; سنڌي شخصيتون: غلام حسين فنائي پيرزادو - نصير مرزا

30 April, 2022

غلام حسين فنائي پيرزادو - نصير مرزا

غلام حسين فنائي پيرزادو

جي ماريندين، مري وڃبو

نصير مرزا



چون ٿا ذهن هُن جو ڄڻ طلسمي صندوق هو، هٿ وجهندو هو ۽ اتان ڪنهن ڪلام جو ڪبوتر ڪڍي، ريشمي آواز واري ڪنهن گائڪ يا گائڪا کي ڏيندو هو، ته سندس اهو ڪلام پر ڪري آسمانن تي اڏامڻ لڳندو هو. “بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ” “دلبرا لاتو توسان نيهن، خوشي ڏيندي ته، خوش رهبو، جي غم ڏيندين ته پيو سهبو” اڙي بابا ان وقت جنهن جنهن به گهر ۾ گراما فون مشين موجود يا جن جن دوده پتي چانهين جي هوٽلن ۾ رڪارڊ وڄائڻ جي رسم پنهنجي دور جي جادوگر ۽ اطلسي آوازن ۾، اهي ڪلام هر هنڌ ان پيا ٻُڌبا هئا. پنهنجي دور جي ٽاڪ آف دي ٽائون، انهن ڪلامن جو شاعر ڪير!؟ غلام حُسين فنائي! ۱۹۴۰ع کان ستر جي ڏهاڪي تائين، وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته ڇا سنڌي فلمن جو هي عظيم گيتڪار شاعر رشيد احمد لاشاري يا ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني ۽ هز ماسٽرس وائيس ڪُتي ڇاپ ڪمپنين لاءِ ڪلام لکندڙ هي اسان جو ٻيو شاعر فنائي اڇن وارن سان ٽنڊي ولي محمد، ٻٻرن ۽ واڍن واري پڙ حيدرآباد ۾ اڪثر هلندو ڦرندو نظر ايندو هو ۽ جتان جتان به لنگهندو هو، ماڻهو حيرت مان هن کي ڏسندا ۽ چپن ۾ چوندا هئا “ڏسو ڏسو سائين غلام حسين فنائي پيو وڃي” هاڻي ڇا عرض ڪريان، سڄي سنڌ جا سنڌي موسيقي شائق ئي نه، رستا، گهٽيون ۽ پاڙا به فخر پيا ڪندا هئا، ته فنائي صاحب اسان جي وچ مان لنگهي پيو.


هي فنائي صاحب، الائي ڪهڙي ڳوٺ شهر جي مٽي هو ۽ الائي ڇا سندس ذات پات؟ ۽ بي سگهرو؟ ته هاڻي سندس پونئر الائي ڪٿي پيا رهن وسن، تڏهن سڀ کان اول، ته مون سنڌي ادب، ميڊيا فلم جي تاريخ-ورقن ۾ ڦڙڦوٽ وڌي، پر مجال آهي جو مٿس ڪو هڪڙو اکر ۾ ڪٿي لکيل هجي! پهرئين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جيڪا “ڪيئي ڪتاب” جي نالي سان پنهنجي آتم ڪٿا لکي آهي. اُن اڌمڻ جيتري ڪتاب ۾، صرف ڇٽانگ جيتري هيءَ سٽ درج آهي ته “فنائي جيڪو هن وقت بمبئي ۾ آيل آهي، سندس شاعري، غزل ۽ ڪافيون ’ٽوئن گرامون فون‘ ڪمپنيءَ ۾ ڳارائي رڪارڊ ڪرائي، کيس چڱو معاوضو وٺرائي ڏنو اٿم” پر هي ويٺي ويٺي ۽ اوچتو ئي اوچتو، ڇو تلاش ٿي مون کي فنائي صاحب جي! ته عرض ڪريان، ٿورا ورهيه ٿيا، بلبل مهراڻ، ادي روبينه مون تي ڪم رکيو، پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ “ميران هاءِ اسڪول” ۾ پڙهندي هئس، ته فنائي صاحب جي نياڻي مون سان گڏ پڙهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو اها اوچتو مون کي ياد اچڻ لڳي آهي. ٿورو پتو ته لهي ڏيو، اهو خاندان اڄڪلهه ڪٿي آباد؟ تڏهن مون يڪدم بزرگ شاعر پروانه ڀَٽي صاحب جي ياد-محل جا دروازا کُڙڪايا، چيائين، فنائي حيدر چوڪ تي مون ڏٺو هو، ٽيبل ڪُرسي ڪنڊ ۾ رکيو ويٺو هوندو هو، شايد اسٽامپ وينڊر هو، پوءِ ڪيڏانهن هليو ويو، ڪو پتو ناهي، شايد الهداد چنڊ ڳوٺ جو ويٺل هو. هاڻي سارو الهداد چنڊ جو ڳوٺ ته مون جهڙي شهر جي کوجيءَ جي پيرن هيٺان هو، خبر پئي. هتي “رسول بخش خمار” ڪڏهن به اچي آباد نه ٿيو، هاڻي مون نامياري نيوز ڪاسٽر ڪامران ڀٽي صاحب جي ساروڻين جا دروازا کُڙڪايا ۽ هي جيئن نه، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۾ لاٽ ايندي ۽ ويندي آهي، ڪامران صاحب ساهيون کڻي کڻي، خلائن ۾ گهُوري گهوري اطلاع ڏنو. فنائي صاحب بيشڪ مون ڏٺو. وضعدار ۽ شانائتو بزرگ هو، سٺ واري ڏهاڪي دوران اسان جي رهائشي علائقي، “ٻٻرن واري پڙ” ۾ مون ايندي ويندي اڪثر ڏٺو، قد مناسب، نڪ نقشي ۾ قبول صورت، وار سڀ اڇا، چُست ڦڙت ۽ ڏسڻ ۾ هڪ سوُيٽ انسان، ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪولمبيا ڪمپني ۽ هنرماسٽرز وائيس ڪمپنين جي شرت جو سج ڇاڪاڻ ته لهي چڪو هو، ان ڪري بيروزگاريءَ سبب اڪيلو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ويڳاڻو پيو نظر ايندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي گوشئه گمنامي ۾هليو ويو.

هاڻي هن شاعر بي مثل غلام حسين فنائي کي ڪٿي ۽ ڪيئن ڳوليان!؟ تڏهن ريڊيو حيدرآباد تي هي جيڪو فرمائشي پروگرامن ۾ پراڻا پراڻا گراما فون رڪارڊ وڄائڻ جو شائق انائونسر ثناءُ الله وسطڙو ان کي آواز ڏنم. ڪا فنائي صاحب بابت ٻُڌ سُڌ؟ ٻڌائڻ لڳو، آئون ته ان بابت لاعلم، البته مچرُ شهر اندر فنائي صاحب جو همعصر “ڪمپني شاعر” مشڪور غلام قيوم وسطڙو بي شڪ ته حال حيات آهي، هي اجهو وٺو ان جي نوجوان راڳي فرزند رضا وسطڙي جو نمبر ۽ رابطو ڪريو، فون ڪيم ته رضا ٻڌايو، بابا مشڪور وسطڙو، هن وقت سئو جي لڳ ڀڳ آهي، ڪنن کان ئي ويهي ويو آهي، حواس وڃايل اٿس ۽ حافظو به گم ها! ايتري ضرور خبر وٺو ته، فنائي صاحب ڀريا شهر جي مٽي هئا، جيڪي پوءِ حيدرآباد شهر ۾ وڃي رهيا، پر ڪٿي!؟ اهو سندن حال حيات پوٽي ڊاڪٽر غلام رسول کان پاڻ ئي پڇي وٺو.! هي آهي سندن موبائيل جو نمبر! هاڻي فون جو ۽ پنهنجو نالو جو ٻڌايم، ته هتان آواز آيو، اسان کي به توهان سان ڳالهائڻ جي بي حد سڪ هئي، تڏهن هيڏانهن منهنجو خيال ته جلد از جلد، فنائي صاحب بابت معلومات وٺان ۽ هوڏانهن بزرگ ڊاڪٽر صاحب جي مون ناچيز سان چاهت ايتري جو هر جملي بعد چوندا رهيا، صدقي صدقي، هاڻي ڇا ٻڌايان، پرئين پار کان ڳالهائيندڙ فنائي صاحب جي پوٽي ڊاڪٽر غلام رسول جي ساهتي لهجي ۾ ايڏي ته پنهنجائپ، ميٺاج، جو آئون ته بابا، سندن سحر ۾ جڪڙيو پئي ويس! کين مون فنائي صاحب جي موضوع ڏانهن موڙيو، ٻڌائڻ لڳا، بابا وڏي غلام حسين فنائي جو ۱۹۰۰ع ڌاري ڪنڊياري ويجهو علائقي الهه بخش واري کوهه ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، هي ڳوٺ بابا وڏي فنائيءَ جي والد الهه بخش جي نالي سان اڏيل هو، پاڻ پيءُ کي اڪيلو پُٽ هو، پاڻ عاشق مزاج هو، پاڻ ذات جو کرهر هو، پهرئين شادي ڏاڏي صاحب زادي پيرزاديءَ سان ڪيائين، ولر اولاد ٿيس، هڪ پُٽ نجم الدين، ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿيو. پنج اسان جون ڦڦيون. غلام فاطمه، شاهه خاتون، غلام سڪينه، غلام زهره ۽ زبيده خاتون، سڀ اعليٰ تعليم يافته، ڪا هيڊمسٽريس ٿي، ته ڪا ليڪچرار، ڦڦي زبيده حيدرآباد ۾ رهي ٿي ۽ ڦڦي غلام سڪينه اولاد سان آمريڪا. فنائي صاحب جي ڪلام واري بليو بئگ، ان وٽ ئي هئي. هي سارو پريوار، ٻالڪپڻ ۾ هيرآباد ۾، مير چنداڻي لين واري ماڙيءَ ۾ ئي ڄائو ۽ نپنو هو. ڦڦي غلام فاطمه، بلبل مهراڻ روبينه صاحبه جي ساهيڙي ۽ هم ڪلاسي هئي. هن وقت حيات ناهي. بابا نجم الدين جي شادي ٿي ته حيدرآباد جي مشهور گائڪا ’مولي ٻائي‘ اُن ۾ ڳايو هو. بابا نجم الدين، ٻٻرن جي پڙ ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو، ۱۹۵۰ع تي منهنجي ولادت ٿي. آئون ڏاڏا سائين غلام حسين فنائيءَ جو لاڏلو ۽ سڪيلڌو پوٽو هئس. ڊاڪٽر غلام رسول، لڙڪن ڀنل ۽ جهڙ جهڙالي آواز ۾ ٻڌائيندو رهيو. جوان پئي ٿئس، ته بابا فنائي سان، ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ مسلم گرامافون ڪمپنيءَ تي ويندو هوس. ان کان اڳ پاڻ ڪمپنين جي دعوت تي ڪلام ڏيڻ لاءِ بمبئي به ويندا ۽ اُتان پوءِ موٽندا هئا، ته گلاب جا گل ٿي موٽندا هئا. اسين ان وقت پئسي پنجڙ جي معاملي ۾ هر فڪرکان آجا هوندا هئاسين. وطن جي ورهاڱي بعد به، فنائي صاحب هندستان ويندا رهندا هئا. پرسرام ضياءَ، ماسٽر چندر، نورل ڦلپوٽو ۽ مشڪور غلام قيوم وسطڙو، وغيره سڀ، بابا جا پڳ مٽ يار هوندا هئا. خانصاحب خير محمد خان، جيوڻي ٻائي، مولي ٻائي، مهتاب جان، ڀڳت موٽڻ، ساوتري گدواڻي ۽ هي سڀ راڳي، فنائي صاحب جي چوطرف پروانن جيان پيا ڦرندا هئا. اجهو ان ڳالهه تي فنائي صاحب جي ڪلام جي هيءَ سٽ مون کي ياد پئي “پرواني مثل شونق ۾، مون جان جلائي آ، بي درد جي اقرار ۾، هر گز نه سچائي آ”

ڊاڪٽر صاحب ٻڌائڻ لڳو “بابا فنائي” ستر ورهين جي لڳ ڀڳ پهتو ته مير چنداڻي لين واري ماڙي ۾ گهڻو ناچاڪ رهڻ لڳو هو. اهڙي اطلاع ڏيڻ وقت ڊاڪٽر غلام رسول جو آواز ٻيهر روئڻهارڪو ٿي ويو هو، تڏهن ڊڄي ڊڄي پڇيو هئم “سندن تدفين ڀلا ڪٿي ٿي؟ ٻڌايائين. ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾. هاڻي هي آئون، جنهن جا حيدرآباد جا سڀ قبرستان ڏٺل ۽ ڀيٽيل، پڇيم، ٽنڊي يوسف وارو قبرستان ته بي ڪنار آهي ۽ حيدرآباد جي قديم آباديءَ جو پراڻي ۾ پراڻو ۽ وڏو قبرستان، جنهن ۾ هزارين نه، پر لکين قبرون آهن. فاني صاحب جي تربت بابت ڪا نشاني ڏيو ته، سڀاڻي اتان ٿي اچان. پوءِ سيل فون تي ڏس پتو ڏيندي ٻڌائڻ لڳا، مقام اندر هي جيڪو سيد صالح شاهه هاشمي جيلانيءَ وارو مشهور مقبرو آهي، اُن جي ڏکڻ ۾، جتي جيوڻي ٻائي ۽ ميراثي موسيقارن جون قبرون آهن، فنائي صاحب انهن جي ئي پيرانديءَ واري پاسي کان آرامي آهن، ته بس، هي ڪالهه واري شام، ساٿ ۾ سنڌي ادبي بورڊ واري مسجد جو پيش امام ۽ دور حاضر جو ماڊرن مولوي حافظ احمد دين انڍڙ مون ساڻ ۽ ٽنڊي يوسف جي بي ڪنار قبرستان اندر، قطار در قطار، فنائي صاحب جي پريوار جون ڪيئي قبرون جن منجهان هڪ تربت ۾، پاڻ به سُپرد خاڪ لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ کرهر خاندان جي ڪيترن ئي فردن جي قبرن وچ ۾ ڀٽڪندي فنائي صاحب جي هن مشهور ڪلام جا ٻول، الائي ڇو هر هنڌ منهنجي چپن تي ايندا رهيا.

تُنهنجي ئي لُطف تي جڳ ۾، ’فنائي‘ پيو تڳي، مالڪَ،

جياريندين ته پيو جيئبو، جي ماريندين مري وڃبو!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۴ نومبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا