; سنڌي شخصيتون: علي حسن ڀاڳت - جميل چانڊيو

24 March, 2013

علي حسن ڀاڳت - جميل چانڊيو


علي حسن ڀاڳت
سنڌين جو ايڌي
جميل چانڊيو

شاهه عنايت شهيد جي ”جو کيڙي سو کائي“ جي نعري تي يقين رکندڙ ڪراچي جي لاسي ڳوٺ جو رهواسي علي حسن ڀاڳت، ماڻهن جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان نفرت آهي. هن جو خواب آهي ته؛ هو سنڌ واسين جي خدمت ڪري. ڪراچيءَ جي گهڻين فيڪٽرين ۾ 20 سال ڪمائيندڙ هي سماجي ورڪر، علي حسن ڀاڳت، اڪيلي سر شاهه عنايت شهيد جي نالي سان هڪ سماجي تنظيم هلائي ٿو. جيڪو ڪنهن کان به چندو، ڀتو نٿو ڪري. پنهنجي پورهئي مان جيڪو به ڪمائي ٿو، اهو پيرن اگهاڙن غريب ماڻهن تي خرچ ڪري ٿو. کيس ڪيترا ئي ماڻهو، سنڌين جو ايڌي سمجهندا آھن.

علي حسن ڀاڳت جو ڪو وڏو ڪاروبار ته ناهي پر هو ڪراچيءَ جي فيڪٽرين مان ڪپڙو خريد ڪري، ڪراچيءَ جي طارق روڊ تي ٺيلهو لڳائي، پنهنجي گذر جو گاڏو هلائي ٿو.
هو چوي ٿو ته؛ ڪراچيءَ ۾ سعودي عرب ۽ دبئيءَ کان وڏو پئسو ڪمائي سگهجي ٿو. ها پر اهو ماڻهو جيڪو دل لڳائي ڪاروبار ڪندو، اهو ڪراچي ۾ امير ٿي ويندو.
هن جو خيال آهي ته؛ جيڪڏهن ڪو سرنديءَ وارو يا حڪومت ۲ لک جون سلائي مشينون وٺي ڏئي ته هو ماهوار سٺو ڪمائي، غريبن تي خرچ ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ ايم پي اي کان وڌيڪ هو علائقي واسين جي مدد ڪري سگهي ٿو.
علي حسن ڀاڳت جو چوڻ آهي ته؛ مان سنڌين کي بکيو ۽ اڃيو ڏسڻ نٿو چاهيان.
سندس چوڻ آهي ته؛ هو ڪراچي ۾ ۲۰ سالن کان ڪمائي ٿو. جنهن به غريب ٻار کي پيرين اگهاڙي، ميرن ڪپڙن ۾ ڏسي ٿو، هو انهن جي مدد ڪري ٿو ۽ اهو ڪم بنا لالچ جي ڪري ٿو. 

No comments:

راءِ ڏيندا