪيترا ئي اديب ۽ شاعر، ڪي هزارن ۾ ڪي پنجن ڏهن لکن جي ايوارڊن ۾ وڪجي ويا. “هر ڪو ماڻهو، پنهنجي ملهه وڪاڻو” پر ڀنڀرو نه وڪيو نه جهڪيو. کيس ڪروڙ ملن ها ته اهي ٿوڪاري ائين چئي ها ته؛

ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.

ڇا سائين جي ايم سيد کي ڪو خريد ڪري سگهيو؟ ته پوءِ ان جي عاشق عطن کي ڪير خريد ڪري سگهي ها! قوم پرستي جو جذبو اسان چئني يارن ۾ هو پر ڀنڀرو جنون جي حد تائين سنڌ جو عاشق هو، جيئن ليليٰ جي عاشق مجنون (قيس) جي قبيلي مان وري ڪو قيس جهڙو جوان پيدا نه ٿيو، تيئن ڀنڀرن مان عطامحمد ڀنڀري جهڙو وري ڪو پيدا نه ٿيندو.

مان ۱۹۹۴ع ۾ ٻولي اختياري ۾ هئس ته مون ٻين ڪمن سان گڏ سنڌو لکت کي اهميت ڏيندي محترم محمد عمر چنڊ کان سنڌو لکت تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل تحقيق جي عنوان تي ليڪچر ڏياريو هو، ان جي وڊيو رڪارڊنگ اختياري جي رڪارڊ ۾ موجود آهي، پنهنجي پياري دوست عطا محمد ڀنڀري کي اها ذميواري ڏني هيم ته هن وقت تائين سنڌو لکت بابت جيڪي ڪتاب مختلف ملڪن ۾ شايع ٿيا آهن، تن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري، مون سڀ ڪتاب کيس مهيا ڪري ڏنا هئا، منهنجو ارادو هو ته سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي ايم اي سنڌو لکت ڪرائڻ گهرجي، ان کان علاوه کيس اها به ذميواري ڏني هيم ته هو سنڌو لکت کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، هو محنتي ماڻهو هو، هن اهي ٻئي ذميواريون پوريون ڪيون، سنڌو لکت جا ڪيترا ئي ڪتاب انگريزي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، ان کان علاوه سنڌو لکت جي ڀاڃ (ڊي ڪوڊ) بابت ٻه ڪتاب هڪ سنڌي ۾ هڪ انگريزي ۾ تيار ڪيائين اهي ٻئي ڪتاب چپجي چڪا آهن، سنڌي ڪتاب حيدرآباد جي هڪ خانگي اداري ڇپرايو ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سائين مظهرالحق صديقي چپرايو هو پر افسوس جو اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي گدام ۾ پيل آهي، خبر ناهي ڇو اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نٿو آندو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اهو سبب هجي جو ڀنڀري ان ڪتاب ۾ سنڌ جي نام نهاد ٻولي ماهرن جي نظرين کي عالماڻي انداز ۾ رد ڪيو آهي، تنهنڪري انهن پنهنجو اثر رسوخ هلائي ڪتاب قيد ڪرائي ڇڏيو هجي.

عطا محمد ڀنڀري کي سنڌ سان سنڌي ٻولي سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان انوکو عشق هو ان عشق جي انداز کي هرڪو سمجهي نٿو سگهي، بقول صوفي امام الدين فقير؛

هن عشق جي انداز کي، سمجهڻ ته ڏکيو آ.

هو مسڪين ماڻهو هو پر محنتي ۽ مخلص هو هن چاهيو ٿي ته سنڌ جو عام ماڻهو جيڪو ٻه چار درجا پڙهيل آهي، ان کي سنڌ جي عظمت کان واقف ڪرايان، منجهن شعور جاڳايان ان لاءِ هن مختلف موضوعن جهڙوڪ؛ سنڌ جا قديم آثار، سنڌ جي تاريخ، تهذيب تمدن، سنڌو درياهه، سنڌو لکت ۽ لطيفيات متعلق انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري اشاعتي ادارن ذريعي ڇپرائي عوام آڏو اندا، جن جو تعداد ڪافي آهي، اڃا سندس ڪي ڪتاب مختلف ادارن وٽ ڇپائي جا منتظر آهن. اهو ڪم هن شاندار نموني ڪري ڏيکاريو، حالانڪ اهو ڏکيو ڪم هو. تنهنڪري ڪنهن به ان ۾ هٿ نه ٿي وڌو، خاص طور سنڌ جي قديم آثارن ۽ سنڌي لکت وارن ڪتابن کي سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هن محسوس ڪيو ته ٻاراڻي ادب جي کوٽ آهي، ان کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب انگريزي مان ترجمو ڪيا، جن ۾ مختلف ملڪن جا ليکڪ شامل آهن، انهن ڪتابن جو به وڏو انگ آهي، لڳ ڀڳ پنجاهه کن ٿيندا، جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ ڏنا هئائين.

ڀنڀري هر ڪتاب جو اهڙو ترجمو ڪيو آهي جو اهو ترجمو نه پر اصل ڪتاب محسوس ٿيندو. مرزا قليچ بيگ کان پوءِ مترجمن ۾ عطا محمد ڀنڀري جو نالو وڏي فخر سان ڳڻائي سگهجي ٿو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڪالم لکيا ۽ شاعري به ڪئي. شاعري ۾ سندس تخلص حسرت هو. پوين ڏينهن ۾ هڪ پيري، ٻيو وري شگر جي مرض کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو. نظر به تمام گهٽجي وئي هئس. ٻن فوٽن جي وٿي تي به ماڻهو کي سڃاڻي نه سگهندو هو. پوءِ به ترجمي وارو ڪم ڪندو رهيو. هر روز ٻه دوست وٽس ايندا هئا. هڪ دوست انگريزي واري ڪتاب مان جملو پڙهندو هو. ڀنڀرو ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندو هو. ٻيو دوست اهو لکندو ويندو هو. اهڙو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. مطلب ته هن پنهنجي ياري توڙ نڀائي. بقول ڀٽائي؛

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

جڏهن اهڙو جاني جدا ٿي وڃي ته پوءِ ڪنهن سان عشق ڪجي؟

عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان،

جان جو جانان نه رهيو.



سائين عطا محمد ڀنڀرو

سنڌ جو انقلابي ڏاهو

سارنگ جويو

سائين عطا محمد ڀنڀري، سائين محمد بخش ڀنڀري جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ بچل ڀنڀري مان حاصل ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو اهو واحد ڳوٺ آهي، جنهن جي تعليم جو ريشو ۹۰ سيڪڙو آهي، جتان جا ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾ سُٺي مقام تي پُهتل آهن.

سائين عطا محمد ڀنڀري سنڌ جي جڳ مشهور تعليمدان، بئريسٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ۴ مارچ جي هيري حسن علي عبدالرحمان وٽان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان وڪالت پڻ سکي.

سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو ھن وقت اھو واحد سائنسي سوچ رکندڙ ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ڏاھو هو، جنھن پنھنجي زندگيءَ جون ۸۶ بھارون سنڌ وطن سان بيپناھ محبت ڪندي پنھنجي قلم ذريعي سنڌ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، انساني ارتقا، انقلاب، ويڙھ جي فن، شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي سميت ٻين انيڪ موضوعن تي ناياب ڪتاب ترجمو ڪري وِڌا هيا، جن جو ڳاڻيٽو ۵۰ کان به وڌيڪ ٿيندو ۽ ان سان گڏ موھن جي دڙي جي ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ۽ ”انڊس اسڪرپٽ“ جھڙا ٻه ناياب تحقيقي ڪتاب لکي اسان سنڌين کي ڏنا ۽ ان کان علاوه سنڌ جي نجات لاءِ فڪري ۽ علمي طور تي مسلسل جُھد ۾ رھيو ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. سنڌ سان سندس ان عشق جي بدلي ۾ سندس پُٽ راجا ڏاھر کي شھيد ڪري ھن عظيم انسان کي جُھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ھن عظيم انسان جُھڪڻ بجاءِ پنھنجي پُٽ جي شھادت تي فخر محسوس ڪندي اڳي کان اڳرو ڪردار ادا ڪندو رھيو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي شعوري آبياري ڪندو رھيو، انھن خوشنصيب نوجوانن مان ھڪ آئون به آھيان.

سنڌ جي ھن عظيم ڪردار صدارتي ايورڊ کي به اھو چئي ٿُڏو ھڻي ڇڏيو، ته آئون پنھنجي سنڌ وطن کي غلاميءَ جي آڙاھ ۾ ڌڪيندڙن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لُٽ ڪندڙن کان ڪيئن ٿو ايوارڊ وٺي سگھان.

لطيف سائين، سائين عطا محمد ڀنڀري جھڙي عظيم انسان لاءِ ئي چيو آھي ته،

ايئن نه مارن ريت،جيئن سيڻ مٽائِن سون تي،

اچي اَمر ڪوٽَ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،

پَکن جي پريت، ماڙين سين نه مَٽيان.

سائين عطا محمد ڀنڀري ايڇ ٽي سورلي جو لطيف سائينءَ جي فڪر تي لکيل ھڪ اھم تحقيقي ڪتاب ”شاھ آف ڀٽ“ جو سنڌيءَ ۾ شاھڪار ترجمو ڪري ڏنو، ڀنڀرو صاحب لطيف سائينءَ جي فڪر جي سائنسي تشريح جو قائل هو ۽ روايتي تشريح ۽ تحقيق کي رد ٿو ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اھو چيو ته اسان کي رُڳو لطيف تائين محدود ناھي رھڻو پر اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيع ميدان طرف وڃڻ گھرجي پر لطيف سائينءَ جي ڪنھن به صورت ۾ مخالفت نه ٿو ڪري، پر اسان جا نادان دوست سائين جي ڳالھ جو مطلب غلط ڪڍيو هو.

سائين ڀنڀري صاحب سان منھنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون آھن. چوڻ صرف اھو ھو ته ھن وقت لطيف جي فڪر تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي ۽ اڃا به لکجي پيو پر ھاڻي اسان کي ان کان به اڳتي وڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي ڇو ته سموري دنيا آٽومائيزيشن طرف پئي وڃي ۽ ترقيءَ، تبديليءَ ۽ انقلاب جا ڏاڪا طئه ڪندي اڳتي کان اڳتي پئي وڌي پر اسان اڃا تائين روايتي انداز  سان پيا تحقيق ڪريون، ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي سائنس جي ڄاڻ ڏجي ۽ سائنس جي ميدان ۾ کين تحقيق ڪرڻ گھرجي تڏھن وڃي اسان ھن مُدي خارج نظام مان جان آجي ڪرائي دنيا سان ڪُلھو ڪلھي ۾ ملائي سگھنداسين.

 

(ڏھاري عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



عطا محمد ڀنڀرو

سائين عطا محمد ڀنڀري، سائين محمد بخش ڀنڀري جي گهر ۾ ۱ فيبروري ۱۹۳۲ع ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم پڻ ساڳئي ڳوٺ بچل ڀنڀري مان حاصل ڪئي، خيرپور ضلعي ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو اهو واحد ڳوٺ آهي، جنهن جي تعليم جو ريشو ۹۰ سيڪڙو آهي، جتان جا ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون پوري سنڌ سان گڏ پوري دنيا ۾ سُٺي مقام تي پُهتل آهن.

سائين عطا محمد ڀنڀري سنڌ جي جڳ مشهور تعليمدان، بئريسٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ ۴ مارچ جي هيري حسن علي عبدالرحمان وٽان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان وڪالت پڻ سکي.

سائين عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو ھن وقت اھو واحد سائنسي سوچ رکندڙ ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ڏاھو آھي، جنھن پنھنجي زندگيءَ جون ۸۳ بھارون سنڌ وطن سان بيپناھ محبت ڪندي پنھنجي قلم ذريعي سنڌ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، انساني ارتقا، انقلاب، ويڙھ جي فن، شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي سميت ٻين انيڪ موضوعن تي ناياب ڪتاب ترجمو ڪري وِڌا آھن، جن جو ڳاڻيٽو ۵۰ کان بہ وڌيڪ ٿيندو ۽ ان سان گڏ موھن جي دڙي جي ٻوليءَ کي سمجھڻ لاءِ ”سنڌو لکت جي ڀاڃ“، ۽ ”انڊس اسڪرپٽ“ جھڙا ٻہ ناياب تحقيقي ڪتاب لکي اسان سنڌين کي ڏنا آھن ۽ ان کان علاوہ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ فڪري ۽ علمي طور تي مسلسل جُھد ۾ رھيو آھي ۽ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا اٿائين. سنڌ سان سندس ان عشق جي بدلي ۾ ھن وحشي صفت رياستي ادارن سندس پُٽ راجا ڏاھر کي شھيد ڪري ھن عظيم انسان کي جُھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ھن عظيم انسان جُھڪڻ بجاءِ پنھنجي پُٽ جي شھادت تي فخر محسوس ڪندي سنڌ جي مڪمل آزاديءَ لاءِ اڳي کان اڳرو ڪردار ادا ڪندو رھيو ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جي شعوري آبياري ڪندو رھيو، انھن خوشنصيب نوجوانن مان ھڪ آئون بہ آھيان.

ڀنڀرو صاحب ھن پيريءَ جي حالت ۾ بہ سنڌ کي دنيا جي انقلابن، ويڙھ جي فن، سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي موضوعن تي لکيل جڳ مشھور ڪتابن جا ترجما ڪري ڏئي رھيو آھي، ھن وقت بہ سندس ۱۰ کن ترجمو ٿيل ڪتاب روشني پبليڪيشن، سنڌي ساھت گھر، ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ادارن وٽ ڇپائيءَ لاءِ پيل آھن.

سنڌ جي ھن عظيم ڪردار صدارتي ايوارڊ کي بہ اھو چئي ٿُڏو ھڻي ڇڏيو، تہ آئون پنھنجي سنڌ وطن کي غلاميءَ جي آڙاھ ۾ ڌڪيندڙن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لُٽ ڪندڙن کان ڪيئن ٿو ايوارڊ وٺي سگھان.

لطيف سائين، سائين عطا محمد ڀنڀري جھڙي عظيم انسان لاءِ ئي چيو آھي تہ،

ايئن نہ مارن ريت،جيئن سيڻ مٽائِن سون تي،

اچي اَمر ڪوٽَ ۾، ڪنديس ڪا نہَ ڪُريت،

پَکن جي پريت، ماڙين سين نہَ مَٽيان.

سائين عطا محمد ڀنڀري ايڇ ٽي سورلي جو لطيف سائينءَ جي فڪر تي لکيل ھڪ اھم تحقيقي ڪتاب ”شاھ آف ڀٽ“ جو سنڌيءَ ۾ شاھڪار ترجمو ڪري ڏنو، ڀنڀرو صاحب لطيف سائينءَ جي فڪر جي سائنسي تشريح جو قائل آھي ۽ روايتي تشريح ۽ تحقيق کي رد ٿو ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اھو ٿو چوي تہ اسان کي رُڳو لطيف تائين محدود ناھي رھڻو پر اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيع ميدان طرف وڃڻ گھرجي پر لطيف سائينءَ جي ڪنھن بہ صورت ۾ مخالفت نہ ٿو ڪري، پر اسان جا نادان دوست سائين جي ڳالھ جو مطلب غلط ڪڍي سندس شخصيت تي عجيب قسم جا ڪمينٽ پيا ڪن ۽ کيس گھٽ وڌ پيا ڳالھائين، جيڪا مذمت ۽ افسوس جوڳي ڳالھ آھي.

جنھن عظيم انسان جي آخري خواھش اھا ھُجي تہ، ”منھنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ کان اڳ ۾ جي آئون مري وڃان تہ منھنجي قبر مٿان زنجيرون ھڻجو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي اسان جي وطن ۽ اسان جي ماڻھن کي غلام بڻايو ويو آھي ۽ جي سنڌ آزاد ٿئي تہ منھنجي قبر مٿان بہ زنجيرون ھٽائي ڇڏجو“.

سائين ڀنڀري صاحب سان منھنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون آھن، تازو ۲۷ جنوري جي رات جو پڻ ملاقات ٿي ۽ ان موقف بابت بہ ساڻس ڳالھ ٻولھ ٿي ھُئي، سندن چوڻ صرف اھو ھو تہ ھن وقت لطيف جي فڪر تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي ۽ اڃا بہ لکجي پيو پر ھاڻي اسان کي ان کان بہ اڳتي وڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ تحقيق ڪرڻي پوندي ڇو تہ سموري دنيا آٽومائيزيشن طرف پئي وڃي ۽ ترقيءَ، تبديليءَ ۽ انقلاب جا ڏاڪا طئہ ڪندي اڳتي کان اڳتي پئي وڌي پر اسان اڃا تائين روايتي انداز سان پيا تحقيق ڪريون، ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي سائنس جي ڄاڻ ڏجي ۽ سائنس جي ميدان ۾ کين تحقيق ڪرڻ گھرجي تڏھن وڃي اسان ھن مُدي خارج نظام مان ۽ رياست جي غلاميءَ مان جان آجي ڪرائي دنيا سان ڪُلھو ڪۡلھي ۾ ملائي سگھنداسين.

آئون پاڻ شاھ لطيف جي فلسفي ۽ فڪر جو شاگرد آھيان ۽ ھر محاذ تي لطيف سائينءَ تي ٿيل غير سائنسي تنقيد ۽ حملن جو دفاع ڪندو رھيو آھيان ۽ آئون سمجھان ٿو لطيف جو فڪر ماضي، حال ۽ مستقبل جو بہ ترجمان آھي، ان ڪري اسان کي لطيف جي فڪر جي سائنسي تشريح ڪرڻ سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي فيلڊ ۾ جيڪي نوان انقلاب برپا ٿيا آھن انھن طرف بہ وڌڻ گھرجي ۽ سائنسي مطالعي ۽ تحقيق ذريعي اسان نہ صرف سنڌ جي آزدي حاصل ڪري سگھون ٿا پر ان سان گڏ سنڌ جي تعمير بہ ڪري سگھون ٿا.

 

(بي بي سي فيسبڪ پيج تان ۱۰ فيبروري ۲۰۲۴ع تي کنيل)

2 comments:

  1. I will be thankfull if you keep here the article on Atta Mohammed Bhambhro sahib written by me. You can take it from my face book. Asif raza Morio. Regards.

    ReplyDelete
    Replies
    1. Sir! I havent happened to see your said article on your facebook wall. It will be better to send me same through facebook messenger, enabling to post the same here. Regards

      Delete