جان خاصخيلي
ھي پکي به پرواز ڪري
ويو.......!
ھمسفر گاڏھي
اڄ صبح جو ننڊ مان اٿندي ئي پنهنجي پراڻي سنگتي جان خاصخيلي جي لاڏاڻي جي ڏکائتي خبر پڙھي جيء جھري پيو آهي.جان سان ڄاڻ سڃاڻ ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي ۾ ٿي جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ ادا بشير احمد سان دريا آباد علي ھوٽل ويجھو لياري ۾ رھندو ھئس، ادا وارن سان خداڏنو قمبراڻي پڻ رھندو ھو جيڪو ھالا ويجھو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جو رھواسي ھو.خداڏني معرفت جان خاصخيلي سان پھرين ملاقات ٿي ھئي، خدا ڏنو ۽ جان وارا پاڻ ۾ مائٽ ھئا.خبر پئي ته تڏھن جان اوائلي ڏينهن ۾ ميران ناڪا ڪراچي ۾رھائش نه ھجڻ سبب فوٽ پاٿ تي به رھيو، محنت مزدوري ڪري ھن اجگر شھر ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ پئدا ڪئي.جان، ڊگھي عرصي تائين استاد به رھيو، صحافت ھن گھڻو پوءِ شروع ڪئي.ھڪ ئي وقت ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪم ڪرڻ سندس اڻٿڪ زندگيءَ جو حصو رھيو.جنھن وقت سائين عبدالرحمان نقاش ميران ناڪا لياري ۾ ايوب خاصخيلي جي گھر رھندو ھو، تڏھن جان سان جام ڪچھريون ٿينديون ھيون.گھٽ ڳالھائو، سنجيده، نرم مزاج ۽شاندار انسان ھو.مون کي ٺيڪ طرح سان ياد آھي ته جڏهن مان سيکڙاٽ طور ھڪ ڀيرو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي رمپا پلازا جي گڏجاڻي ۾ خدا ڏني قمبراڻي جي زور ڀرڻ تي شريڪ ٿيو ھئس ۽ اتي پنھنجي ڪا ڪچي ڦڪي لکڻي پيش ڪئي ھئي ته سمورا سينئر اديب ڏينڀوء وانگر ڀون ڀون ڪري مون کي چنبڙي ويا ھئا، فقط جان واحد ڪھاڻيڪار ھو جنھن منھنجي سيکڙاٽ ۽ نوجوان ھجڻ وارو عذر ڄاڻائيندي منھنجو دفاع ڪيو ھو.باوجود ان جي مون ڪن پڪڙيا وري ڪڏهن ڀلجي به ادبي سنگت گڏجاڻي ۾ ڪونه ويس.جان خاصخيلي زبردست ڪھاڻيڪار، شاعر وڏي ڳالھ ته درد دل رکندڙ انسان ھو.ڇڊا ملندا ھئاسين پر جڏهن به ملياسين ساڳي محبت ۽ چاھ برقرار رھيو......يار پکي جيان پرواز ڪري ان ساڳي ڳوٺ جي مٽي ماءُ جي جي ھنج ۾آرامي ٿيڻ ھليو ويو آهي جتان ھن زندگيءَ جو جھد مسلسل شروع ڪيو..... بروبر زندگيءَ کي ڪٿي نه ڪٿي فل اسٽاپ اچڻو آهي.رب پاڪ سندن مغفرت فرمائي.
جان خاصخيلي
نامور صحافي ۽ ليکڪ - اڄ
اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو - انتهائي ڏک جي خبر
حسن پٺاڻ
سندس اوچتي لاڏاڻي
جي جيءُ جهوريندڙ خبر، سندس فيس بڪ وال تان پئي. سندس وڇوڙي جي، سندس خاندان سميت
سنڌ جي اديبن ۽ صحافين سان دلي تعزيت ڪجي ٿي.
هالا تعلقي جي ڳوٺ ڪرم
خان نظاماڻيءَ ۾ جنم وٺندڙ جان خاصخيلي جي تعليمي لياقت ايم اي سوشيالاجي هئي. هي
پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ نرالو شخص هو، ته سندس ڪتابن جا عنوان پڻ هن جيان نرالا هئا.
جان شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون ۽ صحافتي خدمتن ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاھيو. سندس
شاعري ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ شيخ اياز لکيو هو ۽ ان ڪتاب ۾
نئين ٽهيءَ جي شاعرن جو انتخاب شامل هو. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعو ’گم ٿيل ماڻهوءَ
جو سفرنامو‘، “خوابن جو عجائب گھر” ۽ شاعريءَ جو مجموعو “خوابن جي موسم جو گيت” ڇپيل
آهن. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهيو. ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي
يونين آف جرنلسٽس، ۽ آرٽس ڪائونسل آف ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو. سنڌي صحافت ۾ هلال پاڪستان،
عوامي آواز، برسات، جاڳو، پڪار ۽ خلق اخبارن سان واڳيل رهيو. ۽ انگريزي اخبارن- ٽائيمس
آف انڊيا، ڊان، نيوز لائين، هيرالڊ، ورلڊ نيٽ ڊيلي (آمريڪا) وغيره ۾ سندس ليک ۽
نيوز اسٽوريون پڻ شايع ٿيون. هو انگريزي اخبار دي نيوز سان لاڳاپيل هيو.
(حسن پٺاڻ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
جان خاصخيلي
جان جو جانان نه رهيو -
سينئر صحافي ۽ اديب جو وڇوڙو!
نور سنڌي
صبح سوير فيس بوڪ
تي ڪنھن دوست جي وال تي سنڌ جي ڀلوڙ ڪھاڻيڪار، شاعر، صحافي جان خاصخيلي جي لاڏاڻي
جي خبر ڏسي ڇرڪ نڪري ويو. جان خاصخيلي سان تعلق ۷۶ع کان رھيو، جڏھن آئون سندس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ
۾ منھنجي والد جي ماساتن غلام علي نظاماڻي، سيد خير شاھ ۽ حسين خاصخيلي وارن وٽ
ويندو ھئس. جان خاصخيلي ۽ منھنجي عمر ۾ اَٺَن سالن جو فرق آھي. ان دور ۾ آئون به
قوم پرست سياست سان لاڳاپيل ھئس، ھالا قوم پرست سياست جو ڳڙھ ھوندو ھو. جڏھن ۷۸ع ڌاري صحافت ۾ آيس ته ان دور ۾ ھالا ۾ ڪامريڊ
جعفر سھتو جيئي سنڌ جو اڳواڻ ھو، ساڻس نيازمندي ھئي، ان دور ۾ جان خاصخيلي ۽ ڪامريڊ
جعفر سھتو ۽ جان خاصخيلي جو جوڙ ھوندو ھو، مختلف پروگرامن ۾ گڏجي شريڪ ٿيندا ھئا.
انھيءَ دور ۾ ڪامريڊ محمد خان ملاح سان گڏجي اسان ملدسيءَ ۾ سنڌي ھاري ڪميٽيءَ جو
بنياد وڌو ھو. اسان دادا علي بخش شيديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نه صرف ملدسي يونين ڪائونسل
پر پوري علائقي ۾ ھارين ۾ شعور آڻي کين سنڌي ھاري ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پيا مختلف
ڳوٺن ۾ رولاڪيون ڪندا ھياسين. دادا علي بخش سان ملڻ لاءِ وقت به وقت ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي
پيا ويندا ھياسين، جتي اسان جو ھيڊڪواٽر ڳوٺ جي مشھور درزي دادا ارباب خاصخيليءَ
جو دوڪان ھو. دادا ارباب خاصخيلي، جان خاصخيليءَ جو ويجھو مائٽ ھو، مرحوم وڏو ذھين
۽ انقلابي سوچ رکندڙ ھو.
ان دوڪان تي جان
خاصخيلي به ايندو ھو، جتي ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون. ان دور ۾ پاڻ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس
فيڊريشن سان لاڳاپيل ھو. ان دور ۾ سندس ادب سان به گھري دلچسپي ھوندي ھئي. پاڻ
ترقي پسند ادب شوق سان پڙھندو ھو، خاص طور دنيا جي انقلابي تحريڪن، مشھور انقلابي
شخصيتن جي بايوگرافي جا ڪتاب دلچسپيءَ سان پڙھندو ھو. ھن مونکي به ترقي پسند ادب پڙھڻ
جو شوق ڏياريو. جنرل ضياءَ خلاف ۸۳ع واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ به جان خاصخيليءَ جو اھم ڪردار
رھيو، حالانڪ جيئي سنڌ تحريڪ يا جساف ايم آر ڊي جو حصو نه ھئا، پر ان جي باوجود
جان خاصخيلي جنرل ضياءَ جي خلاف ھو. ھن ان تحريڪ ۾ نه گرفتاري ڏني، نه وري جلسن جلوسن
۾ شامل ٿيو، پر ھن علائقي جي ڳوٺن جي ماڻھن کي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ
پنھنجي دوستن سان گڏجي تحريڪ ھلائي. جساف جي سرگرمين ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کي ۾
علائقي جي عوام ۾ جوش جذبو پيدا ڪرڻ ۽ جنرل ضياءَ خلاف ماڻھن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ ۽
علائقي جي نوجوانن جي سياسي تربيت ڪرڻ لاءِ اسٽڊي سرڪلون ھلائڻ جي پاداش ۾ جان
خاصخيلي ٻه ٽي دفعا جيل ياترا به ڪري آيو. شاگرديءَ واري دور کان ڪھاڻيون لکڻ ۽
شاعري ڪرڻ جو شوق رھيس. پر ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ شايع ڪرائڻ بجاءِ ويجھن دوستن کي
پڙھي ٻڌائيندو ھو. ان دور ۾ کيس صحافت ڪرڻ جو به شوق ٿيو، پر شوق جي باوجود صحافت
۾ نه اچي سگھيو.
جان خاصخيلي ننڍي
ھوندي کان ڪامريڊ رھڻ ۽ انقلابي ذھن ھئڻ ڪري پاڻ ڀوتارڪي ڪلچر، ڀوتارن پاران غريبن
سان ظلم زيادتين وڏيرڪي نظام، وڏيرڪن فيصلن جي خلاف رھيو. جڏھن ڀوتارڪي سسٽم ۽
فيصلن خلاف بغاوت جو علم اڀو ڪيائين ته ھن لاءِ ڳوٺ ۾ رھڻ مشڪل ٿي ويو، ان ڪري ھي ڳوٺ
کان ڪراچي وڃي رھيو؛ جتي ھن صحافت شروع ڪئي. ھلال پاڪستان، عوامي آواز، برسات، جاڳو،
پڪار، خلق ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي ھلي مشھور انگريزي اخبار دي نيوز
جو ڪراچيءَ ۾ رپورٽر ٿيو. ان سان گڏ فري لانسر جرنلسٽ جي حيثيت سان انگريزي اخبارن
ڊان ٽائيمز آف انڊيا، نيوز لائين، ھيرالڊ ورلڊ نيٽ ڊيلي (آمريڪا) ۽ ٻين اخبارن ۾
ليک، نيوز اسٽوريون آرٽيڪل پڻ لکندو ھو. جان لطيف سائين جي فڪر ۽ شاعريءَ کان تمام
گهڻو متاثر هو، کيس شيخ اياز سان به تمام گهڻو چاهه هوس. هُن جي پنهنجي شاعري
رومانس کان ھٽي ڪري انقلابي سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن، ڀوتارڪي نظام، گورک ڌنڌو
بنجي ويل سياست کان وٺي مظلومن مسڪينن، درد ماريل ماڻھن جي ترجماني ڪئي ھن. سندس
شاعري نوجوان طبقي ۾ مقبول ھئي سندس ڪھاڻيون ڏاڍيون خوبصورت لکيل آھن. سندس ڪھاڻين
جو ڪتاب (گم ٿيل ماڻھن جو سفرنامو ) ۱۹۹۶ع ۾ ڇپيو، جيڪو پڙھندڙن ۾ مقبول ٿيو.
جان خاصخيلي سنڌي
ادبي سنگت ڪراچي جو ڪيترا ئي دفعا سرگرم سيڪريٽري به رھيو. ھن جي ڪوششن سان ڪيترائي
نوجوان ادب ۾ آيا، پاڻ آرٽس ڪائونسل آف ڪراچي پريس ڪلب ڪراچي ۽ ڪي يو جي جو سرگرم
ميمبر به رھيو. پاڻ سنڌ صحافي سنگت جو ھمدرد ائين سمجھو اعزازي ميمبر ھو. جان
خاصخيلي ڪن مجبورين ڪري ڪراچي مان صحافت ڇڏي حيدرآباد ۾ دي نيوز جي بيورو طور ڪافي
سالن کان ڪم ڪري رهيو ھو. هو هڪ بھترين مقرر به ھو پر پروگرامن ۾ گھٽ ڳالھائيندو
ھو. ھن روايتي نه پر ذميوارانه صحافت ڪئي. ھن پنھنجي صلاحيتن، محنت جي ڪري صحافت ۾
نه صرف نالو ڪڍرايو پر جن به ميڊيا ادارن ۾ رھيو، اتي پنھنجي ساک ۽ عزت ٺاھي. سندس
اسٽوريون اڪثر گمنام ھيروز بابت هيون. هو کرو ڳالھائيندو ھو، سچ ڳالھائڻ، سچ لکڻ ڪري
مٿس ڏکيا ڏينھن به آيا پر دليريءَ سان منھن ڏنائين. کيس خبر ھوندي ھئي ته سچ ڳالھائڻ،
لکڻ سان ڪھڙا نتيجا نڪرندا پر نه ڪڏھن ڊنو نه وري جھڪيو. سندس زندگي ۾ ڪيترا ئي
حادثا پيش آيا، جن تي ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. ھن جا ڪيترائي صحافي دوست ٻاھرين ملڪن
۾ وڃي صحافت ڪئي پر ھن پنھنجي ڌرتي نه ڇڏي. ھن صحافت ذريعي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي
مالڪي ڪئي. انھن جو آواز بنيو. جان خاصخيلي اسان دوستن جي جان ھو، ھو صحافت جي جان
ھو.
جان خاصخيلي جو
پورو نالو جان محمد خاصخيلي ھو. پاڻ ۲۳ اپريل ۱۹۵۶ع تي مٽياري ضلع ۾ ھالا ويجھو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ ھڪ
غريب ھاري مزدور حاجي خاصخيلي جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھجي ڳوٺ ۾، ان
بعد ھالا جي ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان، جڏھن ته ايم اي سوشالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ مان
ڪئي. ساڻس آخري ملاقات حيدرآباد ۾ سافڪو پاران صحافين کي ايوارڊ تقريب ۾ ٿي.
مونکان پڇيائين صحافت ۾ ڪيترو وقت ٿي ويو اٿئي؟ مون چيو ۴۴هون سال ھلي پيو. چيائين ته ڪڏھن وقت ڪڍي
پريس ڪلب حيدرآباد اچ ته تنھنجو پروفائيل لکون. ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي لٽل ماسڪو سڏجندڙ ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ
جو ھي محبوب دوست سنڌ جو آدرشي انسان، جاکوڙي صحافي، ڪھاڻيڪار، شاعر، مظلومن غريبن
جو آواز بنيل پيارو جان خاصخيلي سوين دوستن، مٽن مائٽن کي وڇوڙي جا وڍ ڏئي ھن فاني
دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ جي اباڻي قبرستان ۾ سوين
روئندڙ اکين سان ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جان خاصخيلي
کيس ڳوڙهن ڀريل اکين سان
الوداع چئون ٿا
عطيه دائود
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي
جو سرگرم ڪارڪن، ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر، ۽ ان وقت جو سيڪرٽري. نھايت خوبصورت تخليقڪار،
شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، صحافي جان خاصخيلي اڄ اسان کان وڇڙجي ويو آھي..
نوي جي ڏھاڪي ۾ جان
خاصخيلي جڏھن ڪراچي آيو ۽ سنگت ۾ شرڪت ڪيائين ته پوءِ ھو ان جو اڻٽٽ حصو بنجي ويو.
پھريائين ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر پوءِ جوائنٽ سيڪرٽري ۽ پوءِ سيڪرٽري بنجي ويو. ھن ۾
تخليقي ۽ اڪيڊمڪ صلاحيتون ھيون. ان وقت ڪيترن ئي مشھور ۽ سينئر اديبن انورپيرزادو،
فقيرمحمد لاشاري، بدر ابڙو، نقاش، رئوف نظاماڻي، شاھ محمد پيرزادي جي موجودگي ۾ ھو
سنگت جو سيڪرٽري ۽ چندرڪيسواڻي جوائنٽ سيڪرٽري چونڊجي ويا. جان تمام گھڻو محنتي، پنھنجي
ڪم سان سچو ۽ ذميدارين کي نڀائڻ وارو ماڻھو ھو. ھو سنگت جي ھفتيوار ۽ ماھوار
پروگرامن جو رڪارڊ رکندو ھو. گڏجاڻي جي ڪارروائي وقت ڊسپلين جو خيال رکندو ھو ۽ نقاد
پڻ ھو. سندس لکڻين کي سنگت جي گڏجاڻين ۾ گھڻو پسند ڪيو ويندو ھو.. جڏھن ھو صحافت ۾
ويو ته سندس شروعاتي دور ۾ اخبارن جي روزمرھ جي خبرن کي پڻ ايترو ته حساس جذبي ۽
سگھارين تشبيھن وارن لفظن سان بيان ڪندو ھو ڄڻ ته اھو ڪو سچو واقعو نه پر فڪشن
ھجي. ماڻھن جو نظرون پاڻ مرادو ان اخبار جي خبر ته کڄي وينديون ھيون..
ھو ھڪ حساس دل رکندڙ
انسان ھو سو ڪابه اخبار جي خبر کيس جنجھوڙي ڇڏيندي ھئي. جان تمام گھڻو خوددار
انسان ھو سو ھن شھرت ماڻڻ ڪاڻ پڻ ڪڏھن به شارٽ ڪٽ يا سماجي تعلقن کي استعمال ڪونه ڪيو..ھونئن
به اھا روايت نوي جي ڏھاڪي ۾ ايتري ھئي به ڪونه..تخليقڪارن ۾ عاجزي ھوندي ھئي ۽
انھي عاجزي کي پسند به ڪيو ويندو ھو.. اسان پنھنجي پياري ساٿي کي خوبصورت يادن، ڳوڙھن
ڀريل اکين ۽ دعائن سان الوداع چئون ٿا
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جان خاصخيلي
آلين اکين سان الوداع !
رکيل مورائي
اڄ پڪ ٿي رهي آهي
ته ڪي رشتا ناتا زندگي ڇني نه سگھندي آهي، اهي فقط موت ئي ڇني سگھندو آهي، جيئن هن
اسانجي پياري دوست جان خاصخيليءَ سان رشتا ڇنا آهن!
جان خاصخيلي سنڌ ڪهاڻيءَ
جو اهڙو لکندڙ هئو، جنهن جو مثال هو پاڻ هئو ۽ جان خاصخلي اسانجو اهڙو شخصي ۽ ادبي
دوست هئو جنهن جو مثال به هو پاڻ هئو. وڌيڪ ڪنهن به حوالي جي گنجائش بنهه نه آهي. ڪالهه
اسانکي دل جان سان چاهڻ واري دوست جان جي اها دل ساڻس بي وفائي ڪري وئي، دراصل
جنهن ڪنهن به شخص سان وفائي ڪئي ئي نه آهي وفائي ته دوست ڪندا آهن!
۽ مان سمجهان
ٿو جڏهن موري مان هجرت ڪري مان ڪراچيءَ جو پناهه گير بڻيو هوس تڏهن منهنجا پهريان
ادبي انور ابڙو ۽ جان خاصخيلي بڻيا هئا، انور ڪراچيءَ ۾ مونکان ٿورو پوءِ آيو هئو
۽ مان جان کان ٿورو پوءِ. ائين اسان سڀني کان اڳ جان ڪراچي کي پنهنجو ڪيو هئو
افسوس ته اهو آهي ته اڳتي هلي اسان سڀني دوستن جان کي ته پنهنجو ڪري ورتو پر هن
شهر جنهن کي ڪراچي ڪوٺجي ٿو ان جان کي ڪڏهن به پنهنجو نه ڪيو زندگي جي آخري گھڙي
تائين ان جو مثال اهو آهي ته جان آخري ساهه به اسانجي محبوب شهر ڪراچيءَ بجاءِ
حيدرآباد ۾ کنيون ۽ هو اسان سڀني کان اڪيلائيءَ ۾ هليو ويو.
سچ ته اهو آهي ته
اسان کان هليو تڏهن به ويو هئو، جڏهن صحافت جي باغ عدن مان کيس اڪيلو تڙيو ويو هئو
سندس ڏوهه اها ڪهاڻي هئي جنهن کي ان وقت سنڌي صحافين ۽ اخباري مالڪن پاران جوڙيل
تنظيم ۾ فيصلو ڪيو هئو ته اها ڪهاڻي ڪنهن به طرح سنڌي اخبارون نه شايع ڪنديون.
مونکي اڄ به اهو ڏينهن
ياد آهي اها ڪهاڻي جان جي هٿ ۾ هئي ۽ منهنجو هٿ به جان جي هٿ ۾ هئو، اهو هٿ ان ڏهاڙي
جي آخري اخبار جي ٽيبل ڇڏڻ وارو هئو، جان ۽ مان اخبار کي الوداع ڪري آءِ آءِ
چندريگر روڊ تي پهچي خيرآباد تي هائوس تي چانهه پي پنهنجي پنهنجي ڪراچيءَ جي ٻن الڳ
ڳوٺن لياري ۽ چنيسر ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا هئاسين شايد ان رات ڪراچي جي آڪاش تي اڀرندڙ
چنڊ کي گرهڻ لڳو هئو ۽ پنهنجي ان وارتا تي جان ڪهاڻي لکي ورتي هئي “ چنڊ جو قيدي اڌڙ”
سنڌيءَ جي بيمثال ڪهاڻي جيڪا سالن تائين ڪنهن به اداري ۾ ڇپجي نه سگھي آخر اهڙي مڙسي
اسانجي دوست شڪور نظاماڻي ڪري ئي ورتي ۽ هن اها ڪهاڻي هلال پاڪستان ۾ شايع ڪئي ۽
اهي ڏينهن اهي شينهن جان لاءِ سنڌي صحافت جا دروازا بند ٿيا.
جان انگريزي صحافت
شروع ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجو نالو ڪمايو ستت هن شادي ڪئي ۽ ڪراچيءَ کي الوداع ڪيو. هن
حيدر آباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ حيدرآباد جو ٿي ويو هن شادي ڪري ننڍڙي ڪائنات
جوڙي ورتي ڪراچيءَ سان سموري راهه رسم ٽوڙي ڇڏي پر هن پنهنجي دوستن سان آخر تائين
راهه رسم نه ٽوڙي جيستائين زندگيءَ ساڻس راهه رسم نه ٽوڙي.
جان سان گذريل
سمورو وقت لکڻ ۽ سهيڙڻ لاءِ ايترو ئي وقت گھرجي جيترو وقت ساڻس گڏ گذريو شايد اهڙي
شاهدي وقت جي معرفت ميران ناڪي کان چنيسر ڳوٺ جا اهي سفر ڏئي سگھن جن سفرن هڪ
تخليقي سفر “گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفر نامو” جهڙي ڪتاب ۾ اچي سگھن ٻيءَ طرح اهو ممڪن ڪٿي
آهي.
جان خاصخيلي ڪهاڻيڪار،
نظم جو پنهنجي لهجي جو تخليقڪار ۽ ان تخليق جي پٺ ۾ سندس اعتماد، ٽٽي سگھڻ وارو پر
جهڪي سگھڻ وارو بنهه نه! ڪمال جي تخليقي خود اعتمادي ڪنهن تي فلڪ نه اڻڻ وارو جان
جڏهن ٽهڪ ڏئي ته زندگي ۾ ويساهه وڌي وڃي ڏمرجي ته سج جهڙيون ڏنگايون ڏيکاري پر
شايد هو انور سان ۽ مونسان ڪڏهن نه رٺو ۽ جڏهن رٺو ته پرڄڻ جي وائي ئي نه واريائين
پياري ممتاز خاصخيلي جي ان ميسج تي اعتبار نه اچڻ جو گمان ۽ فون تي کائنس تصديق ڪرڻ
ته اهو ممڪن به آهي ڇا ته جان موڪلائڻ کان سواءِ هليو وڃي.
فون تي هُو خدا
حافظ چوڻ ڪو نه سکيو ۽ نه ئي ڪڏهن فون کڻڻ وقت هيلو ڪيائين سڌوسنئون ڇا حال آهن؟ ۽
هڪ وڏو زندگي سان ڀرپور ٽهڪ ۽ پوءِ دنيا جهان جون ڳالهيون پنهنجون ڪي به ڳالهيون
نه. هن جڏهن پاڻ بابت ڳالهايو ته فقط ڪهاڻيءَ ۾ يا نظم ۾ اڄ کان اڳ به لڳندو هئو
ته محسوس ٿيندو هئو ته سندس سڀ نظم توڻي ڪهاڻيون سندس آتم ڪٿا ئي ته هئي، جنهن کي
هو فقط لکندو هئو ڪڏهن به ڳالهايائين نه ۽ جڏهن به ڳالهايائين ته ڪنهن به مصنوعيت
کان ڪوهين ڏور!
۽ اڄ هو اسان
سڀني کان ڪوهين ڏور نه سندس چرچا نه سندس ٽهڪ ۽ نه ئي اهڙي ڪا اميد ته هو وري ڪڏهن
اهڙو ٽهڪ ڏيندو جو سندس اکين مان پاڻي اچي وڃي. هاڻ ته اکين ۾ پاڻي اچڻ جو وارو
سندس دوستن جو آهي جن کي هو اڪيلو ڪري ويو آهي ڪراچيءَ جي رستن تي هلڻ جو مزو جيڪو
سنڌي ادبي سنگ ڪراچي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ يارن سان گڏجي چانهن جي هوٽل تائين ايندو
هئو اهو سڀ هاڻ گم ٿيڻ جو گمان، جيتوڻيڪ هاڻ ڪراچيءَ جا رستا به اهي ڪاٿي رهيا
آهن. انور کي منهنجي شعرن ڇپڻ جي ذميواري جان سونپي هئي!
هو سچائيءَ سان نڀائيندو
اچي! سائين ممتاز مهر سان چرچن ۾ جڏهن چندر ۽ جان سڀ ليڪا لنگھي ويندا هئا ته انور
اهي ٻڌي سُسي ويندو هئو پر جان جتي احتياط ڪندو هئو اتي ان جي پاسخاطري به ڪندو
هئو اڄ به هن اها پاسخاطري قبولي ڪري ورتي ۽ هـُن موت کي پنهنجي ويجھو ئي آندو سڀني
دوستن کان الڳ دوست کيس فقط آلين اکين سان الوداع چئي سگھن انور، شاهد، چندر!
منهنجا آخري سلام روبرو جان کي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جان خاصخيلي
جان جي دنيا
آصف خاصخيلي
پڇيم جان ڪٿي آھي ۽
سندس دنيا ڪھڙي آھي؟ ڪجھ دير جي خاموشيءِ کان پوءِ پاڻ ئي وراڻيم ته ھا ھو اسان
کان پري ضرور ويو آهي. پر مون کي اھا پڪ آھي ته ھن جي دنيا وري به ڪو سائو سونھن
نگر ئي ھوندو. جتي ڊگھا، وڏا ۽ گھاٽا وڻ ھوندا، جتي ان جي گذرگاھن تي رنگ برنگي گل
ٽڙيل ھوندا. جتي به ھن جو گھڙي پل بيھڻ ٿيندو ھوندو اھا جاءِ خوشبوءَ سان واسجي
ويندي ھوندي. ان جي آجيان لاءِ اھي ٻوٽا لھرائيندا ھوندا جن جي عشق ۾ ھو دلڪش ۽ وڻندڙ
لفظن جي ذخيري مان چونڊ ڪري ڪھاڻيون لکندو ھو.
جڏھن به ھن جي دل
دوستن سان ڪچھري ڪرڻ چاهيندي تڏھن چرندا، پرندا، پکي ۽ پکڻ ھن سان حَسِين شامون
ملھائيندا ھوندا. انھن شامن کي وري ھو پنھنجن لکڻين ۾ قيد ڪري اتي سڀني سان ونڊيندو
به ھوندو. مونکي اھا به خاطري آھي ته جنھن شفاف پاڻيءَ جي لاءِ ھن قلم کنيو جن ٻيٽن
جي اصلي سُونھن واپس ڏيارڻ لاءِ ھو لکڻين ذريعي دانھون ۽ واڪا ڪندو ھو، ھن جي رھڻ
جو بندوبست انھن ٻيٽن تي ئي ھوندو. جان خاصخيليءَ جي ڪچھري ته انھن ناياب جانورن
سان به ٿيندي ھوندي جن جي نسل ڪشي ٿيڻ جي ڪري ھو فڪرمند رھندو ھو.
ھن لاءِ طعام به
مزيدار، سوادي ۽ سادا ٺھندا ھوندا، ھن جي ڪھاڻين جا ڪردار ۽ ھن جي شاعري ۾ پيش ڪيل
تشبيهون به ھن سان روبرو روح رهاڻ ڪنديون ھونديون. ڪڏھن واٽ ويندي جي ھن کي ڪنھن
کان رستو پڇڻو پيو ته ڀنڀوريون ۽ پوپٽ کيس ھٿ کان وٺي پنھجي ماڳ تي پھچائي ايندا
ھوندا. ھن جي سواري سوين سال پراڻي ڏاند گاڏي ئي ھوندي، ھو گھوڙن جي تنبيلن تي به
شامون گذاريندو ھوندو.
اتي به ڪي يگانه ڪردار
ھن ڳولھي لڌا ھوندا ۽ انھن سان گڏ ھو، ٿر بر ۽ ڪينجھر ڪنڌيءَ جھڙن تفريح گاھن جي
سفر تي نڪرندو ھوندو. اتي به محدود ۽ لاجواب ماڻھن جي ميڙ ۾ شيخ اياز، استاد بخاري
۽ شمشيرالحيدريءَ سان ادبي محفلون مچائيندو ھوندو. ڪٿي ٿو ھو ائين واندو ويھي سگھي
ھو نڪري پوندو ھوندو ھارين ۽ پورھيتن کان پنھنجي ڪرت معلوم ڪرڻ، وري واپسي ۾ اھي ڪردار
پنھنجن پنن تي اتاريندو ھوندو.
اھا جان صاحب جي
دنيا ھوندي جتي ڪيٽي بندر، چوٽياري ۽ بقادار ڍنڍ جھڙا منظر ھن کي موھيندا ھوندا، ۽
اڇي مسجد، دلورا، موئن جي دڙي، مڪلي ۽ سنڌ جي تاريخي قلعن جھڙيون جايون ھو يارن
سان گڏ اتي به جھاڳيندو ھوندو. جيڪڏهن سفر ۾ ھن کي پئجي ڪٿي رات وئي ته ڪنھن پوڙھي
امڙ کان ڪي ڳيچ ۽ لاڏا ٻڌي تن کي لوري سمجھي ھو سمھي رھندو ھوندو، وري صبح جو پکين
سان گڏ اٿي پنھنجون مشقون ڪندي ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪندو ھوندو، اتي به ھو پنھنجي
معمول ۾ مشغول ھوندو.
مليس جي ڪو شڪسته
حال راھ ويندي، ھن سان حال اوريندو ھوندو ۽ پنھنجن ٽھڪن ۾ کيس شامل ڪري کن پل ئي
سھي پر ھن جي دل باغ بھار ڪري ڇڏيندو ھوندو. مٽيءَ جا برتن سندس رھائش جو سينگار
ھوندا ۽ ھو سبزيون پنھنجي اڱڻ تي پوکيندو ھوندو، مال وند ۽ ماروئڙااتي به ھن جي ڪچھرين
۽ لکڻين جا ڪردار ھوندا. ھو ڪيترن جو اتي به بڻجي ڀرجھلو پيو ھوندو، مونکي پڪ آھي
ته جڏھن پيرون پچندا ھوندا، اچو ھي موسم جي ميوات کائون ھو سڀني کي يارو سڏيندو
ھوندو. وري جي موسم ٻيرن ۽ انبن جي لھڻ جي آئي ھن کي ڳڻتي وري به مزدورن ۽ واپارين
جي ھوندي، الائي کين ڪجھ مليو ھن سال يا نه اتي به ھو اھو ئي سوچيندو ھوندو.
ڪڏھن ڪنھن جي ڪا
دروازي تي صدا ھنئي ھوندي ھو بنا دير جي دروازي تي پھچي، سندس گھرجون پڇي پنھنجي
کيسي ۽ ھڙ کي ڦلوريندو ھوندو. کنوڻين ڪيا جي کيل ڪڏھن ۽ برساتن پسايو پٽ پنھنجو،
جان کي کنڀين، چڀڙن ۽ ڇاھين جي ضرور سار ٿيندي.
ھو سامونڊي پٽي کي ڪٿي
ٿو وساري مھاڻن، ملاحن، ميربحرن سان پتڻ تي ويھي مڇين سان ٽمٽار ٻيڙين جي زماني جا
قصا ۽ ڪھاڻيون اوريندو ھوندو، ھو جھونن ملاحن کان پڇندو ھوندو پراڻيون ڪھاڻيون، جن
۾ سينگاريل ٻيڙيون کڻي ڄڃ ڪنھن لاڏي جي ھن پار ويون ھونديون. ھو زراعت ۽ گاھن جو
مداح، ھر ھلائيندڙن کي پري ڪنھن وڻ جي ڇانو ۾ ويھي تڪيندو به ھوندو.
ھن کي جڏھن وقت وٿي
ڏني، ھو يارن جون يادون ڪاغذن تي اتاري، پراڻي صندوق کولي، ڪپڙي جي چادر سان ٻڌل ھڙ
۾ سانڊي رکندو ھوندو ۽ ڪندو ياد شھرن جي بدلجي ويل نقشن کي ڀري ٿڌا ساھ ڪندو رخ ٻھراڙيءَ
ڏي وري اتي جي وڃايل ڪردارن کي ڳوليندو ھوندو.
ننڍا ٻار به ھن جي
راھ تڪيندا ھوندا. جيئن منھنجي معز کي ھن بيھاري چيو اچو مون سان گڏجي يوگا ڪريو ۽
ٽھڪن جو مشقون کين سيکاريندو ھوندو. رابطا اتي به ھو ھر ھڪ سان رکندو ھوندو، اتي
به ھن کي ڪنھن ۾ ته ڪنھن جگري دوست جي صورت ڏسڻ ۾ ايندي ھوندي، ھو خاموش مزاج ماڻھو
پنھنجون تڪيلفون وساري، ٻين کي ڏيندو ڪا آٿت ھوندو، ھو چوندو ته پرواھ ناھي، ھو
چوندو اسين جو ويٺا آھيون.
ھو انھن ماڻھن جا
به پار پتا پڇي انھن تائين پڪ پھتو ھوندو، جيڪي ٻيلن جي واڍيءَ کان پوءِ گذر سفر
لاءِ ڪنھن اڻڏٺل ۽ اڻڄاڻ ماڳن ڏي نڪتا ھئا، انھن کان، ماکي،کونئر ۽ لاس جا فائدا پڇي،
سندن ھاڻ جي روزگار جي وسيلن تي به تفصيلي ڪچھريون ڪندو ھوندو. وري کين ھمٿائيندو
ھوندو ته اچو ٻيھر گڏجي ھي ٻيلا پوکيون ۽ سنڌ جي ماحول لاءِ پاڻ پتوڙيون، اتي ياد
ھن کي تمر جا ٻيلا به ايندا ھوندا ۽ وري سمنڊ جي اوج وارو زمانو کڻي، ھو يادن جي ڳٺڙي
کولي ويھي رھيو ھوندو.
دريا دادلي جي موج
مستي به ھن پنھنجن اکين سان ڏٺي ھئي، ۽ وري انھن دريائن جي پيٽ مان اڏندڙ واري ۽ ڪچي
جي علائقن جي صورتحال جو به ھو شاھد رھيو ھو، انھن جي ڳڻتي جان کي اتي به ھوندي.
ان جي اکين ۾ اميد جي چمڪ ڪڏھن اگر جي چمڪي ھو پنھنجي نظمن ۾ اھي خيال لکندو ھوندو.
اھا جان صاحب جي دنيا ھوندي، اتي به اسين کين پيارا ھونداسين، اتي به ھو ھيرن جھڙن
دوستن جي لاءِ سوچيندو ھوندو، اتي به پکين جي ٻولين تي مدھوش ٿي پوندو ھوندو. اتي
به ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون وڏي دل سان ملھائيندو ھوندو، ٿيندو ھوندو شامل، عيدن،
ديوالين ۽ ھولين ۾، ۽ انھن رنگن جي رنگينين ۾ تصوراتي ڪا دنيا جوڙي ڪائنات جي
خوشحالي ھو پسندو ھوندو. لکڻن لاءِ تک کوڙ يادون، ڪي سورن جون ساعتون تي ڪي گھڙيون
خوشين جون پر جان صاحب اسان کان جو ڏور ويو آھي. اسان جي لکڻين جي عنوانن کي ڄڻ
زنگ لڳي ويو آھي، پر ڪي سارون جان جون وري به رھڻ نه ٿيون ڏين، اھي اندر جا اڌما
به من جو مونجھاري کان ڇوٽڪارو چاھين ٿا، وٺي ٽٽل ڦٽل لفظن جو سھارو اھي اڌما به ٻاھر
اچن ٿا. بس جان ان دنيا ۾ آھي، ھو مستقل مزاج ماڻھو ھتي جنھن دنيا لاءِ ھو ڪوشان
ھو، اتي بھ ھو پنھنجي حصو ڳنڍيندو رھندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا