; سنڌي شخصيتون: پروفيسر اعجاز احمد قريشي

29 April, 2022

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

(۲ جنوري ۱۹۴۸ - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور اديب، محقق، دانشور، مترجم، تعليمي ماهر، مورخ، سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ بختيار پور ۾ علي احمد قريشي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. مرتضيٰ لغاري لکي ٿو ته سندس جنم ڀومي استاد بخاري جو شهر دادو آهي (مرتضيٰ، ۲۰۲۰ع : ۵)


مرتضيٰ لغاري کان ڀُل ٿي آهي. اعجاز قريشي جو جنم دادوءَ ۾ نه ٿيو آهي. سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا ۾ جنم بختيار پور ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ پڻ بختيارپور لکيل آهي. پروفيسر اعجاز قريشي خود مون کي پنهنجي پروفائيل کي ڏنو هو ان ۾ جنم بختيارپور ڄاڻايو هو. سندن جنم ڳوٺ بختيارپور درست سمجهڻ گهرجي.

ابتدائي تعليم دادو جي مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، اٺين تائين طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. ميٽرڪ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ آرٽس جي ڊگري گورنمينٽ ڪاليج دادو مان ۶۵- ۱۹۶۴ع ۾ حاصل ڪيائين بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اقتصاديات واري شعبي م داخلا وٺي ۱۹۶۸ع ۾ بي اي آنرز ۽ ۱۹۶۹ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين. ۱۹۷۰ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ اقتصاديات واري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. ۱۹۷۴ع اسڪالرشپ تي انگلينڊ ويو، جتان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري واپس ڏيهه آيو. هو سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

پروفيسر اعجاز قريشي ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۹ع ۽ ۲۰۰۰ع کان ۲۰۰۳ع تائين نيشنل رورل سپورٽ پروگرام ۾ سنڌ جو چيف ۲۰۰۳ع ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن ۾ جنرل مينجر ۲۰۰۳ع کان ۲۰۱۰ع تائين سنڌ ايريگيشن ۽ ڊرينج اٿارٽي (سيڊا) جو جنرل مينيجر ۽ مينجنگ ڊائريڪٽر ۲۰۱۱ع کان ۲۰۱۳ع تائين شهيد بينظير ڀٽو ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. ان کان سواءِ ڊائريڪٽر مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ ايجوڪيشن جو سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو.

سندن ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

(1)  Canal Irrigation in Sindh and Economic Significance, 1900-1940-1947.

۱۹۷۵ع – ۱۹۴۰ع ۱۹۰۰ع

Economy of Sindh (Co Authorship) ۱۹۷۶ع

سنڌ جي تاريخ (ارغون ۽ ترخان دؤر) ۱۹۸۵ع

تاريخ جو فلسفو۱۹۹۰ع

 (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب جو ترجمو .

اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريو.

سنڌ جو آواز۲۰۰۱ع

 ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب جو ترجمو

سنڌ اتهاس جي آرسي ۾ ۲۰۰۲ع

ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪتاب جو ترجمو سندس شريڪ ساٿي، شهنيلا انصاري، امداد سيلرو، شازيه انصاري..................... ڪوميلا کان اورنگي تائين (ترجمو) – ۲۰۰۲ع

ڏاها هن ڏيهه جا (اصلوڪو) پهريون ڇاپو انڊيا ۲۰۰۲ع ٻيو ڇاپو پاڪستان ۲۰۱۴ع.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف شخصيتن تي. مضمون لکيا ويا اهن جن ۾ ڏيارام گدومل، سيٺ هريچند راءِ وشنداس، مرزا قليچ بيگ، شهيد الله بخش سومرو، جي ايم سيد، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربشاڻي، جشميد نسروانجي، ڀگوانداس مير چنداڻي، پروفيسر چيتن ماڙيولا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري قاضي فيَض محمد، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ اياز، ابراهيم منشي، فاضل راهو، قاضي محمد بخش ڌامراهه، ڊاڪٽر تنيوير عباسي، شوڪت سنڌي، بينظير ڀٽو، ڊاڪٽر فيروز احمد، دارا مرزا، نور الدين سرڪي، هري موٽواڻي، ريٽا شهاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قمر شهباز، حافظ محمد بخش خاصخيلي تي تحريرون شامل آهن.

ڪتاب جي باري ۾ امان الله شيخ لکي ٿو ته “ڏاها هن ڏيهه جا” ۾ گڻوان ۽ متضاد شخصيتن جو ذڪر ۽ سندن پورهئي ۽ جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي پروفيسر اعجاز قريشي ڪوشش ڪئي آهي. اهو سنڌ جي لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ ورهين جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ جو احاطو ڪري ٿو. مختصر طور اعجاز قريشي، قابليت ۽ مهارت سان شين جو ادارڪ ڪرڻ ۽ نئون رستو (Break Through) ٺاهڻ جو (Transform) ڪرڻ جي مثبت پيش رفت ڪئي آهي (شيخ، ۲۰۱۴: ۲۲).

“جنين ڏاند نه ٻج” ترجمو – ۲۰۰۲ع

هيءُ ڪتاب مسعود کدر پوش جي مشهور هاري رپورٽ جو انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.

هي جي واڪا واءَ ۾ (مضمون) ۲۰۰۲ع

 هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مسئلن بابت چونڊ مضمون شامل ڪيا ويا آهن.

۴ مارچ ۽ اڄ جي سنڌ (ترتيب) ۲۰۰۳ع

سنڌي ٻولي، ماضي هال ۽مستقبل (ترتيب) ۲۰۰۸ع

هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف ليکڪن جا مضمون ڏنا ويا آهن.

تاج صحرائي، (فن ۽ شخصت) ترتيب ۲۰۱۱ع

هي ڪتاب سنڌ جي نامور محقق، تعليمدان ۽ عالم تاج صحرائي جي فن ۽ شخصيت کي نروار ڪرڻ ۽ سندس خدمتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پروفيسر اعجاز احمد قريشي ترتيب ڏنو آهي. جنهن ۾ خود ترتيب ڏيندڙ جو مضمون ۽ محمد ابراهيم جويي، علي احمد قريشي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، امان الله شيخ، پروانو ڀٽي، ولي رام ولڀ، بدر ابڙو، حميد سنڌي، عبدالغفار صديقي، الهداد جاويد ميراڻي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، شوڪت حسين شورو، تاج جويو، عزيز رانجهاڻي خليل مورياڻي، آزاد قاضي، امام علي ڏيٿو آزاد انور ڪانڌڙو، زبير سومرو، بشير سيتائي، الهه رکيو ڳورڙ، تابش بخاري، سرتاج لغاري، دين محمد اڪرم ٻورڙائي ۽ ناصر علي پنهور جا مضمون شامل آهن. ڪتاب جي باري ۾ ترتيب ڏيندڙ لکي ٿو ته:

“هن ڪتاب ۾ تاج صاحب جي گونا گون شخصيت تي سنڌ جي وڏن عالمن استادن، سندن دوستن ۽ شاگردن جا مضمون شامل آهن جيڪي سڀ پڙهڻ وٽان آهن. انهن مضمونن ۽ مقالن جي ذريعي سندس شخصيت جا انيڪ گڻ ۽ صلاحيتون واضح ٿيون آهن.” (قريشي، ۲۰۱۱: ۸

“تاج صحرائي بابت اسان جي دوست پروفيسر اعجاز احمد قريشيءِ هي ڪتاب سهيڙي، سچ پچ هن شخص سان انصاف ڪيو آهي.” (جويو ،۲۰۱۱: ۱۹) هن ڪتاب ۾ ۳ مضمون انگريزي ۾ پڻ ڏنا ويا آهن. جن جا ليکڪ ،سي لوئيس فليم، ڊاڪٽر صاحب خان چند۽ گل محمد عمراڻي آهن.

شهيد بينظير ڀٽو جا انٽرويوز (ترتيب) ۲۰۱۲ع

شهيد بينظير ڀٽو (اردو) ۲۰۱۲ع

Shaheed Mohtarma Benazir Bhutto (Interviews) (English) ۲۰۱۲ع

شهيد بينظير ڀٽو (جيئڻ مرڻ عوام سان) ۲۰۱۳ع

ون يونٽ ۽ سنڌ

 هن ڪتاب ۾ ون يونٽ ڪيئن ٺهيو...؟ ون يونٽ دوران سنڌ سان ٿيل ظلم ڏاڍ ۽ ناانصافين جو اڇو چٺو، ون يونٽ خلاف سنڌ جي عوام جي تاريخي جدوجهد کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ون يونٽ تحريڪ اها سياسي هلچل هئي جنهن سان سنڌي سماج کي سوچڻ تي مجبور ڪيو، ۽ سياسي حڪمرانن جي سڀني تاويلن کي رد ڪري ڇڏيو. هي ڪتاب سنڌ جي سياست جو اهم باب آهي. سنڌي ماڻهن سان ون يونٽ بهاني جيڪي ظلم ٿيا. انهن ظلمن ڏاڍاين بي واجبين حڪمراني سختين جو احوال هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. زيادتين جي تسلسل جي انتها آخرڪار ون يونٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿي. باوجود سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن جي رڙين جي ملڪي اقتدار تي قابض فوجي ۽ سول بيورو ڪريسي گڏيل طور تي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ مڙهي، صوبن جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو. ۱۹۶۹ع جي پڇاڙيءَ ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو . جون ۱۹۷۰ع ۾ ان اعلان کي عمل ۾ آڻي صوبا بحال ڪيا ويا. ۱۹۷۱ع ۾ بنگال اسان کان الڳ ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٻين جا به لکيل مضمون شامل ڪيا آهن جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد،. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام حيدرلغاري، يوسف لغاري، محمد علي ڏيپلائي، مدد علي سنڌي، سيد پير حسام الدين راشدي قاضي فضل الله محترمه اختر بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.

 محمد ابراهيم جو يو (فن ۽ شخصيت ۲۰۱۶ع)

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڏاهي، جديد سنڌ جي شعور جي اڏڻهار محمد ابراهيم جو يي جي فن ۽ شخصيت تي ۸ مضمون لکيل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ جويي صاحب جي ادبي، علمي، قومي خدمتن تي مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ امان الله شيخ لکيو آهي.مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “هن مختصر مهاڳ ۾ پنهنجي دل گهرئي دوست اعجاز احمد قريشي، جي قلمي پورهئي جو بخوبي احاطو نه ڪري سگهيو آهيان آخر ۾ هن ئي ڪتاب ۾ سهيڙيل لکڻين ۾ جويي صاحب جو جو سون م تورڻ برابر سٽون ڏيڻ کي ايڪويهين صديءَ جي سڌ لاءِ سنيهو ۽ ڪانڍ سمجهان ٿو. اصل ڳالهه نئين فڪر، نئين علم، نئين مقصد، نئين جولان ۽ نئين عمل جي آهي. ته جئين پراڻ مان نجات ملي ۽ آزاديءَ وارو سک جو ساهه کڻي سگهون.” (شيخ، ۲۰۱۶: ۲۲)

ڪراچيءَ جو ڪيس (ترتيب) ۲۰۱۷ع

هن ڪتاب ۾ ۱۹۴۸ع ڪراچيءَ کان سنڌجي جدائي ۱۹۷۰ع ۾ واپسي ۽ لاڳاپيل مسئلا بيان ڪيا ويا اهن. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڦري وڃڻ جو مرڪز سرڪار جو فيصلو ۽ سنڌ کي نقصان، ٻيو حصو ڪراچي جو وري سنڌ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ٽئين حصي ۾ وري ڪراچي جي ٻهراڙين جو ذڪر ٿيل آهي. ۱۸ نومبر ۱۹۴۷ع تي ڪراچيءَ کي حڪومت پاڪستان طرفان ملڪ جي گادي جو هنڌ بنايو ويو. پرمفاد پرست، سنڌ کي نقصان ڏيندا رهيا. انهن مفادن جا عڪس، اولڙا حقيقتون هن ڪتاب م ڏنيون ويو آهن گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته” هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. جنهن ۾ اوهان کي سنڌ جي لٽيل ۽ ڦريل ڪراچيءَ جي دانهن ٻڌڻ ۾ ايندي. انگريز دؤر ۾ هي شهر، سنڌ جو سياسي مذهبي، ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي مرڪز هو هندو مسلمان، يهودي پارسي، عيسائي، گوئن، امربهائي، ۽ مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارا ماڻهو امن ۽ شانتي، سان رهندا هئا. هي مزدور پرور شهر هو. جيڪي به هتي آيو هميشه هتي جو ٿي ويو.” (ڪلمتي، ۲۰۱۷: ۱۳)

هي ڪتاب ڪراچي جو ڪيس اصل ۾ انهن مفاد پرستن جي ڪهاڻي تي مبني آهي. جن هميشه سنڌ تي ۽ سنڌ جي عوام کي نقصان ڏئي، پنهنجو فائدو ورتو هي ان ڪهاڻيءَ جو مفصل احوال آهي. هن ڪتاب ۾ مقالا ڪراچيءَ جي سنڌ کان ۱۹۴۸ع ۾ جدائي، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ عوام جو احتجاج ۽ مرڪز خلاف سنڌ ليجسليٽو اسميبليءَ جو رد عمل، سنڌي عوام جو احتجاج ۽ مرڪز جي آمرانه روش، ڪراچي جي علحدگي جي دفتري ڪارروائي، ڪراچيءَ جي واپسيءَ لاءِ سنڌ اسمبلي جو ٺهراءُ ۽ ان تي بحث سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ جو مسئلو، ڪراچي ۽ سنڌي ٻولي، مهاجرن جي آمد ۽ سنڌ جي ملڪيتن جي الاٽمينٽ هندن وٽ وياج عيوض گروي پيل زمينن جو مسئلو‏، ڪراچي جي سنڌي آبادي جو الميو وغيره. ٻيا ڪيئي اهم مضمون مقالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون ۲۰۱۷ع

تخيل جو موت (ترجمو) ۲۰۱۹ع

مشهور ليکڪا اورن ڌرتي لاءِ جي ڪتاب جو ترجمو آهي. هي ڪتاب انگريزي زبان ۾ لکيو هو. پروفيسر اعجاز قريشي هن ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

Economy of modern Sindh (Coothorship) ۲۰۱۹ع

سيد غلام مصطفيٰ شاهه (سنڌ جو عالم سنڌ جو خادم) (ترتيت) ۲۰۱۹ع

 هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري تعليمداد، سنڌ جي عاشق، سيد غلام مصطفيٰ شاهه تي لکيل فن ۽ شخيصت تي مقالا ترتيب ڏنا ويا آهن پروفيسر اعجاز احمد قريشي مقالن کي سهيڙي هڪ مثالي ڪم ڪيو آهي.

۴ مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد (ترتيب) ۲۰۲۰ع

 هي سنڌ جي شاگردن جي اهم تحريڪ بابت آهي. ۴ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ شاگردن پنهنجي محبوب وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمٰن سان تڏهوڪي ڪمشنر مسرور حسن طرفان ٿيل زيادتين جو اکين ڏٺو داستان آهي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو چار مارچ ۽ اڄ جي سنڌ ۲۰۰۳ع ۾ ڇپيو ان ڪتاب ۾ وڌارو سڌارو ڪري ٿورو نالو چئينج ڪري، ۴ مارچ سنڌي شاگرد جدوجهد ۲۰۲۰ع ۾ ٻيهر ڇاپيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجو، عبدالوحد آريسر، يوسف لغاري، مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، مشتاق ميراڻي، يوسف ميمڻ، اعجاز منگي، شير محمد کهاوڙ، گلشن لغاري احمد خان ملڪاڻي، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ، سهيل سانگي، محمد يونس مهر، اشرف علي کهاوڙ، عبدالواحد سومرو، مدد علي سنڌي جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ان وقت ۾ سنڌ جي شهرن ۾ جي حالتون هيون انهن جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪيو ويو آهي. شاگردن جون بک هڙتالي ڪئمپون، احتجاج، ڌرڻا، گرفتاريون، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جو جامع احوال ترتيب ڏنو ويو آهي. سياسي ادب جي حوالي سان هي هڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي.

قاضي فيض محمد شخصيت ۽ فڪر (ترتيب)۲۰۲۰ع.

 هن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جا مضمون شامل آهن جيڪي قاضي فيض محمد جي شخصيت ۽ فڪر تي لکيا ويا آهن.

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر (مرتب) ۲۰۲۲

ان کان سواءِ، پروفيسر اعجاز قريشي جا چار ننڍڙا ڪتابڙا سائين حيدر بخش جتوئي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه سائين شوڪت “سنڌي، ۽ سنڌي ٻولي” بابت ڇپيل آهي.

نتيجو:

پروفيسر اعجاز احمد قريشي، پنهنجي ڪتابن ۾ پنهنجو جنم ڪٿي بختيار پور ۾ لکيو آهي ۽ ڪٿي دادو لکيو آهي. ان معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار نظر اچي ٿو. انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ سيوهڻ جون ادبي شخصيتون پهريون ڇاپو جو پاڻ پروفائيل لکي ڏنو هنيائين، ان ۾ بختيارپور جو جنم ڄاڻايو هيائين. سندس جنم بخاتيارپور درست سمجهڻ گهرجي.

سندس ڪتاب اڪثر ترتيب ۽ ترجمو ٿيل آهن جڏهن ته اصلوڪن تخليق ٿيل ڪتابن جو تعداد ٿورو آهي. ان هوندي به سندس ترتيب ڏنل ڪتاب اهم حيثيت رکن ٿا.

پروفيسر اعجاز قريشي جي لکڻي ۾ آسان ٻولي استعمال ٿيل هوندي آهي. جيئن هر عام پڙهندڙ آساني سان سمجهي سگهي ٿو سندس ڪتاب ون يونٽ ۽ سنڌ، ڪراچيءَ جو ڪيس، ۴ مارچ ۽ سنڌي شاگردن جي جدوجهد تاج صحرائي، محمد ابراهيم جويو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه وڏي محنت جفا ڪشي سان جوڙيا آهن. سنڌ جي سياسي ادب، جي تاريخ کي نروار ڪن ٿا. سنڌي سماج، سنڌ سان ٿيندڙ وارتائن، مفاد پرست ٽولن، جي ڪردار ۽ عڪاسي نظر اچي ٿي.

 حوالا:

لغاري، مرتضيٰ، ۲۰۲۰: ۴ مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد، ڇاپو ٻيو. پروفيسر اعجاز احمد قريشي،

شيخ، امان الله ۲۰۱۴، ڏاها هِن ڏيهه جا، پروفيسر اعجاز قريشي پيڪاڪ پبلشر ڪراچي.

قريشي، اعجاز احمد، پروفيسر، ۲۰۱۱: تاج صحرائي، منڇر پبلڪيشن دادو.

شيخ، امان الله، ۲۰۱۶: محمد ابراهيم جويو، پيڪاڪ پرنٽر پبلشر ڪراچي.

ڪلمتيءَ گل حسن، ۲۰۱۷: ڪراچيءَ جو ڪيس، پروفيسر اعجاز قريشي، پيڪاڪ پبلشر ڪراچي.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا