; سنڌي شخصيتون: پير عبيد راشدي

30 April, 2022

پير عبيد راشدي

پير عبيد راشدي

لعل بخش جسڪاڻي



پير عبيد راشدي اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ منھنجو يونورسٽيءَ ۾ پيارو شاگرد ٿي رھيو. ذھين، تخليقي سگھ جو مالڪ، قومي سياست ۾ متحرڪ ۽ ادب ۾ اڳڀرو. يونورسٽيءَ جي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان ٽولا ڪري پيو ھلندو ھو. جڏھن ته پڙھائيءَ ۾ به ھوشيار ھو. سال کن کانـپوءِ اسان جو سينٽر ڇڏي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين، پر پنھنجي خانداني روايتن کي قائم رکندي، مون سان استاد ۽ شاگرد جي مضبوط رشتي کي وڌيڪـ سگھارو ڪندي، دوستيءَ جي رشتي جي دائري ۾ رکيو. سندس سئوٽ پروفيسر عباداللھ شاھ راشدي، منھنجو ويجھو ۽ پيارو دوست ماس ڪميونيڪيشن جو چيئرمين ۽ بعد ۾ پنھنجي والد صاحب جي وفات کانـپوءِ پير جھنڊي جا گادي نشين ٿيا. پير جھنڊي جي تمام وڏي لائبريري ۽ قديم مدرسو آھي. جتي امام انقلاب مولانا عبيداللھ سنڌي سالن جا سال درس تدريس ڏني ۽ ننڍي کنڊ جي روشن خيال ۽ قوم پرستيءَ جي سياست کي اڳڀرو ڪري ھمخيال پيدا ڪيا ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنياد رکي فڪري سوچ ڏني.


اڄ منھنجي پياري شاگرد، محترم دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏي ڪھاڻيڪار پير عبيد راشديءَ جو جنم ڏينھن آھي کيس لک لک مبارڪون ان دعا سان گڏ تـ کيس سٺي صحت ۽ وڏي عمر ملي ۽ سنڌ جي ڏکن ۽ سڀاڻي جي خوشحالي ۽ آجپي تي لکندو رھي. سندس ڪھاڻين جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جلدي اچڻ وارو آھي جنھن جو بيمثال تفصيلي ۽ ڪلاسڪ مھاڳ سنڌي نثر جي شھزادي مدد علي سنڌي لکيو آھي. جيڪي اسان جي نئين نسل لاءِ اتساھيندڙ ۽ سنڌي ڪھاڻي جي تاريخي اوسر ۽ پير عبيد جي ڪھاڻيءَ جي فن ڪرافٽ ۽ آرٽسٽڪ ٽيلنٽ ۽ سگهاري تخليق جو اپٽار ڪرڻ جو ڏانءُ فقط مدد علي کي ورثي ۾ مليو آھي. دعائن ۽ نيڪ خواھشن سان گڏ.

 

(لعل بخش جسڪاڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


پير عبيد راشدي

ڪھاڻيون جنهن ۾ رقص ڪن ٿيون

منظور ڪلهوڙو

چون ٿا جديد سنڌي ڪھاڻي هڪ صديءَ جو سفر پورو ڪري ٻي صديءَ ڏانهن وک وڌائي چڪي آهي. يقينن ائين ئي آهي پر سنڌي ڪهاڻي تہ سنڌ جي تاريخ جيان ڪهني ۽ قديم آهي اها وقت، حالتن ۽ تاريخ جي وهڪرن ۽ مختلف دورن ۾ پاڻ کي reshap ڪندي رهي آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ افسانوي ادب لاءِ ”۱۹۱۴“ع جو سال ڀاڳوند ليکيو وڃي ٿو جڏهن ”لعل چند امر ڏني مل“ ”حُر مَکيءَ جا“ ڪهاڻي لکي هئي ۽ پوءِ سنڌي ڪهاڻي سنڌو درياءَ جيان ڪڏهن آبڪلاڻي جي مند وانگر سنڌي ادب کي جل ٿل ڪندي رهي تہ بعضي سوڪهڙي واري وقت مان بہ گذري آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جي آبياري جو وڏو مدو کڙو ٿيو هو پر شيخ اياز، جمال ابڙي، سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري…… جهڙن ڪهاڻيڪارن سنڌي ڪهاڻي کي پنهنجي رت جا ريج ڏئي جڏھن تخليق ڪيو تہ سنڌ جي ڪهاڻي کي امرجليل، علي بابا، آغا سليم، نجم عباسي، نسيم کرل، غلام نبي مغل، شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، مدد علي سنڌي، ماڻڪ، نورالهديٰ شاھ …… جهڙا ڪھاڻيڪار پلئہ پيا. جديد سنڌي ڪھاڻي جي ان سفر کي محمد صديق منڱيو، طارق قريشي، ضراب حيدر، انور شيخ، اصغر گگو ۽ پير عبيد راشدي جهڙا ڪهاڻيڪار جاري رکيون پيا اچن.

ڪهاڻي لکڻ ھڪ گورَک ڌنڌو آهي ان گورَک اسٽوري رائيٽنگ بزنس ۾ پلاٽ، منظرنگاري، ڪردارسازي، مڪالمن ۽ ڪلائيميڪس ……، جي ٽيڪنڪس سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار جي ذاتي آبزرويشن، سينس آف هيومر، وسيع مطالعو، سياسي، سماجي حالتن جو تز تجزيو، مختصر ۽ جامع لکڻي تي دسترس جهڙين ٻين لاتعداد هنرمندين جي اشد ضرورت رهي ٿي. جيڪڏھن اهڙن لوازمات کان ڪا ڪهاڻي محروم رهي تہ اها ڪهاڻي رونڊي، منڊي، انڌي ۽ ٻٽ ٻسي ڪهاڻي جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿي. ڪهاڻي لکڻ ”فل ٽائيم جاب“ آهي پر اسان وقتي طور ڪهاڻي لکندا آهيون. ان ڪري ان عظيم هنرمنديءَ کان آهستي آهستي محروم ٿيندا ويندا آهيون. ڪھاڻي تخليق ڪرڻ رڳو محنت طب ڪم نہ آهي پر ڪهاڻي سرجڻ مها مشقت وارو پورهيو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار اهو مها مشقت وارو پيار جو پورهيو انتهائي سچائي سان ڪهاڻي جي روح مطابق ڪري ويو تہ اهو ڪڏھن بہ ڪهاڻي جي افق تان فنا ٿي نہ ٿو سگهي پر اها ماسٽر پيس ڪھاڻي جناب جمال ابڙي جي ماسٽر پيس ڪهاڻي ”پيراڻي“ جيان ان ڪهاڻيڪار کي ادب ۽ ڪهاڻي جي تاريخ ۾ هميشہ امر ڪري ڇڏي ٿي.

پير عبيد راشدي جديد سنڌي ڪهاڻي سرجڻ وارو مها مشقت وارو پيار جو پورهيو وڏي عرصي کان ڪندو پيو اچي. پير عبيد راشدي جي عهد ۾ ڪيترائي ناميارا ڪهاڻيڪار شامل رهيا آهن جن جديد سنڌ ڪھاڻي جي مک تي پنهنجي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي. ان عهد ۽ ان مڃيل ڪهاڻيڪارن جي قافلي ۾ پنهنجو وجود برقرار رکڻ، مڃرائڻ ۽ ثابت قدم ٿي هلڻ پير عبيد راشدي جي مڃتا جو ثبوت آهي نہ تہ ان عهد ۽ ايترن سارن ڪامياب ڪهاڻيڪارن جي هوندي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۽ برقرار رکڻ ڪنهن يُڌ کان گهٽ نہ آهي.

پير عبيد راشدي اهو ان ڪري ممڪن بڻائي سگهيو تہ سندس ڪھاڻيون موضوعن، گهاڙيٽي ۽ اڻت جي لحاظ کان منفرد حيثيت جون حامل رهيون آهن. هو هڪ ڪامياب ڪاريگر جيان پنهنجي ڪهاڻين جي اڻت ڪندو رهيو آهي. سنڌي ڪهاڻي کي پير عبيد راشدي ٻہ مجموعا ڏئي چڪو آهي. هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۲۰۰۷ع ۾ ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون“ شايع ٿيو هو. جڏهن تہ سندس ٻيو مجموعو هن سال ۲۰۲۲ع ۾ ”ستاويھ ڊسمبر“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي جنهن ۾ ٽوٽل مختصر ۽ طويل ۳۸ ڪھاڻيون شامل آهن. ستاويھ ڊسمبر جي عنوان سان لکيل ڪهاڻي ان مجموعي جي ٽائيٽل ڪهاڻي طور ڏنل آهي.

سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پير عبيد راشدي پنهنجي اسلوب ۾ تہ هڪ نرالو ڪهاڻيڪار آهي ئي آهي پر پنهنجي ڪهاڻين ۾ منظر نگاري ۽ مڪالمن تي وڌيڪ فوڪس ڪندڙ هي ڪهاڻيڪار ان حوالي سان بہ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.

ستاويھ ڊسمبر سنڌ، ڏکڻ ايشا ۽ دنيا جهان کان هڪ نہ وسرندڙ ڏکاري ڏينهن طور هميشہ ياد رکيو ويندو. بينظير ڀٽو جي شھادت جو ڏک، غم ۽ ڪرب ڪروڙين سنڌين جيان پير عبيد راشدي کي عمر ڀر لاءِ وڪوڙي وٺي ٿو. پنهنجي جوهر ۾ هڪ سچو پڪو مضبوط، مستحڪم ۽ ثابت قدم رهندڙ قوم پرست، هڪ حساس ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار جي حثيت ۾ هو ستاويھ ڊسمبر جي عنوان سان ۽ ان اسڪول آف ٿاٽ سان هميشہ سخت اختلاف رکندڙ ۽ ان خلاف جدوجهد ۾ شامل رهندڙ پير عبيد راشدي ڪھاڻي رقم ڪري ٿو.

جنهن بہ پير عبيد راشدي جون ڪهاڻيون پڙهيون هونديون ان کي پير عبيد راشدي جي اندر ۾ سنڌ يونيورسٽي لطيف سائين جي لفظن ۾،

”اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري. “

واسو ڪري ويٺل نظر ايندي. ستاويھ ڊسمبر جي عنوان سان تخليق ڪيل ڪهاڻي ۾ هو سنڌ يونيورسٽي / هاسلٽز جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ” جڏهن شاگرد مستي ۽ هستي ۾ هوندا آهن تہ هاسٽلون مرڪنديون سُر سارنگ ۽ سُر ليلا چنيسر بڻيل هو نديون آهن. پر جي هاسٽلر اداس، وياڪل تہ هاسٽلن لاءِ مرڪڻ مهڻو ۽ مٿن سُر ڪيڏاري جي ڪاري چادر ڇانيل هوندي آهي. “

”ڄامشورو سنڌ جو روڊ ميپ آهي. سنڌ ڪيڏارو بڻيل آهي. هر ماڳ مڪان ميدان جنگ آهي. هر دور ۾ ڄام شوري مان سياسي جاڳرتا ڦٽي آهي. “

”سنڌ ۾ پاڻي جون ڍنڍون هزارين هونديون پر شهيدن جي خونن جون ڍنڍون ۽ ماڳ تہ قدم قدم تي هر دور ارغونن ۽ ترخانن جو ورجاءُ. پر شهيدن جي ماڳ مڪانن کي ڪو بہ مٽي نہ سگهندو. هر ڏينهن رات شهادتن جو نئون باب کلندو ٿو وڃي. “

”ڪن حالتن ۾ فرد جو عمل قومي سڃاڻپ ٿي ويندو آهي. “

”لاڙڪاڻي واسين کي اهو سنيهو ڏينداسين تہ ”پنڊيءَ“ ڏانهن هٿ پير ڊگها ڪرڻ ڇڏي ڏيو اتان سدائين لاش مليا آهن. “ نہ چاهيندي بہ جاني پٽ کي وراڻيم.

 ڪهاڻي جي پڄاڻي وارو اهو ڊو معنيٰ ڊائلاگ پير عبيد راشدي جو ڄڻ سنڌي ماڻھن لاءِ آئيندي جو روڊ ميپ بيان ڪري ڇڏي ٿو.

”ائٽ! اڃان مان ننڍڙي آهيان“ ڪهاڻي تہ پاڻ پڙهجو پر هن منظر نگاري کي تہ محسوس ڪري ڏسو جيڪا پير عبيد راشدي جهڙي ڪهاڻيڪار جو خاصو آهي،

”هن جي من ۾ گلاب ۽ رات جي راڻي ڪا ياد هٻڪاري وئي. کڙکٻيتن ۽ ستارن جي ٽم ٽم روشنيءَ ۾ ڪنهن رستي ڏانهن کڻي ويس. هن سوچيو لاحدَ ۾ مکڙيون گلاب، رات راڻي ٿي بہ وڃن پر شايد ڪي گل ڪنهن جي ڪرئيءَ، ڳلي جو سينگار ٿيڻ کان پهرين ڇڻيو وڃن. آئون ڪنهن جي هٿن جي، زلفن جو ڇڻيل گلاب ڇڻي تہ پيس پر ڪاش سندس قدمن ۾. غلام مصطفيٰ جي وارن ۾ چاندني نہ رڳو وارن ۾ هيس پر ڪنهن پنڌ جي چاندني روح ۾ ازل کان ڄڻ ارواح خلقڻ جي وقت کان گڏ هيس. “

”اوچتو مينهن ڪڻيون وسڻ لڳيون تہ هو برھ جي بوند ٿي پيا. “

”گهر، بنگلي، تعليمي ادارن جا در دريون ۽ روشن دانن مان زمانن جون هوائون لهنديون آهن. هر دور جو پنهنجو رومانس، نہ ڄاڻ ڪنهن ڪنهن سان انهن درين تي بيهي اورڻ اهو ئي ڪيو هوندو. هوند چوڪن تاڪن ۡ انهن جي رنگين شيشن کي زبان ٿئي تہ ڪيترائي راز گهٽين جا هوڪا ٿي پون. “

”جمني شو، شا“ ڪهاڻي جا ڪردار اجهو هن ريت ٿا ڳالهائين،

“هڪ رات ننڊ ڦٽم هڪ جو لاش لمس جي روڊ تي پروڻ ٿيل هو، ٻيو ڄامشوري پُل تي ويو، پُل ڊگهي ٿي پئي ۽ سندس زندگي کٽي پئي!“

“تون تہ ڳوٺ جي خاموش پراڻي ديوار آهين. مٽيءَ جون ديوارون ڏاڍيون سهپ واريون ٿينديون آهن. زماني جون سرد گرم هوائون سهندي بہ نہ ڪرنديون آهن، پوءِ ڪنهن بارش ۾ خاموشيءَ سان ڊهي پونديون آهن. تو پنهنجا احساس اڌما وقت جي ديوارن تي بوگن بيلا جيان لاڙي ڇڏيا آهن. “

”تڏھن ريتن رسمن جو احساس هو ۽ هاڻ ائين ٿو لڳي تہ رسمون تہ آهن ائين جيئن ٻاهر ولھ ۾ پيل ٿانون تي وسيل ماڪ ڦڙا. “

”جاڳ جا سپنا وجود جي روشن دان تي لٿل هئس. ڳوٺ ۾ بہ ننڊ

ائين وھ ٿيندي هئس تہ بيڊ ڇڏي هيٺ ڪارپيٽ تي پراڻي گدي تي ديوار منهن ۾ وجهندو هو ۽ پوءِ پريان نيشنل هاءِ وي تان گاڏين جون بتيون ديوار تي سينگاريل فريمن تي پونديون هيون ۽ ننڊ جاڳ جي گمنام شهرن جي گهٽين ۾ اوپرن جهانن ۾ گم ٿي ويندو هو. “

”پر سر! ڪڏھن ڪڏهن رات ۾ هڪ صديءَ جهڙي خواب جي Revision ڇو ٿيندي آهي.

”آڌيءَ جو ڄامشوري جي ستارن کي ڏسڻ لڳو. ستارا سنڌ جي ستايل ماڻھن وانگر پريشان ٿڪيل محسوس ٿيا. ستارا کيس لمس جي ڪنهن اهڙي شاگرد جي رولاڪيءَ جهڙا لڳا جو عمر گذارڻ کان پوءِ بہ ڄامشوري جي موسمن کي وساري نہ سگهندو آهي. “

”زندگي ڪنهن پهر ۾ آسمان، ستارا واقعي ڏاڪڻ ٿي پوندا آهن. مومل جي ماڙي ٿي پوندا آهن. جڏهن احساسن تي جذبي جي ماڪ وسندي آهي تہ وجود ماڪ ڀنل گلاب ٿي پوندو آهي. “

پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس پير عبيد راشدي هنن سٽن سان ٿو ڪري،

”اسٽڊي ٽيبل تي انساني ڍانچي جا هڏا شاپر ۾ رکيل هئا ۽ هن چيو انسان، جانور ۽ پکي پکڻ روح سان هوندا آهن پر جذبي ۽ موھ سواءِ زندگي هڏن جو پڃرو. “

ڪاش! ڪو هارون رند، محمد بخش سميجي جهڙو پروڊيوسر/ ڊائريڪٽر هجي ها يا فاروق رند جهڙو ذهين ڪامياب ڊائريڪٽر ۽ اهو پير عبيد راشدي جي ڪهاڻي ”وڻجارا اڏري ويا“ پڙهي ها تہ پير عبيد کان هن ڪهاڻي کي ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪرائي ڊرامي ٺاهڻ کان وسان نہ گهٽائين. سنڌي ڪهاڻي ۾ وڻجارا اڏري ويا جهڙين ڪھاڻين جي ضرورت آهي. سنڌ جون موجودھ سياسي حالتون اهڙين ڪهاڻيڻ ٿخليق ڪرڻ جون گهرجائو آهن. پير عبيد جي هيءَ علامتي ڪهاڻي ور ور ڪري پڙهڻ جهڙي آهي تہ ڪيئن مهٽا پئلس ۾ رکيل هرچند وشنداس ۽ جمشيد نسروانجي جي رکيل مورتين ۾ اوچتو بيچيني ۽ اڻ تڻ وڌي وڃي ٿي ۽ پير عبيد ڪيئن ڪمال ذهانت سان انهن کان ڳالهرايو آهي،

”هنن جي اندر ۾ سامونڊي هوائون لوڻ ٻرڪڻ لڳيون. “

”سچائيءَ سان تاريخ لکڻ وارن کي اڪثر کنڀيو ويندو آهي. ڪٿي رستا نہ کٽي پونس، عزرائيل کان اڳ عزرائيل جا مائٽ کنڀي نہ ويا هجنس. “

اڄ بہ ستر ڪلفٽن، ٽوڙيءَ جي ماڳ تان ٺريل هوائون سرد هوندي بہ گرم محسوس ٿينديون آهن. “

”پنهنجا نڪ، ڌڙ ۽ سسيون لاهڻ جي تاريخ تہ پراڻي آهي پر ڪالهوڻو ڪالھ ڀرين بازار ۾ پنهنجن جا ڪوس ۽ ڇاتيون لاٿيون ويون ۽ انهن جو خون اڃان سُڪو ئي ناهي، ڪو درمان نہ ٿيو. اسپتالن جي سرد خانن ۾ سندن ماتمي ڪهاڻيون ڳري، ٺري نہ سگهنديون. ”

”جمشيد نسروانجي هٿ ٻانهن ڊگهي ڪئي، هُن جي ٻانهن ڄڻ احتجاجي پلي ڪارڊ جو اُڀ ماڙ تان نسل پرستن جو لغڙ ڪاٽا ڪرڻ ٿي چاهيو. “

”اسان ازل کان باندي، اسان جا نڪ، ٻانهون سسي نيزي پاند! ڇو ڇالاءِ؟“

”اسان تاريخ جي ڳولا ۾ آهيون. “

اسانجا نڪ اکيون نڪتل ۽ هٿ باندي آهن. “

پير عبيد جهڙي ڪهاڻي لکي آهي ان جو ڪلائيميڪس بہ اهڙو شاندار تخليق ڪيو اٿائين،

”هُن جي رڙ چوڏس پڙاڏو ڪري Icon Tower سان ٽڪرائجي موٽي آئي.

وڻجارا کنڀجي ويا!

مورتين جو پراسرا آواز هوائن سان وڃي مليو. “

پير عبيد راشدي جنهن ۾ ڪهاڻيون رقي ڪن ٿيون ان جي هن مجموعي ۾، پڙهن ڪين قلوب سان، چوڌريءَ جو ڪوٽ، مٽي جا ماڻهو مٽي جا ٿانوءَ، گم ٿيل ماڻهپو، سڏ وراڪو، ڪيچ مڪران کي ڪارونجهر جي ميار، اگهو انقلاب سميت پڙهڻ جهڙيون ڪهاڻيون شامل آهن.

 

(پير عبيد راشديءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا