شھيد ھوش محمد شيدي
سنڌ جو عظيم ڪردار
عنايت قمبراڻي
سنڌ جي تاريخ ڪيترن ئي عظيم سورمن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. جن پنهنجي
ڌرتي تان غلامي جا پاڇا هٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين مهاڏو اٽڪايو.
اهڙن سنڌ جي انمول هيرن مان شهيد هوش محمد شيدي به هڪ آهي، جنهن سنڌ تي قابض ٿي، سنڌ
کي غلام بڻائڻ جي سوچ رکندڙ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي انهن کي اهو ٻڌايو ته؛
”مرويسون
مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“
”جنگ
ڪريسون، پٺ نه ڏيسون،
مرسون
مرسون سنڌ نه ڏيسون“
۽ واقعي ئي حقيقي طور تي شهيد ٿي هوش محمد شيدي نه رڳو پنهنجي قول ۽ فعل
تي قائم رهيو پر هن سنڌ دشمن فرنگين کي جنگ جي ميدان ۾ ئي شڪست قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
۲۳ مارچ ۱۸۴۳ع سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏينهن ثابت ٿيو جنهن ڏينهن انگريزن
سنڌ تي راتاهو هڻي سنڌ کي هميشه لاءِ غلام بنائي حڪمراني ڪرڻ جي سوچ کڻي ميدان ۾ لٿو
پر سنڌ جي سورمن سندن ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا ۽ کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.
سنڌ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ جي سوچ کڻي ايندڙ انگريز پنهنجي حق ۾ چالاڪي
سان ڪي غدار سنڌي پڻ شامل ڪيا جن لالچ ۾ اچي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ڪرڻ ۾ ڪا به
ڪسر نه ڇڏي ٺيڪ انهي وقت جڏهن جنگ مڪمل اوج تي هئي ته انهي وقت ميرن جي هڪ ڇاڙتي غداري
ڪندي سنڌي فوج جي بارود کي به باهه ڏيئي ڇڏي.
مون پڪ
سڃاتا پنهنجا ها،
ڪي ڌارين
سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ
ڏسيائون ويرين کي،
ويهي
وانگيئڙن جي واڙي ۾.
بارود سڙي وڃڻ کانپوءِ سنڌي سپاهين جا حوصلا خطا ٿي ويا مير نصير خان
جيڪو سنڌي فوج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو تنهن کي پنهنجي شڪست سامهون نظر اچي رهي هئي هن
هوش محمد سان مشورو ڪري جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر وقت ۽ حالتن
مطابق هوش محمد مير نصير خان کي اهو چئي ميدان مان نڪري وڃڻ جو مشورو ڏنو ته هتان جو
انتظام مان پاڻ ٿو سنڀاليان توهان وڃي بارود ۽ سپاهين جو بندوبست ڪريو. هوش محمد پاران
ڪافي زور ڀرڻ بعد مير نصير خان جنگ جي ميدان مان نڪري ويو ۽ فوج جي ڪمان هوش محمد پنهنجي
هٿ ۾ کنئي، جيڪو بقول تاريخدانن جي ته هي توبخاني ۽ جنگ جو ماهر هو. هن هڪدم توبفاني
جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي، ۽ وڏي ڏاهپ سان توبن ۾ ٺڪر ڀتر وجهي دهماڪا ڪري جنگ جاري
رکڻ جو اعلان ڪيو. بارود سڙي وڃڻ باوجود ڌماڪن جي آوازن انگريز سپاهين کي پريشان ڪري
ڇڏيو ۽ فتح جي ويجهو پهتل فرنگي بوکلائجي پوئتي هٽڻ لڳا ۽ کين اها پڪ پڻ ٿي ته سنڌين
وٽ بارود اڃا به موجود آهي.
انگريز ٻڏتر ۾ هئا ته هوش محمد موقعو ڏسي شينهن وانگر گجگوڙ ڪندو ”مرسون
مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندو پنهنجن ساٿين سميت انگريزي فوج جي صفن
۾ ڪاهي پيو، اوچتو حملو ٿيڻ سبب فرنگين ۾ ڀاڄ پئجي ويئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ سنڌ جي سپوتن
انگريزن جون وايون بتال ڪري وڌيون ۽ اڳتي وڌندا وڙهندا شهيد ٿيندا رهيا پر ڌرتي جو
هڪ انچ به دشمن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيا.
ائين ئي هوش محمد شيدي به هڪ انگريز سپاهي جي گولي جو نشانو بڻجي ويو
پر سندس ارادو پختو هو. پاڻ هرگز هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو. آخري دم تائين دشمن کي ڪيرائيندو
۽ للڪاريندو، موت کي ٻکين پوندو جام شهادت نوش فرمايائين. ساهه جو سڳو ٽٽي وڃڻ بعد،
سندس بي سُت بڻيل وجود جي ويجهو وڃڻ جي پڻ سگهه باقي نه رهي. کين اهو خوف ٿي رهيو هو
ته ڪٿي هي مرد مجاهد هڪ دفعو ٻيهر نه مٿن حملو ڪري وجهي. هوش محمد شيدي جي شهادت پڻ
فاتعانه انداز ۾ ٿي آهي. پاڻ ساهه جو سڳو ٽٽڻ باوجود زمين تي نه ڪريو. سندس هٿ ۾ تلوار
جنهن جي نوڪ زمين ۾ کُتل هئي ۽ گوڏن ڀر زمين تي ويٺل رهيو، جنهن خوف سبب انگريز ٻڏتر
جو شڪار هئا ته هي زنده نه هجي ۽ حملو نه ڪري وجهي. ڪافي دير بعد انگريز، شهيدن جي
بي وس وجود وٽ پهتا ۽ کيس هٿ لڳائي زمين تي ڪيرايو ته اچرج ۾ پئجي ويا. حيرت مان هڪ
ٻئي جا چهرا تڪيندا رهيا. مجبورًا هنن کي شهيد جي جرئت ۽ بهادري تي داد ڏيڻو پيو ۽
هنن کيس سلوٽ ڪيو. سندس مڙهه کي مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو ويو. تاريخ ۾ اهڙو عمل
ڪٿي به نه ٿو ملي جو دشمن فوج پاران، دشمن فوج جي ڪنهن سپاهي کي اعزازن سان نوازيو
وڃي.
No comments:
راءِ ڏيندا