; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - آزاد انور ڪانڌڙو

03 March, 2013

شيخ اياز - آزاد انور ڪانڌڙو


شيخ اياز
ڄڻيو ٻيو نه ڪٿي ماءُ
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
شيخ اياز جي وڇوڙي کي۱۶ سال ٿي ويا آهن. ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌي ٻوليءَ جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن سنڌ جي قومي ۽ فڪري رهبر شاعر شاهه لطيف رحه کانپوءِ، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فڪري سرواڻي ڪئي. هن پنهنجي شاعريءَ مان روايتي لاڙن کي ڪڍي، پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي قوم کي نئين صُبح جا سَبق ۽ ڏَس ڏنا. مهان ڪوي شيخ اياز جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو.
هن ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. انٽر به شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج مان پاس ڪيائين. بي اي ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج مان پاس ڪئي. بعد ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شيخ صاحب وڏو قانوندان به هو.

سندس پهريون شعر، شڪارپور مان بهاري لال هري رام ڇاٻڙيا جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ”سدرشن“ ۾ جنوري-فيبروري ۱۹۳۸ع ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز جا شاعري ۽ نثر ۾ ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾؛
1.      سفيد وحشي،
2.      پنهل کانپوءِ،
3.      ڀونر ڀري آڪاس،
4.      ڪلهي پاتم ڪينرو،
5.      جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،
6.      ڪي جو ٻيجل ٻوليو،
7.      وڄون وسڻ آيون،
8.      ڪپر ٿو ڪن ڪري،
9.      لڙيو سج لڪن ۾،
10. پتڻ ٿو پور ڪري،
11. ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا،
12. چنڊ چنبيليءَ وَل،
13. واٽُون ڦلن ڇانئيون،
14. پن ڇڻ پڄاڻان،
15. جڳ مڙيو ئي سپنو،
16. رڻ تي رم جهم،
17. ڀڳت سنگهه کي ڦاسي،
18. ساهيوال جيل جي ڊائري،
19. راج گهاٽ تي چنڊ،
20. خط، انٽرويو ۽ تقريرون. (ٻه حصا)،
21. بَڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي،
22. اَڪن نيرا ڦُليا،
23. سُر نارائڻ شيام،
24. ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون،
25. جُهڙ نيڻان نه لهي،
26. اُڀر چنڊ پس پرين،
27. هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن،
28. الوداعي گيت،
29. ڪَتين ڪر موڙيا جڏهن،
30. ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون،
31. گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا
 ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
جڏهن ته اياز جي شاعري، اردو توڙي پنجابيءَ ۾ به ترجمو ڪئي وئي آهي.
جهڙيءَ طرح غالب اردو زبان کي نئين سر پيدا ڪيو، ان کي تخليق ڪيو، هڪ نئون روپ ڏئي ڇڏيو ۽ ماڻهن ۾ مڃتا ڪرائي ڇڏي. بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌي زبان جا جيڪي به ادبي خزانا هئا، پوءِ اهو ڀٽائي هجي، ان کان اڳ جا شاعر هجن يا سامي هجي، سچل هجي، انهن سنڌين زبان کي جيڪو ورثو ڏنو هو، سو وچ ۾ ڪنهن وڏي تخليقي قوت واري شاعر جي نه هجڻ ڪري هڪ بيٺل سمنڊ وانگر ٿي ويو هو. اياز ان ۾ ٽُٻي هڻي، جيئن ٻڏي ويل جهازن جا خزانا ڪو ئي ڳوليندو آهي، اهڙيءَ طرح اياز ٻوليءَ کي دريافت ڪيو ۽ ٻيهر انهيءَ کي چمڪائي، موتين وانگر پنهنجي شاعريءَ ۾ جَڙي ڇڏيو ۽ سنڌي زبان کي هڪ نئين طاقت ٻيهر بخشي ڇڏي. اهو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ رڳو سنڌي زبان ڳالهائڻ وارن کي نه پر اسان سڀني کي هن جو هميشه ممنون هئڻ گهرجي.
شيخ اياز، وقت جي آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن سان سان اکيون اکين ۾ ملائي، ڳالهائيندو، اٽڪندو ۽ نئين نسل کي حوصلو ڏيندو هو. هن سڄي حياتي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دشمنن خلاف لکيو ۽ ڀرپور نموني لکيو. سندس گيت گوريلا بڻيا.
اياز اهو شاعر هو، جنهن جي شعري مجموعن تي وقت جي آمر حاڪمن بندش وڌي. اياز سنڌ سان صرف لفظي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر نه هو، پر هو سنڌ جو سرواڻ، قومي ۽ انقلابي شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ، همٿ ۽ حوصلو آهي، فڪر جي گهرائي آهي، اياز سنڌ جو امر شاعر آهي. اياز کي اسان ڪڏهن به وساري نٿا سگهون.
تون جو مون کي ڪين مڃيندين،
مون کي ڪا پرواهه نه آهي،
آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،
مون تي ميڙو مچڻو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا