; سنڌي شخصيتون: مير هزار خان بجاراڻي

16 August, 2019

مير هزار خان بجاراڻي


دل ۾ سانڍڻ جهڙو ماڻهو - پهرين ورسي جي مناسبت سان
ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي علائقن جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ، سياست جو سينگار ۽ هر دلعزيز شخصيت، جنهن جي تعارف لاءِ به لفظ محتاج آهن، جنهن جي سيرت جي ساراهه به هر هنڌ مشهور هئي، پر بدقسمتيءَ سان اهو وقت به اچي ڪڙڪيو، جنهن ڏينهن هو اسان کان اوچتو ئي اوچتو هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ اڄ پورو هڪ سال گذرڻ کانپوءِ اهو ساڳيو ڏينهن ڦري آيو آهي، جنهن تي مير هزار خان بجاراڻيءَ جو سندس ڪراچي واري رهائشگاهه مان ونيءَ سميت لاش هٿ آيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو پراسرار طور موت جو سُٽ سلجهي ناهي سگهيو. اُن وقت هو صوبائي وزير جي اهم منصب تي به فائز هو. تعجب آهي ته ان هوندي به هو غيرمحفوظ ڪيئن هو!؟


مون لاءِ فخر جي ڳالهه اها آهي ته آئون به انهن ماڻهن مان هڪ آهيان، جيڪي  مير هزار خان بجاراڻي جهڙي اعليٰ شخصيت کي پنهنجي دل ۾ سانڍي رکن ٿا ۽ اڄ سندس پهرين ورسي جي مناسبت سان پنهنجي هڏڏوکي، هر دلعزيز محسن کي وسارڻ ممڪن ناهي. توڙي سندس پونيئر يا شيدائي مير صاحب جي زندگي کي ڪهڙي به ريت ڀيٽائون پيش ڪن پر آئون مسڪين، مرحوم مير هزار خان بجاراڻي لاءِ پنهنجي تڏي تي ختمِ قرآن ۽ قل شريف پڙهائي ڌڻي ڌر ٻاڏايو آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ درجو عطا فرمائي. مڃان ٿو ته وڇوڙي جو سور سلڻ سان گهٽبو ناهي، روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ سان دل جو بار ته هلڪو ڪري سگهجي ٿو پر دوستن ۽ رقيبن جو سهارو وٺي ان ڏک کي اظهاري به نٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته ان مير صاحب جي وڇوڙي منهنجي اندر کي جيڪي گهاو ڏنا آهن، سي آئون ئي ڄاڻان ٿو ته اهي ڪيترا تڪليف ڏيندڙ وڍ آهن. شايد اها ساڳي ڪيفيت مرحوم جي ٻين مداحن سان به هجي، پر اها حقيقت آهي ته مير صاحب جي وڇوڙي کي سال گذري چڪو آهي پر اڄ به ڪشمور ضلعي جو عوام سندس پراسرار موت کي هڪ خواب ئي سمجهي رهيو آهي. جن مان آئون به هڪ آهيان. پنهنجن کان به وڌيڪ پراون جي مٿن تي شفقت جو هٿ رکندڙ مير هزار خان بجاراڻي جسماني طور ته اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر دل اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي ته ڇا اهڙو شفيق، سچو ۽ کرو انسان اسان کان موڪلائي ويو آهي. پر اڄ ڦري آيل تاريخ ۽ اهي لمحا موٽي اچڻ سان دل کي اهو جهٽڪو محسوس ٿئي ٿو ته اسين ڪيترا ته بيحس آهيون جو اها حقيقت مڃڻ بجاءِ پنهنجي دل کي آٿت ڏيون ٿا ته مير صاحب جو وڇوڙو هڪ خواب آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. هو اسان کان واقعي وڇڙي چڪو آهي ۽ اڄ پهرين فيبروي جو ڏينهن ان حقيقت جي گواهي به ڏي ٿو ته هڪ هڏڏوکي، ڏکن ۽ سکن جو ساٿي، همدرد مير هزار خان بجاراڻي اسان ۾ ناهي.
ڪنڌڪوٽ ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ڪرمپور ۾ سردار نور محمد خان بجاراڻي جي گهر ۾ مير هزار خان بجاراڻي ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع تي اک کولي. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ اعليٰ تعليم ٻاهرين ملڪن مان حاصل ڪئي. ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ ايم، پي، اي چونڊيو ويو ۽ تن ڏينهن ۾ به صوبائي وزير پڻ رهيو. ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سندس وابستگي پ پ پ سان رهي. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ پاران پيپلز پارٽي سنڌ جي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ کيس پارٽيءَ جو صوبائي صدر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۸۸ع ۾ کيس سينيٽر چونڊيو ويو. هن ۱۹۸۸ع ۾ وزير صحت، ماحوليات، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ ۱۹۹۰ع ۾ وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون ذميواريون سنڀاليون. ۱۹۹۳ع ۾ دفاع کاتي جو وزير رهيو. ۲۰۰۸ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هُو پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن بعد کيس وفاقي وزير تعليم مقرر ڪيو ويو. ۲۰۱۳ع جي چونڊن ۾ صوبائي سيٽ تي چونڊ کٽڻ بعد کيس سنڌ جو سينئر صوبائي وزير بڻايو ويو.
مير هزار خان بجاراڻي جي سياسي ڪيريئر جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي کان ٿئي ٿي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به سندس وابستگي پ پ سان رهي. هن جي رڳ رڳ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو سميت ڀٽو خاندان سان محبت سمايل هئي. ٻيو ته سياسي حوالي سان هٽي ڪري مير هزار خان بجاراڻي سردار گهراڻي جو به هو. سندس والد صاحب مرحوم نور محمد خان بجاراڻي جي وفات کانپوءِ سندس وڏي ڀاءُ مرحوم سردار شير محمد خان بجاراڻي، جيڪو بجاراڻي ڪميونٽي توڙي جعفري، نندواڻي، گجراڻي، ڏاهاڻي، چولياڻي، گاجاڻي، بهلڪاڻي، بنگلاڻي، ڪنڊراڻي، بکراڻي، قمبراڻي سميت ۳۲ ذاتين ۽ قبيلن جو سردار پڻ هيو.
لکين دلين تي راڄ ڪندڙ مير هزار خان بجاراڻي جيڪو ڪشمور ضلعي جي سياست جو مڪمل باب آهي. هو مختلف وقتن تي وفاقي حڪومت ۾ رهيو ۽ سندس زندگيءَ جي آخري گهڙي ۾ سنڌ حڪومت جو مک حصو به رهيو. پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۾ مير هزار خان بجاراڻي جو شمار ٿيندو هو ۽ ملڪ ۾ هڪ سينيئر سياستدان طور سڃاتو ويندو هو. پر هزار خان بجاراڻي سياسي حوالي سان ڪڏهن به تجارت واري سياست جو حصو نه بڻيو، نه وري هن ڪڏهن ڪو اهڙو زندگيءَ ۾ ڪڌو ڪم ڪيو جو سندس نالو منفي طور سڃاتو وڃي پر هن جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي ته سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪي اسڪيمون جوڙيون وڃن ۽ سنڌ جي مالي وسيلن تي سنڌي ماڻهن جو حق هئڻ گهرجي ۽ انهن کي ئي اهو حق ملڻ گهرجي. هن جمهوري سوچ کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حالانڪه هن جاگيرداراڻي خاندان ۾ جنم وٺڻ جي باوجود ڪڏهن به انهيءَ سوچ کي نه اختيار ڪيو. تڏهن ئي ته کيس سڄي سنڌ ان جمهوري تسلسل واري جدوجهد ۾ اڳڀرو ڏسي ٿي. ڪراچي ۾ پراسرار موت وقت سندس ٻي گهرواري فريحه رزاق، جنهن مير هزار خان بجاراڻي سان سال ۲۰۰۸ع ۾ شادي ڪئي هئي، فريحه رزاق جيڪا هڪ پڙهيل لکيل گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ سندس پراسرار موت بعد هن جو لاش به ڪمري مان مليو هو، جيڪو يقينن هو وڏو الميو آهي، جنهن کي ڪير به وساري نٿو سگهي.
مير هزار خان بجاراڻي جون ڪيل عوامي خدمتون تاريخ جي سنهري ورقن ۾ لکيل آهن. منهنجي مير هزار خان بجاراڻي سان ملاقات سندس اباڻي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ٿي هئي، جڏهن آئون پنهنجي ڳوٺ بڊاڻي کان حيدرآباد وڃي رهيو هئس. دل سٽ ڏني ته ڇونه مير صاحب سان ڪجهه گهڙيون گهارجن. آخري ملاقات جيڪا وڇڙي وڃڻ کان ٻه مهينا پهرين ٿي هئي ۽ مير صاحب سان ٻي ملاقات ڪراچي ۾ رکيل هئي، جيڪا شايد مقدر ۾ لکيل نه هئي ۽ مير صاحب جي وڇوڙي سبب ٿي نه سگهي. آئون سمجهان  ٿو ته مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گھرواري جو قتل خاندان، ووٽرن ۽ پارٽيءَ لاءِ وڏو نقصان ۽ خال آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. بهرحال، سنڌ جو هي نامور سياستدان جنهن کي پنهنجي گهر ۾ نشانو بڻايو ويو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن جن هن کي نشانو بڻايو. اهو تمام وڏو ۽ اهم سوال آهي، جيڪو پنهنجو جواب گهري ٿو.


مير ھزار خان بجاراڻي

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

انجنيئر شفقت علي بجاراڻي

مير ھزار خان بجاراڻي ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۴۶ تي ڪرمپور ۾ سردار نور محمد خان بجاراڻي جي گھر ۾ جنم ورتو ابتدائي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪرڻ بعد گورنمنٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. مير صاحب تعليم مڪمل ڪرڻ بعد چٽاڀيٽي واري امتحان ذريعي پاڪستان جي سول سروسز ۾ وڃڻ ٿي چاھيو پر خاندان جو سياست ۾ ھجڻ سبب ذوالفقار علي ڀٽي جي خواھش تي سندس والد سردار نورمحمد خان بجاراڻي کي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيارائي مير ھزار خان بجاراڻي کي ضمني انتخاب جي چونڊ وسيلي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو ۽ اھڙي طرح وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪابينه ۾ وزير طور شامل ڪيو ويو.مير صاحب ملڪي سياست ۾ پنھنجي ضلعي جيڪب آباد (ھاڻوڪو ضلعو ڪشمور به جيڪب آباد ضلعي جو حصو ھو) مان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف موقعن تي صوبائي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبر طور ملڪي پارليامنٽ ۾ واضع نمائندگي ڪئي، صوبائي وزارتن کان علاوه مختلف وفاقي وزارتن جو پڻ وزير به رھيو. ۸۰ جي ڏھاڪي ۾ پيپلز پارٽي جو صوبائي صدر رھيو ۽ جنرل ضياءُ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تحريڪ ايم آر ڊي ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ سخت مشڪلاتن باوجود ثابت قدمي سان سينٽرل جيل سکر جي قيد جون سختيون ۽ صعوبتون به برداشت ڪيائين.مير ھزار خان بجاراڻي سياستدان سان گڏوگڏ پنھنجي بجاراڻي قبيلي کان علاوه ۳۶ ٻين قبيلن (بلوچ نان بلوچ) جا سربراھ به پڻ ھئا. جيڪب آباد، ٺل، ڪنڌڪوٽ، تنگواني، شڪارپور ۽ بلوچستان جي صحبت پور، ٽيپل، گورناڙي وارن علائقن ۾ ڪافي تعداد ۾ ميرصاحب جي راڄن جا ماڻھون آباد آھن.ھڪ طاقتور قبيلائي سربراھ ھوندي به مير صاحب شرافت جو پيڪر رھيو، ظاھري طور پنھنجي طاقت جو ڏيکاءُ بلڪل به پسند نه ھو، سڄي ڄمار ۾ پرائيويٽ يا مسلح جٿا گارڊ طور پاڻ سان گڏ نه کنيائون، پنھنجي راڄن جي چڱن مڙسن کي ھميشه امن ۽ ڀائيچاري سان رھڻ جي ھدايت ڪندا رھيا، ھميشه عوامي اسٽائل ۾ پنھنجي بنگلن (بشمول ڪراچي) تي ماڻھن سان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي ملندا ھئا. پنھنجي برادرين ۽ راڄن جي فيصلن ۽ جرڳن لاءِ ڏينھن مقرر ھوندا ھئا سرڪاري مصروفيتن جي باوجود به ٽائيم ڪڍي انھن فيصلن ۽ جرڳن ۾ پنھنجي شرڪت يقيني بڻائي ماڻھن ۾ ٺاھ ۽ صلح ڪرائيندا ھئا. فيصلن ۽ جرڳن ۾ ڪنھن سان به زيادتي نه ڪيائين، چور ڌاڙيل ۽ بدمعاش ھرگز پسند نه ھئا بلڪ انھن ماڻھن لاءِ سندن مشھور چوڻ ھو ته ڪير به اھڙن ماڻھن جي سفارش مون وٽ کڻي نه اچي.مير صاحب سياستدان ۽ قبيلائي سربراھ ھجڻ سان گڏوگڏ علم ۽ ادب دوست شخصيت به پڻ ھئا، ڪتابن سان وڏو چاھ رکندڙ ھو پنھنجي گھر جي اسٽڊي روم ۾ ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو ھر وقت موجود ھوندو ھيو. مير صاحب جو موسيقي سان به پڻ لڳاءُ ھو سٺي ڪلاسيڪل ميوزڪ واري صنف پڻ پسند ھئي، شاعرن جو سرتاج حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح پڻ پسنديده شاعر ھئا، لطيف جي کوڙ ساري شاعري مير صاحب کي خود برزبان ياد ھوندي ھئي جيڪا مختلف موقعن تي پاڻ جھونگاريندا ھئا.مير صاحب روز مره جي زندگي ۾ خوش اخلاق، خوش خوراڪ، خوش لباس ۽ متوازن زندگي گذاريندڙ انسان ھئا، پنھنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ مير صاحب تي ڪنھن آڱر نه کنئي ۽ نه ئي ڪو معاشي يا خرد برد جو اسڪينڊل لڳو، نيچرل خوبصورتي، سٺي خوشبو، دنيا جا حسين ماڳ گھمڻ ۽ شڪار ڪرڻ سندن پسنديده مشغلا ھئا. عوامي ڀلائي واري شعبي ۾ پنھنجي علائقي ۾ ھر بنيادي سھولت جھڙوڪ پختيون سڙڪون اسڪول صحت جا بنيادي مرڪز بجلي گيس جون سھولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪيئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار سان لڳرايائون، سڀ کان وڏا ۽ مکيه ٻه اھم منصوبا ڪنڌڪوٽ – گھوٽڪي درياهه سنڌ تي اڏجندڙ پل ۽ ڪيڊٽ ڪالج ڪرمپور جي تعمير پنھنجي زندگي جي آخري ڏينھن ۾ علائقي واسين کي ڏنائون.راقم سان تعلق سندن سڳي اولاد جيان ھوندو ھيو، ھميشه شفقت پٽ ڪري مخاطب ٿيندا ھئا، انتھائي شفيق ۽ مھربان ھئا، جنھن به وقت ۽ ڪھڙي به قسم جو مسئلو درپيش ايندو ھو فورن مير صاحب کي ميسيج ڪندا ھياسون ۽ مير صاحب فرصت ملڻ شرط جواب ڏيندا ھئا ۽ مسئلو حل ٿي ويندو ھو. پھرين فيبروري ۲۰۱۸ جو ڀيانڪ ڏينھن قھر جو ڏينھن ثابت ٿيو جڏھن ڪنھن دوست آفيس ۾ فون ڪري مير صاحب جي شھادت جو اطلاع ڏنو.ٻن ڏينھن بعد پھرين فيبروري تي مير صاحب جي وڇوڙي کي ۳ سال مڪمل ٿيندا پر اڄ به دل ۽ دماغ اھا ڳالھ قبول ڪرڻ لاء تيار ناھن، الله سائين کان دعا آھي ته ميرصاحب جي مغفرت فرمائي ھن جا درجات بلند ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ اعلي مقام نصيب فرمائي. ان سان گڏوگڏ اھا به دعا آھي ته مير صاحب جي پونيئرن خاص طور ھن جي سياسي جانشين ۽ پڳدار پٽ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي کي ھمت ۽ حوصلو عطا فرمائي، ھو پنھنجي والد صاحب جي نقش قدم تي ھلي پنھنجي علائقي ۽ ڀرپاسي جي عوام جي بھتري ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙي .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 




مير هزار خان بجاراڻي

عوامي خدمتگار ۽ نظرياتي سياستدان - ٽين ورسيءِ جي مناسبت سان

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

اڳوڻي ضلعي جيڪب آباد ۽ هاڻوڪي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي سياست جو سينگار، عوامي خدمتگار ۽ نظرياتي سياستدان مير هزار خان بجاراڻي جيتوڻيڪ اڄ ٽن سالن کان پنهنجن سياسي ڪارڪنن همدردن، مٽن مائٽن کان جسماني طور کان جدا آهي پر حقيقت ۾ اهڙي مهان شخصيت جي مالڪ ۽ عظيم انسان کي وسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، موت ته انسان تي هڪڙي ڏينهن ضرور اچڻو آهي، هي دنيا جنهن جو اصل نالو ئي دارالفنا آهي، جتي انسان هڪ ڏينهن پيدا ٿئي ٿو ته اهو هڪ ڏينهن پنهنجي مالڪِ حقيقي سان به وڃي ملي ٿو.

دنيا ۾ روزانو هزارين لکين انسان جنم وٺن ٿا ته ساڳئي وقت ايترائي يا ان جي لڳ ڀڳ موت به ٿين ٿا، هونئن به اهو فطري دستور آهي ته جڏهن به  ڪنهن جو عزيز قريب الله کي پيارو ٿي وڃي ٿو ته وقتي طور تي ان جو ياديون ذهنن مان ناهن نڪرنديون پر وقت جي رفتار سان ماڻهو پنهنجي پيارن کي ڀُلائي به ڇڏيندا آهن. تاريخ گواهه آهي ته جن ماڻهن سڄي ڄمار هن ڌرتي تي رهندڙ مسڪين، بي بهچ ۽ بي سهارا ماڻهن جو درد پنهنجي من ۾ سانڍي انهن جو آواز بڻيا، تاريخ انهن کي امر بنائي ڇڏيو، اهڙين شخصيتن ۾ ڪيترائي نالا اڄ تاريخ جي سنهري اکرن ۾ ملن ٿا، جن مان قداور شخصيت ۽ سياستدان مير هزار خان بجاراڻي به هڪ آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي چاهيندڙن جي دلين ۾ راڄ ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڪردار ۽ عوام جي بي لوث خدمتن جي ڪري زنده آهي، پاڻ شاگردي جي زماني کان پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهيو، شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو توڙي جو ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي سياسي سفر ۾ شامل رهيو، اڄ به پارٽي ۽ عوام لاءِ سندس لازوال قربانيون تاريخ جو حصو آهن.

مير هزار خان بجاراڻي جو اصل ڳوٺ ڪشمور ضلعي جي ڪرمپور ۾ واقع آهي، هن پنهنجون سياسي سرگرميون به انهي ڳوٺ کان شروع ڪيون هيون. جيتوڻيڪ ملڪي سياستدان ملڪ جي مختلف علائقن مان چونڊون وڙهندا رهيا آهن پر جيڪڏهن انهن سياستدانن جو ذڪر ڪجي، جن هميشه پنهنجي اباڻن تڪن مان ئي چونڊون وڙهيون ۽ پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي، انهن ۾ مير هزار خان بجاراڻي به سرفهرست آهي، هو سدائين اڳوڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ساڳي ئي تڪ تان چونڊ وڙهندو رهيو ۽ مختلف وقتن تي انهي تڪ جي مڙني علائقن مان مختلف بااثر برادرين طرفان سخت مخالفت به ٿيندي رهي پر گڏوگڏ اهڙي سخت مخالفت ۽ ڇڪتاڻ کانپوءِ به مير هزار خان بجاراڻي ڪڏهن به ميدان خالي نه ڇڏيو، هميشه پنهنجي عوامي خدمتن، همدردين ۽ ڀائيچاري جي سري هيٺ ڪامياب ٿيندو رهيو، هن ڪڏهن پنهنجي سياسي وفاداري به تبديل نه ڪئي. وقت سان گڏ ڪجهه سياسي رنجش به هن اڳواڻ کي لوڏي نه سگهي، سدائين پڪي ۽ پختي ارادي سان عوام جي خدمت ڪندو رهيو. مير هزار خان بجاراڻي نه رڳو پنهنجي تڪ جي ووٽرن جو هڏڏوکي رهيو پر ساڳئي وقت پوري ضلعي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي وزارتي دور ۾ ڪڏهن به ڪنهن ماڻهو کي خالي نه موٽايو، ڪوبه ماڻهو هلي ايندو هو ته هو ان جي بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو هو.

اڄ مير هزار خان بجاراڻي جي ٽين ورسي جي موقعي تي اهڙي عظيم شخصيت کي بلڪل به وساري نٿو سگهجي، جيڪو پراون لاءِ به پنهنجو هوندو هو، هن جون پنهنجي ضلعي ۾ بي حد خدمتون آهن ۽ هو مسئلن ۾ گهيريل عوام جي خدمت لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪندو رهيو، خاص ڪري هن هتي هلندڙ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به وسارڻ جهڙو ناهي، اهو سندس خواب هو ته ڪنڌڪوٽ کان گهوٽڪي تائين عوامي سهولتن خاطر روڊ ٺهرايا وڃن، گڏوگڏ هن ڪشمور ضلعي جي شاگردن لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج وقت جي اهم ضرورت سمجهي پر بدقسمتي سان اهو خواب پورو ٿيڻ کان اڳ هو هن دنيا ۾ رهي نه سگهيو. پاڻ سياسي سرگرمين کان علاوه هن سماجي ۽ قومپرست سنڌ جو سپوت هو، مون مير هزار خان بجاراڻي کي مختلف چئنلن تي ٽاڪ شوز ۾ ٻڌو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه به ٿيندي رهندي هئي، سنڌ جي وسيلن تي قبضن جو معاملو هجي يا سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش هجي، هو سدائين انهن حرڪتن ۽ سازشن جي ناڪامين لاءِ آواز اٿاريندي ثابت قدم رهيو ۽ انهن معاملن ۾ سنڌ جي حقن لاءِ پنهنجو چٽو موقف رکندو هو، قتل جي واقعي وقت به هو سنڌ ڪابينا جو ميمبر هو. سندس اچانڪ وڇوڙي بعد جتي هزارين پرستار همدرد، مٽ مائٽ، عزيز قريب دوست غمزده ٿيا، اتي مون کي به تمام گهڻو دلي صدمو پهتو، مير هزار خان جو ويجهو ساٿي ۽ حيدرآباد جو رٽائرڊ جج ۽ مشهور قانوندان مظفر صادق ڀٽي به کيس ياد ڪندي سندس وڇوڙي جي غم ۾ شريڪ هوندو آهي، دعا آهي ته الله پاڪ مير هزار خان بجاراڻي کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


مير هزار خان بجاراڻي

کرو ۽ بيباڪ سياستدان

ايڊووڪيٽ عبدالله ڇڄڻ

هڪ مشهور چوڻي آهي ته؛ ”انسان جڏهن زنده هجي ٿو ته ان جو قدر نٿو ڪيو وڃي پر جڏهن اهو ئي انسان ڪنهن سبب هميشه لاءِ موڪلائي مالڪ حقيقي سان وڃي ملي ٿو ته اهي بي قدر ماڻهو هميشه موڪلائي ويل انسان کي هر پل ياد ڪري ٿو.“ هر انسان ۾ خوبيون به هونديون آهن ته گڏوگڏ خاميون به سندس زندگي جو حصو هجن ٿيون، انسان ته خطا ۽ غلطين جو گهر آهي ۽ انهن خطائن يا غلطين کي سنڀالي هلڻ به هر ڪنهن ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي. مون کي ياد ٿو اچي ته اڄ کان تقريبن ۲۰ سال پهريان جڏهن هڪ عظيم شخصيت جنهن جي تعارف لاءِ لکڻ لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ يقينن منهنجي ته وس جي ئي ڳالهه ناهي پر ياد اٿم ته جڏهن انهي مرڪندڙ چهري مير هزار خان بجاراڻي کان آئون هروڀيرو علائقائي صورتحال بابت ڪي اڙانگا سوال ڪندو هوس ته هي سياسي اڳواڻ هميشه مسڪرائيندي اهو ئي جواب ڏيندو هو ته دعا ڪريو، اسان عوام جي امنگن تي پورو لهي سرخرو ٿيون، يقينن انهي عظيم سياستدان جا پنهنجي ضلعي لاءِ ڪيترائي خواب ۽ خواهشون هيون، جيڪي اڄ وقت جي رفتار ساٿ نه نڀائڻ کانپوءِ مير هزار خان نه رڳو پنهنجي ڪٽنب کي اڪيلو ڪري ويو پر منهنجي خيال ۾ سندس وڇوڙي سان سڄي ضلعي جو عوام يتيم ٿي ويو. هن عوام جي خدمت ڪرن ۾ هڪ تاريخ به رقم ڪئي، جنهن کي اڄ ڪشمور ڪنڌڪوٽ توڙي جو جيڪب آباد ضلعي جو عوام ۵ سال گذرڻ باوجود پنهنجي علائقي جي محبوب رهنما ۽ سياسي اڳواڻ کي اکين مان نير هاري کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

جيڪب آباد توڙي جو ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ضلعي ۾ هونئن به ڪافي خانداني سياستدان رهن ٿا، جن ۾ کوسا، سومرا، توڙي جو بخشاپور سان تعلق رکندڙ ڊومڪي خان به هن علائقي ۾ هڪ سگهاري سياسي طاقت رکن ٿا، گڏوگڏ انهن جون به انهن ضلعن لاءِ لازوال قربانيون تاريخ جو حصو آهن پر ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ڪرمپور بجاراڻي ۾ جنم وٺندر مير هزار خان بجاراڻي جون ڪيل خدمتون جيڪڏهن ساربيون ته يقينن ٿڪ ئي لهي پوندا. پاڻ شروع کان زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان جمهوري سياست جو حصو رهيو، مختلف وقتن تي وفاقي ڪابينا توڙي جو صوبائي حڪومت ۾ رهي عوام جي خدمت ڪيائون. هر ڀيري جڏهن به اليڪشني دور آيا، تنهن دوران ته هاڻوڪو ضلعو ڪشمور جيڪب آباد ضلعي جو حصو رهيو آهي ۽ اهو حلقو گڊو کان شروع ٿيندو جيڪب آباد جي ڳڙهي خيرو تائين وڃي دنگ ڪري ٿو، تنهن دور ۾ انهي جيڪب آباد اندر قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون هونديون هيون ۽ حقيقي طور اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار کي جتي ٻيون ته اڻ ڳڻيون تڪليفون  برداشت ڪرڻيون پونديون هيون ته ساڳي وقت ڳڙهي خيرو کان گڊو ڪشمور تائين عوامي گڏجاڻين جو به هڪ اڙانگو سفر هوندو هو. سال ۲۰۰۵ع کانپوءِ ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف سڄي صوبي جي اڪثر ضلعن کي ٽوڙي ٻن ٻن حصن ۾ ورهايو ته تنهن دور دوران هن ضلعي کي به نئون ڪشمور ضلعي جو درجو ڏيئي ڪجهه نوان تعلقا جوڙيا ويا، جنهن سان اڄ هي ضلعو جيڪب آباد کان ڌار ٿئي ٽن تعلقن تنگواڻي، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڪشمور تي مشتمل آهي، حالانڪه تنهن وقت جي صدر پرويز مشرف ڪنهن پلان تحت اهي ضلعا ٽوڙيا ۽ تعلقا ٺاهيا، انهي دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي نه وفاق ۾ هئي نه وري سنڌ حڪومت جون واڳون سندس هٿن ۾ هيون، ان دور جي حڪمران سنڌي قوم جي مسئلن کي حل ڪرڻ کان تمام گهڻي ڪن لاٽار ڪئي، پر انهن جو اندروني پلان سنڌ کي مقامي سطح تي ويڙهائڻ وارو سوچ سندن نوان ضلعا تعلقا ٺاهيا هئا پر وقت جي رفتار سان اهي ماضي جا حڪمران انهي پلان ۾ ڪامياب ڪو نه ٿي سگهيا.

مير هزار خان بجاراڻي نئين ضلعي ٺهڻ سان گذريل ٻن اليڪشن ۾ هڪ قوم اسيمبلي جي ۽ ٻي صوبائي واري سيٽ حاصل ڪئي ۽ پاڻ صوبائي ڪابينا جو مک حصو رهيو، ڪشمور ضلعي جي جمهوري سياسي شخصيت مير هزار خان بجاراڻي جون ٻيون ته اڻ ٿڪ قربانيون تاريخ جو حصو آهن پر هن ڪشمور ضلعي جي تعليم، صحت ۽ روزگار لاءِ هن پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا هئا ۽ سندس دور ۾ بنا ڪنهن خوشامد جي هزارين نوجوانن کي پنهنجي اهليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون، آئون جيڪڏهن تعليم جي حوالي سان مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندس ته هي واحد انهي حلقي جو سياسي اڳواڻ هيو جنهن جي دور ۾ تعليمي شعور ۽ سندن سختي وارو ماحول هيو. پاڻ جڏهن ڪراچي ۽ اسلام آباد کان واپس پنهنجي ڳوٺ حلقي ڪرمپور ايندو هو ته پوري ضلعي جي ذميوار آفيسرن سان گڏجاڻي ڪري تعليم جي بهتري لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ پنهنجي زندگي جو فرض سمجهيو. گڏوگڏ انهي پراڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي، ضلعي ڪشمور جي شهري آبادي توڙي جو ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ جڏهن مختلف بيمارين سبب اسپتالن جون سهولتون بهتر نه هيون ته مير هزار خان بجاراڻي جي ڪيل خدمتن سبب اڄ پوري ضلعي جي شهرن توڙي جو ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اسپتالون، ڊسپينسريون توڙي جو عورتن جي سهولتن لاءِ خاص صحت سينٽر به موجود آهن، ان ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي جو اڄ انهن صحت جي سينٽرن ۾ سهولتن جي کوٽ هجي ٿي. مون کي پڪ اٿم ته هن بدقسمت ضلعي مان چونڊيل نمائندن پنهنجي دور اقتدار ۾ مير هزار خان بجاراڻي جيئان پنهنجو فرض ۽ عوامي فرض سمجهندي ڪڏهن ڪنهن ذميوار آفيسر سان ملاقات ۽ گڏجاڻي ته پنهنجي جاءِ تي پر انهي حلقي جي صورتحال جو جائزو به ڪونه ورتو هوندو ڇو ته اهڙي قابليت هر ڪنهن جي وس ۾ نه هوندي آهي مير هزار خان بجاراڻي هڪڙي ٻي ڳالهه به هميشه ڪندو هو ته خبر ناهي اسان جي وڃڻ کانپوءِ هن همدردن سان ڇا ورندو ۽ واپرندو.

هو هڪ عقلمند ۽ دانا سياسي اڳواڻ هئا. اڄ هونئن به پٺتي پيل هن ضلعي ۾ جيڪو وهي واپري رهيو آهي تن جون اڳڪٿيون هن عظيم شخصيت پنهنجي زندگي ۾ ڏئي چڪا هئا. علائقي يعني ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعي کان علاوه مير هزار خان بجاراڻي اهي واحد سياسي ۽قومپرست اڳواڻ هئا جنهن جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو اشو کڙو ڪيو ويو هئو ته ان وقت انهي اشو خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۾ پهريون پريس ڪانفرنس مير هزار خان بجاراڻي ڪري ڪالاباغ ڊيم کي مئل گهوڙي جو لقب ڏنو، جيڪو هي واحد پهريون جمهوري سياسي شخص هيو، گڏوگڏ وقت جي رفتار سان پاڻ جڏهن صوبائي ڪابينا جو حصو رهيا تنهن دوران صوبي اندر خاص ڪري ڪراچي اندر لساني فساد ڪرائيندڙن جڏهن ڌار صوبي جي گهر ڪئي هئي ته انهي گهر خلاف جيڪي ٻيا سگهارا آواز اهڙي گهر کي نه رڳو رد ڪري رهيا هئا بلڪه سگهارن آوازن ۾ مير هزار خان بجاراڻي تمام گهڻو اڳڀرو رهيو ۽ سازشي ماڻهن کي اهو جواب ڏنو هو ته سنڌ جي ورهاست ته هن ڌرتي ڌڻين جي لاشن تي ٿي سگهي ٿي، اوهان اهڙي گهر ڪرڻ کان پهريان ڌرتي ڌڻين جي انهن لازوال قربانين تي نظر رکندا ڪريو، جن اوهان جي وڏڙن کي دل سان لڳائي آجياڻا ڏنا، يقينن پاڻ جيڪڏهن اهڙن استعمال ٿيل لفظن جو مشاهدو ڪنداسون ته انهن عظيم سياسي جمهوري اڳواڻن جا اهي چيل لفظ اڄ اڻلڀ آهن، اڄ پهرين فيبروري مير هزار خان بجاراڻي کي وڇڙندي پنج سال ٿي چڪا آهن پر اهڙي همدرد ۽ هڏ ڏوکي، عظيم سياسي اڳواڻ جي وڇوڙي کي ڪشمور ضلعي جو عوام هڪ خواب ئي سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڪردار سبب عوام جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا