علي محمد عرف مامو صوبو
ٻلھڙيجيءَ جو مامو جيڪو
موڪلائي ويو
زلف پيرزادو
سنڌ ۾ لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هونءَ ته ڪيترن ئي
اهم ڪردارن جنم ورتو آهي جن علم، ادب ۽ سياست سميت مختلف شعبن ۾ عملي شرڪت ڪري وڏو
نالو ڪمايو، اهڙن ئي ڪردارن ۾ علي محمد عرف مامو صوبو به شامل آهي، جنهن مزاح جي شعبي
۾ پاڻ ملهايو. مامو صوبو صرف منهنجو نه، رڳو پنهنجن ڀاڻيجن جو نه، پر ڳوٺ سميت پوري
تر جو مامو هو. سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ويڙها هجن ٿا، اهڙي طرح پيرزادن جو به
ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ تمام وڏو ويڙهو آهي، منهنجي ناني ڪراڙي اٻوجهه هئي، سو ويڙهي ۾ گهمندي
ڦرندي مامي صوبي جي گهر اڳيان گذري ته مامي کي ڀوڳ سمجهيو سو رڙ ڪري چيائينس ته؛ ”ڪراڙي
هيڏي ته اڄ وڏو قدرت جو ڪرشمو ٿيو آهي.“ سو هوءَ به حيرت مان وٽس آئي ته؛ ”ادا! ڇا
ٿيو آهي.“ چيائينس؛ ”دوست عليءَ جي ڪتيءَ، ٻڪريءَ جا ڦر ڄڻيا آهن. سڄو ويڙهو هي ڪرشمو
ڏسڻ پهتو آهي، تو کي خبر ناهي؟“
سو ڪراڙي نانيءَ به نه ڪئي هم نه تم، سهڪندي وڃي ڏاڏي دوست عليءَ جي گهر
پهتي. ڏٺائين ته اهڙي ته ڪا سرگرمي آهي ئي ڪو نه. سو ڏاڏي دوست عليءَ کان پڇيائين؛
”هو ٻڪريءَ جا ڦر ڪاٿي آهن، جيڪي ڪتيءَ ڄڻيا آهن؟“ ڏاڏو دوست علي حيران پريشان ٿي ويو
۽ چيائين ته؛ ”ادي ويهه، ڇا ٿيو اٿئي. ڇا پئي چئين؟ گرمي لڳي وئي اٿئي ڇا؟ پاڻي پيءُ!
ساهه پَٽِ! پوءِ ٻڌاءِ ته اهو تو کي ڪنهن ٻڌايو آهي.“ نانيءَ چيس ته؛ ”ادي صوبي اها
ڳالهه ڪئي!“ سو ڏاڏو دوست علي کِل ۾ ٻُٽجي ويو. چيائينس ته؛ ”ڪمال ٿي ڪرين! صوبي جي
چوڻ تي هيڏو پنڌ ڪري آئي آهين؟ خبر نه اٿئي ته صوبو سدائين ڀوڳ ڪري، ماڻهن کي بيوقوف
بڻائيندو رهيو آهي.“ سو مامي صوبي جا اهڙا ڪيترا ئي ڀوڳ چرچا، اڄ به ڳوٺ وارن کي ياد
آهن، جيڪي وري نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيا آهن. مامي صوبي زندگيءَ جا آخري ورهيه، جوان
پٽ خان جي لاڏاڻي بعد، ڏکارا گذاريا. ان هوندي به آخري پساهه تائين، ڀوڳ چرچا ڪري،
ڳوٺاڻن کي کلائي کيرو ڪندو رهيو. سندس لاڏاڻي جو صرف، گهر ڀاتين کي ئي نه پر سموري
ڳوٺ ۽ ترَ کي ڏک آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي مخصوص
خوبين ۽ ڪردار سبب، جڳ جي جيءَ ۾ جايون ٺاهيندا آهن.
ٻار هجي توڙي ٻڍو، سڀ علي محمد کي مامو سڏيندا هئا. هڪ ڀيري ڪُڙهيون کڻي،
مڇي مارڻ لاءِ مامي جي قيادت ۾ نڪتاسين. پاڻيءَ ۾ لٿاسين ۽ ڪڙهيون هيونسين ته اوچتو
مامو ڪڙهيءَ مٿان چڙهي ويو ۽ رڙ ڪيائين ته؛ ”سرور هيڏي آءُ! ڪو وڏو ڪرڙو ڪڙهيءَ اندر
آهي. مون زور گهٽايو ته ڪڙهيءَ مان نڪري ويندو، تون پڪڙي ڏي! سو سرور به ڪُڙهي ڇڏي
وٺي مامي صوبي ڏانهن ڀڳو. ٽٻي هڻي ۽ ڄاريءَ ۾ جو هٿ وڌائين ته ”گوج“ جي ڪنڊن ۾ سندس
هٿ رهڙجي ويا ۽ مامو صوبو کِلَ ۾ ٻٽجي ويو. سرور پاڻيءَ مان مٿي ٿي مامي سان ڪاوڙجي
مڇي مارڻ بنا ڪڙهي کڻي هليو ويو. باقي سڀ کِلَ ۾ ٻٽجي ويا ۽ اهو طئي ڪيوسين ته جي هاڻي
مامي سڏ ڪيو ته ڪير به نه ويندو.
مامو انتهائي بهادر، روشن خيال، آخر تائين چلم جو موالي ۽ هر محفل جو
مور هو. اڄ به جڏهن مچ تي رهاڻيون ٿينديون ته مامو موجود هوندو، سندس ٽوٽڪا ڪچهرين
کي کِلائي کيرو ڪندا رهندا. سندس پونيئرن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون.
No comments:
راءِ ڏيندا