جي ايم لاڙڪ
جنهن سان سنڌ جي شعور جي
دل جون تارون ڳنڍيل آهن
زاهد علي ڀٽو
اسان جي سماجي ڍانچي
جي جوڙجڪ اهڙي ٺهيل آهي اهڙا رويا پروان چڙهيل آهن جواشراف، عزت واري کي ڪمزور
تصور ڪيو وڃي ٿو۔اهڙي نامناسب سماجي جوڙجڪ جيڪري هتي حساس ۽ اشراف ماڻهو وڌيڪ ڀوڳي
ٿو۔
عام ماڻهو جي نسبت
حساس ماڻهو کي ڏک تڪليفون وڌيڪ اينديون آهن۔
اھڙي طرح اسانجو
حساس دوست غلام مجتبٰي لاڙڪ جنهنکي علم، ادب سان واسطو رکندڙ جي ايم لاڙڪ جي نالي
سان سڃاڻين ٿا۔جي ايم لاڙڪ ڪيترن سالن کان ٿيليسيميا جهڙي موذي مرض سان زندگي جي
جنگ کٽڻ لاءِ مهاڏواٽڪائي رهيوآهي کيس پاڻ کان وڌيڪ سندس صغير پٽ عادل جي ڳڻتي جو ڳاراڻو
ڏئي ڇڏيو آهي ڇوته عادل به ساڳي ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهي. ٻنهي پيء پٽن کي هر
مهيني جيئدان طور رت جي ضرورت پوندي آهي۔
اها جي ايم جي همت
۽ حوصلو ئي آهي ته هو ايڏين تڪليفن باوجود نجي زندگي ڪيئن پيو گذاري ۽ سنڌي ادب جي
جهول ۾ نثري نظمن جي صورت شاهڪار تخليقون سرجي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي۔
سندس نثري نظم ڪڏهن
ڪڏهن ڇرڪائي وجهندا آهن جنهن ۾ محبوب جي ماڻن، رُس رُسامن واري پيار جي پچار کانسواء
سندس دردن جو داستان به ڏاڍو آرٽسٽڪ انداز سان بيان ٿيل هوندو آهي.
تازو ڏيڍ مهينو اڳ سندس والد محترم جي لاڏاڻي
بعد مٿس والد جي شفقت، ساٿ واري ڇپرڇانوء به ختم ٿي وئي آهي۔
ان باوجود پنهنجا
درد لڪائي زماني سان هلڻ زندگي گذارڻ جو ڏانء ڪو جي ايم کان سکي!
جي ايم اسان دوستن لاءِ
اتساھ جي علامت آهي.
سندس همت حوصلي کان
مون سميت ڪيترائي دوست متاثر آهن۔هو متان اندران وکريل هجي پر ٻاهران جبل جيڏا
مظبوط حوصلا رکي ٿو۔ايئن جيئن سجاول واسي ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه جسماني طور بيمار
آهي پر سندس همت حوصلاپست ناهن ٿيا ڊاڪٽر سلم آزاد خواجه به همت حوصلي جو اهڃاڻ
آهي ته جي ايم لاڙڪ به اتساھ جي علامت بڻيل آهي۔ هو اهو هنر بخوبي ڄاڻي ٿو ته ڀل
رستن تي رڪاوٽون هجن، ڪنڊا وڇايل هجن پر منزل تي پهچڻ لاءِ پنڌ جاري رکبو پير پوئتي
هرگز نه ڪبا۔
اڪثر طور ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ ايندو آهي ته جزباتيء ماڻهو
طبيعت ۾ تکو ته ضرور هوندو آھي پر من جو ميرو ناهي هوندو ڇو ته سندس من کيرجهڙو اجرو
هوندو آھي
بالڪل ان چوڻيء
موجب اسانجي ادبيء سٿ جو سينئرساٿيء پيارو دوست غلام مجتبي لاڙڪ پورو اچي ٿو۔ جنهن
کي سڄي سنڌ ادبي حوالي سان ڪشمور کان ڪراچيء تائين، آمري کان اوٻاوڙي تائين ادبي
پورهئي ۽ سرگرمين سبب جي ايم لاڙڪ طور سڃاڻي ٿي۔
تازو عالمي وبا ڪورونا
وقت لاڪڊائون ۾ جڏهن سڄي دنيا پاڻ مرادو قيد هئي انوقت هن دوست ادبي حوالي سان
سرگرميون آن لائين شروع ڪيون۔ جن ۾ ناليوارين مختلف ادبي شخصيتن جا انٽرويوز، مختلف
ادبي سکيا جا سيشنز، مشاعرا شروع ڪري ڪورونا جي قيد کان ذهني طور ڇوٽڪارو ڏياريو۔۽
ذهن جون بند دريون کولي تازگي بخشي.
جنهن جو کيس ڪريڊٽ
نه ڏيڻ ساڻس ناانصافي ٿيندي۔
سماج جي ستم ظريفين
جو شڪار رهڻ باوجود مُک تي مايوسيء بدران سدائين مُرڪ سجائي هلندو آھي، پر ڪڏهن ڪڏهن
سندس لهجي مان سماج جي ستم ظريفين جو اثر سمنڊ جي ڇوليون جيان ڇلڪندي نظر ايندو
آھي۔
پنهنجي هم خيال
حلقي جي موجودگيء ۾ سندس ڀوڳ چرچا ڏسڻ وٽان هوندا آھن ۽ ٽهڪڙن جي گونج فضائن۾
گونجندي رهندي آھي.
”دل جي وال
تان“ نالي دل جهڙي هن دلبر جو نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي۔
رب ٻاجهاري در دعا
آھي ته دوستن دلبرن جي ٽھڪڙن جي گونج ايئن ئي فضائن ۾ گونجندي رهي.
يارھين مارچ تي
سندس جنم ڏينهن آھي کيس ان خوشين ڀرئي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏجن ٿيون۔
۽ تندرستيء واريء ڊگهيء ڄمار ۽ ڪاميابين جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ڀيٽ ڪجن ٿيون
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور
سنڌ ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۲ع، جمعي تي ڇپيل)
جي ايم لاڙڪ
درد ۽ رومانس جو شاعر!
اياز لطيف دايو
هي اڄوڪو دور جنهن
مان اسان گذري رهيا آهيون، انهيءَ کي جل پچ، ساڙ، حسد، اڻ سَهپ، انا ۽ اجائي آڪڙ
جو دور سڏيون ته بيجا نه ٿيندو. اسان جي سنڌي سماج جا ويليوز الائي ڪهڙي رُخ ڏانهن
وڃي رهيا آهن. سماج جي هر شعبي جيان اسان جي ادبي، علمي ۽ سماجي شعبي ۾ به نفرتون ڪاهي
پيون آهن، ڪو ڪنهن جو نالو ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي، ڪو ڪنهن کي اُتساهه ڏيڻ جي عمل
کي ميرين نگاهن سان ڏسي رهيو آهي. وڏي ڳالهه اِها آهي ته جيڪي اسان جي سماج ۾
اجتماعي احساسن جا جذبا هئا، اُنهن کي به زنگ لڳي ويو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي
ته اسان ڪنهن نازي دور جي نفرتن واري فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. اهڙي ماحول ۾ ڪي
فرد وري اهڙا به آهن، جن وٽ امن، انسانيت، آجپي، رواداري ۽ مُحبتن جي هڪ الڳ ٿيوري
آهي، اُها ٿيوري جيڪا سارتر جي وجوديت واري فلسفي ۾ جرڪي رهي آهي، جنهن چيو هو ته
فرد جي صلاحيت جو تعين سندس وجود جي اظهار کانپوءِ ممڪن آهي. انهيءَ نظريي تحت ئي
فرد جي آزادي واري عمل کي اهميت ملي هئي ۽ اسان جي ديس جو هڪ اهڙو ئي شاعر، ساڃهه
وند ۽ مثبت سوچ جو مجسمو جي ايم لاڙڪ به آهي، جنهن سَڀ کان اڳ ۾ پنهنجي انفرادي
وجود کي تسليم ڪرايو آهي، ٻيو وري هُن پنهنجي انفرادي آزادي کي به مَڃايو آهي،
جنهن تحت هُن اُنهن سڀني رسمن سان بغاوت ڪئي آهي، جيڪي فرد جي آزادي جي راهه ۾ رڪاوٽ
بڻيل آهن. اهڙي سوچ جي سُهڻي شاعر جي ايم لاڙڪ جي پهرين شاعري جي ڪتاب “دل جي وال
تان” جي شايع ٿيڻ تي کيس دل جي گهرائين سان مُبارڪون پيش ٿي رهيون آهن. جي ايم لاڙڪ
همتن جو هماليه جبل آهي، جنهن دردن سان وڏي ويڙهاند ڪري هڪ اهڙي سوڀ حاصل ڪئي آهي،
جيڪا لطيف سائين جي تخيل ۾ جرڪي رهي آهي.
ڏک سکن جي سونهن،
گھوريا سک ڏکن تان!
هُو انهيءَ فلسفي ۽
فڪر جي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي، جنهن ڪنهن جي بيساکين تي هلڻ بدران پنهنجي ذاتي محنت،
حوصلي ۽ جُستجوءَ سان هِي معراج ماڻيو آهي. جي ايم لاڙڪ پنهنجي دردن جو سَفر ڏهرڪي
جي ننڍڙي ڳوٺ کان شروع ڪيو ۽ هُن جي اکين جا خواب شايد شاعري، ادب ۽ ٻولي واري ڪائنات
۾ پناهه نه وٺي سگهن ها. جيڪڏهن هُن جي جهول ۾ جرڪندڙ جذبن ۽ مختلف گلڙن جي ڪاڪ ٽيل
جهڙي شاعر جميل سومري جي لازوال خوشبو شامل نه ٿي سگهي ها. سندس بقول ته منهنجي
خوشنصيبي جو مون کي سنڌ جي ناليواري خوبصورت شاعر سائين جميل سومرو صاحب جي صحبت
ملي، اُتان ئي ادبي سَفر جو آغاز ٿيو ۽ ادبي رنگ چڙهيو. عشق جو درد اڳيئي روح ۾
رتل هو، بس! اُن همدرد جي صحبت ۽ محبت اندر جي درد کي شاعر بڻائي ڇڏيو ۽ جن به ماڻهن
کي اهڙي گلابن جي هڳائن جهڙي مَڃتا ملندي آهي، اُهي دوستن جي دلين تي سدائين راڄ ڪندا
آهن. سندس اُتساهه جي اُڀ جا ٻيا به ڪيئي ستارا آهن، جنهن کيس جيئڻ جا نوان دڳ،
رستا ۽ پيچرا ڏنا آهن. انهيءَ ڪري ئي ته هُو هر موڙ تي مُرڪ جا نوان گلاب پوکيندو
آهي، انهيءَ ڪري ئي هُن نراساين جي سَڀني ندين جا رُخ تبديل ڪري ڇڏيا آهن. مان
ذاتي طور تي جي ايم لاڙڪ کي اهڙي پُرعزم حياتيءَ جي هر گهڙي گذارڻ تي جس ڏيان ٿو،
رومانس جا جيڪي به انڊلٺي رنگ هُن جي شاعري جي ڪتاب “دل جي وال تان” ۾ جرڪي رهيا
آهن، سندس انهي رنگن ۽ روپن واري سوچ کي جس ڏيان ٿو، ڪيئن نه کيس جس ڏجي، جڏهن
اظهار اهڙو بيساخته هجي:
جيڪڏهن خيالن کي،
ڪپڙا پارائجن ها
ته،
منهنجا خيال،
تنهنجي چنري جو،
عڪس ٿي پون ها!
اُهو شاعري جو اهڙو
اظهار آهي، جنهن تي فتويٰ بازي جي ڪنهن فئڪٽري مان بحر، وزن، تخيل، تز قافيي، رديف
۽ ٻين فني گهرجن جا الزام لڳي نٿا سگهن. هُو پنهنجي دردن جي ديس جو شاعر آهي ۽
اُهو به سٺو ٿيو آهي ته هُن سڀني اڻ سَهپ جي جڳادرين کي اُهو ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته
مون پاڻ کي نثري نظمن جي فيلڊ ۾ ايڊجسٽ ڪيو. غزل، وائي ۽ گيت جي صنفن ۾ اُها ماپ
تور، ڪٽ سٽ، سا مون کي اچي ئي ڪانه. تنهنڪري جي ايم اندر ۽ ٻاهر جو هڪ انتهائي کرو
۽ سڌو سادو شخص آهي، جنهن پنهنجي لفظن ۾ مُحبتن جي مشعلن جا ستارا ٽاڪيا آهن، هُو
هِن سماج کان اهڙي بغاوت ڪري ٿو، جيڪا پرھ جي پنڌ جي منزلن ڏانهن وٺي وڃي ٿي. مون
سندس شاعريءَ کي بيحد گهرائي سان رات جي سانت ۾ پرکيو ۽ پروڙيو آهي. هُن وٽ سنڌ جي
دردن کي پرکڻ جا به پنهنجا زاويا آهن، ڪنهن به سماجي رک رکاءَ کانسواءِ هُن وٽ ڪجهه
لفظن ۾ آسمان جي وشالتا جهڙو فڪر ۽ تخيل آهي، سندس هِن نظم ۾ انھيءَ جا عڪس آهن:
تنهنجي زواري،
تنهنجا عمرا،
ماشاءَالله،
تون ڀلي،
حاجي، غازي ٿي،
پر سنڌ جي دردن،
سان تنهنجو ڇا وڃي!
اهڙا ئي مذهبي اڻ
سهپ، تعصب ۽ انتهاپسندي وارا اڄ جي سنڌ جا المناڪ عڪس سندس نظم عيدگاهه جي نيريٽو
۾ آهن، جنهن ۾ هُو چوي ٿو ڳوٺ جي ڪهڙي عيدگاهه ۾ نماز پڙهان، هر فرقي جي پنهنجي
عيدگاهه آهي ۽ هر عيدگاهه ۾ خودڪش حملي جو خطرو آهي. هُو نظم جي ڪلائيميڪس ۾ هڪ اهڙي
عيدگاهه جو ڳولائو آهي، جيڪا ڪنهن به فرقي کانسواءِ رڳو مسلمانن جي عيدگاهه هجي. ڇا
اُهو نظم سنڌ جي قديم، جديد ۽ ڪنهن به دور جي شاعري ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي
حصي جي جڳهه نه والاري سگهندو. اهڙي طرح جي ايم پنهنجي نظم ۾ انهي جرمن خاتون ڊاڪٽر
رٿ فائو کي به ڀيٽا ڏني آهي، جنهن کي پاڪستان جي مدر ٽريسا به سڏيو وڃي ٿو. اُها
خاتون جيڪا ۱۹۶۱ع ۾ هِن مُلڪ ۾ جرمني مان هڪ آدرش کڻي آئي هئي ته هِن ديس جي ڪوڙهه جهڙي
موذي مرض ۾ ڦاٿل ماڻهن جي خدمت ڪندي ۽ هُن ۵۵ ورهين تائين اُهو مسيحائي ڪم ڪيو. زندگيءَ جي ۸۷ ورهين جي ڄمار تائين هُن هڪ لمحي لاءِ
پنهنجي مسيحائي ڪردار کي نه ڇڏيو ۽ اهڙي عظمت ڀري خاتون کي به جي ايم عقيدت جا
رابيل پيش ڪيا آهن:
زخمن مان،
بوءِ،
جڏهن ايندي،
تڏهن تنهنجي،
خوشبو اسان جي،
اردگرد هوندي!
يقيني طور تي جي
ايم جا ڪيترائي نظم اهڙا آهن، جيڪي رومانس جا الڳ ٿلڳ رنگ پيش ڪري رهيا آهن، پر ڪيترائي
اهڙا نظم آهن، جن ۾ سماجي ناسُورن جي وڏي بهادريءَ سان عڪاسي ٿيل آهي. اهڙو ئي هڪ
نظم انھي انڌي عقيدت کي وائکو ڪري ٿو، جيڪا سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ، وستي ۽ واهڻ ۾ هوبهو
هِن سترهن لفظن جي تخيل ۾ گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي:
نينگرين جي سينن
تي،
شفا جا هٿ گهمائيندڙ،
پنهنجي نينگريءَ
کي،
پردي ۾ ڊاڪٽر ڏي موڪليندو
آهي!
شاعريءَ جي هڪ هٽي
جا ٺيڪيدار اهڙي تخيل کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهندا. اُهو تخيل جيڪو اسان کي امداد
حسيني، نورالهديٰ شاهه، عطيه دائود ۽ علي آڪاش جي اهڙن ئي نظمن ۾ نظر اچي ٿو. اهڙو
تخيل جيڪو اردو جي سارا شگفته، سعيده گزدر ۽ حسن مجتبيٰ جي شاعري ۾ ملي ٿو. تنهنڪري
اسان جي ايم لاڙڪ جي پورهئي کي اهڙو ئي مانُ ۽ مَڃتا ڏيون، ڇاڪاڻ ته هُن جو رومانس
۽ درد پرهه جي پَهرين ڪِرڻن مان جنم وٺي چُڪو آهي. انهي ڪري ئي مان کيس رومانس،
درد، اُميدن ۽ انفرادي آزاديءَ جو شاعر سَمجهندو آهيان ۽ اُنهن سَڀني پهلوئن جو
هِن چڱي طرح سان هنر سکي ورتو آهي. اسان جي فڪشن جي اهم نانءَ پروفيسر محمد دين راڄڙي
جي انھي راءِ ۾ به وڏو وزن آهي ته جي ايم وٽ دوستي نڀائڻ جو به آرٽ آهي. هُو هڪ ئي
وقت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان هڪجهڙو جُڙيل، هڪجهڙو مان ڏيندڙ ۽ دوستن جي
خوشين ۽ غمين ۾ ڪراچي کان گجرانوالا تائين سَفر ڪندي به نه ٿڪندو آهي. مان به
اُنهن خوشنصيب ماڻهن مان هڪ آهيان، جنهن سان جي ايم لاڙڪ هر ڏک ۽ سُک ۾ نڀايو آهي
۽ جڏهن سندس هِن شاعري جي ڪتاب جون سَڀ ڪاپيون ادا رياض شاهد دايي پنهنجي گاڏيءَ ۾
موڪلي ڏنيون هيون ۽ جڏهن رات جي وڳڙي ۾ مون کيس اُهي ڪتاب ڳوٺ پهچايا هئا ته هُن
جي چهري جي خوشي پسي مون کي انهي لمحي محسوس ٿيو هو ته ڪاريهر جهڙي رات پوين پساهن
۾ آهي ۽ جي ايم جي پُراميد نيڻن مان ڪائي باک جي ريکا نظر اچي رهي آهي. اهڙي ريکا
سندس شاعري جو سمبل آهي ۽ اسان جي خوبصورت شاعر اياز گل چواڻي جي ايم لاڙڪ جي شاعري
بنا ميڪ اپ جي سادو چهرو رکندڙ، دل ۾ لهي ويندڙ شاعري آهي ۽ اهڙا ئي سُهڻا لفظ جي
ايم لاءِ مٺل جسڪاڻي به لکيا آهن ته هُن جي حوصلي اڳيان هماليه ايترو مختصر ۽ ننڍو
آهي، جيترو ڪو وائرس ۽ اهڙا ئي اُتساهه ڀريا لفظ اسان جي ديس جي ديوَمالائي
انقلابي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام جا به آهن. هُن ٿيليسميا جهڙي
موذي بيماري سان وڙهندي ڄڻ ته هِن عمر ۾ الائي ڪيترا امتحان پاس ڪيا آهن. هُو هڪ
بهترين شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين انسان به آهي. رشتا، دوستيون، رک رکاءَ سندس
شخصيت جا اهم پهلو آهن ۽ مان سَمجهان ٿو ته جي ايم لاڙڪ جي شخصيت جي هر پهلو تي لکڻ
جي ضرورت آهي، جهڙي طرح سندس هي نظم پوپٽ جهڙن رنگن سان نکري اسان وٽ اُميدن جو عڪس
بڻجي اچي پهتو آهي:
منهنجي نظمن،
تڏهن کان،
خودڪشي ڪري ڇڏي،
جڏهن کان تو،
منهنجا خط،
پڙهڻ ڇڏي ڏنا،
منهنجا نظم،
بي موت مري ويا
آهن،
اچي اهي پنهنجي،
مُرڪ سان جيار!
(ڏھاڙي ڪوشش
حيدرآباد ۾ ۲۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا