; سنڌي شخصيتون: April 2022

30 April, 2022

پير عبيد راشدي

پير عبيد راشدي

لعل بخش جسڪاڻي



پير عبيد راشدي اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ منھنجو يونورسٽيءَ ۾ پيارو شاگرد ٿي رھيو. ذھين، تخليقي سگھ جو مالڪ، قومي سياست ۾ متحرڪ ۽ ادب ۾ اڳڀرو. يونورسٽيءَ جي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان ٽولا ڪري پيو ھلندو ھو. جڏھن ته پڙھائيءَ ۾ به ھوشيار ھو. سال کن کانـپوءِ اسان جو سينٽر ڇڏي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين، پر پنھنجي خانداني روايتن کي قائم رکندي، مون سان استاد ۽ شاگرد جي مضبوط رشتي کي وڌيڪـ سگھارو ڪندي، دوستيءَ جي رشتي جي دائري ۾ رکيو. سندس سئوٽ پروفيسر عباداللھ شاھ راشدي، منھنجو ويجھو ۽ پيارو دوست ماس ڪميونيڪيشن جو چيئرمين ۽ بعد ۾ پنھنجي والد صاحب جي وفات کانـپوءِ پير جھنڊي جا گادي نشين ٿيا. پير جھنڊي جي تمام وڏي لائبريري ۽ قديم مدرسو آھي. جتي امام انقلاب مولانا عبيداللھ سنڌي سالن جا سال درس تدريس ڏني ۽ ننڍي کنڊ جي روشن خيال ۽ قوم پرستيءَ جي سياست کي اڳڀرو ڪري ھمخيال پيدا ڪيا ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنياد رکي فڪري سوچ ڏني.

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

(۱۸۲۸ع - ۱۸۸۷ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



ديوان گروڏنو پٽ لال سنگ اجواڻي اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ انگريزن جي دؤر ۾ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع (ڪراچي ۽ شڪارپور) جي دفتر ۾ هيڊ منشي جي عهدي تي فائز هو. منشي گرڏني مل جو شمار اوڻويهن صديءَ جي انهن نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. جن ابتدائي زماني ۾ سنڌي علم ادب جي تعميري ترقي ۾ ڀرپور حصو ورتو (ميمڻ،۱۹ - ۳۳۳)

جي الانا

جي الانا

(الهه ڏنا - نامياور شاعر، اديب، محقق، سياستدان ۽ تاجر)

مختيار احمد ملاح



ناميارو شاعر، محقق، سياح، سياستدان تاجر ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رڪن غلام علي الانا، المعروف جِي الانا جو جنم ۲۲ جون ۱۹۰۶ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني، هندستان ۾ پڙهيو. شاگرديءَ واري زماني ۾، تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين ۽ قائد اعظم جو ويجهو ساٿي رهيو. سال ۱۹۶۸ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو. تقريباً ۱۲۰ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پاڪستان جو چيئرمئن پڻ رهيو.

غلام حسين فنائي پيرزادو - نصير مرزا

غلام حسين فنائي پيرزادو

جي ماريندين، مري وڃبو

نصير مرزا



چون ٿا ذهن هُن جو ڄڻ طلسمي صندوق هو، هٿ وجهندو هو ۽ اتان ڪنهن ڪلام جو ڪبوتر ڪڍي، ريشمي آواز واري ڪنهن گائڪ يا گائڪا کي ڏيندو هو، ته سندس اهو ڪلام پر ڪري آسمانن تي اڏامڻ لڳندو هو. “بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ” “دلبرا لاتو توسان نيهن، خوشي ڏيندي ته، خوش رهبو، جي غم ڏيندين ته پيو سهبو” اڙي بابا ان وقت جنهن جنهن به گهر ۾ گراما فون مشين موجود يا جن جن دوده پتي چانهين جي هوٽلن ۾ رڪارڊ وڄائڻ جي رسم پنهنجي دور جي جادوگر ۽ اطلسي آوازن ۾، اهي ڪلام هر هنڌ ان پيا ٻُڌبا هئا. پنهنجي دور جي ٽاڪ آف دي ٽائون، انهن ڪلامن جو شاعر ڪير!؟ غلام حُسين فنائي! ۱۹۴۰ع کان ستر جي ڏهاڪي تائين، وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته ڇا سنڌي فلمن جو هي عظيم گيتڪار شاعر رشيد احمد لاشاري يا ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني ۽ هز ماسٽرس وائيس ڪُتي ڇاپ ڪمپنين لاءِ ڪلام لکندڙ هي اسان جو ٻيو شاعر فنائي اڇن وارن سان ٽنڊي ولي محمد، ٻٻرن ۽ واڍن واري پڙ حيدرآباد ۾ اڪثر هلندو ڦرندو نظر ايندو هو ۽ جتان جتان به لنگهندو هو، ماڻهو حيرت مان هن کي ڏسندا ۽ چپن ۾ چوندا هئا “ڏسو ڏسو سائين غلام حسين فنائي پيو وڃي” هاڻي ڇا عرض ڪريان، سڄي سنڌ جا سنڌي موسيقي شائق ئي نه، رستا، گهٽيون ۽ پاڙا به فخر پيا ڪندا هئا، ته فنائي صاحب اسان جي وچ مان لنگهي پيو.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

(۱۷۳۷ع - ۱۸۰۹ع - نعمان ثاني - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



مخدوم عبدالوالحد صديقي سيوستاني، ولد دين محمد صديقي جي گهر قديم شهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ جا هئا. جتي سندس ڏاڏو مخدوم “عبدالواحد ڪبير” رهندو هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي پاڻ جامع علومن جا صاحب دينوي، فقهي، شرعي فتويٰ جا مظهر هئا. سندن خاندان مذهبي علمي ادبي ۽ قاضي القضاءِ جي عهدي تي فائض هوندا هئا. سيوهڻ هر دور ۾ علم جو گهوارو رهيو آهي. پر مخدوم عبدالواحد صديقي جي دؤر ۾ مذهبي ديني فقهي حوالي سان هڪ اهم حيثيت رکندو هو. مخدوم سليم الله صديقي لکي ٿو ته؛

محمد خان دائودپوٽو- خادم گھراڻو

محمد خان دائودپوٽو

نصرپورين جي ٽن پيڙهين جو استاد عربي ۾ ايم ڪندڙ

خادم گھراڻو



ڪي ڪي ماڻهو انمول هوندا آهن. اهي اسان جي نظرن ۾ ڪوهنور هيري کان به مٿي هوندا آهن، جن جي هر وقت ياد دل ۾ رهندي آهي. انهن جي ڪيل ڪمن جي يادگاري به هر پل ياد ايندي آهي. جن جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. حق ۽ سچ چوڻ وارا هوندا آهن ڪنهن کان ڪونه ڊڄندا آهن. جيڪو حق هوندو هو اهو منهن تي چئي ڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن مان نصرپور جو هڪ هائي اسڪول جو استاد به هو. جنهن جو والد صاحب مسڪين ڪوري هوندو هو. جنهن جو نالو حاجي خان دائودپوٽو هو. هن پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي جو سندن اولاد جو نالو اڄ به هر زبان تي آهي.

محمد خان “خادم” گھراڻو

محمد خان “خادم” گھراڻو

دلبرَ! ھِن دنيا ۾ وڃي رھندو واسُ

محمد مٺل جسڪاڻي



محمد خان “خادم” گھراڻو کي مون، پنھنجو سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به ائين ڏٺو، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن!... سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو... آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. نظم ۽ نثر نويس به، ته استاد به ۽ يار ويس به مثالي رهيو. کانئس پڇڻ تي ٻڌايو ھئائين ته “محمد صديق گھراڻو جي فرزنديءَ ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع نصرپور ۾ اک کولي”. پڙھڻ ۽ لکڻ جو عملي مظاھرو ڪندڙ ھن ليکڪ ڪتابن جي عالمي ڏينھن ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي اک پوري!... پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار ۾ رھائش پذير ھو.

29 April, 2022

جي ايم لاڙڪ

جي ايم لاڙڪ

جنهن سان سنڌ جي شعور جي دل جون تارون ڳنڍيل آهن

زاهد علي ڀٽو



اسان جي سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ اهڙي ٺهيل آهي اهڙا رويا پروان چڙهيل آهن جواشراف، عزت واري کي ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو۔اهڙي نامناسب سماجي جوڙجڪ جيڪري هتي حساس ۽ اشراف ماڻهو وڌيڪ ڀوڳي ٿو۔

عام ماڻهو جي نسبت حساس ماڻهو کي ڏک تڪليفون وڌيڪ اينديون آهن۔

اھڙي طرح اسانجو حساس دوست غلام مجتبٰي لاڙڪ جنهنکي علم، ادب سان واسطو رکندڙ جي ايم لاڙڪ جي نالي سان سڃاڻين ٿا۔جي ايم لاڙڪ ڪيترن سالن کان ٿيليسيميا جهڙي موذي مرض سان زندگي جي جنگ کٽڻ لاءِ مهاڏواٽڪائي رهيوآهي کيس پاڻ کان وڌيڪ سندس صغير پٽ عادل جي ڳڻتي جو ڳاراڻو ڏئي ڇڏيو آهي ڇوته عادل به ساڳي ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهي. ٻنهي پيء پٽن کي هر مهيني جيئدان طور رت جي ضرورت پوندي آهي۔

جان خاصخيلي

جان خاصخيلي

ھي پکي به پرواز ڪري ويو.......!

ھمسفر گاڏھي



اڄ صبح جو ننڊ مان اٿندي ئي پنهنجي پراڻي سنگتي جان خاصخيلي جي لاڏاڻي جي ڏکائتي خبر پڙھي جيء جھري پيو آهي.جان سان ڄاڻ سڃاڻ ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي ۾ ٿي جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ ادا بشير احمد سان دريا آباد علي ھوٽل ويجھو لياري ۾ رھندو ھئس، ادا وارن سان خداڏنو قمبراڻي پڻ رھندو ھو جيڪو ھالا ويجھو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جو رھواسي ھو.خداڏني معرفت جان خاصخيلي سان پھرين ملاقات ٿي ھئي، خدا ڏنو ۽ جان وارا پاڻ ۾ مائٽ ھئا.خبر پئي ته تڏھن جان اوائلي ڏينهن ۾ ميران ناڪا ڪراچي ۾رھائش نه ھجڻ سبب فوٽ پاٿ تي به رھيو، محنت مزدوري ڪري ھن اجگر شھر ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ پئدا ڪئي.جان، ڊگھي عرصي تائين استاد به رھيو، صحافت ھن گھڻو پوءِ شروع ڪئي.ھڪ ئي وقت ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪم ڪرڻ سندس اڻٿڪ زندگيءَ جو حصو رھيو.جنھن وقت سائين عبدالرحمان نقاش ميران ناڪا لياري ۾ ايوب خاصخيلي جي گھر رھندو ھو، تڏھن جان سان جام ڪچھريون ٿينديون ھيون.گھٽ ڳالھائو، سنجيده، نرم مزاج ۽شاندار انسان ھو.مون کي ٺيڪ طرح سان ياد آھي ته جڏهن مان سيکڙاٽ طور ھڪ ڀيرو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي رمپا پلازا جي گڏجاڻي ۾ خدا ڏني قمبراڻي جي زور ڀرڻ تي شريڪ ٿيو ھئس ۽ اتي پنھنجي ڪا ڪچي ڦڪي لکڻي پيش ڪئي ھئي ته سمورا سينئر اديب ڏينڀوء وانگر ڀون ڀون ڪري مون کي چنبڙي ويا ھئا، فقط جان واحد ڪھاڻيڪار ھو جنھن منھنجي سيکڙاٽ ۽ نوجوان ھجڻ وارو عذر ڄاڻائيندي منھنجو دفاع ڪيو ھو.باوجود ان جي مون ڪن پڪڙيا وري ڪڏهن ڀلجي به ادبي سنگت گڏجاڻي ۾ ڪونه ويس.جان خاصخيلي زبردست ڪھاڻيڪار، شاعر وڏي ڳالھ ته درد دل رکندڙ انسان ھو.ڇڊا ملندا ھئاسين پر جڏهن به ملياسين ساڳي محبت ۽ چاھ برقرار رھيو......يار پکي جيان پرواز ڪري ان ساڳي ڳوٺ جي مٽي ماءُ جي جي ھنج ۾آرامي ٿيڻ ھليو ويو آهي جتان ھن زندگيءَ جو جھد مسلسل شروع ڪيو..... بروبر زندگيءَ کي ڪٿي نه ڪٿي فل اسٽاپ اچڻو آهي.رب پاڪ سندن مغفرت فرمائي.

 (ھمسفر گاڏھي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

(۲ جنوري ۱۹۴۸ - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور اديب، محقق، دانشور، مترجم، تعليمي ماهر، مورخ، سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ بختيار پور ۾ علي احمد قريشي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. مرتضيٰ لغاري لکي ٿو ته سندس جنم ڀومي استاد بخاري جو شهر دادو آهي (مرتضيٰ، ۲۰۲۰ع : ۵)

پروفيسر محمد اڪرم انصاري - مختيار احمد ملاح

پروفيسر محمد اڪرم انصاري

لطيفيات جو ماهر

مختيار احمد ملاح



شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ جو جنم پهرين جنوري ۱۹۲۵ع تي عبدالخالق انصاريءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ۱۹۴۸ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۵۰ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۵۸ع ۾ ڊگري ڪاليج دادوءَ جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبه انگريزي جو چيئرمين به رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان ۱۹۸۴ع ۾ رٽائر ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو.

چاچا غلام حسين عرف ادا باشن - طارق کجڙ

چاچا غلام حسين عرف ادا باشن

طارق کجڙ



منهنجو خيال آ ڪنهن به ماڻهون تي لکڻ شروع ڪجي ته قلم تيستائين سٺي تحرير نه ٿو ڏئي سگهي.. جيستائين ڪردار ڀرپور نه هجي.. اشفاق احمد کي ٽي وي تي ٻڌم. چوي پيو ته؛ پنهنجي ڪھاڻين لاءِ ڪردارن جي تلاش ۾ ڳوٺن، واهن ۽ دور دراز علائقن ڏانهن نڪري ويندو آهيان.. اهڙو ئي منفرد ڪئريڪٽر منهنجو چاچا غلام حسين عرف ادا باشن هو.. جنهن کي پيار مان ڏاڏي سائڻ بادشاه سڏيندي هئي پر ماڻهن کي بادشاه شايد ڏکيو لڳندو هو.. ڦيرائي کيس باشن يا باشو ڪري ڇڏيو..

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو- ۲

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شمله معاهدو

مير اعظم علي ٽالپر



پاڪستان جي اردو فلم جو هڪ مشهور گانو شهنشاهه غزل مهدي حسن جي آواز ۾ آهي، ’ايڪ نئين موڙ پر لي آئي هين حالات مجهي‘ بلڪل ان وانگر هن وقت هر هڪ ليکڪ لاءِ لکڻ جون حالتون نه رڳو هڪ نئين موڙ تي وٺي آيون آهن پر اڄڪلهه حالتون ليکارين سان گڏوگڏ حڪمرانن جون چوواٽي تي بيٺل آهن، ان جو سنئون سڌو ڀلي ڪو به اعتراف ڪري يا نه ڪري پر قبر جي حال جي ميت (مروي) کي خبر جيان نئين حالتن جي خبر انهن کي باقي ٻين لاءِ مڙئي کير وارو معاملو هوندو، حالتن جي ذڪر ۾ هن وقت جون حالتون سمنڊ يا درياهه منجهه اندر هڪ ٻيڙي جيان جيڪا تيز طوفاني هوائن جي ڪري لوڏن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ۽ هيٺ مٿي ٿي رهيون آهن ۽ خبر نه آهي ته سڀاڻي صبح واري نئين سج اڀرڻ وقت ڪهڙيون حالتون ۽ ڪهڙا چهرا سامهون هجن؟ هن وقت حالتن کي ڏسندي ڪانگ ۽ هنس پکي وارو مثال ٺهڪي اچي ٿو ته ڪانگ پنهنجي هلڻ ۾ هنس پکي جو نقل ڪري هلڻ لڳو ته سندس اصلي هلڻ به هن کان وسري ويو ۽ هو ڀُلجي ويو، هن مثال کي هروڀرو هن وقت جي اقتدار ڌڻي جو اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ تقرير ڪرڻ جو انداز ۽ ادائگي کي اڳ واري ليڊر سان ڀيٽڻ ۽ مشابهت ڏيڻ سراسر غير مناسب ٿيندو، البته هن زماني واري ليڊر جي بيان بازي واري فلم نه رڳو پراڻي فلم جي شرطيه نئين ڪاپي آهي پر پوري فلم سئنيما اسڪوپ ۽ رنگين به آهي، حالانڪه ماضي ۾ راقم ۽ ٻيا ليکڪ اهڙي ڪهاڻي واري بليڪ اينڊ وائيٽ فلم اڳ ئي ڏسي چڪا آهن، جيڪا هن رنگين فلم کان وقت جاندار ۽ ڪامياب هئي، جڏهن ته هن زماني واري رنگين سئنيما اسڪوپ پراڻي فلم جو نئون ايڊيشن هوندي به هڪ فلاپ فلم ثابت ٿيو آهي.

10 April, 2022

منھنجي ڪٿا جا ورق - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

منھنجي ڪٿا جا ورق

ڊاڪٽر بشير احمد شاد



شڪارپور ــ مائٽن سان اختلاف ۽ وڏڙن جا ڏکن وارا ڏينهن

اڄ جڏهن آئون عمر جو اٺون ڏهاڪو پورو ڪري رهيو آهيان، تڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ڏسان ٿو ته ڪيئي محرومين جا پاڇا ۽ حاصلاتن جي چاندني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. منهنجي زندگيءَ جا انيڪ لمحا، ڏينهن، مهينا ۽ سال ڪنهن خواب جيان گذري ويا آهن، پر کليل اکين جا خواب ڪڏهن وسرندا ناهن، مان به پنهنجي ماضي ۽ پنهنجن خوابن جي ڳڙکين ۾ جھاتي پايان ٿو ته مون کي منهنجو اباڻو شهر شڪارپور اکين اڳيان ڦري وڃي ٿو. شڪارپور جيڪو مون کي اڄ به پهرين پيار جيان پيارو آهي.