; سنڌي شخصيتون: بلاول پرديسي - محمد سعيد شاهه

24 February, 2013

بلاول پرديسي - محمد سعيد شاهه


بلاول پرديسي
محمد سعيد شاهه
جولاءِ ۱۹۹۸ع جي ڳالهه آهي. منهنجي بدلي ڪراچيءَ مان حيدرآباد ۾ ٿي. ان وقت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آءِ ڊي، حيدرآباد سيد سڪندر علي شاهه جيڪو نگران اعلى ”نئين زندگي“ پڻ هو، مون کي اچڻ سان ٻين ذميوارين سان گڏ نئين زندگي جي ادارت جو ڪم به حوالي ڪيو. جيئن ئي مون ايڊيٽر انچارج نئين زندگيءَ جي چارج ورتي، منهنجي ذهن تي ٻه نالا تري آيا. اهي ٻئي منهنجا مهربان ۽ شفيق استاد هئا، جن سان ۱۶ سال اڳ شاگرديءَ واري زماني ۾ حيدرآباد ۾ منهنجي گهڻي وابستگي رهي. جن جي تربيت، محبت ۽ شفقت جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر رهيو. جن کي آئون پنهنجي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ واري مصروف دور ۾ به ڪڏهن ڪو نه وساري سگهيس. انهن مان هڪ سائين غلام حسين رنگريز آهي، جنهن مون کي جيتوڻيڪ ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ ڪو نه پڙهايو هو پر شاگرديءَ واري دور ۾ ڳچ عرصو، حيدرآباد ۾ ساڻن گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. جنهن نه رڳو مون کي پنهنجي ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي پر سنڌي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ پڻ رهنمائي ڪئي. ان ڪري آئون کين پنهنجو محترم استاد چوڻ ۾ فخر محسوس ڪريان ٿو. ٻيو سائين مرحوم بلاول پرديسي صاحب هو. جو سچل سرمست ڪاليج ۾ اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو. سائين بلاول صاحب جو هڪ استاد جي حيثيت ۾ فرض شناسيءَ جو اهو حال هو جو سنڌيءَ جي پيرڊ ۾، پاڻ ڪلاس اندر اچي، مقرر ٽائيم تي ڪرسيءَ تي ويهندا هئا. شاگرد موجود هجن يا نه هجن، پر پاڻ پورو پيرڊ ڪلاس ۾ ويهي، سندن انتظار ڪندا هئا. پيرڊ دوران، هڪ يا ٻه شاگرد به اچي ويندا هئا ته پاڻ اٿي بيهي بورڊ تي انهن کي پڙهائيندا هئا.



نئين زندگيءَ جي ادارت سنڀالڻ کانپوءِ، مون پهريون خط سائين غلام حسين رنگريز صاحب کي لکيو ۽ پهريون فون سائين بلاول پرديسي صاحب کي ڪيو. جيتوڻيڪ ۱۵ سالن کانپوءِ آئون ڪراچيءَ کان واپس آيو هئس ۽ انهيءَ سڄي عرصي دوران، ڪجهه اهڙيون مصروفيتون ۽ حالات رهيا، جو سائين بلاول صاحب سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪا نه رهي هئي پر نالو ٻڌائڻ سان فورًا مون کي سڃاتائون. سائين باقاعده منهنجي سار سنڀال لاءِ منهنجي گهر ايندا رهندا هئا. ڪڏهن نئين زندگيءَ لاءِ مواد ڏيندا هئا، ڪڏهن رسالي جي تازي شماري جو پڇندا هئا. ڪڏهن چوندا هئا؛ ”واڪ تي نڪتو آهيان. گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. سو ملڻ لاءِ آيو آهيان.“
هڪ ڏينهن منهنجن ٻن ننڍڙن ۽ ننڍڙيءَ ساڻن ڪچهري پئي ڪئي. مون کين ٻڌايو ته؛ هي ڪراچيءَ ۾ انگلش ۽ اردو ميڊيم اسڪول ۾ پڙهيا آهن ۽ هتي هڪ خانگي اسڪول ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪو انگلش ۽ سنڌي ميڊيم آهي، سو سنڌي پڙهڻ ۾ کين ڏکيائي پئي ٿئي. پاڻ هڪدم چيائون ته؛ ”منهنجي خدمت جي ضرورت هجي ته حاضر آهيان. اوهان کي به پڙهايو اٿم. اوهان جي ٻارن کي به سنڌي پڙهائيندس.“ مون کين تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهيو پر سندن شفقت، سچائي ۽ خلوص منهنجي دل ۾ اڳ کان گهڻو گهر ڪري ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ نئين زندگيءَ جي ادارت جي ذميواري مون ڇڏي. پوءِ به پاڻ حسبِ معمول مون تان مهرباني جا ڀيرا ڪندا رهيا. 
جڏهن محمد علي بچاڻي صاحب نئين زندگي جي ادارت جي چارج ورتي، جيڪو پڻ سائين بلاول صاحب جو شاگرد رهي چڪو هو ۽ اسان ٻئي (بچاڻي صاحب ۽ آئون) سائينءَ وٽ ساڳئي سچل ڪاليج ۾ پڙهيا هئاسين. رمضان شريف جو ٻارهون روزو هو. روزي کولڻ جو ٽائيم هو. منهنجي گهر جو بيل وڳو. منهنجو فرزند فتح علي شاهه ٻاهر ويو. واپس اچي ٻڌايائين ته؛ ”سائين بلاول صاحب جن آيا آهن.“ آئون هڪدم ٻاهر ويس. ساڻن مليس. خوش مرحبا کانپوءِ، پاڻ نئين زندگيءَ جي تازي شماري جو پڇيائون. مون کين چيو ته؛ ”سائين! رسالي جو تازو شمارو بلڪل آيو آهي پر مون وٽ ڪاپي گهر ۾ موجود ڪا نه آهي. آئون سڀاڻي بچاڻي صاحب کان اوهان جي ڪاپي کڻي ايندس ۽ اوهان کي پهچائي ويندس.“ پاڻ چيائون ته؛ ”ٺيڪ آهي رسالو کڻي اچجو. اوهان روزي ۾ تڪليف نه ڪجو. آئون پاڻ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ايندس ۽ رسالو کڻي ويندس.“ مون ۽ منهنجي ٻارن، سائينءَ کي گهڻو زور رکيو ته اسان سان روزي کولڻ ۾ شامل ٿين پر پاڻ منهنجي ڪجهه ويجهو اچي آهسته سان چيائون؛ ”منهنجي ڪجهه طبيعت ٺيڪ ڪا نه آهي. ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻو آهي. سو ٻئي دفعي ايندس، ڪچهري به ڪبي.“
خبر نه آهي، ان ڏينهن سندن ملڻ وارو انداز مونکي ڪجهه اهڙو نماڻو ۽ عاجزانه لڳو جو منهنجي دل ۾ ڄڻ ڪو ڌَڪ وڃي لڳو هو. اڄ سائين مخصوص ٽهڪ ڪو نه ڏنا هئا. اڄ سندن گفتگو ۾ اها ڦُنڪي ڪا نه هئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪجهه تڪڙو هو ۽ جلد ئي موڪلائي هليو ويو. مون سوچيو ته؛ شايد موسم جي تبديليءَ جي ڪري کين زڪام ۽ بخار ٿيو هوندو، سو ان ڪري سندن طبيعت خوش ڪا نه هوندي.
ٻئي ڏينهن آفيس ۾ مونکي جوائنٽ ايڊيٽر محمد ايوب سومري صاحب، رسالي جي پنهنجي ذاتي ڪاپي ڏني، جيڪا آئون سائين بلاول صاحب لاءِ گهر کڻي آيس. مون کي سائينءَ جي اچڻ جو انتظار هو. سائين، پاڻ اچڻ جو واعدو ڪيو هو. بس هڪ يا ٻه ڏينهن گذريا هوندا، آفيس ويندي ڪاوش اخبار تي نظر پيم. فرنٽ پيج تي سائين جي شعر جون هي سٽون ڇپيل ڏٺم ته، ”تو وڇوڙيا سوين اي زمانه....؟“ سندس تصوير سان گڏ خبر پڙهڻ سان منهنجي زبان مان بي اختيار انا لله و انا اليہ راجعون نڪتو. اکين ۾ پاڻي تري آيو. دل ئي دل ۾ چيم؛ ”ڪاش! سائين کي آئون نئين زندگيءَ جو رسالو ڏئي سگهان ها.“ هڪڙو اهو خيال به آيم ته؛ ڪٿي ائين ته ڪو نه آهي جو سائين ٻه ڏينهن اڳ مون سان آخري ملاقات ڪرڻ آيو هو ۽ سندس نماڻو ۽ عاجزانه انداز آخري موڪلاڻي ته ڪا نه هئي.
ستم ستم جو وفا سان جواب ڏينداسون،
جهان عشق اجاگر ڪري ڇڏينداسون،
اوهان جي شهر ۾ ناهي وفا شناسائي،
اوهان جي شهر کي ليڪن مري ڇڏينداسون.

No comments:

راءِ ڏيندا