غلام علي سنديلو
نماڻن گيتن جو سريلو گائيڪ
ناصر قاضي
ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”ياد ڪر اهو ڏينهن، جڏهن تون روئين پيو ۽ ٻيا سڀ تنهنجي
هن جهان ۾ اچڻ تي تو کي ڏسي خوشيءَ وچان کلن پيا. هاڻي اهڙي زندگي گذار جو تون هن جهان
مان کلندو وڃين ۽ ٻيا تنهنجي لاءِ روئيندا رهجي وڃن...“ جيڪڏهن هن چوڻيءَ جي گهرائيءَ
تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهو ئي آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪم، اهڙو
ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ماڻهن کي موهي رکي. اسان جي سونهاري سنڌ اهڙا ڪيئي ماڻهو
جنميا آهن، جيڪي پنهنجي ڏات ۽ فن سببان، سدائين ماڻهن جي دلين ۾ وسندا رهيا آهن. اهي
ماڻهو جيئري ته ماڻهن جون دليون کٽندا رهيا آهن، پر مُئي پڄاڻان به سموري ديس کي اداس
ڪري ويا آهن. غلام علي سنديلو پڻ اهڙين محبوب شخصيتن منجھان هڪ آهي.
۱۱ ۽ ۱۲ مارچ
جي وچ واري رات جو ۱۱:4۵
ڌاري آ حيدرآباد ۾ پنهنجي
رهائش گاهه تي ڪچڙي ننڊ جي عالم ۾ ستل هئس ته منهنجي موبائيل جي ميسيج ٽيون وڳي. جيتوڻيڪ
مون کي خود هڪ مسيسج جو انتظار هو ۽ اندازو ڇا، پر يقين هيم ته اهو ئي ميسيج آهي، پر
منهنجو يقين غلط ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته هي اهو ميسيج نه هو، جنهنجو مون کي انتظار هو،
پر هن ميسيج منهنجي انتظار کي اداسيءَ جي عالم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جو ان ميسيج ۾ سنڌ
ڌرتيءَ جي نامياري راڳي غلام علي سنديلي جي وڇوڙي جي ندوري خبر هئي.....
اکين مان ننڊ جي خمار جا بادل هڪ پل ۾ الائي ڪاڏي گم ٿي ويا ۽ انهن ئي
اکين مان هلڪي هلڪي بوند جاري ٿي وئي، منهنجون پنهنجي زندگيءَ ۾ساڻس صرف ٻه ملاقاتون
ٿيون هيون. ان ويل انهن ٻنهي ملاقاتن جا چٽا عڪس ذهن ۾ تري آيا ۽ سندس سريلي آواز
۾ ڳايل ڪلام ’تنهنجي حسن ڏي مولا خير ڪري‘ جي آخري سٽ ’حاميءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس
ارمان هزارين پيا ٿيندا‘
ڪنن ۾ بار بار ٻرڻ لڳي. يقين نه پئي آيو ته غلام علي سنديلو صاحب سنڌ ڌرتيءَ کان هميشه
هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي...!!!
سچ پچ ته ڪجھه ماڻهو جڏهن هن فاني دنيا مان اسهندا آهن ته ائين لڳندو
آهي، ڄڻ سمورو پنڊال خالي ٿي ويو هجي. سندن ڪلا ۽ درد جون ساروڻيون ويتر من کي ماندو
ڪري رکنديون آهن. ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي گيتن سان لاڳاپيل ماڻهو، ڌرتيءَ جي سونهن هوندا
آهن ۽ اهڙن ماڻهن جون تشريحون لفظن ۾ بنهه ڪري نه سگھبيون آهن، بس! انهن جي قد ڪاٺ
۽ ڪردار کي صرف محسوس ڪري سگھبو آهي
سنڌ ڌرتيءَ جي هن نامياري فنڪار غلام علي سنديلي ۱۰ جنوري ۱۹۵۸ع تي پيرن ۽ درويشن جي نگري روهڙيءَ ۾ پنهنجي وقت جي
سريلي ڪلاڪار ماسٽر لونگ خان جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد جو اصل نالو حسين بخش سنديلو
هو. غلام علي سنديلي جو والد ۽ چاچو قلندر بخش سنديلو، جوڙيءَ جي انداز ۾ گڏجي ڳائيندا
هئا. ورهاڱي کان اڳ، سندن آواز ۾ گرامون فون جا رڪارڊ ڪافي مقبول هوندا هئا. غلام علي
سنديلي کي بنيادي طور تي گھر ۾ ئي موسيقيءَ وارو ماحول ميسر هو، جنهن سبب ننڍپڻ ۾ ئي
کيس سريلا آواز ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ سازن جو ديدار ڪيائين.
هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ بيدل بيڪس هاءِ اسڪول
روهڙيءَ ۾ داخلا ورتي، ته اسڪول ليول تي منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ هڪ ننڍڙي راڳي جي حيثيت
۾ حصو وٺندو هو. سندس آواز ننڍپڻ ۾ ئي نهايت سريلو هوندو هو، جنهن جي موٽ ۾ استاد کيس
بيحد ساراهيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس والد ۽ چاچو کيس عملي طور تي محفلن ۾ پڻ وٺي
ويندا هئا، جتي هو پنهنجي والد ۽ چاچي کانسواءِ سنڌ جي سريلي گائيڪه مائي بيگم فقيرياڻيءَ
سان پڻ گڏجي ڳائيندو هو. اهڙيءَ طرح سر جي سفر جا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ شروع ڪيائين.
هن نصابي تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي. غلام علي سنديلي کي ننڍپڻ ۾ ’راڳي‘ ۽ ’ڊاڪٽر‘
ٻه وڏيون خواهشون هيون، پر راڳي هجڻ واري خواهش سرسي ماڻي ورتي ۽ دنيا وارن ڏٺو ته
هو هڪ بهترين راڳي جي حيثيت ۾ منظرِعام تي آيو.
غلام علي سنديلي راڳ جي بنيادي سکيا وارا مرحلا ته پنهنجي والد صاحب جي
نگرانيءَ ۾ ئي طئي ڪيا، پر موسيقيءَ جي حوالي سندس قسمت جو ستارو ان وقت بلندين تي
آيو، جڏهن ۱۹۸۰ع ڌاري جڳ مشهور ڪلاڪار خانصاحب استاد خورشيد علي خان
سندس ڳوٺ روهڙيءَ ۾ مسڪن پذير ٿيو. هيءُ استاد خورشيد علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو
۽ استادِ محترم به سندس ادب داريءَ وارو عنصر پسندي دل سان کيس پنهنجي شاگرد طور قبول
ڪيو ۽ کيس رسمي طور شاگريءَ جو ڳانو پڻ ٻڌو.
غلام علي سنديلي ميڊيا رستي پنهنجي فني سفر جي شروعات ۱۹۸۷ع ڌاري ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ڪئي، انهن ڏينهن
۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جو پڻ تازو افتتاح ٿيو هو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال خيرپور جي عمارت
۾ ريڊيو پاڪستان جي عارضي نشرگاهه بڻائي پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا. جنهن دؤران ڪڏهن
ڪڏهن فنڪارن کان براهِ راست پڻ ڳارايو ويندو هو. ان حوالي سان غلام علي سنديلي کي ريڊيو
پاڪستان خيرپور جي بنيادي فنڪارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. هن ريڊيو خيرپور تي سڀ کان پهريان
براهِ راست نشر ٿيندڙ پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ ۾ ڳايو، جنهن کانپوءِ سندس آواز ۾ رڪارڊ
ٿيل پهريون ڪلام سچل سائين جو هو، جنهن جا ٻول هئا: ”جاني تو نه جڳائي، رسڻ
نماڻيءَ سان“ سندس آواز ۾ ريڊيو تي ڪافي
ڪلام رڪارڊ ٿيا ۽ مقبولت ماڻيائون.
ٽيليويزن تي کيس نامياري ممتاز شخصيت ممتاز مرزا متعارف ڪيو، جتي هن سڀ
کان پهريان پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان کانپوءِ ٽيليويزن تان
به سندس ڪيترائي پروگرام نشر ٿيندا رهيا. غلام علي سنديلي جون هيل تائين ڪيتريون ئي
آڊيو ڪئسٽون پڻ رليز ٿي چڪيون آهن. هي هڪ سنجيده فنڪار هو، سندس شاعريءَ جي چونڊ پڻ
نج ادبي ۽ معياري رهي آهي، هيءُ هڪ سٺي فنڪار هجڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪمپوزر پڻ هو. هن
سنڌ جي جن شاعرن جي شاعري ڳائي، انهن ۾ شاهه سائين، سچل سرمست، سيد صالح شاهه، ڊاڪٽر
عطا محمد حامي، ڪرم ٽالپر، مير محمد عباسي، اعجاز ٻرڙو ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. غلام
علي سنديلي جي آواز ۾ ڳايل مشهور ڪلامن ۾؛
1.
’لوڪ ڀلي ڪري ريسان، يار
ملي ته مين جيسان‘،
2.
’تنهنجي حسن ڏي موليٰ
خير ڪري‘،
3.
’اکين سان حال دل جا يار
توسان اورڻا پوندا‘،
4.
’توکان نه مليو پيار گهرڻ
مون ڇڏي ڏنو‘،
5.
’پيرين اگهاڙي پڳاسين
پرين تنهنجا سلام جو پهتا‘
۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪلام قابلِ ذڪر آهن. سندس آواز خانگي سنڌي چئنلن ذريعي
ڪيترائي ڀيرا پوري دنيا ۾ پڻ نشر ٿي چڪو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جو هيءُ سهڻو راڳي غلام علي سنديلو ۱۱هين مارچ ۲۰۱۳ع تي ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب لاڙڪاڻي
جي مقامي اسپتال ۾ ۵۵ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻو جتي سنڌ
واسين کي هڪ گهري صدمي ۽ ڏک ۾ مبتلا ڪري ويو، اتي سهڻا گيت رچيندڙ سنڌ جي هن البيلي
ڪلاڪار جي وفات جي صدمي ۾ هڪ لمحي لاءِ پنهنجي هنج ۾ وٺڻ باوجود ڄڻ ڌرتيءَ به ائين
پڪاريو هجي ته:
جاني تو نه جڳائي، رسڻ
نماڻيءَ سان
No comments:
راءِ ڏيندا