تاج محمد ابڙو
تاريخ جي روشن راهه
عبدالقادر جوڻيجو
هونئن ته عام طور چڱن ماڻهن جي
چڱائي جي وصف بيان ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ ڪيئي ٺڳيءَ جا ٺاهه
پاتا وڃن ٿا. ڪلهه به ائين هو ته اڄ به ائين آهي. زماني تي ميارون اجايون آهن. پر
هڪڙي ڳالهه هٿَ جي تريءَ وانگيان صاف بيٺي آهي ته سنڌ جي اصلي ۽ املهه هيرو، تاج
محمد ابڙو پنهنجيون، پنهنجي گھر ٻار جون ۽ پنهنجن يارن پيارن جون تڪليفون وساري،
پنهنجي ملڪ جي بکئي ڏکئي، ڏتڙيل ۽ بي وس عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ جئين جو تئين شرڪت
ڪئي. هو پنهنجي زندگي داءَ تي هڻي، ٻين جي غمن ۽ ڏکن جو ساٿاري رهيو. خودغرضين جي
گھاٽن ڪڪرن ۾ بي غرضيءَ جي کنوڻ بڻجي، روشنين جا لامارا ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن ڄاتو ته
اهو تاج محمد ابڙي ڄاتو. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته تاج محمد ابڙو چڱائيءَ جي عمل ۾
نه رڳو نشاني هو، پر خود چڱائيءَ جي عمل کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. چڱائيءَ جي وڏي
اها ئي وصف هئي، جيڪا تاج محمد ابڙي جي شخصيت جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي.
ايڏو خلوص، ايڏي عواميت، ايڏي
جدوجھد، خلقِ خدا جي چڱائيءَ لاءِ ايڏي محبت تمام گھٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي، جن ۾
تاج محمد ابڙو سر فهرست رهيو. هن ليڊر بڻجي، ٻين کي قربانين جو سبق ڏيڻ جي بدران،
قربانين جو اهو بار پاڻ ئي پنهنجي مٿي تي کنيو. هو هڪ عام ورڪر وانگيان ڪم ڪندو
رهيو ۽ پنهنجن خوابن جي تعميل لاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. جيڪو ماڻهو پاڻ کي
وساري، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو ٿي وڃي، انهيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگھي ٿو.
مون کي اها به خوشي آهي ته سندس
صالح اولاد سندس ڇڏيل ورثي جي ايڏي سار سنڀال لڌي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ ڪتاب
آهي. نه ته هونءَ ته حقيقت اها آهي ته چڱا چڱا ماڻهو تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندا
آهن. پر شابس آهي تاج محمد ابڙي جي اولاد کي، جن کيس تاريخ جي دز کان بچائي ورتو
آهي ۽ سندس شخصيت هڪ روشن تاريخ وانگيان نه رڳو اسان جي اڳيان آهي پر ايندڙ نسل
لاءِ به هڪ روشن راهه بڻيل رهندي.
(روزانه سوڀ، ڪاوش، هلال پاڪستان،
تعمير سنڌ، عبرت، سچ، عوامي آواز، سنڌ، هلچل، سنڌو، پڪار)
No comments:
راءِ ڏيندا