; سنڌي شخصيتون: پروفيسر محمد اڪرم انصاري - مختيار احمد ملاح

29 April, 2022

پروفيسر محمد اڪرم انصاري - مختيار احمد ملاح

پروفيسر محمد اڪرم انصاري

لطيفيات جو ماهر

مختيار احمد ملاح



شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ جو جنم پهرين جنوري ۱۹۲۵ع تي عبدالخالق انصاريءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ۱۹۴۸ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۵۰ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۵۸ع ۾ ڊگري ڪاليج دادوءَ جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبه انگريزي جو چيئرمين به رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان ۱۹۸۴ع ۾ رٽائر ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو.


انصاري صاحب انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ ادب جو وڏو عالم هو. پروفيسر صاحب انگريزي ادب جو به ڄاڻو ۽ ماهر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي جي جرنل “ايريل” ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ ۾ پيغام تي هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا. ان سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب ۽ پيپر اهم آهن:

1. LATIF AND THE MODERN WORLD”, 1970

2. SYMBOLISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF, 1983

3. LATIF`S PHILOSOPHY OF INTEGRATION AS EXPRESSED IN YAMAN KALYAN

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪافي بيتن جو انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو. سنڌي ۾ سندس ’سُر کنڀات ۽ قرآني تعليم‘،فلسفي جي ڪهاڻي (ترجمو) اهم ڪتاب آهنپروفيسر اڪرم انصاري، ول ڊيورانٽ جي ڪتاب The Story of Philosophy جو “ فلسفي جي ڪهاڻي” ڪيو هو، هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ ترجمو ٿيو هو، پر شايع ۲۰۰۷ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ٿيو. هيءُ ڪتاب “فلسفي جي ڪهاڻي” سوا ٻن هزارن سالن جي دنيا جي بهترين ۽ ڀلارن انسانن جي ذهني مهي ولوڙ جي آکاڻي آهي. هن قصي کي وِل ڊيورانٽ تمام دلچسپ ۽ مزيدار انداز ۾ جنهن سليقي ۽ طريقي سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو. سندس انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ لکيل مواد ٽڙيل پکڙيل پيو آهي، جنهن کي سندس اولاد يا شاگردن مان ڪنهن کي سهيڙڻ گهرجي ته سٺو مواد گڏ ٿي پوندو.

پروفيسر اڪرم انصاري صاحب ۳۱ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي وفات ڪئي. سنڌ الاجي ڄامشورو ۾ محمد اڪرم انصاري ڪارنر به سندس خدمتن جي مڃتا طور قائم آهي.

 

(سنڌ ھسٽاريڪل ۽ لٽريسي سوسائٽيءَ جي فيسبڪ پيج تان ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا