استاد وحيد علي
سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو ڪلاڪار
ناصر قاضي
ننڍي کنڊ جو گواليار گھراڻو موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي علم ۽ مهارت جي
آڌار تي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن گھراڻي جا چشم و چراغ خانصاحب استاد منظور علي خان
۽ خانصاحب استاد اميد علي خان سنڌ ڌرتيءَ سان سلهاڙيل رهيا. سنڌ ڌرتيءَ جو خوشبوءِ
۽ سرهاڻ ويتر هن گھراڻي جي ڏات ڌڻين کي اهڙي روشني ۽ مڻيا عطا ڪئي، جو سندن سڳند پوري
عالم ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو. ساڳئي گھراڻي سان واسطو رکندڙ استاد وحيد علي خان به
آهي، جنهن سرن ۾ اهڙي ته نغمگي ڀري، جو سنڌي موسيقي ۽ راڳ کي هڪڙو نئون ۽ انوکو رنگ
مليو. شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سچل سرمست جي ڪافين کان وٺي جديد شاعريءَ جي چونڊ ۽ ادائيگيءَ
۾ هن اهڙا ته لطيف ۽ نفيس آلاپ سمايا جو دنيا دنگ رهجي وئي ۽ هر پاسي کان رڳو واهه
واهه جا داد ۽ آواز اچڻ لڳا.
استاد وحيد علي خان ۱۹۵۰ع
ڌاري پنهنجي وقت جي تمام سريلي استاد ڪلاڪار استاد غلام الرسول خان جي گھر حيدرآباد
۾ اکيون کوليون، سندس چاچو خانصاحب استاد اميد علي خان ۽ مامو خانصاحب استاد منظور
علي خان هند ۽ سنڌ جا نامور ڪلاسيڪل گويا هئا ۽ سندس ڀائر خانصاحب استاد حميد علي خان،
خانصاحب استاد فتح علي خان ماضي کان وٺي دورِ حاضر تائين پِوري دنيا جي ڪلاسيڪل ڪلاڪارن
جي صف ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. جيئن ته مٿي ڄاڻايل آهي ته استاد وحيد علي خان برِصغير جي
مهان موسيقار گھراڻي ’گواليار‘ ۾ جنم ورتو، جنهنڪري سُر سندس ميراث هو، پر عملي طور
تي هن فن جي بنيادي تعليم ستن سالن جي ننڍي
عمر ۾ پنهنجي والد استاد خانصاحب غلام الرسول خان ۽ پنهنجي چاچي استاد اميد علي خان
کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ راڳ ۽ علمِ موسيقيءَ جي وڌيڪ سکيا پنهنجي مامي ۽ سنڌ ڌرتيءَ
جي مهان گلوڪار استاد منظور علي خان کان ورتي. پاڻ استاد منظور علي خان سان گڏ به محفلن
۾ ڳائيندو هو ۽ اهوئي سبب هو جو سندس راڳ ۾ پختگي ايندي وئي. استاد وحيد علي خان جي
محنت، فن سان لڳاءَ ۽ سچائيءَ جو اهو نتيجو نڪتو، جو هن پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو
۽ ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ سنڌي فلم جي ميدانن ۾ ڪاميابي ماڻي پوري دنيا ۾ ڇانئجي ويو.
استاد وحيد علي خان ريڊيو جي دنيا ۾ ۱۹۷۳ع ڌاري پنهنجي ٻالڪپڻ وارن ڏينهن ۾ متعارف ٿيو ۽ سڀ کان اول ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تان ’ٻارڙن جي ٻاري‘ پروگرام ۾ شرڪت ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کانپوءِ
ريڊيو ۽ ٽي. وي جي لاتعداد پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. استاد وحيد علي خان سنڌي فلمن
’دريا خان‘ ۽ ’جانيئڙا‘ لاءِ به ڳايو، هن پاڪستان کانسواءِ دبئي، شارجه، هندوستان
۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو.
استاد وحيد علي خان ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو تمام سريلو
۽ بهترين راڳي هو، هن پنهنجي محنت ۽ علم جي بنياد تي سنڌي موسيقيءَ ۾ نواڻ آڻڻ جا ڪامياب
تجربا ڪيا، نيون ڌنون جوڙيا ئين ۽ خاص طور تي لطيف سرڪار جي وائيءَ کي نئين رنگ ۾ پيش
ڪيائين، لطيف سرڪار جي واين مان استاد وحيد علي خان جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل: ’منهنجو ملڪ
ملير، ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن گذاريان‘ هڪ سهڻو مثال آهي. استاد وحيد علي خان جتي لطيف سرڪار،
سچل سائين، بابا بلهي شاهه ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ڳائي، اتي ڪيترن ئي جديد شاعرن
جي شاعري پڻ ڳايائين، جن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي، عبدالحڪيم
ارشد، عبدالغفار تبسم، سائينداد ساند، اياز گل ۽ ٻين جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سندس شاعريءَ
جي چونڊ سدائين سهڻي ۽ لاجواب رهي، سندس آواز تمام مٺڙو هوندو هو، وٽس ڏات به هئي ته
ڏانءُ به هو، اهو ئي سبب آهي جو استاد وحيد علي خان پنهنجي مٺڙي آواز سان، خوبصورت
شاعري، سنگيت جي سهڻي روپ ۾ انتهائي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندو هو. سندس فن جي اعتراف
۾ کيس ٽي ڀيرا لطيف ايوارڊ، چار ڀيرا لال شهباز قلندر ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن (سگا) پاران ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ مليا. سندس مٺڙي آواز
۾ ڳايل سدا بهار ڪلامن ۾؛
1.
’اسان راز دل جو اوهان
سان پچاريو‘،
2.
’جيئي لطيف منهنجو سهڻو
لطيف‘،
3.
’آءُ ته گڏجي گذاريون،
ڏکيا سکيا ڏينهن‘،
4.
’جي روز رسندين ته مهڻا
ملندا‘،
5.
’هن دل جون ڇا ٻڌايان،
کولي مان يار ڳالهيون‘
۽ ٻيا قابلِ ذڪر آهن.
سنڌ ڌرتيءَ جو هي ناميارو ڪلاڪار ۽ ڏات ڌڻي استاد وحيد علي خان ۲۲ مارچ ۱۹۹۹ع تي سنڌ ڌرتيءَ کان سدائين لاءِ موڪلائي ڏورانهين
ڏيهه هليو ويو. سندس فني ورثي جو وارث سندس فرزند اقرار وحيد علي پڻ پنهنجي والدِ محترم
جي نقشِ قدم تي هلندي سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا