موھن ڀڳت
سنڌ جو سٻاجھي لھجي وارو ڳائڻو
ناصر قاضي
لفظ ”ڀڳت“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. سنسڪرت ۾ ان لفظ جو ٻيو اچار ’ڀڪت‘
آهي، جيڪو ’ڀج‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى ”پوڄا ڪرڻ“ يا ”عبادت ڪرڻ“ ٻڌائي وڃي
ٿي. ”ڀڳت“ لفظ گرامر جي گھرجن مطابق فعل به آهي ته ساڳئي ئي وقت فاعل پڻ آهي. مطلب
ڀڳت واري عمل کي ”ڀڳت“ ۽ ڀڳت ڪندڙ کي به ”ڀڳت“ ئي چئبو آهي، جيڪو پنهنجي خوش الحانيءَ
۽ ساز سرود جي سنگت سان پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا ڪندو آهي، جنهن عمل کي ”ڀڳت“ چئجي
ٿو.
سنڌ ۾ ڀڳت واري راڳ جو سلسلو تمام قديم آهي. ورهاڱي کان اڳ تائين سنڌ
۾ ڪيترن ئي ڀڳتن هن قسم جي راڳ کي عام ڪيو، جن ۾ ڀڳت ڪنوررام، ڀڳت جاڙا رام، ڀڳت نيڻو
رام ۽ ٻيا شامل آهن. ايتريقدر جو ڀڳت هڪ ڌرمي رسم کان وڌي موسيقيءَ جي هڪ صنف جو درجو
پڻ حاصل ڪري ورتو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان
ڪيترائي ڀڳت لڏي هندوستان هليا ويا، جنهن سبب آهستي آهستي سنڌ مان ڀڳت جو رواج گھٽجڻ
لڳو، جيڪو هاڻي ختم ٿيڻ جي حد تي پهچي چڪو آهي. پر پوءِ به ٿر واري علائقي جا ڀڳت ڳائڻا
ان مخصوص گائڪيءَ جي انداز کي اڃا به ڪنهن قدر زندهه رکيون اچن پيا، جنهن سبب هو پاڻ
کي اڃا تائين ”ڀڳت“ سڏائيندا آهن.
ورهاڱي کانپوءِ واري دؤر ۾ سنڌ اندر جيڪي ڀڳت باقي وڃي بچيا، انهن ۾ موهن
ڀڳت پنهنجي الڳ انداز سبب منفرد مقام حاصل ڪيو، جنهن آخري دم تائين ڀڳت جي گائيڪيءَ
واري انداز کي برقرار رکيو. موهن جي گائيڪيءَ جو انداز نج ڀڳت وارو ۽ نرالو هو. خاص
ڪري ڀٽائي سرڪارؒ جي ڪلام کي ڀڳتي انداز ۾ ڳائڻ جي حوالي سان گذريل اڌ صديءَ کان موهن
ڀڳت جو نالو ۽ حوالو ڪافي مقبول رهيو آهي. موهن ڀڳت جي گائيڪي ڀڳتي راڳداريءَ جو هڪ
سهڻو نمونو هئي، راڳ جي هن انداز کي ٿر ۾ ”ڍاٽي“ پڻ سڏجي ٿو.
موهن ڀڳت اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ۳۰-۱۹۲۹ع ڌاري، ڀڳت اميد رام جي گھر ۾ اکيون کوليون. ڀڳت توڙي
راڳ جو فن کيس ورثي ۾ مليو، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ اميدرام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي دؤر
جا ناميارا ڀڳت هئا. موهن ڀڳت جو ٻالڪپڻ ٿر جي ٻهراڙيءَ جي ڀٽن ۾ ٻڪريون چاريندي گذريو.
هُو جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ سان ويندو هو ته شوق منجھان اڪثر پنهنجي منهن پنهنجي وقت جُون
مشهور ڪافيون جھُونگاريندو رهندو هو. جيئن ته سندس خاندان جا وڏا اڳ ۾ ئي راڳ توڙي
ڀڳت جي فن سان سلهاڙيل هئا، ته اهي پنهنجن سازن مان جيڪي تارون بيڪار سمجھي ڪڍي ڦٽو
ڪري ڇڏيندا هئا ته موهن پنهنجي ننڍپڻ ۾ اهي تارون کڻي گڏ ڪندو ويندو هو ۽ ٻڪرين چارڻ
دؤران اڪ جي ڪاٺيءَ ۾ اهي تارون لڳائي تنبوري نما ٻاراڻو ساز ٺاهي وڄائيندو هو، اهو
سڀ ٻالڪپڻ کان ئي راڳ سان سندس انس جي ساک ڀري ٿو، ان عشق کي اڃا اڀاريندڙ سندس والد
۽ چاچي طرفان کيس ان فن طرف راغب ڪرڻ هو. موهن کي راڳ جي بنيادي سکيا انهن ٻنهي کان
ملي. ننڍپڻ ۾ موهن انهن سان محفلن ۾ پڻ ويندو هو ۽ اڪثر هي انهن سان گڏجي ڳائيندو هو،
پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وڏن جي اجازت سان الڳ پڻ ڳائيندو هو. کيس فن جي انهن مظاهرن ۾
گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ موهن وڌيڪ سکيا
ٿر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت ۽ استاد مراد فقير کان ورتي. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي
گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ راڳي هو، جنهن جي شاگردن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي مشهور ڳائڻي مائي
ڀاڳي پڻ شامل آهي، ان حوالي سان مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت هم مڪتب پڻ هئا.
موهن ڀڳت مقامي سطح تي شادين مرادين، مختلف ادبي پروگرامن ۽ هندو ڌرم
جي مذهبي منڊلين ۾ ڳائڻ سان پنهنجي فن جي مظاهري جي شروعات ڪئي. شروع کان ئي موهن جو
آواز ۽ انداز ٻڌندڙن جي دلين کي موهي ڇڏيندو هو. هُو لطيف سائينؒ جي شاعريءَ سان گڏ
اڪثر ڪبير جي شاعري ۽ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن پڻ ڳائيندو هو.
موهن ڀڳت کي ۱۹۷۰ع
ڌاري سندس تر جو ڪامورو، آچار خان ريڊيي حيدرآباد تي وٺي ويو، جتي هن کيس غلام حسين
شيخ سان متعارف ڪرايو. حيدرآباد ريڊيي تي سندس رڪارڊ ۽ نشر ٿيندڙ پهريون ڪلام، ڀٽائيءَ
جي وائي هئي، جنهن جا ٻول هئا: ”ساٿي سڏ ڪندي ويا ساٿ جا“. جنهن کانپوءِ هن ڪيترائي
ڀيرا ريڊيي توڙي پاڪستان ٽيليويزن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس موسيقيءَ جي خدمت
جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ لطيف ايوارڊ ۽ سهڻي ميهار ايوارڊ قابلِ ذڪر آهن.
شروع ۾ موهن ڀڳت ڳچ عرصو اڪيلو ڳائيندو هو، جنهن کانپوءِ هن سان سنگت ۾ ڳائيندڙ ٻه
ساٿي، سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ سندس ڀائيٽو شنڪر گڏ رهيا. ڳائڻ وقت موهن ڀڳت چار ساز
ڍولڪ، ٽلي، دنبورو ۽ هارمونيم استعمال ڪندو هو، انهن سازن جي سنگت ۾ موهن ڀڳت پنهنجي
ساٿين سان گڏ اهڙو رچاءُ پيدا ڪندو هو، جو ٻڌندڙن کي جهومائي وجهندو هو. اڪ جي ڪاٺيءَ
مان ٺهيل تنبورو سندس اهم سڃاڻپ هوندو هو، جيڪو سندس ڏاڏي کان کيس ورثي ۾ مليو هو،
موهن ان تنبوري کي پنهنجي عمر جي پڇاڙيءَ تائين ساهه سان سانڍيندو ۽ وڄائيندو ٿي آيو.
موهن جي گائيڪي جو هڪ عليحده انداز هوندو هو، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.
هي مٺڙي آواز وارو من موهيندڙ فقير راڳي، موهن ڀڳت ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ع تي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي ڏورانهين ڏيهه
هليو ويو. موهن ڀڳت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ڀائٽيا شنڪر ڀڳت ۽ آتم ڀڳت گڏجي ساڳئي
انداز ۾ ڳائين ٿا.
موهن ڀڳت
سندس گائيڪي ۽
صوفياڻو رنگ
دولت رام کتري/مٺي
موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سَنگم جو ٻيو نانءُ آهي. ڪائنات جي حُسناڪي،
موسيقيءَ سان جُڙيل آهي. ويدن کان وٺي لطيف سرڪار جي شاعريءَ تائين ۽ لطيف کان وٺي
اياز جي گيتن تائين، سنڌي شاعري موسيقيءَ سان ٽِمٽار رهي آهي. سنڌ جو پنهنجو هڪ
صوفياڻو رنگ رهيو آهي. ساڌ ٻيلي کان وٺي ساڙدڙي تائين، قلندر جي نگريءَ کان وٺي
رهڙڪي تائين، لطيف جي نگريءَ کان وٺي پارو فقير (پاربرهم) جي آستان تائين، سنڌ جو
صوفياڻو رنگ جرڪندي نظر ٿو اچي. لطيف جي نگري توڙي ساڙدڙي جي آستان ۾ جڏهن راڳين ۽
ڀڳتن جي آواز ۾ صوفياڻو راڳ ٻڌجي ٿو، ته انهيءَ مهل سنڌ جو تصوف مون کي دنيا جي
تصوف کان بنهه مختلف نظر ايندو آهي.
بنياد پرستيءَ جي هن دور ۾ جتي سڄي دنيا ۾ بارود جي بوءِ اچي رهي
آهي، دنيا ۾ هر هنڌ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، ته اُتي ڪنور ڀڳت ۽ موهن ڀڳت جهڙن
ڪلاڪارن کي ٻُڌي زندگيءَ ۾گهڙي کن سڪون ضرور ملي ٿو. سنڌ جي نج ۽ صوفياڻي موسيقي
ته سنڌ جي درگاهن، صوفين جي آستانن ۽ ڳوٺن جي اوطاقن جي ڪچهرين ۾ اڃا به زنده آهي.
سنڌ جي صوفياڻي وجود ۾ سنڌي موسيقي، پنهنجي شاندار آب تاب سان جيئندي
جاڳندي پئي اچي. ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، مٺو ڪڇي، محمد يوسف، موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي،
استاد محمد جمن ۽ عابده پروين موسيقيءَ جي دنيا جا اهي نالا آهن، جن سنڌي موسيقيءَ
جي اصل روح ۽ صوفياڻي رنگ کي زنده رکيو آهي.
ٿر جي ڀرم ڀريل ڀٽن مان جڏهن هڪڙو آواز موسيقيءَ جي دنيا ۾ اُڀريو ته
هن پنهنجي مخصوص انداز ۽ آلاپ سان سنڌي موسيقيءَ کي جياپو ڏنو، اهو آواز موهن ڀڳت
جو هو، جنهن جي موسيقي ۽ درد ڀرئي آواز سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي نئين سُڃاڻپ ڏني. نمن
جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ هن گائڪ جي گائيڪيءَ ۾ سادگي هوندي هئي. هن جڏهن
لطيف جي وائيءَ کي پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو، ته هو لطيف جو
راڳي بڻجي ويو.
پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل گائيڪيءَ کي هن اهڙي انداز سان
آلاپيو، جو سنڌ جي جَهر جهنگ ۽ واهڻ وستين
جا ماڻهو هن جي آواز کي پسند ڪرڻ لڳا. سال ۱۹۶۸ع کان پوءِ، جڏهن موهن ڀڳت جو آواز ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي گونجيو ته سنڌ
سميت پاڪستان جي مختلف علائقن جا ماڻهو به هن جي صوفياڻي رنگ کي پسند ڪرڻ لڳا.
پِيلي پٽڪي سان گيڙو ويس لباس ۾ جڏهن هو اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ ايندو هو ته هن جي
لباس، انداز ۽ آلاپ ۾ سنڌ جو صوفياڻو رنگ نکري نروار ٿيندي نظر ايندو هو.
اڄ جڏهن آئون هن جي شخصيت تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان، ته مون کي هن جي
بيوسي ياد اچي رهي آهي، جو هو ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ بيماريءَ جي بستري تي پنهنجي
زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري ويو هو.
پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ۴۵ سال سنڌي موسيقيءَ کي ارپيندڙ هن ڪلاڪار جي گائيڪيءَ سنڌي موسيقي کي
اوج تي پهچايو. موهن ڀڳت پنهنجي فن جي جوهر ۾ اهڙو ڪلاڪار هوندو هو، جنهن کي
موسيقيءَ سان عشق هوندو هو. بنياد پرستيءَ جي هن دور ۾ موهن ڀڳت جو آواز سنڌ جي
صوفياڻي رنگ جو تسلسل آهي. سنڌ جي صوفياڻي وجود کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي نئين نسل کي
صوفياڻي راڳ جي تربيت ڏيئي، لطيف جي شاعريءَ کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان
سنڌ ۾ صوفي ازم جي پرچار ڪنداسين، ته ڪنهن به بنياد پرست عنصر کي جرئت نه ٿيندي،
جو هو سنڌ جي صوفياڻي وجود کي زخمي ڪري سگهي.
موھن ڀڳت
ڀڳتي گائڪي جو
ھڪ نرالو انداز
ڪمال ڄامڙو
موهن ڀڳت ٿرپارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ڄائو. سندس پيدائش جو سال ۱۹۲۹ع يا ۱۹۳۰ع
آهي. سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ گذريو.
موهن ڀڳت جي پرورش ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي ۽ ٻڪرين جي ڌڻ سان هو جڏهن جهنگ
۾ ويندو هو ته وقت کي وندر ۾ گذارڻ لاءِ هو اڪثر ڪافي ڳائيندو رهندو هو. سندس پيءُ
ڀڳت اميد رام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي تر جا مشهور ڳائڻا رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ
۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي. ننڍپڻ ۾ هو محفل ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته
کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا
تر جي مشهور ڳائڻي عمرو ڀڳت کان حاصل ڪئي.
عارفاڻي ڪلام ڳائڻ لاءِ موهن ڀڳت، استاد مراد فقير جو پڻ شاگرد رهيو.
استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندڙ آهي. سندس شاگردن ۾ ملڪ جي مشهور
لوڪ موسيقيءَ جي ڳائڻي مائي ڀاڳي پڻ شامل آهي.
موهن ڀڳت گائڪيءَ جي هڪ مخصوص انداز جو نمائندو فنڪار هو. سنڌي موسيقي
جو ڀڳتن وارو انداز گهڻو پراڻو هو. سنڌ جي ثقافت ۾ موسيقيءَ کي گهڻي اهميت حاصل رهي
آهي. قديم سنڌ جا رهواسي موسيقيءَ کي گهڻو پسند ڪندا هئا، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي داستان
مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته سنڌ ۾ موسيقيءَ نه صرف عوام ۾ مقبول هئي مگر ان فن جو قدر
حڪمران پڻ ڪندا هئا. راءِ ڏياچ جو موسيقيءَ جي شوق ۾ سر قربان ڪرڻ جي روايت هڪ اهڙو
مثال آهي جيڪو موسيقيءَ جي تاريخ ۾ ٻي ڪنهن به ثقافت ۾ ڪونه ٿو ملي. روحاني سرور حاصل
ڪرڻ ۽ وندر لاءِ موسيقيءَ جون محفلون اڄ به سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن.
عارفاڻي ڪلام کي ڀڳت جنهن انداز سان ڳائيندا رهيا آهن اهو سوين سال پراڻو
آهي. سنڌ جي موسيقيءَ هر دور ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن تي پڻ اثر انداز رهي آهي. سنڌي
موسيقيءَ جا لوڪ گيت جڏهن به پنهنجي مخصوص انداز سان پيش ڪيا ويا آهن انهن پنهنجي
”لئي“ تال ۽ ڌُن جي ڪري ٻين علائقن جي ماڻهن کي به گهڻو متاثر ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي
نامور موسيقارن سنڌي موسيقيءَ کان متاثر ٿي پنهنجي ڪجهه نغمن جي ڌن سنڌي موسيقيءَ جي
سرن ۾ پڻ ترتيب ڏني آهي.
موهن ڀڳت جو آواز صاف ۽ چٽو هو. سندس آواز جي خصوصيت اها آهي جو هو ڪافي
ڳائڻ وقت سنڌي موسيقيءَ ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ لفظ ”الو ميان“ نهايت خوبصورت انداز
سان استعمال ڪندو هو. سندس گلو سرن جون اڍائي منزلون يا اڍائي سپتڪون ۲.۵ OCTAVE طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هو.
يعني هارمونيم ساز جي ٽيهن سرن Thirty Notes سان سندس
آواز جي مطابقت آهي. ان کان سواءِ سندس لفظن جي ادائگي صاف ۽ چٽي هوندي هئي سندس آواز
جي خوبصورتيءَ ۾ سندس ساٿين جي سنگت جي ڪري به هئي، جيڪي مجموعي طرح ڪافي ڳائڻ وقت
Clear melodic tonal quality صاف مڌر آواز جي آميزش جو مظاهرو
ڪندا آهن.
موهن ڀڳت گهڻو ڪري شاهه رح جو ڪلام ڳائيندو هو. کيس شاهه رح جي ڪلام کي
سرن جي مطابق پنهنجي اصلي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ مهارت حاصل هئي. سندس ريڊيو سان وابستگي
۱۹۶۸ع يا ۱۹۶۹ع
۾ ٿي ۽ سندس ڪافين جو گهڻو تعداد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ريڪارڊ ٿيل آهي.
سمنڊ
سڄو ئي موت مثل
مون ڇا
لئه جان گنوائي آ؟؟؟
اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا هُئا جنهن شعر ۾ لطيف اهو فرق ظاهر ڪري ڇڏيو
آهي ته عاشق سُرمون نه پائيندا آهن، عاشقن جون اکيون سُرمي کان سواءِ هونديون آهن،
عاشقن جي اکڙين ۾ نه سرمون هوندو آهي ۽ نه ئي ڪجل!
پر انهن عاشقن جي اکين ۾ اُها لالاڻ هوندي آهي، اُهو اوجاڳو هوندو آهي
جنهن جي ڪري اُنهن عاشقن کي ڏور کان پسي سگهجي ٿو ته اُهي عاشق آهن.
جيئن لطيف لکيو ته:
عاشقن
جون اکيون، سرمون نه سُهن!
اوجاڳو
تن ۾ لالي تن لبن
سُرخي
جي مَ پسين
اُهي
اکيون عاشقن جون!
اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا ئي ته هُئا، عاشق سُرمي کان ڏور رهڻ وارا، انهن
جي اکين ۾ اوجاڳي جو لباس ۽ اوجاڳي کان پوءِ لال لهوءَ جهڙو رنگ انهن عاشقن جي اکين
۾ لهي ايندو هو. ڳاڙهي رنگ جا عاشق سُرخا!
ها! واقعي اُهي ان بيت جهڙا ئي ته هُئا!
اُهي ماريا ويا، سازشن جي ور چاڙهيا ويا اهي آزادي پسند هُئا. انهن کي
ديس جي آزادي گهربل هُئي انهن چاهيو ٿي ته ديس جو ڳاڙهو جهنڊو جهوليندو رهي انهن چاهيو
ٿي ته سيد اهڙو ڪردار ٿي پوي جنهن ڪردار جو ڪڏهن به The End ناهي ٿيندو
بس اهو ڪردار هلندو رهندو آهي. پوءِ ڏسڻ وارن کي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي
پوندو آهي ته ڪردار کي بقا آهي يا اُن شخصيت کي جنهن جي ڪري اُهو ڪردار آهي. پوءِ ان
شخصيت سيد جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو اکر اکر ڳالهڙي ٿي پيو ۽ انهن عاشقن به ان سيد جي
قول کي واهڻ، واهڻ، وسندي وسندي جهر جهنگ، گهر گهاٽ تائين پهچايو ۽ انهن عاشقن سيد
جي انهن الفاظن کي دل جي ڪنن سان ٻڌو انهن سيد جي انهن روحاني رمزن کي به سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي، جيڪي رمزون اڄ ڪلهه جي پڙهيل لکيل شخصيتن لاءِ ڳجهارتون بڻيل آهن. اهڙيون
ڳجهارتون جن ڳجهارتن کي ڪير سلجهائي! پر عاشقن اهڙين ڳجهارتن کي سمجهيو به ۽ سلجهايو
به! ته انهن روحاني رمزن کي عام به ڪيو.
ها واقعي اهي عاشق لطيف جي لفظن جهڙا ئي ته هئا. اهڙا لفظ جن لفظن سان
شاهه جو رسالو ڀريو پيو آهي شاهه جي رسالي ۾ اهي اکر اکر ناهن پر اهي عاشق آهن جيڪي
پنهنجي محبوب مرشد کي نه ختم ٿيڻ وارو سجدو ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن مرشد انهن اکرن عاشقن
کي اجازت ڏيندو آهي ته اهي اکر پوءِ سُر ٿي پوندا آهن. ڪڏهن سر سارنگ ڪڏهن سر ڪيڏارو،
ڪڏهن سر يمن، ڪڏهن سر سسئي، ڪڏهن ڪهڙو سر، ڪڏهن ڪهڙو سُر. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهي شاهه
جا مريد عاشق اکر اهو طعنو ٿي پوندا جيڪو گهڻو ڪري هوندو ئي عاشقن لاءِ آهي ته:۹
سرمون
سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ
ڪاني
ڪارائيءَ جي، مڙس ٿي مَ پاءِ،
اکين
۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي!
لطيف انهن عاشقن آزادي جي متوالن، گوريلن کي هوشيار ڪري رهيو آهي ته اهي
مُساڳ ڪريم ، پوڊر، سرمان، توهان لاءِ ناهن اهي سڀئي شيون عورتن، مائين لاءِ آهن توهان
ته ديس جا رکوالا آهيو توهان ته هوشو، هيمون، دودا، آهبو اهو سرمون توهان جي اکين کي
صرف سياهي ڏيندو. جڏهن ته مان چاهيان ٿو ته توهان جي اکين ۾ سرهائي هجي، لالاڻ هجي
هوشيار ٿيو. لالاڻ کي به سانڍي رکو، سياهيءَ کان ڏور ڀڄو! ڏور ڀڄو!
اکين
۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي!
اهو لالڻ جيڪو فڪر آهي، ماروئڙن جو، اهو لالڻ، جو ڏک آهي، ان بک جو جنهن
جي هارين جي خاندان کي خبر هوندو آهي ۽ بس! اهو لالڻ جيڪو پنهنجي ديس ۾ هوندي به قيد
۾ هوندو آهي. جيئن منو ڀيل! لاڻ جيڪو ديس جي مهان کاهوڙي بشير خان قريشي سان ڪيو ويو
ان کي زهر ڏنو ويو.
اهو لالاڻ جيڪو قربان سرائي کهاوڙ سان ڪيو ويول. جيڪو مظفر ڀٽي سان ڪيو
ويو يا جيڪو هر روز ڪراچي ۾ آزادي جي متوالن سان ڪيو ويندو آهي.
اکين
۾ اٽڪاءِ، لالائي لالڻ جي!
هاڻي نه لالڻ آهي ۽ نه ئي ان جي لالاڻ! هوئن ته ڪراچي ۾ سردي جي موسم
ختم ٿي وئي آهي هاڻي ته رات جو گهرن ۾ ۽ ڏينهن جو آفيسن ۾ اي سي هلن ٿيون موسم جو مزاج
جون کي ويجهون ٿيندو پيو وڃي پر ان گرمي هوندي به ڪراچي ۾ سردي جي موجودگي جو احساس
اهو موٽي ايئن لڳو ته سردي ويندي ويندي موٽي اهو احساس ڏياري پئي ته دور ڪنهن مندر
۾ ڪنهن عاشق ڪو گهنڊ وڄايو آهي ۽ اهي سڀئي عاشق جيڪا ڌرتي جي ڳجهارت سلهجهائيندي سلجهائيندي
پاڻ ڳجهارت ٿي مٽي ۾ دفن ٿي ويا اهي اُٿيا آهن هڪ نئين جذبي سان! هڪ نئين شوق سان!
هڪ نئين گيت سان هڪ نئين روح سان!
اهي هن ڌرتي جو گڏيل آواز بڻجي اُٿيا آهن اهي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين
اياز جو اهو بيت ٿي اٿيا آهن انهن لاءِ جيڪي اڃا حيات آهن ۽ جن وٽ اڃا زندگي جو ڏيئو
ٻري ٿو پيو. جيڪو سوچي سمجهي سگهن ٿا ۽ ڳجهارتون سلجهائي سگهن ٿا.
اڄ ديس
اُجهامي ويو آهي
سو سپنو
کامي ويو آهي
جنهن
ڪالهه گلا گرمايا ها
۽
من ۾ مچ مچايا ها،
ڪجهه
لُنءَ لُنءَ ۾ للڪار هئي
ڇا ڌارين
لاءِ ڌڪار هئي!
اڄ ماٺ
مڙهيءَ ۾ ڀڻڪ نه آ،
ڪنجهڪار
نه آ ڪا ڪڻڪ نه آ
ڄڻ سارو
ديس مري ويو آ!
اڄ منهنجو
ڏڍ ڏري پيو آ،
مان هيئون
هاري سوچان ٿو،
هي جيون
واري سوچان ٿو
مون ڇا
لئه جان گنوائي آ؟
ڇا منهنجي
ڀيٽ اجائي آ؟؟؟
ها واقعي اهي عاشق ته جان گنوائي ويا پر ڇا لاءِ؟؟؟ هن ديس جي آجپي لاءِ،
هن مورڙي جي ماڳ لاءِ ڪجهه اهي عاشق هُئا به ڀٽائي جي لفظن جهڙا جيڪي هاڻ سڀئي شاهه
جي رسالي ۾ اکر اکر ٿي ويا آهن ڪو ڪهڙي سُر ۾ آهي ڪو ڪهڙي سُر ۾ ها واقعي اهي لطيف
جي شعرن جهڙا ئي ته هئا.
ڀڳت موهن
سنڌي موسيقي جو نرالو
آواز
ابراهيم لاشاري
سنڌ ۾ موسيقي جا سڀئي ساز وڄائڻ
وارا صدين کان ان ڪرت سان لاڳاپيل آهن سر سنگيت جي فنڪارن جي هن خطي ۾ ڪا ڪمي ناهي
رهي مڙين فنن منجهان وري ڳائڻ واري فن ۾ ڀڳتن به پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي
ناهي ڇڏي، اهڙن ڀڳتن منجهان ڀڳت موهن جو نالو به نرالو نظر اچي ٿو ڀڳت موسيقي جو اهو نج سنڌي نمونو آهي جنهن کي سٽاءَ
۽ پيشڪش جي لحاظ کان نه داستان گوئي جي زمري آڻي سگهجي ٿو نه مروج ۽ نج موسيقي جي ڳاڻاٽي
۾ ڀڳت جي ٽولي ۾ گهڻو ڪري چئن کان ستنجو هڪ
ٽولو فنڪار ٿئي ٿو ۽ سڀ سر جا تال جا پڪا ٿين ٿا مک راڳداري ۽ داستان گوئي جو ماهر
ٿئي ٿو هڪ ڄڻو هارمونيم تي ٻيون جو پاڪواز
تي ٻه يا وڌيڪ ننڊي ٽهي وارو گهڻو ڪر سٺا ناچو هوندا آهن جن جو آواز مٺو هوندوئي
آهي ڀڳت گهڻو ڪري رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائيندا هئا، هونئن ڪو وقت مقرر ڪونه آهي سنڌ جا هندو ڳائڻا
ان مخصوص گائڪي جي انداز ڪري پاڻ کي ڀڳت سڏائيندا آهن.
سونهاري سنڌ جو نالي وارو ڀڳت موهن
۱۹۳۰ ڌاري
اميد رام جي گهر کان ۲۸ ميل
پري ٿر پارڪر جي هڪ شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم ورتو سندس وڏا سرسنگيت سان سلهاڙيل هئا
موهن ڀڳت جي پروش به ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي ۽ ننڊ پڻ ۾ هو ٻڪرين جي ڌڻ سان هوندو هو جڏهن
جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت کي وندر ۾ گذارڻ لاءِ پيو
جهونگاريندو هو. موهن ڀڳت سورهن سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي تربيت پنهنجي والد ڀڳت
اميد رام ۽ چاچي ڀڳت موتي کان حاصل ڪئي جيڪي ٿر جي تر جا مشهور فنڪار پڻ هئا تنهن
بعد موهن ڀڳت عارفانه ڪلام ڳائڻ لاءِ استاد مراد فقير جو به شاگرد رهيو عارفانه ڪلام
کي (ڀڳتي رنگ) ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ تربيت تر جي مشهور فنڪار (ڀڳت عمرو) کان حاصل پڻ
ڪئي سنڌي موسيقي ۾ (ڀڳتن) جي ڳائڻ جو انداز ئي نرالو آهي موهن ڀڳت شاهه لطيف جون وايون
پر سوز هڪ منفرد ڀڳتي رنگ ۾ ڳائيندو هو پاڻ هميشه تنبوري ۽ ٽلي تي ڳائيندو هو.
سندس تنبورو هڪ قديم (اڪ ) جي
پاڙ مان ٺهيل هو جيڪو چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اهيو انوکو مثال پڻ آهي ان تنبوري کي ٺاهڻ
جو اعزاز ( ڀانو سوٽهڙ ) نالي ڪاريگر کي آهي ٻيو ته موهن ڀڳت ڳائڻ دوران سدائين
چار ساز پاڻ سان کڏ کڻندو هو هڪ ڍولڪ؛ ٽلي؛ تنبورو؛ ۽ هارمونيم انهن سازن جي سنگ ۾
اهڙو ته رچاءُ پيدا ڪندو هو جو ٻڌندڙماڻهن ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي، موهن ڀڳت
سنگت ڪرڻ لاءِ ٻه ساٿي به پاڻ سان گڏ کڻندو هو جن ۾ هڪ سندس ڀاءَ سروپ چند ۽ سندس پٽ
شنڪر اهڙو ته رچاءُ پيدا ڪندا ها جو ماڻهو
جهومي اٿندا هئا موهن ڀڳت جو آواز سوز سان
ٽم ٽار هوندو هو ۽ آواز جو تحفو سندس پيدا ڪندڙ اهڙو ته عطاءَ ڪيو جو سندس ڀڳتي
آواز سان ڀيت ڪرڻ مشڪل آ سندس صاف آواز جي خصوصيت اها به هوندي هيس جو ڪافي ڳائڻ
مهل سنڌي موسيقي ۾ عام طرح استعمال ٿيندڙ
لفظ (الو ميان) نهايت زبردست نموني ۽ خوبصورت انداز سان چوندو هو سندس آواز جي نرالي
خصوصيت ان جي سنگت جي ڪري به آهي.
موهن ڀڳت گهڻو ڪري حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جو ڪلام ڳايو آهي هن زبان جي روانگي
۾ شاهه سائين جي ڪلام کي سرن مطابق پنهنجي اصلي صورت ۾ پيش ڪرڻ ۾ مهارت مان ڪم
ورتو آهي ڳائڻ مهل سندس آواز ۽ لفظن جي ادائگي صاف ۽ چٽي هوندي هئي، سندس پر سوز ۽
درديلي آواز کي سال ۱۹۷۰ع ۾ مشهو
ريڊيو براڊڪاسٽر ۽ پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ صاحب جي ڪوششن سان ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تي رڪاڊ ڪرايو ويو. سندس ڪافين جو جهجهو انداز ريڊيو پاڪستان حيدرآباد۾ رڪارڊ
ٿيل ۽ محفوظ آهي موهن ڀڳت جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائٽيو آتم ڀڳت گڏجي
ساڳي انداز سان ڳائين ٿا موهن ڀڳت جي فن کي اعزاز ڏيندي کيس سال ۱۹۸۰ع ڌاري (سهڻي ميهار ايوارڊ ۽ سال ۱۹۸۹ ۾ (لطيف ايوارڊ) سان نوازيو ويو پاڻ سر ساز جي دنيا کي ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ تي ڇڏي هميشه لاءِ اسان کان ۶۰ سالن جي عمر موڪلائي ويو. اڄ ۱۰ مارچ ۲۰۱۸ تي هن ناليواري ڀڳت موهن جي ۲۳ هين ورسي نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي.
موهن ڀڳت
لڳي ڏکڻ جي هير ...!
تاج جويو
آءٌ جڏهن مٺيءَ ۾
ليڪچرار هوس ته سنڌ جي ريگستاني خطي جي نامياري راڳي موهن ڀڳت سان ڪافي رهاڻيون ٿينديون
هيون. هن عظيم راڳيءَ جو هڪ اهڙي خاندان سان واسطو هو، جنهن جو ڪم آفيسون، گهٽيون،
اسڪول ۽ ڪاليج صاف ڪرڻ آهي. اسان جو سماج هميشه اهڙن فردن کي اَوڇي نظر سان ڏسندو
آهي، جن جا هٿ ۽ پورهيو اسان جي اڇائي اُجرائي ۽ سماجي مرتبي کي مٿانهون ڪندو آهي.
موهن ڀڳت، جنهن جي آواز جِي ٿر بر ۾ هاڪ هُليل هئي، مٺي ٽائون ڪميٽيءَ ۾ ٻهاريدار هو.
هڪ ڀيري مٺي ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمئن رڻڇوڙ داس، خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه جي ڪري سنڌ
جي هن سدا ملوڪ راڳيءَ جي ملازمت ختم ڪري، کيس مٺي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي سڄيءَ
سنڌ احتجاج ڪيو هو، ۽ مون به اُن احتجاج ۾ پنهنجو ڪمزور آواز هن ريت ملايو هو:
هيڏو سارو ٿر،
پوءِ به ’موهن ڀڳت‘ ڇو،
مٺيءَ مان بي گهر!
موهن ڀڳت، مٺيءَ جي
تاريخي ڀِٽَ ’گڍيءَ‘ (گڍي ننڍي قلعي کي چئبو آهي) جي ڪڇ ۾، هڪ ڪچي گهر ۾ رهندو هو،
جيڪو برساتن ۾ ڀِٽ تان مينهن جي هيٺ لهندڙ تيز ڌارائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهُري پوندو هو.
هڪ ڀيري جڏهن اياز گل مون وٽ گهمڻ آيو هو ته صادق فقير، گل گوماڻي، ڪريم فقير، ڪرشن
شرما ۽ ٻين سان گڏ اسان موهن جي گهر ويا هئاسون. هن اسان جي وڏي آءُ ڀڳت ڪئي هئي ۽
اسان کي پنهنجي گهر جي ٺهيل چانهه پياري هئي، ۽ پوءِ اسان کانئس ڪيترو وقت ڀٽائيءَ
جون وايون ۽ ڪبير ۽ ميران جا دوها ۽ گيت ٻڌا هئا. اياز گل انهن يادن کي هن ريت
پنهنجي هڪ غزل ۾ قلمبند ڪيو آهي:
ڀيڄ ڀنيءَ جو شاهه
جي وائي، موهن جو آوازُ،
ائين لڳو پئي ڳايو
ويٺي ٿر جي ذري ذري!
موهن ڀڳت جي گائڪيءَ
جو انداز نرالو هوندو هو. خاص ڪري شاهه لطيف جي واين/ ڪافين جي حوالي سان ويهين
صديءَ ۾ موهن ڀڳت جو وڏو نالو هو. موهن ڀڳت جي گائڪي سنڌ جي قديم موسيقيءَ جو هڪ
اهڙو نمونو هئي، جيڪو اڃا تائين عوام ۾ مقبول آهي. سنڌ جا ٿري ڳائڻا ۽ ڀڳت، اُن مخصوص
گائڪيءَ جي انداز سبب پاڻ کي ڀڳت سڏائيندا آهن. هن وقت به ڀڳڙو ڀڳت، ڀڳت بصر مل ۽ ٻيا
گائڪيءَ جو هي انداز برقرار رکيو اچن.
موهن ڀڳت ٿرپارڪر
ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ ۳۰-۱۹۲۹ع ڌاري ڄائو. سندس ننڍپڻ ٻهراڙيءَ ۾ ٻڪريون چاريندي
گذريو هو. هو جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ ۾ ويندو هو ته وقت گذارڻ لاءِ اڪثر ڪافيون،
ڀڄن ۽ دوها ڳائيندو هو. سندس پيءُ ڀڳت اُميدارام ۽ چاچو موتي ڀڳت پنهنجي تر جا مشهور
ڀڳت رهيا آهن. موهن ڀڳت کي ننڍپڻ ۾ ڳائڻ جي سکيا پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کان ملي. ننڍپڻ
۾ هو محفلن ۾ جڏهن ڳائيندو هو ته کيس گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. عارفاڻي ڪلام کي ”ڀڳتي
انداز“ ۾ ڳائڻ لاءِ هن وڌيڪ سکيا، ٿر جي مشهور راڳي عمرو ڀڳت ۽ استاد مراد فقير
کان ورتي. استاد مراد فقير ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ سٺي شهرت رکندو هو. سندس شاگردن ۾
لوڪ موسيقيءَ جي مشهور ڳائڻي مائي ڀاڳي به شامل هئي.
موهن ڀڳت سان سنگت
۾ ڳائيندڙ ٻه ساٿي، سندس ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ موهن جو پٽ شنڪر رهيا. ڳائڻ وقت موهن ڀڳت
چار ساز رکندو هو: ڍولڪ، ٽلي، دنبورو ۽ هارمونيم، انهن سازن جي سنگت ۾ موهن ڀڳت پنهنجي
ساٿين سان گڏ اهڙو رچاءُ پيدا ڪندو هو، جو ٻڌندڙن کي جهومائي وجهندو هو. موجوده
دور ۾ اڄڪلهه جا موسيقار ۽ ڳائڻا سازن جو گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن، پر موهن ڀڳت
صرف چئن سازن جي باوجود پنهنجي ادائگيءَ ۾ موسيقيءَ جو هڪ خاص انداز قائم رکيو هو،
جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو. موهن ڀڳت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس پٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڀائٽيو
آتم ڀڳت گڏجي ساڳئي انداز ۾ ڳائين ٿا. موهن ڀڳت جو تنبورو هڪ پراڻي اڪ جي پاڙ مان
سوٽهڙن ٺاهيو هو، جيڪو سنڌ ۾ انوکو مثال آهي. سنڌ جو هي سدا حيات راڳي، ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ع تي گذاري ويو، پر اڄ به ٿر جون ڀٽون ۽ مٺيءَ
جون هوائون موهن جي آواز جو پڙاڏو بڻيل آهن:
لڳي ڏکڻ جي هير،
مارو منهنجا مير،
آءٌ هت بند ۾ بندياڻي
الا!
اڄ موهن ڀڳت جي ورسي
اُن سمي آئي آهي، جڏهن ٿر جو ٻيو ٻاٻيهو راڳي صادق فقير سنڌ کان وڇڙي ويو آهي. هُن
جي مڪي ۾ روڊ حادثي ۾ شهادت ٿي ۽ سندس تدفين هوليءَ جي تهوار جي ڏينهن مٺيءَ ۾
هزارين عورتن، ٻارن ۽ مردن جي گلن جي ورکا ۾ ٿي ۽ هي تاريخ ۾ پهريون موقعو هو جو،
هندو برادريءَ هوليءَ جو ڏڻ صادق جي ڏُک ۾ نه ملهايو. هندو- مسلم ايڪتا جو هي منظر
ڏسي، مون کي ۳۰ سال اڳ موهن جي مٺيءَ مان بيدخلي ياد اچي وئي. پر اڄ صادق
جي لاڏاڻي وقت، تاريخ پنهنجو فيصلو تعصب، ڇوت ڇات ۽ ڀيد ڀاوَ جي خلاف ڏئي چڪي آهي:
هڪ هندو ٻيا
مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي،
تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل! راهه پرينءَ
جي، گهمي ڏٺو سين گهير،
ته رب مڙنيءَ ۾ هيڪڙو،
جنهن ۾ ڦند نه ڦير...
(اڱارو ۱۰ مارچ ۲۰۱۵ع)
موھن ڀڳت
سندس گائيڪي ۽ سنڌ جو
صوفياڻو رنگ
دولت رام کتري
ڀٽن جي اوٽ ۾ وسيل
شھر مٺي جي علم ادب آرٽ فن امن ۽ رواداري جي حوالي سان پنهنجي ھڪ منفردسڃاڻپ رھي
آهي. ھي شھر موسيقي جي حوالي سان پڻ ھڪ شاھوڪار Rich شھر ليکيو وڃي ٿو. ھن شھر جي اھا پڻ سڃاڻپ رھي آهي جو ھي شھر سنڌ جي ماڻهن
لاءِ ھڪ اتساھه جو سبب پڻ رھيو آهي. ھن شھر ۾ توھان کي رواداري ۽انيڪ محبتن جا رنگ
پڻ نظر ايندا. ھن شھر جي اولهھ طرف گڍي ڀٽ شھر جي حسناڪي جو اھڃاڻ آهي ۽ گڍي ڀٽ جي
اوٽ ۾ سنڌ جو امر راڳي موهن ڀڳت مدفون ٿيل آهن. ساڳي ريت مٺي جي ڏکڻ اوڀرطرف سنڌ جو
الستي آواز صادق فقير پڻ آرامي ٿيل آهي. امن رواداري، ۽ محبتن جي هن شهر مٺي جي
مندرن ۽ گھٽين ۾ توھان کي صوفياڻو راڳ پڻ ٻڌڻ ۾ ايندو. پراڻي زماني۾ شھر جي معزز
ماڻھن مکي لکميچند ۽ رئيس آچار خان بجير جي اوطاقن تي فنڪارن جون محفلون پڻ ٿينديون
ھيون. جتي مختلف خوشين جي موقعي تي مقامي فنڪارپنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا ھيا. شھر
مٺي ۾ عيد ڏياري ھولي جي موقعي تي وڏيون محفلون منعقد ڪيون وينديون ھيون.
موسيقي جي دنيا ۾
ھن شھرمان ھڪڙو آواز موھن ڀڳت پڻ اڳتي اسري آيو جنهن جي گائيڪي جو متبادل ڳولڻ مشڪل
آهي. اڄ ان عظيم ڪلاڪار جي ورسي جو ڏھاڙو آهي موھن ڀڳت پنهنجي فني شخصيت جي جوھر ۾
بنھه سادو ۽ ڪمال جو ڪلاڪار ھوندو ھو. موھن ڀڳت جي گائيڪي انهي جي گلي مان اڀريل آلاپ
۽ ان جوصوفياڻو راڳ اڄ به ماڻهن جي دلين کي موھي ٿو، حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته
موھن ڀڳت سميت ٿرجي جن ڪلاڪارن سنڌي موسيقي م پنهنجو لايو سجايو آهي انهن ڪلاڪارن جي
گائيڪي ۾ صوفياڻي ۽ لوڪ رنگ جي جهلڪ نمايان نظراچي ٿي. سنڌ ۾ درويشين ۽ بزرگن جون
درگاهون ۽ صوفين جا اوتارا موسيقي سکڻ ۽ موسيقي جي پذيرائي جو هڪ اهم ذريعو پڻ رھيا
آهن. سنڌ ۾ ڪنور ڀڳت ۽ موھن ڀڳت صوفياڻي راڳ جا اھي سفير ڪلاڪار ھيا جن ڪلاڪارن کي
ٻڌي زندگي ۾ گهڙي کن سڪون ضرور ملي ٿو. سنڌ جي نج ۽ صوفياڻي موسيقي ته سنڌ جي مندرن
درگاهن، صوفين جي آستانن، ڳوٺن جي اوطاقن جي ڪچهرين ۾ اڃا به زندھ آهي ڪنور ڀڳت ۽
موهن ڀڳت جا صوفياڻا آلاپ سنڌ جي رواداري ۽ محبت جو ڀرم پڻ آهن. موهن ڀڳت جي درد ڀري
آواز سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي نئين سڃاڻپ ڏني. ۱۹۳۰ع ۾ نمن جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ هن راڳي
جڏهن لطيف جي وائين کي پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز سان ڳائڻ شروع ڪيو ته هو لطيف
جو راڳي بڻجي ويو.
پنهنجن ابن ڏاڏن کان
ورثي ۾ مليل گائڪي ۽ لطيف جي وائين کي هُن اهڙي انداز سان آلاپيو جو سنڌ جي جهر
جهنگ۽ واهڻ وستين جا ماڻهو هن جي آواز کي پسند ڪرڻ لڳا. شروعاتي دور ۾ھن ڳائڻ جي
سکيا پنهنجي ڏاڏي امرو والد صاحب اميدارام ۽ چاچي موتيرام کان ورتي ھئي ھن جو
خاندان جڏهن مٺي لڏي آيو ته ھن ٿر جي لوڪ فنڪار مراد کان پڻ ڳائڻ جي سکيا ورتي ھئي.
۱۹۶۸ع کانپوءِ جڏهن موهن ڀڳت جو آواز ريڊيو ٽي وي تي گونجيو ته سنڌ سميت پاڪستان
جي مختلف علائقن جا ماڻهو به هن جي صوفياڻي رنگ کي پسند ڪرڻ لڳا. پيلي پٽڪي سان گيڙو
ويس لباس ۾ جڏهن هو اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ ايندو هو ته هُن جي لباس، انداز ۽ آلاپ ۾ سنڌ
جو صوفياڻو رنگ نکري نروار ٿيندي نظر ايندو هو. “سرتيون اوھين تان وڃوڙي ڙي وڃو
منهنجو ليک لڪن سان” يا منهنجي دل جو دوست وٺيو پيا وڃن جڏهن موھن لطيف جي ھنن وائين
کي پنهنجي منفرد آلاپ سان ڳائيندو ھو تڏهن پنڊال ۾ ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي
ويندي ھئي. ھو تنبوري ڍولڪ ٽلي ۽ ھارمونيم جي سازن تي لطيف جون وايون ۽ عارفاڻا ڪلام
ڳائيندو ھو ھن گائيڪ جي گائيڪي ۾ ڀڳتي رنگ ۽سادگي ھوندي ھئي. موھن ڀڳت سان گڏ سندس
ڀاءُ سروپو ڀڳت ۽ پٽ شنڪر ڀڳت ساٿي فنڪار طور گڏ ڳائيندا ھيا. اڄ جڏهن ھن جي ۲۷ھين ورسي جي موقعي تي آئون هُن جي شخصيت تي ٻه
اکر لکي رهيو آهيان ته هُن ڪلاڪار جي مون کي بيوسي ياد اچي رهي آهي جو هو ڪسمپرسي
واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي گذاري ويو هو.
زندگي جي آخري ڏينهن
۾ موهن ڀڳت کي بي حسي، ڊاڪٽرن جا دڙڪا ۽ ثقافت کاتي جون سکڻيون همدرديون مليون، موهن
ڀڳت بنھه سادو ۽ سٻاجهڙو ڪلاڪار هوندو هو. پنهنجي زندگي جا لڳ ڀڳ ۴۵ سال سنڌي موسيقي کي ارپيندڙ هن ڪلاڪار جي
گائڪي جو ھڪ منفرد انداز ھوندو ھو انھي ڪري ھو لطيف جي راڳي طور مشھور ٿيو، موهن ڀڳت
پنهنجي فن جي جوهر ۾ اهڙو ڪلاڪار هوندو هو جنهن کي موسيقي سان عشق هوندو هو. “بابو
جيو ” جي تڪيا ڪلام سان پيش ايندڙ هن ڪلاڪار کي سوين ڀڄن پڻ ياد هوندا هئا جيڪي ھن
لطيف جون وايون ڳايون آهن اھي ھن کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل ھيون. ننڍپڻ
۾ٻڪريون چاريندي جڏهن موهن ڀڳت لطيف جون وايون جهونگاريندو هو ته آس پاس جا ماڻهو
هن کي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. ۱۹۵۸ع ۾ موهن ڀڳت جو خاندان جڏهن اسلام ڪوٽ کان لڏي مٺيءَ
آيو ته اُتي هُن پنهنجي فني سفر کي اڳتي آندو. ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن محمد بخش ٽالپر مارئي جو پهريون ڀيرو
ميلو لڳرايو ھوته انهي ميلي ۾ ٿر جا کوڙسارا فنڪار متعارف ٿيا هئا ته اُنهن فنڪارن
۾ هڪڙو نالو موهن ڀڳت جو به هو. اڄ سنڌي موسيقي جنهن صوفياڻي رنگ سان پنهنجي شاندار
آب تاب سان جيئندي جاڳندي پئي اچي ته انهي ۾ موھن ڀڳت جھڙن ڪلاڪارن جو وڏو ڪردار رهيو
آهي. موهُن لطيف کي خوب ڳايو ۽ ھڪ منفرد انداز سان ڳايو انهيَ ڪري لطيف ايوارڊ پڻ
سندس حصي ۾ آيو.
موهن جو پٽ شنڪر ڀڳت
پنهنجي والد جي ڇڏيل ورثي کي زنده رکندو پيو اچي. شنڪر جڏهن موهن ڀڳت جي انداز ۽
آلاڀ سان لطيف جون وايون ڳائي ٿو ته گھڙي کن موهن ڀڳت جي ياد تازو ٿي وڃي ٿي. پر خبر
ناھي ته ھن کي موھن ڀڳت وانگر اھا پذيرائي ڇو نه ملي سگهي آهي؟؟؟ موهن ڀڳت سان منهنجي
آخري ڏينهن ۾ ويجهڙائپ رهي. مون موهن ڀڳت کي انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري
جي بستري تي ڏٺو هو. انتهائي غربت واري حالت ۾ هو پنهنجو علاج پڻ نه ڪرائي سگھيو هو.
ثقافت کاتي جي سکڻي همدردي ۽ ڊاڪٽرن جي دڙڪن کي موهن پنهنجي زندگي ۾ ڪو نه وساري
سگهيو هو، بيماري جي بستري ۽ ڪسمپرسي واري حالت ۾ موهن ڀڳت ۱۰ مارچ ۱۹۹۵ تي وفات ڪري ويو. اڄ ۲۷سال گذري چڪا آهن پر موهن ڀڳت جون يادون ڪونه
وسري سگهيون آهن. هن دور ۾ موهن ڀڳت جو آواز، سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي زنده رکڻ جو
ذريعو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ جي صوفياڻي وجود کي بچائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي موهن ڀڳت
جهڙا راڳي پيدا ڪرڻا پوندا. آئون سجهان ٿو ته جيستائين سنڌ ۾ لطيف جي شاعري زنده
آهي، يا لطيف کي ڳائڻ وارا راڳي زنده آهن، تيستائين سنڌ جي صوفياڻي وجود کي ڪوبه
نقصان نٿو پهچائي سگهي
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار
ڪراچيءَ ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا