; سنڌي شخصيتون: محمد خان دائودپوٽو- خادم گھراڻو

30 April, 2022

محمد خان دائودپوٽو- خادم گھراڻو

محمد خان دائودپوٽو

نصرپورين جي ٽن پيڙهين جو استاد عربي ۾ ايم ڪندڙ

خادم گھراڻو



ڪي ڪي ماڻهو انمول هوندا آهن. اهي اسان جي نظرن ۾ ڪوهنور هيري کان به مٿي هوندا آهن، جن جي هر وقت ياد دل ۾ رهندي آهي. انهن جي ڪيل ڪمن جي يادگاري به هر پل ياد ايندي آهي. جن جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. حق ۽ سچ چوڻ وارا هوندا آهن ڪنهن کان ڪونه ڊڄندا آهن. جيڪو حق هوندو هو اهو منهن تي چئي ڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن مان نصرپور جو هڪ هائي اسڪول جو استاد به هو. جنهن جو والد صاحب مسڪين ڪوري هوندو هو. جنهن جو نالو حاجي خان دائودپوٽو هو. هن پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي جو سندن اولاد جو نالو اڄ به هر زبان تي آهي.


هن جا پٽ محمد خان دائودپوٽو، عبدالسبحان دائودپوٽو، خليل الرحمان دائودپوٽو، دين محمد دائودپوٽو هئا. عبدالسبحان قرآن شريف جو حافظ هو ٽنڊو الهيار ۾ رهندو هو چڻا وڪڻي حلال جي روزي ڪمائي گذر سفر ڪندو هو. خليل الرحمان دائودپوٽو جنهن تي اڳ ڪالم لکجي چڪو هو. اهو استاد کان ترقي ڪندو ڊپٽي سيڪريٽري جي پوسٽ تي پهتو. شاهه جو پارکو هو قرآن شريف جو ترجمو ڄاڻندو هو هڪ سٺو ليکڪ ۽ سماجي ورڪر به هو دين محمد دائودپوٽو پرائمري استاد کان ترقي ڪندو گورنمينٽ هائي اسڪول خير محمد جروار هو هيڊ ماستر ٿيو. دين محمد دائودپوٽو به استاد، سماجي ورڪر، ليکڪ هو. عمر جا سٺ سال پورا ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿيو.

محمد خان دائودپوٽو جيڪو نصرپور جي ٻن يا ٽن پيڙهين جو استاد رهيو. جنهن وٽ علم جو خزانو هوندو هو. سندن جنم مصري شاهه جي نگري ۾ ۱۱ مئي ۱۹۳۶ع تي ٿيو. پرائمري تعليم مين سنڌي اسڪول نصرپور مان حاصل ڪئي جيڪو هڪ قديم اسڪول آهي ان جو بنياد ۱۸۵۸ع ۾ پيو. مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاءِ اسڪول حيدر آباد مان پاس ڪيو. ٽي ڊي ۱۹۶۰ع سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان حاصل ڪئي بي ٽي ۽ بي ايڊ به ۱۹۶۵ ع سنڌ يونيورسٽي حاصل ڪئي ايم اي عربي ۱۹۶۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي پاڻ ايم اي عربي جا واحد انسان هئا جن ماسٽر عربي ۾ ڪئي ايم ايڊ ۱۹۷۰ ع ۾ سنڌ يونورسٽي مان ڪئي. پاڻ ڪڏهن استاد ٿيا ان جي تاريخ معلوم ٿي نه سگھي پاڻ عمر جا سٺ سال پورا ڪري ۱۹۹۶ع ۾ رٽائر ٿيا. سائين جن عربي اسلاميات انگريزي رياضي تي عبور رکندا هئا. پاڻ سدائين ڏهين درجي جا ڪلاس ٽيچر رهيا. منهنجو به سائين استاد هو. سائين جن انگريزي رياضي ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽ وٺندا هئا سائين جن پيار ڪندڙ ۽ شفيق انسان هوندا هئا. جيڪڏهن ڪا ڳالهه هوندي هئي ته ڀلي ڪيڏو به امير هجي وڏي پهچ وارو هجي آفيسر هجي ان کي منهن تي چئي ڏيندا هئا. سائين جن صبح جو گھران نڪرندا هئا، رات جو ويندا هئا. ماني به اسڪول ۾ گھرائي کائيندا هئا. پاڻ ڪچهري جا مور هوندا هئا. اسڪول کان پوءِ پنهنجي ساٿين سان ڪچهري ڪندا هئا. انهن سان شطرنج راند رهندا هئا. پاڻ شطرنج جا شوقين هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو به مسئلو اسڪول جو ذاتي زندگي جو هجي وٽن صلاح مصلحت لاءِ وڃبو هو ته هڪ پياري استاد ۽ شفيق والد وانگر سمجھائيندا هئا.

سائين جن سماجي تنظيمن ۾ به رهي ڪم ڪيو پاڻ مشهور سماجي تنظيم حزب الانصار ۾ به هوندا هئا جنهن جو نصرپور ۾ بنياد مرحوم محمد صادق ميمڻ رکيو هو. والي بال نصرپور ۾ ڪنهن وقت مشهور راند هوندي هئي جيڪا مين بس اسٽاپ وٽ کيڏي ويندي هئي جتي هن وقت عمران مارڪيٽ سينٽر آهي هائي اسڪول نصرپور جي سامهون ان راند کي وڌائڻ لاءِ هڪ تنظيم هوندي جنهن جا پاڻ جنرل سيڪريٽري هوندا هئا پبلڪ سوسائيٽي نصرپور جا وائيس پريذيڊنٽ هوندا هئا جنهن جي جي پليٽ فارم تان تعليم کي وڌائڻ جو ڪم ڪندا هئا ان وقت هائي اسڪول ۾ شاگردن کان ماهوار في ورتي ويندي هئي اها غريب يتيم شاگردن جي معاف ڪرائيندا هئا. اها في سوسائيٽي ڀريندي هئي غريبن کي ڪتاب به ڏنا ويندا هئا نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحاني به شاگردن جي معاف ڪرائيندا هئا جيڪا سوسائيٽي ڀريندي هئي کين پنج نياڻيون هيون جن کي پرائمري تائين تعليم ڏياري.

کين چار پٽ آهن؛ هڪ پٽ عبدالولي ڊرائنگ ٽيچر آهي. هڪ حاجي خان عرف پرويز آئي هاسپيٽل ڄامشورو ۾ آهي هڪ پٽ او اِي آءِ بي اپر ڊويزن ۾ ڪلرڪ آهي سندن هڪ فرزند بيچلر ۽ هڪ ماسٽر آهي. سندن هڪ فرزند محمد اعظم جيڪو پهرين پرائمري استاد هو هن وقت ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالهيار ۾ ليڪچرر آهي محمد اعظم جنهن جو تخلص ملهار آهي اهو سٺو ليکڪ آهي ڪاليج طرفان نڪرندڙ رسالي وتايو جو سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر آهي. سندن جنم ۷ جولائي ۱۹۶۸ع تي نصرپور ۾ ٿيو. پاڻ سماجي ورڪر به آهن. کل مک ماڻهو آهن غريبن جي مدد ڪندا رهندا آهن سندن تحريرون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون پاڻ سدائين خوش طبيعت آهن سندن چهري تي ڪاوڙ نه ڏٺي. ان ٻڌايو ته بابا سائين کي فوجي ٿيڻ جو شوق هو پر جسماني معذوري سبب اهو شوق پورو ٿي نه سگھيو. محمد اعظم ٻڌايو ته بابا جا جمال ابڙو، امر جليل، ابراهيم جويو، محمود مغل پسند جا ليکڪ هئا شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، نثار حسيني، ابراهيم منشي، حاجي سعدالله سپاهي ابڙو پسند جا شاعر هئا سندن پسند جون رانديون شطرنج، والي بال، فوٽ بال هيون، پاڻ جڏهن استاد ٿيا ته چمبڙ، سلطان آباد ۽ نصرپور ۾ علم جا گل نڇاور ڪيا اڄ به سندن شاگرد کيس ياد ڪن ٿا سندن ياد ۾ هڪ پروگرام ميمڻ محلا اسڪول نصرپور ۾ رکيو ويو جنهن ۾ اهڙا ماڻهو شريڪ ٿيا جيڪي اسان نه ڏٺا اهي چوندا هئا ته اسان سائين جا شاگرد آهيون (هن مضمون جي باري ۾ به سائين جي هڪ شاگرد سيف الله جروار چيو هو جنهن کي مون چيو هو ته مواد هٿ ڪريان پيو جلد لکندس) سائين جن پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي ڀائرن جي تربيت ڪئي خليل الرحمان ۽ دين محمد جي استاد به رهيا ليکڪ به آهن اها سندن تربيت هئي جو اڄ سڀئي هنن ڀائرن کي ياد ڪري رهيا آهن. سائين دين محمد جي هن وقت طبيعت ٺيڪ نه آهي. جنهن ڪري گھٽ ملندا آهن سائين خليل الرحمان جن وفات ڪري ويا آهن.

سائين محمد خان جن اسان سڀني کي اڪيلو ڪري ويا. سندن وفات ۶۸ سالن جي عمر ۾ ۱۳ جنوري ۲۰۰۳ ع تي اسرا اسپتال ۾ ٿي هئي. منهنجي ۽ سائين اياز عالم جي جي اها خوش نصيبي آهي ته جڏهن سندن نياڻي (ناٺي) حافظ محمد اسلم کين غسل ڏنو هو. ان وقت اسان ان سان گڏ هئاسين. سائين جن کي مشهور قبرستان جيئي شاهه عرف احمد شاهه غوري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندن جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

سائين جن رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي دوستن وٽ ويندا هئا. پاڻ پنهنجي گھران نڪري منهنجي گھر جي ڀر ۾ هڪ ٿلهي تي ويهندا هئا اتي سندن شاگرد ايندا هئا انهن سان ڪچهري ڪندا هئا انهن سان سوال ڪندا هئا انهن کي ڄاڻ ڏيندا هئا. مون سان ادب جي باري ۾ ڪچهري ڪندا هئا مون کي چوندا هئا ته توهان جو ڪالم روزاني مهراڻ ۾ گونگي جا گفتا آئون پڙهندو آهيان ان کي بند نه ڪجو محنت ڪري لکندا رهو. ٻارن کي علم جي سونهن سوڀيا سان سينگاريو ڪڏهن به ڊيوٽي تان نه گسائجو اها پنهنجي روزي آهي. اڄ سائين جن اسان ۾ نه آهن پر سائين جون يادون آهن. اڄ به هائي اسڪول نصرپور ۾ جيڪو گل پاڻ لڳايو هو هن جي اسان سڳنڌ سونگھي رهيا آهيون اسان کي اهي جڳهيون ياد اچن ٿيون جتي ويهي سائين جن دوستن سان گڏ شطرنج راند رهندا هئا. سائين جن جڏهن گھر ايندا هئا ته کين سندن ڪونه ڪو شاگرد کڻي ايندو هو سائين جن جعفر هوٽل واري جي سدائين اسپيشل چانهه پيئندا هئا. سائين جن جا جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.اسان جي دعا آهي سائين جن کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا ڪري پاڻ جيڪي اسان کي نصيحتون ڪري ويا آهن انهن تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا