; سنڌي شخصيتون: ماستر ايوب ساند - سليمان ساند

26 March, 2013

ماستر ايوب ساند - سليمان ساند


ماستر ايوب ساند
سماج سڌارڪ ۽ ماھر تعليم
سليمان ساند
سنڌ ڌرتي جي ڪک ڪيترا ئي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي زند گي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو پر اسان جو الميو اهو رهيو آهي ته اسان اهڙن عظيم انسانن جو نه سندن حياتي ۾ قدر ڪندا آهيون ۽ نه ئي سندن ڪا مدد ڪندا آهيون. الٽو ان تي چٿرون ڪندا آهيون. سنڌ ڌرتي جي اهڙن ڪردارن مان هڪ ماستر محمد ايوب ساند پڻ آهي، جنھن سنڌ جي اربيلي شاعر حسن درس جي اباڻي ڳوٺ، مشائخ هوٿي ۾، سال ۱۹۲۶ع ۾، حافظ لونگ ساند جي گهر ۾، اک کولي. 

ابتدائي تعليم ڳوٺ مشائخ هوٿي مان حاصل ڪئي. سنڌي ۷ درجا (فائنل) امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ تي منشي طور ڀرتي ٿيو. ان وقت ماسترکي منشي چوندا هئا. پاڻ ۳۳ سالن تائين موجوده سانگهڙ ۽ پراڻي حيدرآباد ضلعن جي مختلف هنڌن ڳوٺ صالح خاصخيلي، مشائخ هوٿي ۽ ٽنڊي آدم جي هڪ صدي پراڻي سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ بطور هيڊماستر پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ۱۹۸۱ ڌاري ريٽائرمينٽ ورتي. هيءُ عظيم انسان علائقي ۾ سماجي ڪمن ۾ سدائين اڳڀرو هوندو هو. ريٽائرمينٽ جي مليل رقم ۶۵۰۰۰ پنهنجي ڪاروبار ۾ لڳائڻ بدران ماڻهن جي خدمت تي خرچ ڪري ڇڏيائين. هن ساري زندگي عوام لاءِ جاکوڙي پر سندس حياتي ۾ سندس ڪنهن به قدر نه ڪيو. هي درويش صفت انسان هرننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندورهيو ۽ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي درخواستون ڪندو رهندو هو. اڪثر ماڻهو سندس مدد ڪرڻ بجاءَ مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا. هن ٽنڊي آدم ميونسپل جي ان وقت جي چيئرمين عبدالستار غوري جي ڪوششن سان صدر ضياءُالحق کي روبرو درخواست پيش ڪئي. صدر هن جي عمر ۽ جذبي کي ڏسي چيو ته؛ ”آپ ڪا روڊ ضرور بني گا“ جنهن کان پوءِ ايندڙ نئين بجٽ ۾ هن روڊ لاءِ رقم رکي وئي ۽ روڊ جو ڪم شروع ٿي ويو. هڪ مسڪين جي محنتن جو اثر آهي جو اڄ ۴۵ ڪلوميٽر فاصلي وارو ٽنڊوآدم ميرپورخاص روڊ ٽن ضلعن ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ جي هزارين ماڻهن جي سهولت بنجي ويو آهي. ٻئي طرف هتان کان ايم اين اي بڻيا پر ڪنهن به هن روڊ جي مرمت لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو. روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي پر علائقي جا چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ۾ ستا پيا آهن.
اڄ علائقي جا ماڻهو ماستر محمد ايوب ساند کي سارين ٿا جيڪو علائقي واسين لاءِ وڏي سهولت ڪري ويو. هيءُ مرد مجاهد، سماجي ورڪر ڪينسر جي بيماري وگهي، اڄ کان ۲۶ سال اڳ پهرين ڊسمبر ۱۹۸۶ تي اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو. اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته هن عظيم انسان جي جنم ۽ وفات جي تاريخ ساڳي يعني پهرين ڊسمبر آهي. هو جسماني طور ته اسان کان جدا ٿي ويو اهي پر سندس خدمتون ۽ ٽنڊوآدم ميرپورخاص روڊ جو ڪارنامو هميشه ياد رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا