; سنڌي شخصيتون: ماما رمضان ساريو - غلام محمد ڀٽي

26 March, 2013

ماما رمضان ساريو - غلام محمد ڀٽي


ماما رمضان ساريو
ٻلھڙيجي جو ايڌي
غلام محمد ڀٽي
مامو رمضان ساريو پنهنجي زندگي سماجي ڪمن کي ارپيندڙ بهترين باصلاحيت انسان آهي ۽ احساس طعبت رکندڙ عظيم انسان توڙي گهڻ رخي شخصيت آهي جنهن سدائين پنهنجي حقن بدران مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جو ڪيس وڙهندي ۽ خدمتون سرانجام ڏيندي پاڻ ملهائيندو رهي ٿو.
ڏسڻو اهو آهي ته تمام غريب خلوص ڏيندڙ مامو رمضان ساريو غريب هوندي به ٻين مظلومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي سوين بار، پريشانيون سهي ٻهراڙين جا مسئلا ترت حل ڪرائي فخر محسوس ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪندو رهي ٿو، ڇو ته سماجي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندي به ڪنڊن جي سيج تان گذرڻو پوي ٿو ۽ تنقيدن جو نشانو بڻجندو رهندو آيو آهي ڇو ته ڪم ڪندڙن تي سدائين ناجائز تنقيدون ٿينديون رهنديون آهن، تنهن ڪري ڪم ڪندڙن کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻو آهي ڇو ته ڊگهي منزل ۽ بنا لالچ جي ڪم ڪندڙ تمام ٿورڙا انسان هوندا آهن جيڪي سڀ ڪجهه سهندي توڙي درگذري ڪندي به پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هوندا آهن، مگر ڪڏهن به مشڪلاتن ۽ رنڊڪن کي ڏسي مايوس ۽ پريشان نه ٿيندا آهن.

مامو رمضان ساريو تمام غريب ۽ محنتي سٺو سماجي ورڪر هوندي به ۱۹۸۰ع کان اڄ ڏينهن تائين سماجي ڪمن ۾ ٿڪو ناهي، جيئن تيئن اڳتي وڌي بي سهارن، بي پهچ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندي ۽ ان هن جون وس آهر خدمتون سرانجام ڏيندي وسان نه گهٽايو آهي ۽ پنهنجو ڪردار لالچ کان صاف شفاف رکندي مظلومن جو اڄ به سهارو بڻيل آهي. تنهن ڪري ان کي مبارڪون ڏيون ٿا جيڪو لالچن کان هٽي ڪري ۽ مشڪلاتن رنڊن کي ٺڪرائي اڄ به ثابت قدم رهندي ساٿ نڀائيندو رهي ٿو.
جڏهن ته مامي رمضان ساريي جون خدمتون ته ڪيتريون ئي مهمان نواز ۽ سماجي ڪمن ۾ ته يادگار رهنديون پر ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ پنهنجي گهر جا ٽي ڪمرا ڏيڻ ۽ ۲۰۰۵ع کان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي طرفان نياڻين کي تعليم ڏيارڻ، مريضن کي نانگ، ڪتي جون ويڪسين لڳرائڻ، مفت اکين جون ڪئمپون لڳرائي مريضن کي دوائون چڪاس ۽ اکين جا آپريشن ڪرائي کاڌو کارائڻ ۽ ٻين بيمارين جون ڪيمپون لڳرائي ٻوڏن دوران انهن جي مدد ڪرائڻ، ٻڍڙي عورت جي تباهه ٿيل گهر کي سهارو ڏيڻ، محفل موسيقي، مچ ڪچهريون ڪرائڻ، مريضن جي عيادت ڪرڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي سرگرميون ڪارگردگي ۾ ئي شامل آهن.  ڇو ته مامو رمضان ساريو ملڻ جلڻ ۽ دل جو به سکي آهي ۽ اهڙا ڪم ڪرائڻ سان چوندا آهي ته مونکي قدرتي سڪون محسوس ٿيندو آهي ڇو  ته سٺا ڪم ڪرڻ ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ سواءِ ٻي ڪهڙي عبادت آهي جيترا به مسئلا رنڊڪون پريشانيون رستي ۾ اچن تنهنجي باوجود به انسانن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو جاري رکندس ۽ غريب هوندي به غريبن جو احساس رکان ٿو ته هر کار کان به انهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏياري پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهان جيئن ڀٽائي سرڪار چوي ٿو ته:

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو....!
جڏهن ته مامو رمضان ساريو يو سي بگي ۾ پڻ ڪائونسلر به رهيو جنهن ۳۰ ڳوٺن جون رٿائون چونڊيل نمائندن کان پاس ڪرائي ترقياتي ڪم به ڪرائي ڏيکاريا ۽ انور پيرزادي جي ڪوششن سان ٻلهڙيجي ۾ شاهه لطيف ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جون تنظيم ڳوٺ سڌار سنگت وارين ملهايون ۽ استاد منظور علي ۽ ٻين هن جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته مامو رمضان ساريو پنهنجي گهر تي ٽانڊو رکي پنهنجون خوشيون ٻين کي ارپڻ ۽ ٻين جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ بهترين ڪردار نڀائيندو اچي ٿو، جڏهن ته  سٺي ڪارڪردگي جا انٽرويو به مختلف ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن ۾ نشر ۽ شايع ٿيا آهن جڏهن ته اسان جون دعائون مامي رمضان ساريو سان گڏ آهن ته الله وڏي ڄمار ڏئيس ته جيئن اڳتي به بي سهارن جون خدمتون جاري رکي ۽ پنهنجون انساني ۽ اخلاقي فرض نڀائيندو رهي ڇو ته سٺن انسان دوستن جي ڪري اڃا جهان هلي رهيو آهي ۽ ڪنهن جون خدمتون، محنتون ۽ قربانيو ڪڏهن به رائيگان نه ويون آهن. ڀٽائي سرڪاري چوي ٿو ته:

اڃا ڪي آهن ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
جڏهن ته مامي رمضان ساريو کي ڪيل سماجي خدمتن عيوض ڪيترن ئي ادارن کان مڃتا ايوارڊ، شيلڊون سرٽيفڪيٽ انعام پڻ مليا آهن جيڪي ان پنهنجي دل جي لائبريريءَ ۾ رکي هميشه لاءِ سجائي رکيا آهن ڇو ته انسانن جي خدمت ڪرڻ سان دلي طور ئي خوشيون نصيب ٿينديون رهنديون آهن. رمضان ساريو جيان اسان کي به ايئن پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائڻ گهرجي ڇو ته مختصر زندگي ۾ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو ڪري ڏيکاريو اهو ئي بهترين عمل اسان کي هتي ۽ اڳتي به ڇوٽڪارو ڏياريندو  رهندو.



مامو رمضان

ھڪ ٽرسٽ
انور ڏنگڙائي
جيڪي چوندا آهن ته، ”ڪجهه نه ڪجهه“ ڪرڻ گهرجي، مان انهن کي غلط ٿو سمجهان. ڇو ته ”ڪجهه نه ڪجهه“ ۾ غلط ڪم به اچي ويندا آهن. باقي ”ڪجهه“ ڪجي، اهو صحيح آهي. ڪجهه ڪجي اهو آهي ته ٿورو ڪم ڪرڻ ڏانهن اشارو، پر جيستائين گهڻو ڪجهه ڪجي تيستائين ڪجهه ڪندو رهجي ته گهڻو ڪجهه پاڻهي ئي ٿي ويندو. اسان وٽ هڪ طرف ڏٺو وڃي ته ماڻهن جو سخت ڏڪار لڳو پيو آهي. ماڻهو هڪ ته پيدا ڪونه ٿا ٿين، جيڪي پيدا ٿين ٿا ته بچن ڪونه ٿا. جتي اهڙو ڏڪار هجي، اهڙي اڻاٺ هجي، ان جڳهه تي ڪو ماڻهو جيڪڏهن ”ڪجهه“ ڪري ٿو ته اهو به گهڻو ڪجهه لڳي ٿو. هر ماڻهو ته اهڙو نه ٿو ٿي سگهي پر سوچڻ وارن ماڻهن مان جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو به ڪجهه ڪندا رهن ته پڪ سان اسان اهو ڪجهه حاصل ڪري وٺنداسين، جيڪو ڪجهه اسان سوچون ٿا ۽ چاهيون ٿا.
مون چيو ”اُهي ماڻهو“ انهن ماڻهن مان پيدا ٿيندا آهن جيڪي سوچڻ وارا ٿيندا آهن، ۽ يقين ڄاڻو جيڪي سوچڻ وارا هوندا آهن. انهن جو ننڊون حرام هونديون آهن. انهن جون ننڊون ٻين جا مسئلا فٽائيندا آهن. هو سوچيندا ئي ٻين جي مسئلن تي آهن. پنهنجا مسئلا انهن لاءِ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. مامون رمضان ساريو سوچي ٿو پنهنجن مسئلن کان وڌيڪ ٻين جي مسئلن تي. هو، جيڪو بنهه سادڙو، سٻاجهڙو، سنهڙو، سيپڪڙو، پنهنجو خيال نه ڪرڻ، سدائين ٻين جي خيال ڪرڻ ۾ خيال کُتل. رستي سان ويندو ته انهن ئي خيالن ۾ گم. توهان هڪ دفعو محبت سان کيڪاريوس، ٻئي دفعي لڙي اچي اوهان سان ملندو. نه ته سدائين رمتو جوڳي نظر ايندو. هو سڀني جو مامون آهي، ان ڪري جو سڀ هن جا ماما آهن. ڪنهن جو به رخو نالو نه وٺندو ۽ ڪير به هن جو رخو نالو نه وٺندو. اهڙا ماڻهو متزاد به ٿيندا آهن پر هن سان مون ڪنهن جو به تزاد نه ڏٺو آهي. ٻاهر نڪرندو ته فائيلن جو بنڊل بغل ۾ جنهن ۾ رڳو ٻين جا مسئلا سٿيل هوندا. ڪڏهن ڪهڙي آفيس ته ڪڏهن ڪهڙي آفيس. اسان ته صرف ڳالهه ٿا ڪري وڃون ته هو آفيسن جا چڪر لڳائيندو وتي ٿو، پر انهن آفيسن ۾ هن کي مشڪلاتون ڪيتريون سامهون اينديون هونديون؟ جنهن ملڪ جي آفيسن جو پٽيوالو به ڊي سيءَ جي ڏک ڏيندو هجي، ان آفيس جي آفيسر جو رويو ماڻهوءَ سان ڪهڙو هوندو، سو به ان ماڻهو ءَ سان جو ٻين جا ڪم ڪندو هجي ۽ مفت جا ڪم ڪرائيندو هجي؟
هن ڪم جي شروعات ته گهٽيون صاف ڪرڻ سان ڪئي. ان دور ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جو چڱو خاصو ڪم هو. سنڌ ۾ هن جي ڳوٺ ۾ به هڪ يونٽ سرگرم هو اُن پليٽ فارم تان هي ڇا ڪندا هئا جو جڏهن ڪا هيٺاهين گهٽي ڏسندا هئا. جتي پاڻي بيهي ويندو هجي ته اتان ڀرپاسي مان ڪنهن گند ڪچري جو ڍير تاڙي اهو گهلي، ان هيٺائين ۾ وجهي گهٽيءَ کي گهمڻ ڦرڻ جهڙو ۽ فضيلت ڀريو ڪري ڇڏيندا هئا. ايئن ڪم ڪندي ڪندي. ڪنهن غريب جي  مالي سهائتا به ڪري وٺندا هئا. جن مان ٻيا ته ٽڙي پکڙي ويا پر هن کي اهڙي ستي پئجي وئي جو هن ان ڪم کي ڀٽائي جي هن سٽ مصداق کنيو ته ”اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي!“
ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تان ته تمام گهڻو پاڻ ملهايائين، پر وري هڪ ٻي سماجي تنظيم ”انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن“ ٺاهي ان ۾ ڪم شروع ڪيائين، ان تنظيم جي ڪمن جو ٻيو سمورو وچور هڪ پاسي، پر جيڪي اسڪول منظور ڪرايائين، اهو هڪ ڪم ئي هن جي تاريخ ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهي، هن وقت تائين پنج اسڪول منظور ڪرائي چڪو آهي. جن مان هڪ ”جهولي لعل“ نالي موهين جي دڙي ڀرسان ڍنڍ ڳوٺ ۾، ٻيو ”سرهاڻ“ نالي ڪانءَ پور ۾، ٽيون ”لب درياهه“ امام بخش ملاح ۾، ڇوٿون ”ماروئڙا“ ڀلي ڏنو ابڙو ۾ ۽ پنجون ”ڀٽائي“ فتح محمد اعواڻ ۾. جن ۾ هڪ ئي وقت هزارين ٻار پڙهن ٿا ۽ چوويهه ملازمن کي روزگار پڻ مليو آهي. جيڪي هنن اسڪولن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
پنهنجي سڄي زندگي ارپي ايڏا وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي پنهنجي مالي حيثيت ڇا آهي؟ اهو به معلوم ڪندا هلو.هڪ ايڪڙ زمين جنهن جي اُپت خرچ لٿي ڪيتري هوندي، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي، گهر جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪمري ۾ هڪ ننڍڙو دڪان، جنهن ۾ ايترو سودو رکيل آهي. جو اُهو ميڙي سيڙي ڳنڍ ٻڌي ڪو کڻڻ چاهي ته هڪ ۾ کنيون هليو وڃي. گراهڪي ايتري جو ٽي ڪلاڪ ويهڻ دوران اسان صرف هڪ ٻار کي کٽمڙي وٺندي ڏٺو. پيو ڪوبه آمدنيءَ جو ذريعو ڪونه. ويتر هڙان وڙان خرچ ڪرڻ جي هير پيل گهر چئن ڪمرن تي مشتمل، جن مان ٽي ڪمرا اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿائين. هڪ ڪمرو ته رڌڻو پي لڳو. يعني پنهنجي گهر جو رڌڻو به اسڪول جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿائين. پاڻ صرف هڪ ڪمري ۾ سوڙهه سنگهيڙ ۾ رهي ٿو. راڌڻ به سوڙهي گهر جي سوڙهي ٿلهي ته ڪري. ڏکين حالتن ۾ گذر سفر ڪندي به چهري تي رنج، ڏک يا تڪليف جي ڪا علامت ظاهر نه ڪندو آهي. جڏهن به ملندو ته چهري مان اطمينان کلندو نظر ايندو. پهرين جماعت کان اٺين جماعت تائين پڙهندڙ ٻارن جي گوڙ شور ۽ ٽاٻڙڪي جي وچ ۾ رهندي به نه صرف سڪون واري زندگي گذاري ٿو، پر لطف ۽ سرور جو سُرڪيون ڀريدني هڪ آٿت جي خمارن ۾ خماريل نظر ايندو.  ٻيو وڏو ڪم اهو ڪندو رهي ٿو ته الاهي سارن ماڻهن، تنظيمن ۽ مختلف مسئلن جا الڳ الڳ فائيل ٺاهيندو رهي ٿو. انهن ماڻهن جون لکڻيو هجن يا انهن ماڻهن تي لکڻيون هجن تنظيمن پاران بيان بازيون هجن. يا تنظيمي رپورٽون. هر ماڻهوءَ هر تنظيم، هر مسئلي جو الڳ فائيل، انهن فائيلن جو ڳاڻيٺو ڪيو ته اٺ سئو کان مٿي انگ بيهندو. انهن فائيلن جي رکڻ لاءِ وٽس ڪشادي جاءِ ڪانه آهي. بس وڃي ٿو هڪ ٻئي جي مٿان سٿيندو. دڪان ۾ دڪان هلائڻ کان وڌيڪ ٽائيم انهن فائيلن کي ڏيندو آهي.  ان ڪم جي شروعات ڪيئن ڪيائين؟ اهو به هڪ عجيب اتفاق هو. ۱۹۸۰ جو دور هو، انور پيرزادي صاحب هن سان ڪچهري ڪندي جڏهن اٿيو ته هن وٽ اخبار وساري ويو، جنهن ۾ انور صاحب جو مضمون هو. هن پهرين اخبار هٿيڪي ڪري رکي، وري سوچيائين ته ڇو نه ان مضمون کي ڪٿي، فائيل ڪري، وڌيڪ هٿيڪو ڪري رکجي. بس هڪ مضمون فائيل ڪيائين ته ان مضمون مان اهڙو ته ڦاسي ويو جو نه صرف انور صاحب جون لکڻيون پر ٻين ليکڪن جون ۽ مسئلن تي لکڻيو هٿيڪيون ڪندو ويو. هن کي همٿائڻ وارو ڪوبه نه هيو. ان ڪري چپ چاپ ۽ گمنام ڪم ڪندو رهيو، هو صرف ٻن ماڻهن طالب چنو ۽ غلام محمد ساريو جو نالو کڻي ٿو. جن کيس همٿايو هن جي ڪم جون ڪي گهڻيون مخالفتون ته ڪونه ٿيون. باقي ٽوڪون ٺٺوليون جام ٿيس. وڏن سان گڏ ٻار به ٽوڪيندا هيس. جيڪي ساراهه ڪندا هيس اهي به آخر ۾ چوندا هيس ”هي ڪم ڪهڙي ڪم جو؟“ سماجي بيقدري، اڻ سهائپ، ٽوڪن ٺٺولين جو هن وٽ هڪ ئي جواب آهي جيڪو آهي ته پراڻو پر جنهن به ان جملي جو سهارو ورتو اهو سمورين رڪاوٽن مان نڪري پار پيو. اُهو جملو آهي ”عشق ۾ ڪهڙا ليکا“ سماجي ڪم به ايئن ڳچيءَ پئجي ويس. ضيائي مارشلا جو دور هو، ضياءَ جا پنهنجا پيدا ڪيل ڌاڙيل وري ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ماڻهن تي مارو درياهه جي ملاحن جون ٻيڙيون ته ظبط هيون پر دادو ڪئنال جي ملاحن جون ٻيڙيون به فوجي قبضي ۾ هيون. هڪ ملاح جنهن جي روزيءَ جو ذريعو صرف هڪ ئي ٻيڙي هئي. اهو هن وٽ آيو ۽ ٻيڙي ڇڏائي ڏيڻ جو چئي ۽ پلٿي ماري ويهي رهيو. مجبور ٿي درخواست لکيائين پر درخواست تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار ئي ڪونه هو. ان وقت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو علي اڪبر نالي ڪو همراهه هو، ان ڏانهن ويو. هُن ڳالهه سمجهي پرميشن ڏنس. بس جيئن ماڻهن کي خبر پئي ته مامون رمضان ماڻهن جا ڪم ڪري ٿو ته اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن ماڻهن جون هن ڏانهن قطارون آهن.  بيمارين جو اتفاق وري هيئن ٿيو ته پاڻ بيمار ٿيو، چندو ڪٺو ڪري پنهنجو علاج ڪرايائين، چندي ڪٺي ڪرڻ جو ڏانءُ هٿ اچڻ جي دير هئي، هر بيمار لاءِ ساڳيو نسخو استعمال ڪري، هزارين ماڻهن جو علاج ڪرائي چڪو آهي. تازو جڏهن هن جي ڪمن جي ڊاڪيوميٽري KTN تي هلي، ۽ ماڻهن ڏٺي ته هڪ سخي بندي هن کي تعاون جي آڇ ڪئي. ٿوري عرصي ۾ ان جي سهڪار سان ٻه سئو ماڻهن جي اکين جو آپريشن ۽ هڪ ماڻهو شهزادو اعواڻ جي پيٽ مان ۱۲ ڪلو رسولي، آپريشن جي ذريعي ڪڍرائي چڪو آهي.  اسان مڃون ٿا ته ڀلن ماڻهن جو ڏڪار ٿي ويو آهي. پر تنهن هوندي به اڃا ڀينگ ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن ڪجهه اهڙا ماڻهو ٻيا به گڏجي پون ته هن ماڻهوءَ کي ٿوري ٽيڪ ڀرائين ته هن وٽ هڪ ٽرسٽ قائم ٿي سگهي ٿي. ۽ اهو ٻهراڙي لاءِ هڪ مثال هوندو. شهرن ۾ ته گهڻا ادارا ڪم ڪن ٿا پر ٻهراڙي جي سادن سودن، اٻوجهه، اڻ پڙهيل، غريب ۽ منجهيل ماڻهن لاءِ ڪا اهڙي ٽرسٽ قائم ٿي پوي ته ڇا ڳالهه ڪجي.

No comments:

راءِ ڏيندا