; سنڌي شخصيتون: ظفر اڄڻ

31 August, 2019

ظفر اڄڻ


سندس وڇوڙي تي
نعيم ملڪ
هڪ طرف سڄي دنيا نئين سال جون خوشيون ملهائي رهي هئي، ٻه پيار ڪندڙ دليون نئين سال جي شروعات نون واعدن ۽ وفائن جي لاءِ قسم کڻي رهيون هيون. انهيءَ سمي پنهنجي وقت جون ٻه پيار ڪندڙ دليون جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي عظيم شاعره فهميده رياض ۽ سياسي ڪارڪن ۽ ادبي لڏي جو پانڌيئڙو ظفر اڄڻ به انهن مان هئا. جيڪي گڏ رهڻ جي باوجود به نئين سال ۾ گڏ رهڻ جا وچن ڪندا هئا، فهميده رياض جي ۲۰۱۸ع ۾ وڇوڙي جيتوڻيڪ ظفر اڄڻ جي زندگي مان رنگ ۽ رومانس ئي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ هو هڪ هلندڙ گهمندڙ انسان بدران بس ساهه کڻندڙ هڪ مٽيءَ جو پتلو وڃي رهيو هو. هڪ عظيم محبوبا جي وڇُڙي جا وڍ اڳ ئي کيس اڌ مئو بڻائي رهيا هئا. ويتر جو نئين سال جي آمد جي موقعي تي هڪ هر پل فهميده کي ياد ڪري هن ڇٽي ويل سمورا زخم ساوا ڪري ڇڏيا هئا. هر سال جي آخري ڏينهن تي گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ وارا ڪيل واعدا هڪ طوفان بڻجي ظفر اڄڻ جي دماغ ۾ گهمڻ لڳا، جنهن جي سٽ نه سهندي پهريان کيس پنهنجي زندهه رهڻ جي مٿان آيل ڪاوڙ هو، پاڻ کي ئي کائڻ لڳو هو ۽ فالج جي حملي جو شڪار ٿي ويو، نئين سال جي آمد جي موقعي تي هن گڏ رهڻ واري فهميده رياض جيڪا هن سان گڏ جيئڻ جو واعدو ساهه جو سڳو ٽٽڻ جي ڪري نڀائي ته نه سگهي پر ظفر هن سان گڏ مرڻ وارو سور سانڍيندي نئين سال ۾ اڳ جيان مرڻ وارو واعدو نڀائيندي پنهنجي محبوبا ڏانهن اڏامي هليو ويو..!!.


ظفر اڄڻ جوانيءَ کان ئي ڪتابن پڙهڻ کي اوليت ڏني رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو جو ساٿي بڻجي ويو، لانگ مارچ، تحريڪون، هارين جي حقن جي لاءِ تقريرون، اسٽڊي سرڪل هلائڻ، گهر گهر، ڳوٺ، ڳوٺ پيادل پهچي سياسي ڪارڪن پيدا ڪرڻ کي هن پنهنجو عزم بڻائي ڇڏيو، ون يونٽ ۾ وڏو بهرو ورتو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏنو ته هيءَ به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، فهميده رياض سان شادي، هن جي زندگي بدلائي ڇڏي ۽ اڳ گمنام رهندر سياسي ڪارڪن اڀري نروار ٿي پيو.
ظفر اڄڻ بنيادي طور هڪ سياسي ڪارڪن هو. سياست هن جي خون ۾ شامل هئي. فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ گڏيل طور ڀٽو خاندان جي ويجهو رهيا، جيڪي به ماڻهو ڀٽو خاندان جي ويجهو رهيا انهن ڪنهن نه ڪنهن طرح تڪليفون ۽ پريشانيون برداشت ڪيون آهن، اهڙين پريشانين کي فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ به منهن ڏنو آهي، ڀٽو خاندان جي ويجهو هئڻ ڪري انهن خوشين، ڏکن ۽ تحريڪن ۾ هيءَ جوڙو به شامل رهيو. جڏهن ضياءَ الحق جهڙي آمر جي قهري مارشل لا ملڪ تي مڙهيل هئي ته انهيءَ وقت ملڪ مان مارشل لاءِ هٽائڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام بحال ڪرڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي چاهيندڙ ”الذوالفقار“ نالي هڪ تنظيم جوڙي ته انهيءَ  تنظيم جو ظفر به روح روان هو. جلاوطنيءَ دوران فهميده رياض ۽ ظفر اندرا گانڌيءَ  جي ويجهو رهيا، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اندرا گانڌيءَ جي شهيد ٿيڻ جا ٻيا به کوڙ سبب آهن پر هڪ سبب انهن جو ڀاءُ ڀيڻ وارو رشتو به آهي انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اندرا گانڌي ڀٽي خاندان سان هڪ سڳي پڦي جيان نڀايو، جتي بينظير ڀٽو جا انڪل هن کي اڪيلو ڪري ويا هئا پر اندرا گانڌي بينظير ڀٽو، مرتضى ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو سان گڏ گڏ بيٺل هئي. بقول ظفر اڄڻ جي اندرا گانڌي کي ”الذوالفقار“ لاءِ جديد هٿيارن ۽ ڊالرن جون ٽي ٽرڪون عمر ڪوٽ بارڊر تان سنڌ ۾ موڪلڻيون هيون. جيڪا ڳالهه ظفر اڄڻ ڪنهن طريقي سان مرتضى ڀٽو کي ٻڌائي، مرتضى ڀٽو اهي هٿيار ۽ پئسا وصول ڪرڻ جي ذميواري غلام مصطفى کر تي رکي. مرتضى ڀٽو اها ڳالهه اڪيلائي ۾ غلام مصطفى کر کي ٻڌائڻ پئي چاهي پر اتي تهمينه دراني به موجود هئي. غلام مصطفى کر بقول ظفر اڄڻ ته مرتضى ڀٽي کي يقين ڏياريو ته اهو راز رهندو پر اها ڳالهه تهمينه دراني جي هتان ضياءَ الحق تائين پهتي ۽ ”الذوالفقار“ لاءِ آيل هٿيارن جي کيپ پاڪستاني بارڊر جي ڀرسان پڪڙجي پئي ۽ اهو ئي سبب هو جو ڀٽو خاندان غلام مصطفى کر تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ بعد ۾ غلام مصطفى کر تهمينه درانيءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، اندرا گانڌي پاڪستان جي حدن اندر ٻيهر ”الذوالفقار“ جي مالي مدد نه ڪئي پر ”الذوالفقار“ جي افغانستان ۾ هلندڙ تربيتي ڪئمپن ۾ اندرا گانڌي سندن مالي مدد ڪندي رهي، بقول ظفر اڄڻ جي ته ٻه ڀيرا اندرا گانڌي کيس هوائي جهاز چارٽرڊ ڪرائي ڏنو هو. جنهن ۾ هو وڏي رقم کڻي ۽ ڪجهه ”خاص“ پيغام کڻي افغانستان ويو هو. ظفر اڄڻ ٻڌايو ته مون اتي هڪ منهن ٻڌل همراهه ڏٺو جيڪو منهن ٻڌل هئڻ دوران ظفر اڄڻ سان به مليو. ظفر اڄڻ کي بعد ۾ خبر پئي ته اهو شخص سلام الله ٽيپو هو. جيڪو ”الذوالفقار“ جي گوريلا ڪئمپ به هلائيندو هو. اهو ئي سلام الله ٽيپو هو جنهن ”الذوالفقار“ تنظيم جي آڙ ۾ پاڪستان جو هوائي جهاز هاءِ جيڪ ڪيو هو. بقول ظفر جي ته جڏهن جهاز هاءِ جيڪ ٿيو انهيءَ جي خبر نه مرتضى ڀٽو کي هئي ۽ نه شاهنواز کي هئي. سلام الله ٽيپو ضياءُ الحق جو ويجهو ساٿي هو ۽ ضياءُ الحق جي چوڻ تي ئي سلام الله ٽيپو هوائي جهاز هاءِ جيڪ ڪيو، جنهن جو بنيادي مقصد ”الذوالفقار“ کي بدنام ڪرڻ ۽ ڀٽو خاندان لاءِ گهيرو تنگ ڪرڻ هو. هڪ ڀيري ته مرتضى ڀٽو ۽ ڪرنل قذافي گڏيل طور تي ڀٽو کي جيل مان اغوا ڪري ليبيا کڻي وڃڻ جو پلان جوڙيو هو. اها مخبري به سلام الله ٽيپو ڪئي هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل مان اغوا ڪرڻ وارو پلان ناممڪن بڻجي ويو هو. ڪجهه ڌرين جو اهو به خيال آهي ته ”الذوالفقار“ جي چر پر جي هر رپورٽ ضياءُ الحق کي ملندي رهندي هئي ۽ ضياءُ الحق انهيءَ جو ٽوڙ ڪڍي ويندو هو، حاصل مطلب ”الذوالفقار“ کي ناڪام بڻائڻ وارو سلام الله ٽيپو هو.
اڄ هن جي وڇوڙي تي هن جو سوين يادون ڳالهيون ۽ ڪچهريون آهن. هو وڏو پڙهيل لکيل هو، هر ترقي پسند تحريڪ جو حصو رهيو. اهو ظفر اڄڻ ئي هو جنهن فهميده رياض کي شيخ اياز جي شاعري جو اردو ترجمو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ترجمو ڪرڻ لاءِ اتساهيو. فهميده رياض ننڍپڻ کان کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ۽ ظفر اڄڻ ترقي پسند تحريڪن مان ڪندن بڻجي ويل ڪارڪن هو. انهيءَ ڪري فهميده رياض، ظفر اڄڻ سان شادي کانپوءِ جيڪا شاعري ڪئي انهيءَ خلاف ضياءُ واري آمريت ۾ سندن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. جنهن ڪري هي جلاوطن تي هندستان هليا ويا. جتي فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ هندستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندا هئا. هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي دسترس رکندو هو ٻنهي ٻولين جي ادب، ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۽ تحريڪ تي وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. هو ماڪسزم کان متاثر لينن ۽ مائوزي تنگ کي پسند ڪندڙ هو. فيض احمد فيض کان شيخ اياز تائين، عطاءُ الحق قاسمي کان استاد بخاري تائين سندس حلقو هو.
آئون سندس طارق روڊ واري گهر اڪثر ويندو رهندو هئس. هٿ جي تنگيءَ باوجود سندس مهمان نوازي ۽ ڪشاده دلي تي ڪو فرق نه پيو. جيتوڻيڪ سندس گهر ۽ گهر ۾ موجود فرنيچر جي حالت خسته هئي. عمر جي آخري حصي ۾ دوستن جي ڇڏي وڃڻ جو به اڪثر ذڪر ڪندو رهندوهو. اسان ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن رڪشا ۾ سوار ٿي پيا ڪراچي گهمندا هئاسين. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ادب، تاريخ ۽ سياست تي ڳالهائيندو رهندو هو. هو بينظير ڀٽو جو پهريون پولٽيڪل سيڪريٽري به هو. ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ به سنڀاليائين. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي سادو ۽ يار ويس، کلمک انسان هو پر اوترو وڏو پاڙهو هو. هن سياسي ادب تي ٻه ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيا. وقت جي بي رحم وهڪري ۾ وهي ويل هن ماڻهو ۽ سندس وني فهميده رياض کي سنڌ صدين تائين ياد ڪندي رهندي!

No comments:

راءِ ڏيندا