; سنڌي شخصيتون: حميد شھيد - ڊاڪٽر مخمور بخاري

22 March, 2013

حميد شھيد - ڊاڪٽر مخمور بخاري


حميد شھيد
ڄاڻ سڃاڻ
ڊاڪٽر مخمور بخاري
عبدالحميد ميمڻ المعروف حميد شهيد ۸ جنوري ۱۹۴۱ تي، هالا جي نالي واري شاعر ۽ صحافي خليفي محمد عمر المعروف اختر هالائي جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد شهيد ايم اي اڪنامڪس، ايم اي اردو، بي ڪام (آنرس) ڪاسٽ اڪائونٽنٽ، ايل ايل بي، ٽائيپ، شارٽ هينڊ ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪيو. شروعات ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ملتان ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. جتان پوءِ پنجاب، سرحد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪندي، آخر اچي حبيب ٽيڪنيڪل ڪاليج نواب شاهه جو پرنسپل مقرر ٿيو. جتان ۲۰۰۰ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ملازمت جي عرصي دوران، ايشين بئنڪ اسلام آباد ۾ ڪنسلٽنٽ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ نوشهري فيروز کان بدين تائين ۱۶ فني ادارن جو پروجيڪٽ آفيسر رهي چڪو. ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو حوالي سان ملڪي سطح تي ٿيندڙ ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ نصاب جي تدوين وارن ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو رهيو. کيس فني خدمتن جي عيوض ”قائد اعظم گولڊ ميڊل“ پڻ ملي چڪو آهي.

حميد شهيد، شاعر ابن شاعر آهي. شروع کان وٺي بزم طالب المولى سان لاڳاپيل رهيو. سن ۲۰۰۴ع کان هن وقت تائين، سنڌي ادبي سنگت شاخ هالا جي ڪاروباري ڪاميٽي جو سينئر ميمبر به رهيو. ان کان سواءِ سگا هالا جو به سينئر ۽ سرگرم رڪن رهندو آيو. شاعريءَ جي شروعات، ۱۹۵۵ع ۾ ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب؛ ۱. پيار جا پوپٽ، چاهت جا گلاب ۽ ۲. هيڪلايون نويڪلايون، شايع ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ سندس ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي حوالي سان هڪ انگريزي ڪتاب ”ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ان پاڪستان“ پڻ شايع ٿيل آهي.
حميد شهيد ۲۸ فيبروري ۲۰۱۳ع تي صبح جو ۳ بجي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد هالا ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.



شھيد ناز جو وڇوڙو
ڊاڪٽر مخمور بخاري
زندگي جي سفر ۾ الائي ڪيترا شخص ملندا ۽ پري ٿيندا رهندا آهن ڪن کي اسان خود پاڻ کان پري رکڻ چاهيندا آهيون ته ڪي وري اسان کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن موت جو بي آواز پکي ڪنهن شناسي جي لام تي ويهندو آهي ۽ پل کن ۾ ڀڙڪو ڏئي جڏهن اڏرندو آهي ته پنهنجن چنبن ۾ الائي ته ڪيترن خوبصورت ماڻهن کي پاڻ سان کڻي آڪاس جي وسعتن ۾ جاڳندڙ ۽ اسان کي نظر نه ايندڙ جهان ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اسان وٽ سار اوسارن جون ڪيتريون ئي موسمون جاڳي پونديون آهن ۽ اڄ جڏهن ڪنهن اهڙي بي مندائتي مند جي اثر هيٺ آهيان ته منهنجو ذهن ان شخص سان پهرئين ملاقات کي ڳولي رهيو آهي: پر چاهڻ جي باوجود به مان ان شخص سان پهرئين ملاقات کي ياد نه ڪري سگهيو آهيان ڇاڪاڻ جو گذريل ڇهن ستن سالن کان هن سان ميل ملاقاتن جو سلسلو ايترو ته گهرو رهيو جو پهرئين ملاقات ته ياد نه ڪري سگهيو آهيان پر ۲۸ فيبروري جي منجهند جو مخدوم نوح رحه جي درگاهه جي آڳر ۾ ساڻس ٿيل آخري ملاقات ڪڏهن به نه وسرندي جنهن ۾ هو زندگي جي ٽيهتر سالن جي سفر طئه ڪرڻ کان پوءِ هڏڙن جي مٺ بڻجي اڇي چادر اوڙهي بي فڪر سمهي رهيو هو.......!!!
موت جا به ڪيترا ئي روپ آهن. هڪ روپ ۲۷ فيبروري جي صبح جو به ڏٺم پاڻ جيڏي دوست سيد خان محمد شاهه جي جواني جو موت ........... بس سڏڪا، ڳوڙها ۽ آهون ........ ۽ هڪ روپ ۲۸ فيبروري جي منجهند جو هڪ تخليقار – شاعر – نقاد – کِل مک، دوست، زنده دل حميد شهيد جي بي سُڌ جسم جي صورت ۾ نظر آيو .......... موت جا ڪيترائي روپ ڇو نه هجن پر اهو ايندو آهي ۽ وڃڻ وقت اسان کان گهڻو ڪجهه کسي ويندو آهي.
حميد شهيد جنهن هالا جي مٽي مان ۸ جنوري ۱۹۴۱ع تي جنم ورتو تنهن ۲۸ فيبروري ۲۰۱۳ تي هالا ۾ ئي هي جهان ڇڏيو. ڏٺو وڃي ۸ جنوري کان ۲۸ فيبروري تائين جي بنهه مختصر عرصي ۾ هڪ ماڻهو ڇا ڇا ٿو ڪري سگهي؟ پر اسان جي سائين حميد شهيد گهڻو ڪجهه ڪيو يا نه ان بابت ته اسان خاموش ئي رهنداسين پر هن سنڌي شاعري جي هنج ۾ ”پيار جا پوپٽ، چاهتن جا گلاب“ ۽ ”هيڪلايون نويڪلايون“ جهڙا ٻه شعري مجموعا عقيدت ۽ احترام سان رکيا. شهيد جو شعر عروض، روايت ۽ جدت جو گڏيل سنگم آهي؛ جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ انفرايت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
پاسي ۾ پرين پيارو ۽ برسات جي موسم !
وسري ته ڀلا ڪيئن؟ انهي رات جي موسم !
ان جي ٻئي شعري مجموعي ”هيڪلايون نويڪلايون“ ۾ وري ڪجهه وڌيڪ خوبصورتي ۽ نکار موجود آهي:
سنڌو اڃاري رت گهريو ٿي،
ڳوڙها ڳاڙي آيو آهيان،
يا سندس ڪجهه مزاح جو عڪس : جنهن ۾ به وڏي معنى سمايل آهي
ميمڻ ڪوري روز کڄن ٿا،
حيرت آ اڄ شاهه کڄي ويو.
يا سندس هي چؤسٽو جنهن تي شهيد سان ڊگهو بحث به ٿيو هن شعر جي حقيقت کي سمهجائيندي يا پنهنجي موقف تي قائم رهڻ لاءِ اسلام کان ويندي جنس جي سائنس تائين ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهايو:
منهن ۾ مستي نه من ۾ ماڻو آ،
سرد جذبات، جسم ساڻو آ،
منهنجي ٻارن جي ماءِ اڄ مون لاءِ،
مولٽي فوم جو وهاڻو آ.
حميد شهيد جا ڪيترائي نظم ماچيس جي تيلي، ڇا اسين سڀ  ٿر وڃون،  ڪچرو گهر،’چٺ چئٽ‘، شاعر، سنڌو جو خواب، اي پرين .... ۽ ٻيا ڪيترائي سوچيندڙ ۽ ڄاڳندڙ شعر آهن جنهن ۾ سماجي اڻ برابري زماني جي بدلجندڙ حالتن، روين، رشتن، سهپ ۽ مستقبل سميت ڪيترائي مضمون ۽ موضوع موجود آهن. ڇاڪاڻ جو هو هڪ عام رواجي تڪبند شاعر نه هو پر هو ’شاعر‘ هو ۽ شاعر وقت شناس هوندو آهي ۽ هن جو قلم تاريخ جا باب رقم ڪندو آهي جنهن ۾ حالتن جو گهرو شعور به موجود هوندو آهي ته شاعراڻي حسناڪي پڻ !!
حميد شهيد جي شاعري ۽ سندس شخصيت تي لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻو ڪجهه آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي لفظن جيان گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو آهي.
تنهنجي يادن جو خزانو ڪيئن کٽي،
ميمڻ جو مال آهي دوستو!
بهار جي مند ۾ سرءُ جيان ڇڻي ويل محترم سائين حميد شهيد جنهن کي اسان ڪيترائي پاڻ کان گهڻو وڏو هجڻ باوجود به پنهنجو دوست سمهجندا آهيون ان جو جڏهن ’کيل ختم ٿيو‘ جهڙو شعر لکيو هو ته اسان کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ موت جي خوف جو چيو هو .......... پر هُن اسان کي تنبيهه ڪندي چيو هو ته اوهان لاءِ اهو لکيو آهي. مون کان پوءِ مون لاءِ اوهان اهو ئي شعر لکندا ....... ها ! سچ ته اهو آهي ته اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان ته منهنجي نظرن جي سامهون سندس کِل مُک انداز چٽو ٿي بيهي رهيو
آهي ... الا! زندگي جا به ڪيترا رنگ روپ آهن ڪيترو ڀلو، سهڻو دوست ۽ خوبصورت شاعر ۽ نقاد اڄ اسان جي ڪچهرين مان اٿي مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهي رهيو آهي هميشه هميشه جي لاءِ ! ۽ مون سميت سندس ڪيترن ئي دوستن جي زبان تي سندس ئي هي شعر دک جي ذائقي سان رقص ڪري رهيو آهي!!!
ميڪ نه منڙا، روءُ نه مٺڙا،
ميل ختم ٿيو، کيل ختم ٿيو!

No comments:

راءِ ڏيندا