; سنڌي شخصيتون: بيگو خان - سليمان ساند

26 March, 2013

بيگو خان - سليمان ساند



بيگو خان
مرڪون وکيريندڙ
سليمان ساند
سنڌ ڌرتي جي ڪک تي ڪيترن ئي املهه ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا جن پنهنجي حياتي ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو. پنهنجا درد لڪائي ماڻهن کي کلائي کيرو ڪرڻ تمام ڏکيو فن آهي پر هڪ اهڙي شخصيت جنهن پنهنجا سور سيني ۾ سانڍي خلق کي خوب کلايو، انهن ۾ خان صاحب بيگو خان کوسو سرفهرست آهي. 
سنڌي مزاح جو بادشاهه ۱۹۴۸ع ڌاري نوابشاهه ضلعي جي دوڙ شهر ڀرسان ڳوٺ ليمون خان کوسو ۾، علي بخش کوسو جي گهر ۾ اک کولي. ۲۰ سالن جي ڄمار ۾، هو ٽنڊي آدم ڀرسان، ڳوٺ حمزو ملوکاڻي لڏي آيا. 


ھن ۲۵ سالن جي عمر کان، فني زندگي جي باقائده شروعات ڪئي. پنهنجي علائقي ۾ ميلن ملاکڙن ۽ خاص طور شادين مرادين ۾ کيس وڏي پئماني تي پذيرائي ملي. جنهن بعد هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کان علاوه، سموري ملڪ ۾ پنهنجي مزاح جي فن جا جوهر ڏيکاريا. پي ٽي وي سميت سنڌ ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن تي پنهنجو فن پيش ڪيو ته سندس مداحن جي وڏي انگ کيس پسند ڪيو ۽ آهستي آهستي هو هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. استاد بيگو خان کوسو مزاح جي دنيا سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شيدائي ۽ سنڌ امڙ سان پيار ڪندڙ هڪ ارڏو ڪردار هو.
هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ۶ مهينا جيل ڪاٽيو ۽ ڪوڙا کاڌا. شهيد بينظير ڀٽو جي ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ ٿي پاڻ آمر جنرل ضياءُ الحق جهڙا ڪپڙا پهري سندس ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اعلان ڪندو هو ته جيڪو به ڀُٽي ۽ سنڌ سان پيار ڪري ٿو اهو کيس جوتا هڻي ۽ تشدد ڪري. جنهن بعد ماڻهو کيس ضياءُ الحق تصور ڪري جوتا هڻندا ۽ تشدد ڪندا هئا. بيگو خان آخر تائين شهيد ڀٽو جو شيدائي رهيو. گذريل برساتن ۾ هن جا گهر گهاٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ وهي ويا پر ان وقت ته سندس ڪنهن به حڪمران يا پ پ اڳواڻ مدد نه ڪئي ۽ هو مجبور ٿي نوري آباد لڏي ويو ۽ ۶ مهينن بعد واپس پنهنجي ڳوٺ حمزو ملوکاڻي ۾ اچي رهيو، جتي کيس ڪوبه گهر گهاٽ نه هو ۽ هن ڪيلي جي پنن ۽ وونئڻن جي ڪاٺين مان جهوپڙي ٺاهي رهائش اختيار ڪئي. پنهنجي اجهي لاءِ حڪمرانن ۽ وڏيرن جي در در وڃي کين کلائي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندو رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي. مرڪون ورهائيندڙ ها ارڏي ڪردار کي پريشانيون وڪوڙي ويون ۽ هو آهستي آهستي بيمار ٿيڻ لڳو. ٽي مهينا پهرين مٿس فالج جو حملو ٿيو ته علاج لاءِ پئسا نه هئا، پنهنجن معصوم پوٽن لاءِ ڌاريل هڪ مينهن به وڪڻي کيس نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي پئسا کٽڻ سبب ڊاڪٽرن کيس بهانو ڪري ٽنڊي آدم منتقل ڪيو جتي سندس وارث چونڊيل نمائندن وڏيرن سرنديءَ وارن جي درن تي سهائتا لاءِ ٻاڏائيندا رهيا پر مجال آهي جو ڪنهن سندس مدد ڪئي هجي، جنهن بعد گهر ۾ بيٺل روزگار جو واحد وسيلو گڏهه گاڏو وڪڻي علاج ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو ۽ وڌيڪ پئسا نه ٿيڻ تي ڊاڪٽرن هن کي اسپتال مان فارغ ڪري ڇڏيو. اهڙيون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو هڪ لک رپين جو چيڪ ته ڏنو پر اهو چيڪ خان صاحب جي علاج لاءِ ته ٺهيو پر آخري رسمن ۾ به ڪم نه آيو. سنڌ جو هي ڀلوڙ مزاحيه فنڪار چونڊيل نمائندن ۽ سرنديءَ وارن جي بي حسي ڪري پنهنجي ڪکائين جهوپڙي ۾ سنڌوءَ جي سينڌ ڌرتي ماتا کي الوداع ڪري هميشه لاءِ پنهنجون ڪيل خدمتون، مرڪون ڇڏي ساڻ ڏک سانڍي پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو. سندس آخري رسمن ۾ سندس مداحن، غريب طبقي سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، پر اتي به ڪنهن به اديب، فنڪار يا سياستدان شرڪت نه ڪئي.
خان صاحب بيگو خان کوسو مزاح نگاري جي تربيت سنڌ جي مشهور مزاح نگار جاڙو خان ماڇي کان ورتي. هن ۴۰ سالن جي عرصي دوران مزاح نگاري ۾ مشهور شاگرد ٺاهيا جن ۾ مرحوم ڪيهر خاصخيلي، ڪنڊو لاشاري ۽ سڍڻ عرف سروٽو جيڪو پڻ سندس فرزند آهن وڏو نالو ڪمايو آهي.
سنڌ جي مزاح نگاري جي ميدان ۾ وڏو نانءُ پيدا ڪندڙ جي ڪسمپرسي ۾ وفات ۽ آخري رسمن ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي، سياستدان جي شرڪت نه ڪرڻ تي سندس اولاد، مائٽ ۽ مداح ڏکارا آهن. سنڌ جو هڪ ٻيو وڏو نانءُ اسان کان وڇڙي ويو.


خان صاحب بيگو خان
غلام حسين لغاري
جوهي ضلعي دادو سان لاڳاپيل ڀلوڙ سنڌي لوڪ مسخري آچر فقير لاشاري جي وفات کي اڃا ڪي ڏهاڪو ڏينهن ئي مس گذريا هئا ته مٿان وري ٽنڊي آدم سان لاڳاپيل سنڌ جو هڪ ٻيو ڀلوڙ لوڪ مسخرو خانصاحب بيگو خان آچر ڏهاڙي ۶۵ سالن جي ڊگهي ڄمار ماڻڻ بعد سنڌواسين کي سوڳوار ڇڏي هيلو ويو آهي.
مرحوم ڪجهه مهينن کان فالج جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو.سندس پٽن پنهنجي وس ۽ حيثيت آهر پنهنجي هن عظيم والد جي بهتر علاج لاءِ ڪافي ڪجه پتوڙيو ۽ حيدرآباد جي مقامي اسپتال ۾ به داخل ڪرايو ۽ ڪوششون ورتيون ته من سندن والد جي حياتي بچي پوي ۽ هو صحتياب ٿي سنڌ جي ماڻهن کي سندن مرڪون واپس موٽائي سگهي پر قدرت کي اهو ئي منظور هو ۽ پنهنجي رب جي در ڏانهن واپس هليو ويو جتان سندس ورڻ ممڪن ناهي.مرحوم خانصاحب بيگو خان کي سندس آبائي قبرستان حمزوخان ملوکاڻي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جي نالي واري مسخري ۽ مسخرن جي استاد محمد فقير مسخري جي مرتئي بعد خانصاحب بيگو خان کوسو سنڌ جو اهو مسخرو وڃي بچيو هو جنهن مسخري کي مسخري جي حد تائين نه پر پنهنجي مزاحيه انداز کي اصلاح طور استعمال ڪيو.مرحوم خانصاحب بيگو خان کوسو ٽنڊي آدم لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ حمزو خان ملوکاڻي ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي هو سنگت ساٿ سان چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ کيس سنگت ساٿ مسخري جو لقب ڏيندي هئي. پاڻ هڪ ڀيري سنڌ جي بزرگ هستي اولياءِ الله حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ميلي تي آيل هو جتي مرحوم محمد فقير ۽ ٻيا مسخرا مسخري وجهي ميلي جي شائقين کي وندرائي رهيا هئا تن کيس ڪافي متاثر ڪيو ۽ ان موقعي تي محمد فقير مسخري سان ڀوڳ چرچا به ڪيا جنهن تي مرحوم محمد فقير مسخري کيس ورندي ڏني ته بابا لڳي ٿو ته تنهنجا پرڪار به مون جهڙا ٿيندا. ٿيو به ايئن جو خانصاحب بيگو خان محمد فقير ،ماتلي جي قادو شيدي ۽ سنڌ جي ٻين مسخرن جي مسخري کان متاثر ٿي سنڌ جي لوڪ مزاحيه فن ۾ باقائده پير پاتو ۽ هلندي هلندي سنڌ جي ڀلوڙ مسخرن واري صف ۾ داخل ٿي ويو.جڏهن محمد فقير مسخرو ۽ ماتلي وارو قادو شيدي هن فاني دنيا مان هليا ويا ته پاڻ به سنڌ جي اندر منعقد ٿيندڙ ميلن ، شادين ۽ خوشين جي ٻين تقريبات ۾ شريڪ ٿي پنهنجي مزاحيه فن جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ مرڪون ونڊيندو رهيو ۽ سندس اهو سلسلو آخري وقت تائين هلندو رهيو. محمد فقير مسخري ۽ قادو شيدي کان اڳ عبدو فقير، خميسو فقير، دلو فقير، پوپٽ فقير، ڀليڏنو فقير، چارڻ فقير، نفير سنگهه، مٽر فقير، اسماعيل فقير، محمد پلهه ۽ ٻيا نالي وارا مسخرا سنڌ جي لوڪ مسخري جا سرواڻ هئا جن به پنهنجي لوڪ فن سان خوب نڀايو هو.
فاني دنيا کي ڇڏڻ کان ڪجهه مهينا اڳ ڪنهن سنڌي چئنل تي مرحوم خانصاحب بيگو خان پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن سنڌ جي لوڪ مسخري کي بچائڻو آهي ته سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ سان واڳيل حڪمرانن کي سنڌي مسخرن جي حوصله افزائي ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ سنڌي مسخرن کي سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ يا وري انهن جا وظيفا ايترا ته مقرر ڪيا وڃن جو اهي نه صرف پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهن پر پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم ڏياري سگهن. افسوس جي اها ڳالهه آهي جو سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ويٺل سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ڪردارن جي اهميت کان اڻ واقف ڪامورن پنهنجي روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي خانصاحب جي اهڙي صلاح تي عمل ته درڪنار پر جڏهن خانصاحب حيدرآباد جي اسپتال ۾ آخري پساهن ۾ هو ته ثقافت کاتي سندس جي ڪا به بروقت مدد نه ڪئي..بقول مرحوم جي فرزند جي ته سندس والد اسپتال ۾ داخل هو ۽ هن ثقافت کاتي جي ڪنهن ڪاموري سان رابطو ڪيو هو ته ان ڪاموري کيس پنهنجي ڪامورڪي رڳ واري انداز ۾ ايترو ته مايوس ڪيو هو جو سندس فرزند مرحوم کي واپس ڳوٺ کڻائي ويو. خبر ناهي ته ثقافت کاتي جا ڪامورا سنڌ جي لوڪ ۽ تاريخي مسخري جي ورثي کي لتاڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي ڪهڙي نيت سان سازشن ۾ رڌل آهن. ڪجهه ڏهاڙا اڳ لوڪ مسخري آچر فقير لاشاري جي مرتئي ته به ثقافت کاتي جي ڪامورن جي مٿي تي ڪا جون نه چري جو انجي وفات تي ڪو تعزيتي بيان جاري  ڪن ها يا انجي جنازي ۾ شريڪ ٿي مرحوم جي پونئيرن سان ڪا دلي همدردي ڪن ها ۽ نه وري خانصاحب بيگو خان کوسي جي وفات تي به ڪو فوري ردعمل يا تعزيتي بيان سامهون آيو هجي. سنڌ ثقافت کاتي جي سنڌي ڪامورن جي اهڙي بي حسي تي جيترو به افسوس ظاهر ڪجي اهو گهٽ آهي.
بهرحال مرحوم خانصاحب بيگو خان جنهن اڌ صدي وارو ڊگهو عرصو سنڌي لوڪ مسخري واري فن کي ارپيو اهو وساري نٿو سگهجي ۽ سندس ونڊيل مرڪون اڄ به سنڌي ماڻهن جي چهرن تي ڇانيل آهي جنهن لاءِ هو خراج تحسين جي لائق آهي. سنڌ جي عظيم لوڪ مسخري جي وڇوڙي سان سنڌ جي لوڪ مسخري کي هڪ وڏو ڌچڪو پهتو آهي ۽ اهڙو خال شايد ڪو عرصو ڀرجي نه سگهجي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا ساڃاهه وندا اڳتي وڌن ۽ لوڪ مسخري واري فن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. آخر ۾ ڌڻي در دعا آهي ته خداوند ڪريم مرحوم خاصاحب بيگو خان جي مغفرت ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي (آمين) ساڳي وقت سنڌ ثقافت کاتي جي سنڌي ڪامورن کي به ڪجهه هدايت ڪري ته اهي به پنهنجي ڌرتي ڌڻي سنڌي فنڪارن ،اديبن ،شاعرن ۽ ليکڪن جي نه صرف سندن زندگين ۾ پر سندن گذاري وڃڻ بعد به واهر ۾ ڪجهه اڳڀرا ٿين جيڪو سندن قومي، اخلاقي ۽ سرڪاري فرض به آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا