دل ۾ سانڍڻ جهڙو ماڻهو -
پهرين ورسي جي مناسبت سان
ايڊووڪيٽ
عبيدالله ڇڄڻ
جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ
۽ ڪشمور کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي علائقن جي ماڻهن
جي دلين تي راڄ ڪندڙ، سياست جو سينگار ۽ هر دلعزيز شخصيت، جنهن جي تعارف لاءِ به
لفظ محتاج آهن، جنهن جي سيرت جي ساراهه به هر هنڌ مشهور هئي، پر بدقسمتيءَ سان اهو
وقت به اچي ڪڙڪيو، جنهن ڏينهن هو اسان کان اوچتو ئي اوچتو هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ اڄ
پورو هڪ سال گذرڻ کانپوءِ اهو ساڳيو ڏينهن ڦري آيو آهي، جنهن تي مير هزار خان بجاراڻيءَ
جو سندس ڪراچي واري رهائشگاهه مان ونيءَ سميت لاش هٿ آيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو
پراسرار طور موت جو سُٽ سلجهي ناهي سگهيو. اُن وقت هو صوبائي وزير جي اهم منصب تي
به فائز هو. تعجب آهي ته ان هوندي به هو غيرمحفوظ ڪيئن هو!؟
