; سنڌي شخصيتون: مير مراد علي خان ٽالپر - سميرا مختيار

25 March, 2013

مير مراد علي خان ٽالپر - سميرا مختيار

مير مراد علي خان ٽالپر
ڪاش ۱۹۴۷ع وارو وقت وري اچي
انٽرويو: سميرا مختيار
مير مراد علي خان ٽالپر، جيڪو پنهنجي حياتي جي سينچري مڪمل ڪرڻ وارو آهي، سو ۲۵ مارچ ۱۹۱۳ع ۾ ڄائو. هن وقت به جامڙد لڳو پيو آهي. سو پنهنجي انداز ۾ يادگيرين جي تاريخ سانڍيو اچي. جڏھن سنڌ جي ھن عظيم انسان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن پنهنجي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي پهرين پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريون.


چوڻ لڳو ته؛ ننڍپڻ ڪڪڙ وڙهائڻ ۽ ملهون وڙهڻ ۾ گذريو. ان وقت تعليم جو نظام تمام بهترين هو. مسلمانن ۾ علم پرائڻ جو شوق ڪو نه هو. هندن تعليم حاصل ڪئي. هندستان ۽ برطانيه جي تاريخ به هندو استاد پڙهائيندا هئا. حسابن جا وڏا ڄاڻو هئا. مون کي ياد آهي ته ٽنڊي فضل جي اسڪول ۾ هالا جو محمد وريل ماستر هوندو هو. ڄاڻو هو. اهو ٻڌائيندو هلان ته مان ٽنڊي فضل ۾ ڄائو هئس.
تحريڪ پاڪستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مير مراد علي خان ٽالپر ٻڌايو ته؛ ۱۹۲۵ع ۾ پاڪستان لاءِ تحريڪ جو آغاز ٿيو. مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال سرگرم هئا، تن ڏينهن علامه اقبال حج ۽ عمري لاءِ ويندڙن جي مناسبت سان هي شعر چيو:
هو وڃن ٿا خانئه خدا
اسين ڏسون ٿا شاهه خدا
مير صاحب پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندي ٻڌايو ته؛ تن ڏينهن سنڌي فائنل پاس ڪئي ويندي هئي ۽ انگريزي جا چار درجا پاس ڪيا ويندا هئا. آئون پڙهائي لاءِ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس. نور محمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل (جنهن تي هن وقت رينجرز وارن جو قبضو آهي) ۾ رهندو هئس. ميٽرڪ ڪراچي جي مدرسة الاسلام مان ڪئي. ڊي جي ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيم. ٽي ڏينهن جناح هاسٽل ۾ رهندو هئس. جيئن ته يونيورسٽي بمبئي ۾ هئي، ان ڪري اورل اتي ڏنم. اڳتي هلي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ ٿيس. انهن ڏينهن ۾ غلام علي ٽالپر وزير هو. ان جو سيڪريٽري ٿيس. اڳتي هلي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ايڊمنسٽريٽر ٿيس. شيخ ڀرڪيو، مولان ۽ ٽنڊي محمد خان ڀرسان زمين ورتم. قاضي عابد، قاضي اڪبر سان تمام سٺي ڏيٺ ويٺ هئي. مون ٻي شادي قاضي اڪبر جي مامي جي ڌيءَ سان ڪئي. تن ڏينهن ۾ عبرت آفيس سامهون پلاٽ وٺي ان تي بنگلو ٺهرايم. ٽنڊي محمد خان ۾ حسين بخش، مير بنده علي، مير علي نواز مون کي پڙهايو. اڳي استادن جو احترام هوندو هو پر اڄ استاد جو احترام ناهي.
موجوده حڪومت بابت سوال جي جواب ۾ مير مراد علي ٽالپر وراڻيو ته؛ موجوده حڪومت انڌي، منڊي، لولي ۽ لنگڙي آهي. اڄ ماسترن کي انگريزي لفظ تلفظ ۽ معنيٰ نٿي اچي. اڳ فارسي جو گهڻو زور هو.
پاڪستان جي قيادت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مير مراد علي خان ٽالپر چيو ته؛ هندو سنڌ مان رئندا ويا. تن ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آغا تاج محمد هو. مير غلام علي خان ٽالپر وزير هو. هندن ۾ انسانيت هئي. مسلمانن جا گهڻگهرا هوندا هئا. هيرآباد ۾ هندو رهندا هئا. مسلمان ٽنڊي ٺوڙهي، ٽنڊي آغا، ٽنڊي مير محمود، ٽنڊي غلام حسين ۽ ٽنڊي نور محمد ۾ رهندا هئا. مسلمان علم کان پري هئا. مال چاريندا هئا. انهن ڏينهن ۾ عورتن کي آزادي ڪا نه هئي. پردي جي سخت پابندي هئي. عورت برقعو پائي پوءِ ٻاهر نڪرندي هئي. ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ وڃڻو هوندو ته اُٺ تي ڪجاوي ۾ وينديون ھيون. عورتن ۾ تعليم صفا ڪا نه هئي. باقي اڄوڪي جنريشن ۾ سجاڳي آهي. هاڻي ته اهڙو به قانون جوڙيو اٿن ته جيڪو ماڻهو ٻار کي نه پڙهائيندو ته ان تي ڪيس ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي. آدمشماري وڌي وئي آهي. اڳ هر ڪنهن کي هڪ ٻئي سان محبت هوندي هئي. هاڻ ته هر ڪو هڪ ٻئي سان نفرت ڪري ٿو. گلا ۽ ڪوڙ وڌي ويو آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته؛ منهنجا هزارين دوست هئا. وليج ايڊمن هئڻ ڪري، منهنجا سڀني وڏن ماڻهن سان ناتا هئا. اڳ اسان کي پئسو خرچي ملندي هئي. تن ڏينهن پايون، آڌيلا، ڪسيرا، ٽڪا، آنا، ٻياني، اٺاني، چارآني هوندي هئي. هڪ پئسي ۾ ٽي پايون هونديون هيون. رپئي ۾ ۹۲ پئسا هوندا هئا.
يادگيرين تان زماني جي دز لاهيندي مير مراد علي خان تالپر چيو ته؛ اڳي چرس، ڀنگ ۽ انڊيا جون پن جون ٻيڙيون هونديون هيون.
هن ٻڌايو ته قمر الزمان شاهه، آغا بدرالدين، آغا غلام رسول، آغا صدرالدين (اسلام ڪوٽ وارو) مرزا احسن علي، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر ۽ مير محمد علي ٽالپر سان سٺا واسطا هوندا هئا. نور محمد پنهور، گل حسن لنڊ، سلطان لنڊ، يوسف کوسي سان به ويجها ناتا هوندا هئا.
هڪ ڀيرو وري ورهاڱي بابت سوال جي جواب ۾ مير مراد علي خان ٽالپر ٻڌايو ته؛ جڏهن هندستان مان مهاجر لڏ پلاڻ ڪري آيا ته قاضي عابد، قاضي اڪبر، مير غلام علي خان ٽالپر انهن کي جيءَ ۾جايون ڏنيون. ڀتن جون ديڳيون رڌي کين کارايون. تن ڏينهن وزيراعظم لياقت علي خان هڪ ايڪٽ ٺاهيو ته هندو جيڪي زمينون ۽ ملڪيتون ڇڏي ويا آهن سي مهاجرن کي الاٽ ڪيون وڃن. ايتري تائين جو سنڌين جا وٿاڻ، مال ملڪيتون به مهاجرن کي الاٽ ڪري ڇڏيائون.
مير صاحب چيو ته؛ سنڌي سدائين کان ڪمزور رهيا. نڪو تعليم حاصل ڪيائون، نڪو ڪاروبار ۾ دلچسپي رکيائون.
مير مراد علي خان ٽالپر چيو ته؛ مون عمرو ڪيو، لبنان، ترڪي، گريڪ، برطانيا، جرمن ۽ آمريڪا ويس. پرڏيهه ۾ هڪ شراب خاني ۾ ڪائونٽر تي بيٺو هئس ته هڪ ليڊي آئي. هن بارٽينڊر کي چيو ته؛ هن کي هڪ ٻيو پيگ ٺاهي ڏي. وري مون کي چوڻ لڳي مون ناشتو ناهي ڪيو، بک لڳي اٿم، اچو ته گڏجي ماني کائون. مير مراد علي خان پنهنجون ساروڻيون ساريندي ڪنهن اونهي خيال ۾ گم ٿي ويو، سندس اکين ۾ هڪ خاص قسم جي روشني جرڪا ڏيڻ لڳي.



مير مراد علي ٽالپر
ماڻهو مڻيادار
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ به مون کي سنڌي ٻولي ۾ فلمن جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي تاريخ، ڏينهن، مهينو ۽ سال چٽي طرح سان ياد آهي. حالانڪ ان تاريخ کي ”تاريخ وقت“ موقعي مناسبت سان شاندار سڏيو ويو هو. يعني اربع عيدالفطر جي ڏهاڙي ۸ نومبر ۱۹۷۲ع (۴۵ سال اڳ) هڪ طرف شاليمار سئنيما ۾ مشتاق چنگيزي ۽ چڪوري، قربان جيلاني ۽ ملڪ انوکو جي مٺڙا شال ملن فلم رليز ڪئي وئي هئي ته ان سان گڏ ئي ان ڏينهن ان ئي تاريخ تي هڪ ٻي سنڌي فلم بادل سعيده، وسيم، ملڪ انوکو ۽ ساقي جي به فلم رليز ڪئي وئي هئي. ان ڏينهن ٻن سنڌي فلمن جي نمائش کي سنڌي زبان لاءِ شاندار ڏينهن سڏيو ويو هو، حالانڪه اها ان وقت جي عقلمندي ۽ دانشمندي نه هئي، ڇو ته اهو زمانو ان وقت اڃا سنڌي فلمن جي اُسرڻ ۽ اُڀرڻ جو شهر يعني ڪنهن مقابلي بازي جو قطعي نه هو، ڇو ته اها ڊوڙ ٻن معصوم ٻارن جي ڊوڙ ثابت ٿي، جيڪي واٽ تي ڌڪ کائي ڪري پيا ۽ فنا ٿي ويا. حالانڪه فلم بادل کي پهرين ان سال جُون جي ۳ تاريخ تي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر اهو ملتوي ڪري سال جي آخر ۾ عيدالفطر جي موقعي تي مٺڙا شال ملن سان گڏ رليز ڪيو ويو. فلم بادل شروع ۾ ته شاندار هلي ۽ ان ۾ هڪ گانو ساقي ۽ سعيده تي فلمايل ”ڇُو ٿي ڄڻئين اهڙيون ڌيئر امان“ پرده اسڪرين تي آيو ٿي ته سنڌي عورتن گيلري ۽ باڪس ۾ (ويٺل) اُوڇنگارون ڏئي روئيندي راقم اکين سان ڏٺيون، ڇو ته فلم بادل ۾ اداڪاره سپنا بطور سَسُ پنهنجي ننهن سعيده تي ظلم ڪندي آهي ۽ سعيده پنهنجي ننڍڙي نياڻي کي کڻي پنهنجي پيءُ ساقي سان سس جي گهر روئيندي ۽ اهو گانو ڳائيندي ڇڏيندي آهي ته سئنيما حال ۾ فلم ڏسڻ وارا به روئي ڏيندا آهن.
پر هوڏانهن ٻئي طرف فلم مٺڙا شال ملن ۾ چڪوريءَ جا هُوشرُبا ڊانس ۽ شيخ اياز جي وائي ۽ فقير عبدالغفور جي آواز تماشائين تي اهڙو اثر ڇڏيو جو هو فلم ڏسڻ کانپوءِ سئنيما هال ٻاهران جهمريون هڻي نچڻ شروع ٿي ويندا هئا. واضح رهي ته بادل فلم فيملي سبجيڪٽ واري هڪ بهترين فلم هئي ۽ ان لاءِ غلام حيدر صديقي (هدايتڪار) خاص طور تي ساقي کي لاهور مان گهرايو هو. هي فلم عيد جا چار ئي شو هائوس فل هلي، پر پوءِ مٺڙا شال ملن جيئن ڪامياب ٿي ته عورتون به ناچ ڪندي نظر آيون. هن فلم جا مڪالمه امر جليل لکيا هئا. فلم مٺڙا شال ملن پهرين سنڌي فلم هئي، جنهن کي پاڪستان جو مشهور فلمي نگار ايوارڊ مليو هو، پر هي مقابلو اڳتي لاءِ برقرار رهي نه سگهيو، ڇوته سنڌي فلمن کي ڏسڻ وارا فلمبين (تماشائي) هڪ ئي وقت ٻن ٻن فلمن کي ٻن سئنيمائن ۾ هئڻ ڪري ورهائجي ويا ۽ فلمون ڪامياب ٿيڻ بدران ناڪامي طرف وڃڻ لڳيون. هن وقت نه سنڌي فلمون آهن ۽ نه ئي سئنيما گهر، پر ٿوري تبديلي سان هڪ نئون سلسلو سنڌي ٻولي، سنڌي ڪلچرل جي حوالي سان خاص ڪري حيدرآباد شهر جي اندر ”شاندار نمائش“ وانگر وقت به وقت هلندڙ آهي، هنن پروگرامن جي دعوتن ۾ راقم جو پهچڻ مشڪل هوندو آهي، پر شاباس هجي سائين مٺل جسڪاڻي ۽ مير زبير ٽالپر کي جيڪي گڏ وٺي ويندا آهن، پر سنڌي زبان لاءِ ٿيندڙ هي پروگرام هاڻي مقابلي بازي واري رجحان ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هر ليکڪ، هر هڪ ڏاهو ۽ اڪابرن جو گروپ ان انتظار ۾ هوندو آهي ته ”فلاڻا“ پروگرام ڪن ته مٿان اسان پروگرام ڪنداسين، پر هاڻي ته حد اها به ٿي وئي آهي ته هڪ ئي ڏينهن تي فلم بادل ۽ فلم مٺڙا شال ملن وانگر آمهون سامهون پروگرام منعقد ٿي رهيا آهن ته ڏسڻ وارا شوقين ڪيڏانهن وڃن، هڪ طرف شيخ اياز جو خانا بدوش ۾ جهمرين وارو پروگرام هجي ۽ ان کي پيش ڪندڙ ”ليڊيز فرسٽ هجن“ جنهن لاءِ هڪ موقعي تي خفا ٿي بخشڻ مهراڻوي پنهنجي گفتگو ۾ ماهين هيسباڻي کي چئي ڏنو هو، ڇو ته اڌ رات جو بيدل مسرور جو سريلو آواز ۽ عرفانه ملاح، امر سنڌو وغيره جو پروگرام ڏسجي (فلم بادل جيان) يا مڃتا ايوارڊ جو پروگرام ممتاز مرزا هال ۾ مزاحيه فنڪارن سهراب سومرو ۽ علي گل ملاح جو (فلم مٺڙا شال ملن) ڏسجي، اهڙي نازڪ صورتحال ڏسندڙن کي منجهائي ڇڏي ٿي. ان ڪري سنڌي ٻولي جا گهڻگهار ڪجهه خوف خدا جو نه ڪن ته ڀلي نه ڪن، پر ماضي ۾ سنڌي فلمن جي مقابلي واري چڪر جيان اڄڪلهه سنڌي ٻولي لاءِ ٿيندڙ پروگرامن کي ”مقابلو نمبر هڪ“ ۽ ”مُقابلو نمبر ٻه“ ۾ نه ورهائين، ڇوته اها رساڪشي واري ڳالهه خراب نتيجا به ڏئي سگهي ٿي. بهرحال راقم جڏهن به ممتاز آڊيٽوريم هال پهچندو آهي ته خود ممتاز مرزا ياد اچي ويندو آهي، جنهن ڪنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آواز جو آڊيشن ورتو هو ۽ راقم کي ٻيا دوست منظور قريشي، سرور بلوچ ۽ غلام علي ٽالپر ڏسي رهيا هئا.
”ماڻهو مڻيادار“ هي اکر لکڻ وقت راقم کي دلي صدمو پهتو ته عبرت پريس ۾ ۱۹۷۰ع کان وڃڻ وقت پنهنجي عزيز مير مراد علي ٽالپر سان واسطو هو، جنهن جو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ٿي ويو آهي. مرحوم اهل علم ۽ اهل قلم هو، سندس زمين تي جهڻ موري تي سم ۽ ڪلر سبب گهٽ وڃڻ ٿيندو هو ۽ سندس پوکيل ڪيلو به ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. ان کانسواءِ ٽالپر اتحاد قائم ٿيڻ وقت سندس تاثرات راقم ئي نوٽ بڪ تي ورتا هئا، جيڪي اڄ به رڪارڊ تي موجود آهن، پر مير مراد علي ٽالپر اصل ۾ ٽنڊو فضل ڳوٺ جو هو، پر لڳندو حيدرآباد شهر ۽ عبرت پريس جو شخص هو. مرحوم جون خدمتون آبادگارن ۽ سنڌ واسين لاءِ سدائين يادگار رهنديون. سائين گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو ۽ سندس فرزند مرحوم مير راجا به هڪ دلبر شخصيت ۽ يار ويس انسان هو. محرم جو نياز هجي ۽ مير راجا نه هجي، سو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. بهرحال مير مراد علي ٽالپر هاڻي اسان ۾ موجود نه آهي، پر هن جي ڪيل ڪم ۽ ڇڏيل ڪردار تاريخ ۾ سدائين شاهد رهندا.


No comments:

راءِ ڏيندا