; سنڌي شخصيتون: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو- ۲

29 April, 2022

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو- ۲

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شمله معاهدو

مير اعظم علي ٽالپر



پاڪستان جي اردو فلم جو هڪ مشهور گانو شهنشاهه غزل مهدي حسن جي آواز ۾ آهي، ’ايڪ نئين موڙ پر لي آئي هين حالات مجهي‘ بلڪل ان وانگر هن وقت هر هڪ ليکڪ لاءِ لکڻ جون حالتون نه رڳو هڪ نئين موڙ تي وٺي آيون آهن پر اڄڪلهه حالتون ليکارين سان گڏوگڏ حڪمرانن جون چوواٽي تي بيٺل آهن، ان جو سنئون سڌو ڀلي ڪو به اعتراف ڪري يا نه ڪري پر قبر جي حال جي ميت (مروي) کي خبر جيان نئين حالتن جي خبر انهن کي باقي ٻين لاءِ مڙئي کير وارو معاملو هوندو، حالتن جي ذڪر ۾ هن وقت جون حالتون سمنڊ يا درياهه منجهه اندر هڪ ٻيڙي جيان جيڪا تيز طوفاني هوائن جي ڪري لوڏن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ۽ هيٺ مٿي ٿي رهيون آهن ۽ خبر نه آهي ته سڀاڻي صبح واري نئين سج اڀرڻ وقت ڪهڙيون حالتون ۽ ڪهڙا چهرا سامهون هجن؟ هن وقت حالتن کي ڏسندي ڪانگ ۽ هنس پکي وارو مثال ٺهڪي اچي ٿو ته ڪانگ پنهنجي هلڻ ۾ هنس پکي جو نقل ڪري هلڻ لڳو ته سندس اصلي هلڻ به هن کان وسري ويو ۽ هو ڀُلجي ويو، هن مثال کي هروڀرو هن وقت جي اقتدار ڌڻي جو اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ تقرير ڪرڻ جو انداز ۽ ادائگي کي اڳ واري ليڊر سان ڀيٽڻ ۽ مشابهت ڏيڻ سراسر غير مناسب ٿيندو، البته هن زماني واري ليڊر جي بيان بازي واري فلم نه رڳو پراڻي فلم جي شرطيه نئين ڪاپي آهي پر پوري فلم سئنيما اسڪوپ ۽ رنگين به آهي، حالانڪه ماضي ۾ راقم ۽ ٻيا ليکڪ اهڙي ڪهاڻي واري بليڪ اينڊ وائيٽ فلم اڳ ئي ڏسي چڪا آهن، جيڪا هن رنگين فلم کان وقت جاندار ۽ ڪامياب هئي، جڏهن ته هن زماني واري رنگين سئنيما اسڪوپ پراڻي فلم جو نئون ايڊيشن هوندي به هڪ فلاپ فلم ثابت ٿيو آهي.


بهرحال اڄ ڳالهه شروع ٿي هئي حالتن کان، سو هن وقت جون اڄوڪيون حالتون سڀني جي اکين اڳيان آهن پر جيئن ته اڄ چار اپريل آهي، يعني ۴ اپريل ۲۰۲۲ع آهي ۽ اڄ کان ۴۳ سال اڳ به ۴ اپريل جي تاريخ آئي هئي، پر اهو اربع جو ڏينهن هو ۽ اڄ سومر جو ڏينهن آهي، جڏهن ته اڄ کان ۴۳ سال (۱۹۷۹ع) اڳ واري عبرت اخبار راقم جي اڳيان هڪ ڪتاب جيان رکيل آهي، جنهن جي پهرين صفحي تي وڏي اٺ ڪالمي خبر آهي ’جناب ڀُٽي کي ڦاسي ڏني وئي‘ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ چيئرمين جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي اڄ صبح سوير پنڊي واري جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. گهرو وزير جي پڌرائي موجب جناب ڀُٽي کي اڄ صبح جو ۴ وڳي پنڊي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي، جڏهن ته ان هيٺان هڪ ٻي خبر ان وقت جي آمر ضياءُ الحق جي حوالي سان هن طرح سان آهي، قانون جي عمل ۾ مداخلت نه ڪندس، ڀٽي کي معاف ڪرڻ لاءِ خصوصي اختيار استعمال نه ڪندس، صدر جو انٽرويو، هڪ ٻي ٻه ڪالم خبر آهي ’جناب ڀٽو هڪ سال ڪال ڪوٺڙي ۾ رهيو، بي بي سي‘ اسان هڪ عظيم قائد وڃايو آهي، ٻن ڪالمن جي خبر، آل انڊيا ريڊيو اها خبر رائيٽر جي حوالي سان ڏني. جناب ڀُٽي جي ڦاسي تي لوڪ سڀا ۾ بحث جو مطالبو (نئين دهلي پارليامينٽ ۾ مطالبو) جناب ڀُٽي جي ڦاسي تي وزيراعظم هندستان مرارجي ڊيسائي جو ڏک وارو بيان. جڏهن اڳوڻي هندستاني وزيراعظم مسز اندرا گانڌي طرفان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ تي ڏک جو اظهار ۽ افسوس ڪيو ويو ۽ مخدوم خليق الزمان کان پڇا جاري. بهرحال هي هو عبرت چار اپريل ۱۹۷۹ع جي پهرين صفحي جون مختصر خبرون، ان وقت جو وزيراعظم، حڪمران ۽ حالتون ڇا هيون، اخبار جي آئيني ۾ ۽ ڪهڙيون حالتون هيون ۽ حالات حاضره موجب هن وقت ملڪ ۾ حڪمران ۽ حالتون ڪيئن آهن؟ اهو ته سڄو ڪاروهنوار سڀني جي اکين اڳيان آهي.

هن ڏک وارين حالتن کي ڇڏي راقم جي سامهون اڄ کان پنجاهه سال اڳ واري عبرت اخبار پئي آهي، ان اڌ صدي پهرين واري عبرت اخبار يعني ۲۹ جون ۱۹۷۲ع خميس واري ڏينهن واري عبرت اخبار جي پهرين صفحي جون خبرون هن ريت آهن. اڄ صدر مملڪت جناب ڀٽو شمله ڪانفرنس لاءِ لاهور ايئپورٽ کان چنديڳڙهه هندستان روانو، ريڊيو پاڪستان تي اشفاق احمد ۽ ايوب روماني جو اکين ڏٺو احوال، محبوب رهنما ذوالفقار علي ڀٽو شمله وڃڻ کان اڳ لاهور هوائي اڏي تي خطاب ڪندي عوام کان پڇيو ته ’مون تي اوهان کي اعتماد آهي؟‘ هزارن جي ميڙ بلند آواز ۾ چيو ’ها اعتماد آهي‘ پر صدر ڀُٽي وري چيو ’اوهان هٿ مٿي کڻي ٻڌايو ته توهان کي مون تي اعتماد آهي؟ ته آئون اعتماد سان هندستان وڃان، ان بعد سڀني هٿ مٿي کنيا، جناب صدر ڀُٽي شمله روانگي کان اڳ لاهور ۾ چيو ته عوام جي امنگن خلاف ڪو به فيصلو نه ڪيو ويندو، پاڪ-هند تعلقات ڪشمير ۽ بنگلاديش بابت اسيمبلي فيصلو ڪندي. ان کانسواءِ ڪي به بنيادي فيصلا نه ڪبا. الهور جي هوائي اڏي تي صدر صاحب کي رخصت ڪندڙن ۾ مسلم ليگ جو صدر سردار شوڪت حيات، جماعت اسلامي جو امير طفيل، سنڌ جو گورنر الحاج مير رسول بخش ٽالپر وغيره موجود هئا ۽ صدر ڀُٽو مسڪرائيندي مڪيش جو گانو به ڳايو ته ’چل ري سجني‘ ان بعد جهاز اڏاڻو. صدر ڀُٽي سان گڏ پنجاهه ڄڻن جو وفد گڏ ويو هو، لاهور ايئرپورٽ تي رونا ليليٰ سائين اختر حسين پنجابي ۾ هو جمالو ڳايو: ’ڀٽو آ گيان ميدان مين هو جمالو‘ صدر ڀُٽي جي خاص هندستان ويندڙ جهاز جي دري تي پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جهنڊو لڳايو ويو، صدر ڀٽو لاهور کان چندي ڳڙهه ۽ چندي ڳڙهه کان هماچل پرديش جي تفريح واري شهر شمله جي هيلي پيڊ تي پهتو ته صدر ڀٽو جو انتهائي گرم جوشي سان استقبال ڪيو ويو. جڏهن ته ۲۹ جون عبرت جي خاص خبر اها به آهي ته ’تاريخي ڳالهين جو پهريون دور مڪمل‘ هڪ سنگل ڪالم خبر هن طرح آهي ته ’سردار سورن سنگهه پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ لنچ ڏنو‘ صدر ڀُٽي ۽ اندرا گانڌي ۵۰ منٽ ڳالهيون ڪيون، عبرت ۲۹ جون اٺ ڪالم هيڊنگ ڳالهيون ’سست پر اطمينان بخش آهن‘ صدر ڀُٽي جي وفد ۾ ڀُٽي صاحب سان گڏ مشهور لکيڪ صحافي ۽ عبرت جو ڪالم نويس محمود شام به هو، جنهن ٻنهي سربراهن مسز اندرا گانڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کان انٽرويو به ورتا، راقم کي محمود شام ٻڌايو ته شمله ڪانفرنس دوران هندستان جي اطلاعات کاتي پاڪستاني وفد لاءِ هڪ تفريح جو پروگرام شمله جي سئنيما گهر رٽرز ۾ منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ اردو، پنجابي گانا، ڀنگڙا ۽ ٻيا ورائٽي پروگرام شامل هئا.

عبرت ۲۹ جون ٻه ڪالم خبر آهي، ’غير ملڪي فلمون حڪومت درآمد ڪندي وزير اطلاعات نشريات صبح و اوقاف مولانا ڪوثر جو بيان، هن سان عريان فلمن کي ٻنجو ڏئي سگهبو، ڪراچي گناهن جو شهر، حيدرآباد ۾ بازار حسن بند ڪرائي وئي، عبرت ۲۹ جون ۱۹۷۲ع جي هنن خبرن سان هڪ ٻي خبر هن ريت آهي ته شديد گرمي بعد حيدرآباد ۽ ڀرپاسي زبردست برسات، برسات حيدرآباد، ٽنڊو ڄام ۾ پئي، سن ۾ زوردار طوفان درياهه ۾ ٻيڙيون اونڌيون.

بهرحال هي جهلڪ هئي، اڌ صدي اڳ جون ۱۹۷۲ع جي عبرت مان جنهن وقت اڃا ۱۹۷۳ع وارو آئين نه ٺهيو هو ۽ ملڪ جو سربراهه صدر يحيٰ کانپوءِ به صدر ئي هو، جيڪو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ سول چيف مارشل لا ايڊ منسٽريٽر به مقرر ٿيو هو ۽ ان جي صدارت کي ڇهون مهينو هلندڙ هو ۽ پاڪستان ٽٽڻ ۽ اوڀر پاڪستان مان آزاد ملڪ بنگلاديش ٺهڻ هندستان سان لڙائي کي گذري ڇهه مهينا مس ٿيا هئا ته پاڪستان هندستان مشهور معاهدو هو. شمله ڪانفرنس دوران ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سندس نياڻي بينظير ڀٽو (۱۹ سالن جي) به هئي، ان اوچتو مينا ڪماري جي مشهور فلم پاڪيزه ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته اڳوڻي آءِ اي ايس آفيسر ايم ڪي ڪاؤ پنهنجي ڪتاب An Outsider Everywhere ۾ لکيو آهي ته ’هڪدم آنن فانن شمله جي ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهايو ته بينظير صاحبه فلم پاڪيزه ڏسڻ چاهي ٿي، ان بعد فوري طور تي رٽرز سئنيما ۾ اسپيل انتظام ڪيو ويو، حالانڪه ان ۾ شمله اندر پاڪ و هند سڀني جي سئنيما ۾ اچڻ جو خيال هو پر هال ۾ ٽي ڄڻا فلم ڏسڻ آيا، بينظير ڀٽو ۽ ٻه ٻيا، ان وقت فلم پاڪيزه کي رليز ٿئي پنج مهينا ٿيا هئا، جيتوڻيڪ محمود شام پنهنجي ياگيري ۾ فلم ڏسڻ واري ڳالهه بدران ساڳي سئنيما ۾ پروگرام ٿيڻ جو ٻڌايو آهي. جنهن تحت ۹۰ هزار جنگي قيدي هندستان آزاد ڪيا ۽ اولهه پاڪستان جو والاريل علائقا به خالي ڪيا، ان کانپوءِ ۱۹۷۳ع جي سال ۾ ملڪ جو آئين ٺاهيو ويو ۽ منظور ڪيو ويو پر ۱۹۷۲ع ۾ صدر ڀٽو ۽ ۱۹۷۳ع ۾ وزيراعظم بڻجي ويو پر هنن ڪمن ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۹ع ايندي ايندي ستن سالن ۾ هو حالتن جي ور چڙهي ۽ هن کي چونڊن جي نالي ۾ شروع ٿيل ڌانڌلي واري تحريڪ نظام مصطفيٰ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ جيڪا آخر ان ملڪ ۽ عوام جي هڪ بهترين قائد کي ظالم حالتن هٿان ڦاسي جي ڦندي تائين وٺي وئي. پر ذوالفقار علي ڀُٽو جهڙي سياست ۾ ڪير به سياسي ڪاپي سياست ۾ نه ٿو ڪري.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ (ڀائرن جهڙو) جو وڏو ڀاءُ عبدالجبار ميمڻ ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب امريڪا ۾ جهان ڇڏي ويو، پر هن کي پنهنجي ڌرتي ٽنڊو ڄام (نور شاهه بخاري) ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ بدران رياست ورجينا ۾ امريڪا سپرد خاڪ ڪيو ويو، عبدالجبار سڀني ڀائرن ۾ وڏو هو ۽ سائين عبدالرحمان کي ماشاءَ الله ٻارهن فرزند الله عطا ڪيا. اڄ حالتن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هاڻ ڇا حڪومت، ڇا حڪمران سڀئي وقت جا غلام آهن، هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو به وقت جي زنجيرن ۾ ڦاٿل غلامن وانگر حالتن جا محتاج شطرنج جي مهرن وانگر هلي رهيا آهن. خبر نه آهي ڪير زور ٿيندو؟ پر وقت چوي ٿو آئون ئي زور آهيان ۽ حالتون به منهنجي تابع آهن پر حقيقت ۾ هر وقت جا حڪمران حالتن ۾ جڪڙيل رهيا آهن ته سياست وارا سياستدن به حالتن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، هي تحرير پڙهڻ وقت يقين آهي ته حڪمران بمقابل سياستدان مان ڪابه هڪ پارٽي شڪار ٿي چُڪي هوندي ۽ اها وقت کي ڏوهه ڏيندي حالتن کي بددعائون ڏيندي، چوندا ته اسان اصل ۾ اهڙا ته نه هئاسين پر ظالم وقت ۽ بي رحم حالتن جي وَر چڙهي وياسين ۽ هاڻي سياسي شهيد آهيون پر جنگ ڪهڙي به هجي ان ۾ هڪ شهيد ۽ ٻيو غازي ٿيندو آهي، هاڻ ڏسجي ته ڪير شهيد ڪير غازي ٿيندو؟ بس ذوالفقار علي ڀٽو ته شهيد آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

سنڌ ڌرتيءَ جو دلير سپوت

منظور کوسو

تاريخ ۵ جنوري ۱۹۲۸ تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ جي صفحن تي موجود هڪ اهڙي سياسي سحرانگيز شخصيت جو نالو آھي جو ۴۳ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به “جيئي ڀٽو” جو سحر قائم آھي ۽ هر سال ۴ اپريل تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سان محبت ڪندڙن جون اکيون نمناڪ هونديون آھن. هو پنهنجي سوچ ۾ ھڪ انقلابي، جدت پسند، سياسي تدبر ۽ فهم وفراست جو مجسمو هيو نه فقط پاڪستان پر عالمي سطح تي به سياست ۾ ھن کي نمايان مقام حاصل هيو. مسلمان ملڪن جي مسئلن ۾ ته هن جو ڪردار متاثر ڪندڙ رهيو. ۱۹۷۳ ۾ مشرق وسطيٰ جي جنگ يا ۱۹۷۴ ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس اسان کي ڀٽي جو ڪردار ساري منظر تي ڇانيل نظر ايندو، عرب قومن کي تيل جي بندش oil embargo جهڙي قدم تي راضي ڪرڻ هن انتهائي قدم ته استعماري قوتن کي لوڏي ڇڏيو. هن کان پهرين آمريڪا ۽ اولھ کي عربن مان اهڙي جرئت جي اميد ڪانه هئي، هنن پروڙي ورتو ته هن فيصلي جي پٺيان ڀٽي صاحب جي سوچ ۽ صلاحيت ڪارفرما آھي. هن سياست جي ديوي کي محلاتن مان ڪڍي عام ماڻھن جي گهرن، چوراهن بازارين، کيتين، ڪارخانن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين، شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ بحث جو موضوع بڻايو ۽ هن جمهور کي عوامي مسئلن ۽ مفادن تي ڳالهائڻ لاءِ زبان ڏني، سياست کي اهڙو عام ڪيائين جو عام ماڻھو به ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳالهائڻ ۽ تبصرا ڪرڻ لڳو! هن ۱۹۵۰ ۾ برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي، ۱۹۵۲ ۾ آڪسفورڊ کان قانون جي ڊگري ۽ مڊل ٽمپئل لنڊن کان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين، ان کانپوءِ ڪجھ وقت انگلينڊ جي يونيورسٽي سائوٿمپئن ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد ٿي رهيو.

پاڪستان ۾ هڪ منفرد، جرئتمند عوامي سياسي ڪلچر کي روشناس ڪرائڻ، مسلم ورلڊ کي هڪ پيج تي آڻڻ، قاديانين کي غيرمسلم اقليت قرار ڏيڻ جنهن لاءِ ڪرنل رفيع پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي ته ڪال ڪوٺڙي ۾ قيد ڀٽو صاحب پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ قاديانيت جي فتني کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ واري عمل کي پنهنجي لاءِ گذشته گناهن جو ڪفارو قرار ڏيندو هيو، بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ، آمريڪا جي ائٽمي عدم ڦھلاءُ جي پاليسي کي نه مڃيندي پاڪستان کي هڪ ائٽمي ملڪ بنائڻ ۽ ان ڏس ۾ آمريڪا جي هر پيشڪش کي ٺڪرائي ڇڏڻ جھڙن جرئتمند قدمن جي پاداش ۾ سنڌ جو هي دلير ۽ غيرتمند سپوت عالمي طاقتن جي سازشن جو شڪار ٿيو ۽ هتان کان ڄڻڪ ڀٽن جي شھادت جو آغاز ٿيو. هونئن به جيڪڏهن دنيا جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته دلير ۽ غيرتمند پٽ اسان کي شھادت جي موت مرندي نظر ايندا. ڀٽائي صاحب رحه ان ڏس ۾ ڇا ته ڳالھ ڪئي آھي:

سورھ! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

سال ۱۹۵۸ ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾ پير پاتو ته هن جي منفرد ڳالهين کي ٻڌي ڪري ان وقت ماهر سياسي تجزيه نگارن چئي ڇڏيو هو ته “ڀٽو پنهنجي لاءِ ھڪ پرخطر رستي جي چونڊ ڪري چڪو آھي. “ ۱۹۶۵ع ۾ پاڪ ڀارت مسئلي تي ڀٽي صاحب جا برطانوي هاءِ ڪمشنر مورس جيمز سان اختلاف ٿي پيا جنهن ڪري ڀٽو ان کان اڪثر ناراض رهندو هو، مورس پنهنجي هڪ مراسلي ۾ پاڪستان جي سياسي افق تي تيزي سان ڇائنجي ويندڙ ھن مدبر سياستدان لاءِ تبصرو ڪندي هن جي صلاحيتن جو هنن لفظن ۾ اعتراف ڪيو ته “ڀٽو ڪيترن ئي صلاحيتن سان مالامال آھي” پر اڳتي هلي هن ڀٽي کي بائبل جي هڪ ڪردار “لوسيفر” سان تشبيھ ڏني يعني، ڦاسي تي لٽڪڻ لاءِ پيدا ٿيڻ وارو) وقت کان اڳ ئي ڀٽي جي انجام جو اندازو لڳايو پئي ويو.

هن ڳالھ کان ڀٽو جا دشمن به انڪار ڪري نه سگهندا ته هو نه فقط طبيعت ۾ ارڏو پر هڪ انتها درجي جو دلير ۽ عوام دوست سياستدان هو. هينري ڪسنجر پنهنجن يادگيرين ۾ لکي ٿوته “دنيا جا گهڻائي ليڊر جيڪي قد و قدامت جي لحاظ کان پاڻ کي عظيم سمجهندا هئا، مان بار بار انهن کي بيوقوف بڻائي چڪو آھيان پر ذوالفقار علي ڀٽو اهڙو ماڻھو هيو، جنهن هڪ مسئلي تي مون کي ٻه ڀيرا بيوقوف بڻايو ۽ اهو مسئلو هيو آمريڪا طرفان پاڪستان جي ائٽمي پروگرام تي پابندي! مان ٻه ڀيرا آمريڪي صدر جو پيغام کڻي آيس ۽ واضح لفظن ۾ چيم ته: آمريڪي صدر چاهي ٿو ته توهان پنهنجن ارادن کان باز اچو ورنه اسان توهان کي عبرتناڪ مثال بڻائي ڇڏينداسين. پهرين ڀيري ذوالفقار علي ڀٽي جواب ڏنو ته توهان جي ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آھن، بهتر ٿيندو ته هن مسئلي تي آمريڪا جي نئين چونڊيل حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ۱۹۷۶ع ۾ ھينري ڪسنجر ٻيهر آمريڪي صدر جو پيغام کڻي آيو ته ڀٽو صاحب جواب ڏنس ته توهان ڏسو پيا ته اپوزيشن منهنجي خلاف تحريڪ پئي هلائي ۽ نئين اليڪشن جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن مان توهان سان ڪو واعدو ڪريان ۽ مون کانپوءِ ڪا نئين حڪومت اچي وڃي ته پوءِ منهنجي واعدي جي ڪهڙي حيثيت رهندي! اهڙن مدلل جوابن ڪسنجر کي لاجواب ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت ڀٽو شھيد پنهنجي فهم وفراست سان پاڪستان جو ائٽمي پروگرام بچائي ويو. هميشه شعوري طور تي اها ڪوشش هوندي هيس ته ان جو عوام سان سياسي تعلق مضبوط هجي، ان ڪري هر جلسي هر فورم تي ان جي ڳالھ به عوامي مفادن وٽان هوندي هئي. هن اها ڳالھ سمجهي ورتي هئي ته جمهوري نظام ۾ طاقت جو محور عوام آھي پوءِ ھن جڏهن به ڳالهايو عوام تي ئي ڳالهايو. ھن جون ڳالهيون عوام کان شروع ٿي عوام تي ختم ٿينديون هيون. ذوالفقار علي ڀٽو سياست ۾ هڪ طوفان بڻجي آيو ۽ ماڻھن جي ذھنن تي اڻمٽ نقش ڇڏي طوفان جيان ئي هليو ويو. هي سياست جي افق تي هڪ اهڙو طوفان هيو، جنهن چڱن ڀلن سردارن، ڀوتارن ۽ چوڌرين کي ڪک پن جيان اڏاري ڇڏيو. سندس سياسي عمر فقط ۲۱ سال هئي، ۳۰ سالن جي عمر ۾ سياست ۾ پير پاتائين جنرل محمد ايوب جي ڪابينا ۾ ۱۹۶۳ ۾ وزير خارجه مقرر ٿيو، ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ تي پيپلزپارٽي جو بنياد وڌائين، ۱۹۷۱ کان ۱۹۷۳ تائين صدر پاڪستان رهيو، ۱۹۷۳ کان ۱۹۷۷ تائين پاڪستان جو پهريون چونڊيل وزيراعظم ٿي رهيو ۽ ان مختصر عرصي ۾ نه فقط ملڪ کي آئين ڏنائين پر خارجي محاذ تي به ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيائين. ڊڪٽيٽر کي اهو اندازو ئي ڪونه هيو ته ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي هو جنهن شخصيت جي نانءَ نشان مٽائڻ ڪاڻ ڦاهي سجائي رهيو هو ته اهو نانءُ دنيا جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو. هن المناڪ واقعي نه فقط سنڌ ۽ پاڪستان پر پوري دنيا جي هر جمهوريت پسند ۽ انسان دوست انسان کي اشڪبار ڪري ڇڏيو. اهڙن اڻموٽ ۽ نه جهڪندڙ عاشقن لاءِ ڀٽائي ڇا ته سٽون سرجيون آھن:

سوري آھ سينگار، اڳهين عاشقن جو،

مڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار،

ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

ڪرشماتي شخصيت جو ٿيل عدالتي قتل

ڪندن مالھي

چار اپريل ۱۹۷۹ع پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو بدنصيب ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي ملڪ جي پهرئين چونڊيل جهموري وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏئي عدالتي قتل ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل نه رڳو هڪ شخص جو قتل هو، پر ملڪ جي مستقبل جو قتل هو، ملڪ جي معيشت جو قتل هو جهموريت جو قتل هو، جنهن جي ڪري ملڪ کي ايڏو وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن جو ازالو اڄ ڏينهن تائين ٿي نه سگهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ ۴۳ هين ورسي آهي، ۴۳ سال گذري وڃڻ جي باوجود نه رڳو عوام جي دلين ۾ زنده آهي پر ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سياست اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري ۽ اڌوري آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مختصر دور ۾ تمام وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا، جنهن نه رڳو ڀارت جي قبضي مان نوي هزار فوجي ڇڏرايا پر هزارين ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضو ڇڏرايائين ۽ هي اُها زمين هئي، جنهن مان دنيا جو ڇهون (۶) نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو برآمد ٿيو آهي ۽ جنهن ته اڄ ملڪ ۾ بجلي جا وڏي ۾ وڏا پاور پلانٽ لڳي رهيا آهن. صرف ايترو ئي نه پر اڄ جنهن آئين تي هي ملڪ هلي رهيو آهي، اهو به ان ئي شخصيت جو ڏنل آئين هو، جنهن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو ويو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پاڪستان کي ڏيوالپڻي مان ڪڍي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ سان گڏ ايٽمي طاقت بڻايو. ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ان وقت جي فوجي حڪمران جنرل ضياءَالحق ۵ جولاءِ۱۹۷۷ع تي سندس حڪومت جو تختو اُونڌو ڪري ٽيون دفعو ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ان بعد جنرل ضياءَ الحق ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين سياسي اڳواڻن کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو. بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نواب محمد احمد خان جي قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو ويو. قتل جي سازش جو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج مولوي مشتاق حسين هلايو ۽ واعدي معاف شاهدن جي شاهدي تي ۲۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي ڀٽي کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ۾ مولوي مشتاق حسين کي سپريم ڪورٽ جو جج نه بنايو جنهن تي هو ڀٽي خلاف ڪاوڙيل هو ۽ جنرل آمر ضياءُ سان گڏجي پوءِ ان ڪيس ۾ اهو پلاند به ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي آيل فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. جنهن کي ستن ججن تي ٻڌل ڪاميٽي ٻڌو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس شيخ انورالحق جي سربراهي ۾ فيصلو پنجن ججن ڪيو. جن مان ٻن ڀٽي صاحب کي بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪرڻ ۽ چيف جسٽس سميت ٽن ججن موت جي سزا کي بحال رکڻ جي فيصلو ڪيو. اُن وقت جنرل ضياءُالحق کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ حڪومتن جي اڳواڻن اپيل ڪئي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي ڏنل سزا تي عمل نه ڪيو وڃي، پر ان وقت جي آمر جنرل ضياءُالحق پنهنجي حڪومتي عرصي کي واڌ ڏيڻ ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽي پاران ملڪ جي عوام کي ترقي، خوشحالي ۽ ايٽمي طاقت ٺاهڻ جي سزا ڏيڻ سميت عوامي شهرت، فڪر، فلسفو ۽ نظريه ڀٽو ازم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هن شهيد ڀٽو کي ڦاهي تي لٽڪائڻ لازمي سمجهيو. جنهن تي عمل ڪندي آمر جنرل ضياءُالحق ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڀٽي صاحب کي ڦاهي تي لٽڪائي شهيد ڪري ڳڙهي خدابخش ۾ دفنايو ويو، پر هڪ اعليٰ ذهن ۽ پاڪستان جي عوامي شهرت رکندڙ ليڊر کي پاڪستان جي عوام کان کسي ملڪ جي وڌندڙ ترقي جي رستن کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

موهن جي دڙي جي زرخيز مٽي ۽ سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي جي سياسي گهراڻي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ تاريخ ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ٿيو ۽ ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي ڦاهي تي لٽڪائي شهيد ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حياتي جي۵۱ سالن ۾ ننڍپڻ جا ۲۰ سال ڪٽي ڇڏيون ته باقي ۳۱ سال بچن ٿا. يقينن هن ايتري ننڍڙي عرصي ۾ دنيا جي تخت تي جيڪو مقام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ماڻيو، اهڙو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به شخص يا اڳواڻ نه ماڻيو آهي، اهو ئي سبب هو جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪرشماتي شخصيت پڻ چيو ويندو هو. جيڪو جيئري ته ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪري ويو پر مرڻ کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ “زنده هي ڀٽو زنده هي” جي نعري سان نه رڳو زنده آهي پر اڄ به سندس فڪر، فلسفي ۽ نظريي جي سياست ملڪ جي چئو طرف ڦري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو شهيد ڀٽو جو ملڪي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ اڄ هڪ ڀٽو سياست آهي ۽ ٻئي ڀٽو مخالف سياست آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عوامي سحر ايترو ته زور هو جو ۱۹۷۰ع جي اليڪشن ۾ جڏهن ڀٽو صاحب چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلسن دوران نڪتو ته ماڻهو لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويندا هئا.

مان حيران آهيان ته ان دور ۾ جڏهن ڪابه انفارميشن جي جديد ٽيڪنالاجي نه هئي، روڊ، رستن ۽ گاڏين جي به سهولت نه هئي ۽ نه وري فيسبوڪ، ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام هئا پر ان باوجود ڀٽو شهيد جي سڏ تي لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جو گڏ ٿيڻ يقينن ڪو ڪرشمو ئي هوندو هو ۽ ان اليڪشن دوران ڀٽو صاحب جنهن کي به پارٽي ٽڪيٽ ڏني، پوءِ ڀلي مخالف ۾ جاگيردار، مير، پير، سيد ۽ سرمائيدار ڇو نه هجي پر هن مخالف اميدوار کي هارائي وڌو هو. اهو ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي شخصيت جو اثر هو جو هو عوامي سطح کان ويندي، ملڪي ۽ دنيا سطح جي اجلاسن ۾ ويندو هو ته پنهنجي شخصيت جو ماڻهن جي ذهنن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ڀٽو صاحب جي شخصيت جو سحر ماڻهن جي مٿان ايترو ته حاوي آهي جو اڄ شهيد ٿئي ۴۳ سال گذري ويا آهن پر ماڻهن جي دلين ۾ ڀٽو نه رڳو زنده آهي پر اڄ به ملڪ جي سياست مٿان حاوي پڻ آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سحر يا ڪرشمو هوندو جو جن ڀٽي صاحب کي ڏٺو ئي ڪونه ۽ نه وري ڪڏهن روبرو ٻڌو يا مليو، اُهي به ڀٽي جا ديوانا ۽ عاشق لڳا پيا آهن. جن ڀٽي کي ختم ڪرڻ جو سوچيو ۽ سازش ڪئي، اُهي پاڻ نه رڳو ختم ٿي ويا پر لاش به مائٽن کي نصيب ڪونه ٿيا ۽ نه وري اڄ ڪنهن جاءُ تي نالو نشان ملي ٿو. مان سياسي ڪارڪن هجڻ جي ناتي سان اها ڳالهه داعوا سان چوان ٿو ته شهيد ڀٽو جي شخصيت جو جيڪو عوام ۾ سحر آهي، ان جو هڪڙو ئي سبب آهي ته سياسي ميدان ۾ شهيد ذوالفقار جيڪو فڪر، فلسفو ۽ نظريو ڏنو، اهو ئي ان جي سحر جو سبب آهي. ڇو ته اهو نظريو ئي هوندو آهي جنهن بنياد تي ماڻهن جي دلين ۾ اڳواڻ جي جاءِ ٺهندي آهي

 ۽ نظريو به اهڙو جو عوام جي مفادن وٽان چٽو ۽ واضع هجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به اهڙو ئي نظريو ڏنو جيڪو صرف ۽ صرف عوام جي مفادن، ملڪ جي سالميت ۽ جهموريت جي بحالي لاءِ هو ۽ ان تي عمل ۽ جهدوجهد ڪندي هو ڦاهي جي ڦندي تي به چڙهي ويو پر پوئتي نه هٽو. هن ملڪ جو عوام اڄ پنهنجي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۴۳ هين ورسي تي سندس ادا ڪيل ڪردار تي عقيدت پيش ڪندي پرزور اپيل ٿو ڪري ته شهيد ڀٽو جي قتل ڪيس کي ري اوپن ڪري عوامي اڳواڻ ۽ ڪرشماتي شخصيت جي قاتلن کي وائکو ڪري تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

سياست جي دنيا جو عظيم ڪردار

پروفيسر گل محمد سومرو

لفظ انسانيت جو مطلب آھي ته پنھنجي مفادن ۽ خواھشن سان گڏ ٻين جي خواھشن جو احساس رکڻ ۽ ھر انسان جي مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ. پاڪستان جو بنياد جمھوريت جي اصولن تحت رکيو ويو، جنھن ڪري پاڪستان جو سرڪاري نالو اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو. جمھوريت لفظ جو مترادف آھي عوامي حڪومت، جنھن جو مطلب آھي عوام پاران چونڊيل نمائندا جيڪي حڪومتي نظام کي عوام جي سھوليتن ۽ انھن جي مسئلن جي حل لاءِ خدمتون سر انجام ڏيندي ھلائن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان ۾ عوام جي لاءِ جمھوريت جو ٻج ڇٽي جيڪو ٻوٽو عوام جي خوشحاليءَ لاءِ پوکڻ چاھيو ان جو نالو پاڪستان پيپلز پارٽي ھو. ان جو ميوو سندس ئي وقت ۾ ملڪ جي عوام کي رسيو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ ان ئي وڻ کي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو باقائدگيءَ سان پاڻي ڏئي شاداب ۽ ميويدار ڪري ملڪ جي عوام کي ميوو کارائڻ جون مڪمل ڪوششون ڪيون پر جھڙيءَ ريت ان ميويدار وڻ جي پوکڻ ۽ عوام کي خوشحال ڏسڻ جي سزا طور ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو بلڪل اھڙي طرح سنڌ جي شھزادي محترمه بي نظير ڀٽو کي پڻ شھادت جو جام پياري حقيقي ننڊ ۾ سمھاريو ويو. اھي عظيم شھادتون ذاتي مفادن لاءِ نه، اقتدار جي لالچ پوري ڪرڻ لاءِ نه ملڪ جي خزاني مان عيش ۽ عشرت ڪرڻ لاءِ نه بلڪه عوام جي خوشحاليءَ خاطر ڏنيون ويون. انھن شھادتن کي نه رڳو ھن ملڪ جي عوام بلڪه دنيا ھميشه ھر موڙ تي سھڻن لفظن ۾ ياد ڪندي رھندي. شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو والد محترم جي پوکيل ميويدار وڻ کي پاڻي ڏئي سائو ته ڪيو ۽ عوام کي وڏو فائدو رسايو.

ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو بھترين، عوامي ۽ انسانيت جي احساس سان سر شار عظيم سياستدان ۽ اڳوڻو وزير اعظم هيو، سندس ولادت ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي ٿي. هن سر شاهنواز ڀٽو ۽ خورشيد بيگم جي گھر ۾ جنم ورتو.

ڀٽو صاحب هڪ عوامي شخص ۽ عوامي ليڊر هو ( اها ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون هميشه عوام سان گڏ رھڻ ۽ انھن جا مسئلا حل ڪرڻ پسند ڪندا ھئا. پوءِ ڇو نه موت اچي ڀاڪر پائي. محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي. ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي. اهو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا ھئا ۽ آھن. اھا ڳالھ ڪنھن کان به لڪل نه آھي ته هڪ ڀيري دادو شهر م ٻوڏ آئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڀٽو صاحب دادو ۾ ٻوڏ جي ستايلن سان ملڻ ۽ انهن جي مدد لاء آيو ۽ اسان ڏٺو ته مٿان مينهن پيو وسي ۽ هيٺان ٻوڏ جو پاڻي هو پر ڀٽو صاحب ٻين ماڻهن سان گڏ انهي ٻوڏ جي پاڻي اندر بيٺو رهيو هو ۽ ماڻهن جا ڏک سور ٻڌي رهيو هو. ۽ اهي ئي شايد هڪ عوامي ليڊر جو خاصيتون هونديو آهن شايد ڀٽو صاحب جي عوام ۾ مقبوليت جو مک سبب به اهو ئي هو، جڏھن ته ان وقت ويجھڙ ۾ ڪا به اليڪشن ڪا نه ھئي.

ذوالفقار علي ڀٽو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسا ٿيندا هئا، ڀٽي صاحب جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو. ڀٽو صاحب اهو واحد ليڊر هو جنهن سياست کي بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي کليل روڊن رستن تي آندو ۽ عوام کي ڳالهائڻ جو حق ڏنو ۽ شعور ڏنو. ڀٽو صاحب پنهنجي اقتداري دور ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين جديد سوچ جو مالڪ هو، هو پاڪستان کي حالتن ۽ وقت سان گڏ هلائڻ چاهيندو هو، انهي ڪري هن هڪ اهڙي سياسي پارٽي ٺاهي جنهن جو منشور فلاح، بهبود ۽ عوامي خدمتن تي مشتمل هو. ڀٽي صاحب ٿوري وقت ۾ ئي عوام جون دليون کٽي ورتيون هيون، اسڪندر مرزا جي دور کان ڀٽي صاحب سياست جو آغاز ڪيو، ۳۰-نومبر ۱۹۶۷ع تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد لاهور ۾ رکيائين. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنياد رکڻ ۾ ڪافي شخصيتن حصو ورتو، پارٽيءَ جي مقصد ۽ منشور ۾ جيڪي نقطا رکيا ويا انهن ۾ اسلام اسان جو دين ۽ يقين آهي، جمھوريت اسان جي پاليسي آهي، طاقت جو محور سرچشمو عوام آهي. ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي سياسي شعور طور عوام ۾ سجاڳي آندي جنھن جي ڪري اڄ تائين عوام قائد عوام جون ساروڻيون ساري ٿو. هن جي دؤر حڪومت ۾ ئي پاڪستان ايٽم بم ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، پاڪستان اسٽيل مل ۽ ٻيا ادارا وجود ۾ آيا، ڀٽو زراعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ جديد زرعي اوزار زميندارن ۽ هارين کي مفت ۽ آسان شرطن تي ڏنا ته جيئن ملڪ ۾ زرعي جنسن جي پيداوار وڌي، اهڙي طرح صنعت ۽ تجارت جي شعبن کي به هٿي وٺرائڻ لاءِ نوان منصوبا تيار ڪيا ۽ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ پيداوار ۾ واڌارو ڪيو.

ڀٽو جي قابل ذڪر ڪارنامن ۾ وڏو ڪارنامو پاڪستان کي ائٽمي رياست بڻائڻ هو، ڀٽي صاحب ان ڪم لاءِ عظيم سائنسدان عبدالقدير خان کي هتي آندو ۽ کيس ائٽم بم ٺاهڻ جو ڪم سونپيائين. سندس ٻيو وڏو ڪارنامو پاڪستان کي نئون آئين ڏيڻ هو ۽ سندس ٽيون وڏو ڪارنامو اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ هو، جنهن ۾ اسلامي دنيا جي تقريبن سڀني حڪمرانن شرڪت ڪئي. ڀٽي اسلامي ملڪن جي سربراهن کي هڪ جڳھ تي گڏ ڪري انهن کي اتحاد ۽ يگانيت جي اهميت کان آگاھ ڪرايو. ان کان علاوه ڀٽو دؤر جي سونهري ڪارنامن ۾ ڪراچي ۾ ائٽمي بجلي گهر جو قيام، ۹۰ هزار جنگي قيدي انڊيا مان ڇڏائڻ، اوپن يونيورسٽين جي ايجاد، شاهراه قراقرم جي تعمير، پورٽ قاسم جي تعمير، چشمه ۽ ٻين بئراجن جي تعمير، فرانس ۽ ڪئناڊا سان ٻه ائٽمي معاهدا ڪرڻ، وزارت مذهبي امور جو قيام، ۱۷ لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، ليبر پاليسي جوڙڻ، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، اين ڊي ايف سي، قائداعظم يونيورسٽي جو قيام ۽ ٻيا عمل شامل آهن. ان کان سواءِ هن شراب جي خريد وفروخت تي پابندي هنئي، جمعي جي ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو ۽ قاديانين کي اقليت قرار ڏيئي اسلام جي دائري مان ٻاهر ڪڍيو. شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ، شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻه ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون پيدا ڪرائڻ وغيره ذوالفقار علي ڀٽو جا ملڪ ۽ عوام لاءِ تاريخ جا يادگار ڪارناما ملڪ جي تاريخ ۾ سونھري لفظن سان لکيل ۽ عوام جي دلين ۾ ويٺل آھن. ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت جو سحر ڪئي سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به قائم آهي، هڪ اهڙو ڀُٽو جنهن عوام لاءِ جيئڻ سکيو ۽ عوام لاءِ ئي قربان ٿي ويو، جنهن پاڻ کي سدائين عوام جي ويجهو رکيو، جنهن وٽ انهي ڳالھ جي سڀ کان وڌيڪ اهميت هئي ته عوام ڪنهن به ريت تڪليف ۾ نه رهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام اڄ به ذوالفقار علي ڀٽي کي انهي عقيدت ۽ پيار سان ياد ڪري ٿو جيڪو پيار ۽ محبت هن کي سندس حياتي ۾ ئي عوام پاران نصيب ٿيو هو.

جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۽ ملڪ لاءِ بي انتھا ڪوششون ڪندي ھر موڙ تي ڪاميابي ماڻيندو رھيو ته ملڪ دشمن قوتن کيس ملڪ ڇڏي وڃڻ جي يا موت قبولڻ جي ڌمڪي ڏني پر ذوالفقار علي ڀٽو موت ته قبول ڪيو پر ملڪ ۽ عوام سان ڌوڪو نه ڪيو. ۵ جولاء ۱۹۷۷ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءُ الحق مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر مقرر ٿيو ۽ ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪرايو ۽ سندس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو. ڇهن مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي صاحب کي ۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ع کان ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جون تڪليفون ڏنيون ويون. ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ بھادر نياڻي بينظير ڀٽو آخري ملاقات ڪرڻ آيون، جڏهن ڀٽي صاحب ٻنهي کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم ان حقيقت کي سمجھي ويو ته ھي ملاقات منھنجي زندگيءَ جي پنھنجي وني ۽ بھادر نياڻيءَ سان آخري ملاقات آھي. جڏهن جيلر کيس اهو يقين ڏياريو ته سڀاڻي اوھان کي ڦاسي ڏني ويندي، تنهن کان پوء ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بست ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان سھڻي انداز ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔ ذوالفقار علي ڀٽي کي قتل ڪيس جي الزام ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاهي ڏني وئي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي آخري آرامگاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جسماني طور ته ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو آھي پر سندس اعليٰ ڪردار، خوبيون ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتون عوام جي دلين ۾ ھن وقت به زنده آھن ۽ زنده رھنديون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڀٽو

قومي ايڪتا جو اڪيلو آسرو

يوسف مرتضيٰ بلوچ

۰۴ اپريل جي ڏينهن تي هڪ عظيم ۽ محب وطن ليڊر جو يوم شهادت جو ڏهاڙو آهي، سندس قائدانا خصوصيت ۽ دور انديشي کي دنيا تسليم ڪري ٿي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف هڪ عالمي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن پوري دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي بحال ڪيو، هو نه صرف پاڪستاني عوام جو ليڊر هو پر چئني صوبن جي وچ ۾ يڪجهتي جي علامت به هو، هن پاڪستان ۽ امت مسلمه جي وقار لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هميشه هڪ عظيم ليڊر جي حيثيت سان ياد ڪيو ويندو، جيڪو ظلم ستم، جبر، پيڙيل ۽ دٻيل عوام جو آواز بڻجي اڀريو جنهن ستم رسيده ۽ ظلم و استحصال جي شڪار ٿيل ماڻهن کي ڳالهائڻ جي سگهه ۽ زبان ڏني، ڪمزورن کي طاقتور ۽ محروم طبقي کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ۽ جرئت ڏني، هن اصولن تي سوديبازي ڪرڻ بدران پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا نظريا اڄ به زنده آهن جيڪي نوجوان نسل کي بلند ۽ بالا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۽ همدرد پارٽي جي منشور تي عمل ڪندي مظلوم ۽ جبر جو شڪار ٿيل ماڻهن جي مدد ڪندا رهن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد هميشه اسان جي دل ۾ تازه رهندي، هو هڪ عهد ساز ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن پنهنجي پوري ڄمار جدوجهد ۽ ملڪ جي يڪجهتي، سلامتي جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حقن جي بحاليج لاءِ وقف ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دلير ۽ بهادر ليڊر هو، ڀٽو شهيد جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هو اسان کان جسماني طور ته جدا ڪيو ويو پر نظرياتي طور تي اڄ به هو اسان جي رهنمائي ڪندو رهي ٿو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جيان ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجي جان قربان ڪري نظرياتي مشعل کي روشن رکيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي مضبوطي، عوام جي خوشحالي ۽ جمهوري نظام کي رائج ڪرڻ سان گڏ ملڪي معيشت ۾ انقلاب برپا ڪرڻ شامل هو، پنهنجي ان عزم خاطر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو ۽ راولپنڊي واري جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پياري نياڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي پنهنجو مشن سونپيو، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي پيروي ڪندي انتهائي ذميواري ۽ قائدانه صلاحيت هيٺ سڄي دنيا ۾ پنهنجو الڳ نالو ڪمايو ۽ پنهنجي سياسي صلاحيت کي مڃائيندي دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم بڻجي دنيا لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرين کي اپنايو، عملي طور تي هڪ انقلابي جدوجهد ڪئي ۽ پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري، مستحڪم، خوشحال ۽ فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو، ملڪ ۽ عوام جي حق ۾ پنهنجي ڪوششن کي همت، حوصلي عزم ۽ دانشمندي سان پنهنجي شهادت تائين جاري رکيو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي فرزند بلاول ڀٽو زرداري جي نوجوان قيادت هيٺ اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي عوامي جدوجهد ذريعي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ عمل جي راهه ۾ آهي، جنهن پنهنجي قائدانه صلاحيت ذريعي ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ نوجوان باصلاحيت سياسي اڳواڻ آهي جيڪو سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان جي عوام دشمن پاليسين خلاف اڄ به ايوانن ۽ عملي جدوجهد سبب عوامي مارچ ۽ مهانگائي خلاف عمل جو ميدان آهي، جنهن عوام ذريعي خاطر خواه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ڪراچي کان اسلام آباد تائين ۱۴ ڏينهن جي سفر بعد عمران نيازي جي سرڪاري کي للڪاريو ۽ متحد اپوزيشن جي پليٽ فارم تان هڪ وڏي ڪاميابي ماڻي آهي، جنهن عمران نيازي جي سرڪار کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو، پنهنجي عملي جدوجهد سبب پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت قائم ڪري ملڪ ۽ قوم جي اڳواڻي ڪندو جتي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان باب کُلندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل فڪر جي اڄ سندس پارٽي قيادت ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي عظيم فتح آهي. جنهن ملڪ جي عوام ۽ خاص طور تي پورهيتن، هارين، نارين، نوجوانن، شاگردن جي حقن لاءِ قائد عوام نه صرف صنعتن جو ڄار وڇايو پر ملڪ جي معاشي ترقي کي هٿي ڏيارائي جنهن سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو رهيو، پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم جهڙا وڏا منصوبا جوڙيا، ملڪ جي عوام لاءِ روزگار جا ذريعا کُليا پر بدقسمتي سان عمران سرڪار پاڪستان اسٽيل مل کي بند ڪري ۽ مزدورن کي بيروزگار ڪيو اهڙي صورتحال ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا پيروڪار ادارن جي بحالي لاءِ قدم کڻندا، اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي يوم شهادت تي اهو عهد ٿا ڪريون ته جمهوريت جي بقا ۽ ملڪ دشمن قوتن خلاف بهادري سان مقابلو ڪنداسين ۽ پاڪ وطن کي تمام غير رياستي عنصرن کان مٿانهون ٿيندي انتها پسندي، دهشتگردي ۽ استحصالي قوتن جو خاتمو ڪنداسين جتي اقليتي برادرين کي پنهنجا حق ۽ تحفظ پاڪستان جي آئين ۽ قائدي قانون مطابق ڏيارينداسين ۽ اهو به عهد ٿا ڪريون ته شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ۽ نظريي کي اڳتي کڻي سندن پارٽي جي منشور تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻينداسين ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خواهش مطابق هڪ حقيقي جمهوري ۽ فلاحي رياست بنائڻ ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين ۽ پاڪستان کي مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ رات ڏينهن پنهنجون ڪاوشون جاري رکنداسين ۽ سموري مڪتب فڪر لڏي سان وابسطا ماڻهن جي بنا ڪنهن رنگ نسل جي خدمت جاري رکنداسين.

جمهوري قوتن سان ملي سڀ کان پهريان وطن عزيز ۾ جمهوري قدرن کي پروان چاڙهيو ويندو، اندروني ۽ بيروني عنصرن جي عصبيت، سازش ۽ مڪاري جي باوجود جمهوريت جو دفاع ڪندي، ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ اڄ عهد ٿا ڪريون ۽ عوام سان وچن ٿا ڪيون ته حقيقي جمهوريت جي بحالي اسان جي منزل آهي، جتي هر شخص کي انصاف ۽ تحفظ ملندو.

(ليکڪ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

سندس ۴۳ هين ورسي شهادت ۽ تاريخي حقيقتون

حميد ڀٽو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عالمي شخصيت کي اڄ کان ۴۳ سال اڳ، ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي، شهيد ڪيو ويو. جيڪو ۴۳ سال گذرڻ باوجود به عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ ڏينهن قيامت تائين سندس نالو زندهه رهندو ۽ جيئي ڀٽو جو نعرو ننڍن توڙي وڏن جي زبان تي گونجندو رهندو، جنهن لاءِ اسلامي قدرن ۾ واضع ڄاڻايل آهي ته “شهيدن کي مئل نه چئو، شهيد زنده هوندا آهن” شهيد ذوالفقار علي ڀٽوکي بيگناهه سازشي ٽولن عالمي سازشن تحت مختلف الزام مڙهيندي کيس نه رڳو گرفتار ڪرايو پر پاڻ کي مرد مومن قرار ڏيندڙ وقت جي يزيدي ٽولي سان لاڳاپيل ڊڪٽيٽر ان عوام دوست شخصيت کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچائي اهو باور ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هاڻي آمريت کي ڀٽو ازم کان نجات حاصل ٿيندي پر اهڙي ڪوشش آمر جنرل ضياءُ الحق کي مسلسل يارنهن سالن جي اقتدار تائين کيس ڏنگيندي رهي ۽ يارنهن سالن بعد قدرت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ۾ رنڱيل هٿن، دماغ، جسم توڙي مادي واري صورت کي منطقي انجام تائين پهچائيندي جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ٽيم کي زميني مفاصلي کان تمام گهڻو مٿي هوا ۾ ئي انهن کي دردناڪ موت ڏئي سندس جسم کي راک ۽ هڏن جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ قدرت واري اهو واضع ڪري ڇڏيو ته عوام دوست شخصيتن جي شهادت تي روڄ راڙو ڪندڙآهون ست آسمان پار ڪري فطرت جي خالق الله تعاليٰ جه جي جڏهن بارگاهه ۾ پهچي ٿي ته ان جو ازالو ٿيڻ جي آثار ظاهر ٿين ٿا. اهڙي طرح سان شهيد ذو الفقار علي ڀٽو جي خاندان کي ختم ڪرڻ وارين آمريت پسند خواهشن جو انت شهيد ڀٽو جي خاندان سان لاڳاپيل چئن شهيدن سميت ڏکن ۽ سورن جو درمان کڻي فوت ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي فوتگي بعد به آمريت کي ڀٽو ازم جهڙي پڙاڏو بڻجي گونجندڙ آواز کان ۴۱ سالن بعد به “ جيئي ڀٽو” جي عوام جي آواز کي دٻائي نه سگهيا آهن ويتر لاڳيتو ۴۱ سالن دوران دنيا جي ڏتڙيل عوام لاءِ هڪ خوشبو بڻيل آهي ۽ خلق خدا سندس ڳيچ ڳائي آمريت جي ڪنن جا پردا ڦاڙي رهيا آهن. عوام کي شعور ۽ اعتماد ڏيڻ واري عظيم شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت کان دنيا جو غريب ۽ ڏتڙيل عوام متاثر ٿي رهيو آهي، خوش گفتار، خوش پوش، سهڻي سوچ رکندڙ، ايشيا جو چمڪندڙ ستارو، انقلابي، فلسفي، درد وندن جو درمان، غريبن ۽ مزدورن جو مسيحا، عوام کي زبان ڏيندڙ، پيسجندڙ ماڻهن جو اتساهه، اسلام جو شيدائي ۽ مجاهد، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو حامي، گڏيل آئين جو خالق، ماڻهن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل سچ جو سرواڻ، ملڪ کي سگهارو بڻائيندڙ ايٽم بم جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو ٻي وڳي سخت تشدد ڪري ڦاسي جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته ڦاهي جي سزا جي لاءِ فزيڪلي طور تي ٺيڪ هجڻ وارو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر جاري ڪندو آهي، تنهن بعد ئي ڦاسي جي سزا تي عمل درآمد ٿيندو آهي، پر اهڙي قانون جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ رات جي انڌيري ۾ رات جي رهزنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني ۽ صبح جو ڏهين وڳي تائين ڳڙهي خدا بخش ۾ عظيم اڳواڻ جي تدفين فوجي نگراني هيٺ ڪئي وئي، اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ اسلامي دنيا پاران روڄ ۽ راڙو ڪيو ويو ۽ اهڙي قتل کي سياسي قتل قرار ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪاري باب جو اضافو ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ئي آشيرواد سان مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق ان وقت جي نوستارن واري سياسي آکاڙي ۾ گڏ ٿيل مختلف سياسي کيڏاڙين ۽ آمريڪا جي سازش وسيلي ملڪ جي جمهوري نظام کي راتاهو هڻي مسلسل يارنهن سالن تائين عوام مٿان ڊڪٽيٽر شپ وارو عذاب نازل ڪيو ۽ عوام کي فوجي سزائن جهڙوڪ ڪوڙا، ڦاهيون ۽ گوليون لڳنديون رهيون پر جيئي ڀٽو جا نعرا مسلسل يارنهن سالن تائين جنرل ضياءَ الحق جون ننڊوڻ ڦٽائيندا رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو. روٽي ڪپڙا اور مڪان هو ڀٽي جو دور حڪومت سان ماڻهن جون اميدون هنيون پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي جو اهيو نعرو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو ذهين هجڻ جي باوجود به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاق، ۽ ڌوکيباز شخص جنرل ضيا کي پنج سينئرن ماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو. ۽ کيس مٿان اعتبار ڪيو مگر انهيءَ شخص ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوکو ڏنو ۽ ڀٽي جي زندگي ختم ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽوکي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت قبولن جو چيو ويو پر ڀٽو جيل ۾ هو ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهيو چيو ته جيڪڏهن تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، پر ذوالفقار علي ڀٽي ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته پاڪستان منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس ۽ ڀٽي پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. (جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا) ذوالفقار علي ڀٽو جون گرفتاريون پهرين گرفتاري. ۱۲نومبر ۱۹۶۸ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ ڪئي وئي. جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءُ مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صدر مقرر ٿئي ۽ ڀٽوکي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوءِ ۲۸ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي کيس آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاهه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو ۽ ۱۳سيپٽمبر تي ۱۹۷۷ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو. ۱۷سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي وري ڀٽو کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي.

۹ آڪٽومبر۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانت جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي بڻايو ويو. (جيڪو ڀٽي سان اصل ڪو نه ٺهندو هو. جنهن ڀٽي کي چيو هو ته سپريم ڪپرٽ جو چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر ۽ ڀٽي هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين ۽ مولوي کي اهيا به وڏي باه هئي ڀٽي جي مٿان) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪارروائي اندر ڀٽي صاحب کي ۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوءِ ۲۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيءَ دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا. ۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو، مگر چار ججن ڀٽي جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ ان ڪري استعيفيٰ ڏياريو ويو جو هن ڀٽو جي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڀٽي کي سزا کانپوءِ ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ع کان ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون. ذوالفقار علي ڀٽوجي آخري ملاقات ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو ڪرايي وي، جڏهن ڀٽي ٻنهيءَ کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون آهيون ۽ هنن جڏهن چيو ته ها ته ڀٽي جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ اهيا آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي،

تنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بست ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي ڦاهي ڏني وئي ڀٽو پنهنجي قبر لاءِ جيڪا وصعيت ڪئي ان ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ۱۹۶۹ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاءِ به وصعيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوءِ شاه صاحب جي پيراندي کان دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽي صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ لانگ بوٽن جي پهري هيٺ کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ۽ تنهن کانپوءِ به ڪيترا ڏينهن سندس قبر مٿام فوجي پهرو رکيو. ويو،

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

عوام جو آواز

لڪش ڪمار کتري

جھڙي ريت چاپلوسي، منافقت ۽ بي وفائي جي ھڪ تاريخ آھي اھڙي طرح سورھيائي، بھادري ۽ سوڀ جي پڻ ھڪ تاريخ آھي. ايشيا ۾ اھا سورھائي جن خاندانن ۾ آھي ذوالفقار علي ڀٽي جو خاندان انھن مان ھڪ آھي. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس خون کي انهيءَ بھادري ۽ سورھائي جي ڪري جيڪي تڪليفون ڏنيون ويون ۽ ساڻن جيڪي ڪلور ڪيا ويا اُھي اتفاق جي ذمري ۾ نٿا اچن. اھو ھڪ سوچيل سمجھيل انتقام نظر اچي ٿو انھي سوچ کي ختم ڪرڻ جيڪو ڀٽي خاندان مظلوم ۽ غريب طبقن ۾ سجاڳي آندي جن کي ڀٽي خاندان اھو بانور پڻ ڪرايو ته توھان نڌڻڪا ۽ بيوس نه آھيو توھان پنھنجي ووٽ جي پرچي جي طاقت سان دنيا کي فتح ڪري سگھو ٿا.

ذوالفقار علي ڀٽو ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي سنڌ صوبي جي هڪ ننڍڙي شهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ هن جو تعلق لاڙڪاڻي جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان هو، پر هن جي پرورش پنهنجي اباڻي گهر جي جاگيرداري ماحول کان پري، ڪاسموپوليٽن (cosmopolitan) بمبئي ۾ ٿي.

بمبئيءَ ۾ هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، برڪلي جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۵۰ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪيائين. برڪلي ۾ هن سوشلزم ۾ دلچسپي ورتي ۽ اسلامي ملڪن ۾ سوشلزم جي فزيبلٽي تي ڪيترائي ليڪچر ڏنا، هڪ موضوع جيڪو ۲۰ سالن بعد سندس پارٽي جي منشور تي غالب هوندي. ڀٽي صاحب پنهنجي تعليم آڪسفورڊ ۾ جاري رکي، جتي هن قانون جي تعليم حاصل ڪئي.

جڏهن ته ڀٽو صاحب جي ملڪي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي وئي، سندس پرڏيهي پاليسين کيس ڪجهه ساراهيو. هو بين الاقوامي معاملن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جو ارادو رکندو هو ۽ ترقي پذير ملڪن جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان جي پنهنجي اڳئين نظريي کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن ٻنهي سپر پاورز کان آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کيس آمريڪا سان ڪافي تڪرار ۾ آڻي ڇڏيو، خاص ڪري پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي معاملي تي.

وڌندڙ مخالفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي “جمهوري” نوعيت ۽ سندس مسلسل عوامي حمايت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ۾، ڀٽو مارچ ۱۹۷۷ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي ڪاميابيءَ تي يقين رکندي هن مخالف ڌر جي پارٽين جي سهڪار کي گهٽ سمجهيو. جيتوڻيڪ هن ۱۹۷۷ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، سندس مخالفن مٿس ووٽن جي غلط استعمال جو الزام هنيو ۽ سندس حڪومت خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائي. جنهنڪري عوامي عدم اطمينان ۽ تشدد پکڙجي ويو، ڀٽو صاحب کي پاڪستان جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن سان فوجي شموليت جو رستو هموار ڪيو ويو. هن کي ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي جنرل ضياءُ الحق هڪ خوني بغاوت ۾ برطرف ڪيو، مٿس ڪيترائي الزام لڳايا ويا، جن ۾ هڪ سياسي مخالف پيءُ جي اقتدار ۾ رهڻ دوران قتل به شامل هو. هن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي عالمي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي معافي جي اپيل جي باوجود کيس ڦاهي ڏني وئي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي بد گواھن کي اھا بد گماني ھئي ۽ تڪليف ڏيڻ وارن جو اندازو به بلڪل غلط ھو ته اسين ذوالفقار علي ڀٽي جو نالو برصغير جي مجرمن ۾ شامل ڪندا سون پر ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي جي پس منظر ۾ سندس ٽيھن سالن کان به مٿي جون ڪيل خدمتون شامل ھيون. ھن ته پاڪستان کي ۷۳ع جو آئين ڏنو، ۹۰ ھزار قيدين کي آزادي نصيب پڻ ڪرائي، ملڪ جو ويل حصو پڻ ورايو ۽ اسلامي ملڪن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ ڌرتي جي مسڪين ماڻھن کي سندس جائز مقام پڻ ڏياريو. تنھن ڪري اڄ جي تاريخ يعني ۴ اپريل۲۰۲۲ تائين پورا ۴۳ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به سندس نالو برصغير جي انھن مدبر ماڻھن ۾ شامل آھي جن اقتدار کي عوام کان مٿانھون نه سمجھيو. جڏھن ته دنيا جي تاريخ ۾ اھڙا خاندان تمام گھٽ آھن جن ذاتي مفاد کان ھٽي ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ پنھنجي ٻچن سميت عظيم قرباني ڏني ھجي.

زندگي کي گھارڻ لاءِ انسان وٽ صرف ٻه واٽون ھونديون آھن. ھڪ واٽ اھا آھي ته ھٿيار فٽا ڪجن، ۽ ٻي واٽ اھا آھي ته سر جو سانگو لاھي ميدان ڪجي ھٿيارن کي ھميشه ڪٽ لگندو رھندو آھي، پر خيال سدائين لاءِ جيئرا رھندا آيا آھن. جڏھن ته حڪمران تاريخ جي اولاد کي ڪڏھن به سک ڪونه آڇيندا آھن. ڇو ته انھن بھادر ۽ ارڏن انسانن ھميشه تاريخ کي کليل ھٿن سان تراشيو آھي. ڀٽو خاندان ھيڻن جو سدائين ھمراهه رھندو آيو آھي. تنھن ڪري ھنن کي وقت جي وڏن وڏن آمرن سان جھيڙو جوٽڻو پيو آھي. جھيڙو صرف حق ۽ طاقت جي وچ ۾ ھوندو آھي ڀٽي خاندان جي سورھيائي جي ڌاڪ رھندي آئي آھي. سر وڍڻ کان پؤ به جونجھارڪو جھيڙو ڪرڻ انھي ڀٽي خاندان کي اچي ٿو. پنھنجي بھادري جي سبب لوڪ گيتن جو ڪردار بڻجي جيت پائيندا نظر اچن ٿا.

چون ٿا ته جھنگ سيال ۾ رانجھو ھير کي ڇڏي ڀڄي وڃي ھا ته سندس حياتي بچي وڃي ھا، پر ڇا رانجھي جي اھڙي زندگي جي ڪا معنيٰ ٿي سگھي ھا اھا زندگي ته خودڪشي کان به بري ھجي ھا اھڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي ماڻھن سان انھي رانجھن بادشاھ وانگر ھير جھڙو عشق ھيو. سندس عشق جي اُساٽ ايتري شديد ھئي جو ھن پنھنجي سر جو سودو ڪرڻ ۾ ڪا به گھٻراھٽ نه ڏيکاري ۽ نه وري ٿڪجي ڪٿي ڪو شوڪارو به ڀريو ڇو ته ھن کي ڄاڻ ھئي ته ھو جنھن سفر جو مسافر آھي اھو سفر سندس حياتي قربان ڪرڻ کان پؤ به جاري رھندو ۽ ھو ھميشه جو مسافر آھي. ڀٽ ڌڻي فرمايو. ..

عمر سڀ عشق سين، پنھون جي پڇن،

ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙوکي ڪن،

مارڳ جي مرن، واڏا طالح تن جا. (شاھ)

دلين جا رشتا به دنيا جي ڳانڍاپن کان بلڪل مختلف ٿيندا آھن. جڏھن ته ھي حقيقت آھي ته عوام سان عشق ڪرڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالهھ نه آھي، ڇو ته پروان کي پنھنجو فقط عشق ۾ ئي ڪري سگھجي ٿو. جي ڪو انسان ائين عشق ڪري جئين ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي پٺيءَ اُگھاڙين ۽ پيرين اُگھاڙين انسانن سان ڪيو ته انھي عشق کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي اھڙي عشق جي دعويٰ ڪرڻ تمام سولي آھي مگر عمل ڪرڻ ڏکيو ۽ جوکي وارو ڪم آھي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ عشق جي انھي اڙانگي سفر جو ذڪر ڪنھن روپ ۾ ضرور ٿيل آھي. انھي عشق جي پنڌ جي پانڌيڙي کي انھي حقيقت جي اڳ ۾ ڄاڻ ھوندي آھي ته کيس سولي جو سڏ ضرور ٿيندو ۽ اھي محسوس به ڪندا آھن ته اسان جنھن سفر جا راھي آھيون انھي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کيس پنھنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻي پوندي ڀٽائي اھڙن عاشقن لاءِ چوي ٿو ته. .. ..

سوري سڏ ڪري، اڀي عاشقن کي،

جي اٿئي سڌ سڪڻ جي، ته ڪر مَ پير ڀري،

سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو. (شاھ)

ذوالفقار علي ڀٽي کي انھي ڳالھ جو پڪو يقين ھو ته جنرل ضياءُ کيس زنده ڪونه ڇڏيندو تنھن ڪري ھن پنھنجي لاڏلي ڌيءَ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جنھن کي ھو پيار مان پنڪي ڪري پڪاريندو ھو. کيس جيل ۾ ملاقات ڪرڻ مھل پنھنجي ساٿين جي باري ۾ ساري ڄاڻ ڏني ھوندي ته ڪير ڪيتري ڀروسي لائق آھي ۽ ڪيترو وفادار ٿي سگھي ٿو. ھن کي پنھنجي حياتي کانپوءِ جو لائحه عمل سمجھايو ھوندو کيس سياست ۾ زندگي جا سمورا راز پڻ سمجھايا ھوندا ۽ پنھنجي سياسي ورثي جو وراث پڻ ڪيو ھئو. تڏھن ته اوڀر جي عظيم نياڻي زندگيءَ جي آخري ساھ کڻڻ تائين پنھنجي بھادر پيءُ جي ڏسيل واٽ ته ھلندي سمجھوتي بدران شھادت کي ترجيح ڏني.

ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس اولاد جي پڻ عوام سان محبت ساڳي رھندي آئي آھي. اھا محبت بڙ جي انھن ٻن پاڙن جي مثل آھي جيڪي ھڪ ٻئي سان ملي وڃن ٿيون ۽ پؤ انھن مان گونچ فٽي نڪرن ٿا انھي محبت جي انداز کي سمجھڻ ايترو ڏکيو آھي جيترو پست جي ڏوڏي جا ڳاڙھا گل ھوا ۾ لڏي شفق جي لالاڻ سان تمام گھڻي ڪچھري ڪندا آھن پر سندس مطلب سمجھڻ مشڪل ھوندو آھي.

ھر خوش پوش جي سيني ۾ دل ڪٿان آئي؟ جئين ڪنڊا ٿوھر جي گل جي ٽاري کي به ٿين ٿا پر انھن ۾ گلاب جي خوشبو ڪٿي آھي؟ ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان جي ڏکن جي ڪھاڻي تمام ڊگھي آھي سندس سورن جي ڪٿا کي کولي بيان نٿو ڪري سگھجي. ڇو ته اھو درد ھندي وڏي سمنڊ کان به گھرو آھي. تاريخ جي مھڪ به مقناطيس وانگر ٿيندي آھي ۽ اھا رڳو انھن لڱن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آھي جن لڱن ۾ لوھ باقي ھوندو آھي ھاڻ ڳڙھي خدابخش جي ڌرتي دنيا ۾ جھموريت جي جان پيش ڪندڙن جي ڌرتي بڻجي وئي آھي جنھن کي سدائين ورثي ۾ شھادت ملي آھي ۽ انھن روضن تي ماڻھون مرادون گھرڻ لاءِ نه ايندا آھن بلڪه ماڻھون انھن روضن ته محبت کي لڙڪ آڇڻ ايندا آھن.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

پنھنجن سڌارن جي آئيني ۾

“راز” علي گل ڀٽو

ملڪ جي ٻاھتر سالا تاريخ ۾ ٻه ڀيرا عام سڌارا آيا آھن، جن ۾ پھريون ڀيرو ايوب خان پنھنجي دؤر اقتدار ۾ محدود زرعي سڌارا آندا، جن جو عام ھاريءَ جي زندگيءَ تي ڪو خاص فرق ڪونه پيو، فقرن کي ھيٺ مٿي ڪري جوڙيل قانون کي زرعي سڌارا ته نٿو چئي سگھجي، جن ۾ سرمائيدارن کي ته ھٿ ئي نه لاتو ويو، ٻيا عام تاريخي سڌارا قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سن ۱۹۷۴ع مرحلي پار آندا، جن ۾ ملڪ جي مجموعي پيداواري شعبن کي دائري ۾ آندو ويو، ڀٽي صاحب اھي سڌارا پنھنجي انتخابي منشور ۽ نعري تحت آندا ھئا، جيڪو منشور چئن نڪتن تي ٻڌل ھيو، ھڪ ته اسلام اسان جو دين آھي، ٻيو ته سوشلزم اسان جي معيشت آھي، ٽيون ته جمھوريت اسان جي سياست آھي، چوٿون نقطو ھيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آھي، پنج جنوري ۱۹۲۸ ھڪ وڏي زميندار ۽ سياستدان جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سر شاھنواز ڀٽو جي لاڏلي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي شايد ننڍڙي ھوندي اھا خبر نه به ھجي ته قدرت کي کانئس ڪھڙا ڪم وٺڻا آھن، جنھن ڪري ھو ملڪي عوام جو محبوب اڳواڻ ۽ دنيا جي اڳواڻن جي پھرئين صف ۾ بيھندو!جيڪڏھن دنيا جي مشھور ۽ مڃيل اڳواڻن جا رايا ۽ قول ڀٽي جي باري ۾ رقم ڪجن ته ھڪ زخيم مقالو ٿي ويندو، ٻارو تڻ ۾ ته کيس اھا به سڌ نه ھوندي ته غريب عوام جي خدمت جي ڏوهه ۾ کيس راتون رات شھادت جي رتبي لاءِ ڦاسيءَ تي چاڙھي ۽ ملڪ ۽ قوم کي اونداھيءَ جي حوالي ڪيو ويندو، ڊسمبر ۱۹۷۱ ۾ جڏھن يحييٰ خان جي حڪم تي ايئر مارشل رحيم خان پاڪ فضائيا جي جھاز ۾ جناب ڀٽو کي نيو يارڪ ايئر بيس تان کڻي چڪلالا ايئر بيس راولپنڊيءَ تي لٿو ته کيس مڪمل آجيان سان کيس سرڪاري طور ايوان صدر آندو ويو ۽ تڙ تڪڙ ۾ کيس ملڪي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊ منسٽريٽر جون ذميواريون حوالي ڪيون ويون.

شھيد ڀٽو عھدي جو قسم کڻڻ کان پوءِ ھڪدم قوم کي خطاب ڪندي قوم سان ڪيل چار نقاطي وعدو دھرايو، جنھن سان گڏوگڏ اھو عزم به ورجايو ته ھو عوامي ڀلائيءَ لاءِ ملڪ جي ھر شعبي ۾ سڌارا آڻيندو، جنھن ۾ تيرنھن سؤ کان وڌيڪ طاقتور راشي آفيسر جبري طوي نوڪريءَ تان فارغ ڪيا ويا، جنھن بعد ڪي قدر باقي عملدارن عوام ڏانھن پنھنجو رويو درست ڪيو، ڪامورن، وزيرن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کليون ڪچھريون ڪرڻ شروع ڪيون، ملڪ جي غريب ھارين ۾ زمينون ورھائڻ لاءِ سرڪاري زمين ۽ وڏين جاگيرن ۽ زميندارين کي ختم ڪري حاصل زمينن جا ھارين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ قانون ۽ قاعدا جوڙيا، جنھن تحت ھڪ ڏاندن جي جوڙي جي مالڪ ھاريءَ کي پنجويھ ايڪڙ زمين جو مالڪ بڻايو ويو، زمين جي وڌ ۾ وڌ حد رکڻ لاءِ پنجويھ ايڪڙ نھري ۽ پنجاهه ايڪڙ باراني مقرر ڪئي ويئي، ان ايڏي وڏي فيصلي تي ملڪ جا جاگيردار ۽ زميندار ڀٽو شھيد تي ڪاوڙجي پيا مگر ظاھري طور ڪڇي نه سگھيا، ان کان علاوه اڌواڌ بٽئي، ٻج ڀاڻ جو خرچ اڌواڌ رکيو ويو۔بنا سبب زميندار کي زمين تان ھاريءَ کي بيدخل ڪرڻ کي قانوني طور ڏوه قرار ڏنو ويو، زميندار پاران ھاريءَ کان بيگار وٺڻ تي پابندي وڌي وئي، جنھن تي مسڪين ھاري سرھا ٿيا، اھي حالتون ڏسي، زرعي سڌارن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ زميندارن ھارين جون چوريون ڪرائڻ شروع ڪيون، جيئن افراتفري ۽ بدامني ٿئي، جنھن روش تي قانون ذريعي ضابطو آندو ويو، ان سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي صنعتي سڌارابه آندا ويا، جنھن تحت سمورا ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ سرمائيدارن جي ھڪ ھٽي ختم ڪئي وئي، ملڪ جون سموريون بنئڪون ۽ مالياتي ادارا، انشوئرنس ڪمپنيون پڻ قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا، جنھن سان مالي سرمائيدار کي ڪافي ڌڪ رسيو، جنھن ڪري زميندار، ڪارخانيدار ۽ سرمائيدار گڏجي ڀثي صاحب جي دشمنيءَ جي حد تائين مخالف ٿي پيا، ان کان پوءِ تعليمي سڌارن جو وارو آيو، جنھن تحت سڀني خانگي تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي، خانگي تعليم ڏيڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي، مئٽرڪ تائين تعليم بلڪل مفت ڪئي وئي، شاگردن کي يونين سازيءَ جو حق ڏنو ويو، ھر تعليمي اداري ۾ چونڊن ذريعي شاگردن جي تنظيم سازي ڪئي ويئي، غريب شاگردن کان اڌ ڪرايو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو، اعليٰ تعليم لاءِ ھنري، مشينري، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ڪاليجن سان گڏ ڪيئي يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون، ملڪ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪري عام ماڻھونء جي ٻارن کي دفاعي ادارن تائين پھچ ڏني ويئي، ان کان علاوه مزدورن جي ڀلائيءَ لاءِ سڌارا آندا ويا، ھر ان اداري، جتي گھٽ ۾ گھٽ پنجويھ مزدور ڪم ڪن پيا انھن کي يونين سازيءَ جو حق ڏنو ويو، يونين کي سوداڪاري ايجنٽ جو اختيار به ڏنو ويو، مزدورن کي انتظامي حصيداري ڏني ويئي، رجسٽرڊ مزدورن ۽ سندن خاندان جي مفت علاج لاءِ سوشل سڪيورٽيءَ جون اسپتالون قائم ڪيون ويون، رٽايرڊ مزدورن جي پينشن لاءِ اي او بي آءِ جو ادارو قائم ڪيو ويو، ديني سڌارن تحت، حج ۽ عمري جي ڪوٽا وڌائي وئي، جمعي جي ڏينھن کي عام موڪل قرار ڏنو ويو، آئيني طور اسلام خلاف قانون ٺاھڻ تي پابندي لڳائي وئي، قاديانين کي غير مسلم اقليت قرار ڏنو ويو، ملڪ ۾ شناختي ڪارڊ جو نظام لاڳو ڪيو ويو، ملڪ جو نالو اسلامي جمھوريا پاڪستان رکيو ويو، ان کان علاوه سنڌ ۾ نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪيو ويو، انھن مڙني سڌارن جي ڪري ملڪ جا طاقتور حلقا ڀٽي صاحب خلا ف ھڪ ٿي ويا. مارچ ۱۹۷۷ع جي چونڊن کان پوءِ قومي اتحاد وارن مخالفت ۾ تحريڪ ھلائي ضياءُ الحق کي موقعو ڏنوته ھن طاقت جي زور تي ڀٽو صاحب جي حڪومت ختم ڪري کيس قيد ڪري، مٿس قتل جو ڪوڙو ڪيس ھلائي جسماني طور ختم ڪرڻ لاءِ کيس چار اپريل ۱۹۷۹ع جي رات جو ٻين وڳي راولپنڊي جيل ۾ ڦاسي ڏيئي شھيد ڪيو ويو، سندس بيگناھيءَ جي گواھي کيس موت جي سزا ڏيندڙ جج به ڏيندا رھيا آھن ته ھيءَ ھڪ عدالتي قتل ھيو،

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

هڪ تاريخي ڪردار

مجيد عباسي

۱۹۷۳ع جي شروعات ۾، قومي اسيمبليءَ ۾ آئين جي منظوري کان اڳ، ۱۴ هوائي فوج ۽ ۲۱ فوجي آفيسرن کي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪورٽ مارشل جي صدارت ميجر جنرل ضياءُ الحق ڪئي. چئن سالن کان پوءِ آرمي چيف جي حيثيت ۾ ساڳئي جنرل ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي نه رڳو حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر بعد ۾ چونڊيل وزيراعظم کي به ڦاهي ڏني. چئن ڏهاڪن کان پوءِ سزا اڃا تائين “عدالتي قتل” سمجهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪي جن ذوالفقار علي ڀٽي کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاهيءَ تي چڙهندو ڏسڻ چاهيو، ان ڳالهه کي تسليم ڪيو. هڪ کان سواءِ سمورن جوابدار آفيسرن کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي. جنگ، بغاوت ۽ دهشت گردي، پاڪستان جي آرمي ان يئرز آف ٽرموائل جي ليکڪ برائن ڪلائولي ان واقعي بابت لکيو آهي. هو هڪ ٻئي ڪتاب A History of Pakistan Army جو ليکڪ پڻ آهي. اهو ڪيس شايد آئين ۾ آرٽيڪل VI کي شامل ڪرڻ جو سبب بڻيو، جنهن پارليامينٽ کي اختيار ڏنو ته هو غداري جي ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ قانون پاس ڪري.

ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرين سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ ڪنهن به آئين يا آئيني اختيار جي غير موجودگيءَ ۾ فوج ۾ ڪي سخت تبديليون ڪيون ۽ ان وقت جي آرمي چيف جنرل يحيٰ خان سميت ڪيترن ئي جنرلن کي برطرف ڪيو. ٿوري ئي دير ۾ هن جنرل گل حسن کي به تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پنهنجي آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي جنرل ٽڪا خان کي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ٽڪا خان رٽائرڊ ٿيو ته سندس جاءِ تي جنرل ضياءُ الحق مقرر ٿيو، جنهن گهٽ ۾ گهٽ ڇهن جنرلن کي هٽايو. ڀٽو صاحب شايد اهو دليل ڏنو هو ته جن جنرل ۱۹۷۳ع جي سازش ۾ ملوث آفيسرن کي سزائون ڏنيون، اهي حڪومت سان وفادار رهندا، ڀٽو جي ويجهن ماڻهن مان ڪجهه هن کي خبردار ڪيو ته جيڪو به وزيراعظم جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو (جيئن ضياءَ ڪيو) ته اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ڀٽو صاحب سان سندس چئن سالن جي دور ۾ ڪيترين ئي پاليسين تي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نه آهي ته هو ان وقت پاڪستان جو مقبول ترين سياستدان هو ۽ ان ۾ چئلينج ڪرڻ جي صلاحيت هئي. ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هفتن ۽ مهينن اندر هن جا فيصلا ۽ ڪارناما ڳالهائين ٿا. هن جا ڪارناما ان ڪري ٿي سگهن ٿا جو فوج ۽ هوائي فوج جي ڪجهه آفيسرن هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته، هٿياربند فوج پاران ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. ان وقت جو ايئر چيف ايئر فورس سان واسطو رکندڙن کي سزا ڏيڻ ۾ سخت هو. ان سازش ڀٽو صاحب کي خبردار ڪيو ۽ آئين ۾ آرٽيڪل VI کي شامل ڪيو. جنرل ضياءَ ڀٽو جي ويجهو آيو ۽ آخر فوج ۾ اعليٰ عهدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

جنرل ضياءَ، پنهنجي طرف کان، محسوس ڪيو ته سندس باس جنهن آئين ۾ آرٽيڪل VI شامل ڪيو هو، اهو به سزا لاڳو ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ ضياءَ ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب جي مقبوليت کي جاچڻ جو اعلان ڪيو هو ته آپريشن فيئر پلي تحت ۹۰ ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرايون وينديون. بهرحال اهو جلد ئي ظاهر ٿي ويو ته ضياءَ پي اين اي جي طاقت جو غلط اندازو لڳايو هو، جيڪا فوجي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي جلد ئي ورهائجي وئي. جيڪڏهن هو ڀٽو صاحب کي ڦاسي نه ڏئي ها ته مخالف ڌر کي سندس حڪم هيٺ اليڪشن کٽڻ جو ڪو به موقعو نه ملي ها. جڏهن ڀٽو صاحب آزاد ٿيو ۽ پنهنجي مهم شروع ڪئي ته ديوار تي لکيل تحرير ضياءَ ۽ پي اين اي ٻنهي لاءِ واضح هئي. کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ مهم جي قيادت سندس وني بيگم نصرت ڀٽو جي هٿ ۾ آئي. ضياءَ کي حيرت ۾ وجهندي هوءَ به وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري وئي. ڀٽو اشارو ڏنو هو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ واپس آيو ته هو آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ڏيندو، آرٽيڪل VI جي حوالي سان پر ان جي خوف کان کيس اڳ ئي سوليءَ تي چاڙهيو ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

عالمي تاريخ جو عظيم ليڊر!

شرجيل انعام ميمڻ

 اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ۹۵ هون جنم ڏينهن آهي. ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي سرشاهنواز خان ڀٽو جي گهر ۾ سون جو چمچو کڻي جنم وٺندڙ شهيد ڀٽو ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي پاڪستان جي غريب عوام لاءِ پنهنجي سڀ کان وڏي ميراث جان قربان ڪري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو هو نه رڳو هن خطي جو پر سموري عالمي انساني تاريخ جو هڪ لازوال ۽ لافاني ڪردار بڻجي چڪو آهي. شاهي خاندان ۾ اکيون کوليندڙ شهيد ڀٽو جو سياسي فلسفو هو ته ”ننگي پير عوام جي نقش قدم تي هلو ته اوهان ڪڏهن به نه لڏندؤ ” هڪ تمام امير خاندان جي ميمبر غريبن لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهڻ جو سوچيو ڇو؟ ان جو سبب شهيد ڀٽو پاڻ بيان ڪري ٿو. ڊيٿ سيل مان شهيد ڀٽو پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ خط لکيو، جيڪو ”منهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. هو هن خط ۾ پنهنجي ڌيءَ کي مخاطب ٿيندي لکي ٿو ته ”تنهنجي ڏاڏي مون کي فخر سان سياست سيکاري ۽ تنهنجي ڏاڏي مونکي غربت جي سياست سيکاري. مان انهن ٻنهي کي مضبوطيءَ سان جهليو آهي ته جيئن انهن ٻنهي کي ملائي سگهان. پياري ڌيءَ! آءٌ توکي صرف هڪ پيغام ڏيان ٿو. هي پيغام ايندڙ ڏينهن جو پيغام ۽ تاريخ جو پيغام آهي. فقط عوام تي يقين رک. انهن جي نجات ۽ برابري لاءِ ڪم ڪر. الله پاڪ جي جنت تنهنجي ماءُ جي پيرن هيٺان آهي ۽ سياست جي جنت عوام جي پيرن هيٺان آهي.” شهيد ڀٽو ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽين جهڙين دانش گاهن مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن وطن واپس پهتو ته هو دنيا جي سياسي حلقن ۾ هڪ عظيم سياسي دانشور طور پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪو هو. فيلڊ مارشل ايوب خان جڏهن هن بابت ٻڌو ته کيس پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪري صنعت جو وزير بڻايو. هو ۳۰ سالن جي عمر ۾ ڪابينا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو وزير هو. وفاقي ڪابينا جي ميمبر جي حيثيت سان شهيد ڀٽو پنهنجي ڀرپور صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ۽ صرف ۴ سالن جي عرصي يعني ۳۴ سالن جي عمر ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير بڻجي ويو. اڄ به ڪجهه سطحي سوچ رکندڙ حلقا انهيءَ بيوقوفيءَ واري منطق جو سهارو وٺندي چون ٿا ته شهيد ڀٽو پنهنجي سياست جي شروعات هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي ڪابينا ۾ شامل ٿي ڪئي ان ڪري هو اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي. اهي حلقا تاريخ کان واقف ناهن. حقيقت اها آهي ته ان وقت ڪا به جمهوري حڪومت نه هئي ۽ آمريتي حڪومت پاڪستان کي دلدل ۾ ڌڪي رهي هئي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد نه هئي ۽ ان جو بنيادي مقصد خطي ۾ صرف آمريڪي مفادن جي خدمت ڪرڻ هو. شهيد ڀٽو به ايوبي ڪابينا ۾ وزير جي حيثيت سان پنهنجي ويزن تي ڪم ڪيو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ طرفي سوچ مان ڪڍي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. ذوالفقار علي ڀٽي پهريون ڀيرو چين ۽ روس سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ انهن سان مختلف معاهدا ڪيا. اها پرڏيهي پاليسي ۾ وڏي تبديلي هئي. شهيد ڀٽو ايران ۽ ترڪي سان پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ڪيا ۽ انهن سان گڏجي ”ريجنل ڪوآپريشن فار ڊولپمينٽ“ (RCD) نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي. اها پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي هئي. شهيد ڀٽو ”غير اتحادي تحريڪ“ کي به منظم ڪيو ۽ علائقائي بلاڪ ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪيو. جڏهن ايوب خان ۽ سندس عالمي آقائن کي اهو احساس ٿيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ته ايوب خان شهيد ڀٽو کي پنهنجي ڪابينا مان برطرف ڪري ڇڏيو. ان وقت شهيد ڀٽو ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ٽين دنيا جي قومن جو رهبر بڻجي چڪو هو. انهن قومن کي اهو محسوس ٿي چڪو هو ته ڀٽو صاحب هڪ سامراج مخالف، عوام دوست ۽ قومن جي آزادي ڏياريندڙ اڳواڻ آهي. برطانيه جي عظيم سياسي دانشور برٽرينڊ رسل شهيد ڀٽو کي ايوب ڪابينا مان هٽائڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کي احتجاجي خط لکيا، جن ۾ چيو ويو ته ڀٽو هڪ عظيم قومپرست سياسي اڳواڻ آهي. اهو ٽئين دنيا جي قومن جو آواز آهي. هن جي برطرفي سامراجي منصوبابندي آهي، پر اهڙن اڳواڻن جو رستو هاڻي روڪي نٿو سگهجي. پاڪستان جي عوام کي به احساس ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽو اهو اڳواڻ هو جنهن کين ۽ ملڪ کي حقيقي آزادي ۽ خودمختياري ڏني. ڀٽو صاحب جڏهن عوام وٽ پهتو ته عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. شهيد ڀٽو هاڻي پنهنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جمهوريت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ هڪ وڏي جمهوري تحريڪ هلائي. ان دوران هن ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، جيڪا جلد ئي پاڪستان جي مقبول ترين سياسي پارٽي بڻجي وئي.

جڏهن پاڪستان آمرانه حڪومتن جي غلط پاليسين سبب تباهيءَ جو شڪار ٿيو ۽ سقوط ڍاڪا جو سانحو پيش آيو ته پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد ڀٽو جي ضرورت پئي. شهيد ڀٽو پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي لکيل پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”مان ان وقت گڏيل قومن ۾ هئس ۽ هڪ ناممڪن صورتحال کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هوس. جنرل يحيٰ خان ٿيل تباهيءَ جو جائزو ورتو ۽ کيس شڪست جو پورو يقين ٿي ويو ۽ اهو امڪان پيدا ٿي ويو ته ڪجهه به واپس نه ٿي سگهندو. جيڪو ٿورو بچيو آهي سو به خطري ۾ آهي، سو هن هڪ خاص جهاز موڪليو ۽ مون کي واپس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي هن مون کي چيو ته هو بُري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ مون کي شڪست کاڌل پاڪستان جي چارج وٺڻ گهرجي. اهو انڪري جو مون ۾ ئي باقي ملڪ کي بچائڻ جي صلاحيت آهي. انهن ناسازگار حالتن ۾ مون سوائين ٻارهين وڳي پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان حلف کنيو”. هو اڳتي لکي ٿو ته ”مون تمام محاذن تي وڏي سرگرميءَ سان اڳڀرائي ڪئي. مون اتفاق راءِ سان آئين جي منظوري لاءِ ڪم شروع ڪيو ته جيئن پريشان ڪندڙ صوبائي خودمختياري جي سوال تي جمهوري اتفاق راءِ سان آئين پاس ڪيو وڃي. مون اقتصاديات کي گڏ ڪيو. مون اهم سماجي ۽ معاشي سڌارا ڪيا. مون بنگلاديش جو مسئلو حل ڪيو. مون هندستان سان شملا معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڪا به راز واري شق نه هئي، ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي ۵۰۰۰ چورس ميلن کان وڌيڪ ايراضي پاڪستان لاءِ واپس وٺي ڇڏيم. مون ۹۰ هزار جنگي قيدي عزت سان واپس آندا ۽ انهن تي جنگي ڪيس به نه ٿيا. مون لاهور ۾ اسلامي سربراهي اجلاس منعقد ڪيو. مون آمريڪا طرفان هٿيارن جي فراهمي تي لاڳو پابندي ختم ڪرائي. مون هٿياربند فوجن کي جديد بڻايو. مون ملڪ کي واپس رستي تي آندو. ملڪ جي بحالي حيرت انگيز هئي. مون کي سڀ کان وڏي اطمينان ان ڳالهه جو آهي ته مون جمهوري طريقي سان ملڪ کي آئين ڏنو.“ اڄ به پاڪستان کي شهيد ڀٽو جي ضرورت آهي. پاڪستان سمورن بحرانن مان تڏهن ئي نڪري سگهي ٿو جڏهن شهيد ڀٽو جي آزاد ۽ غير جانبداري واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. اها پرڏيهي پاليسي آمريڪا، روس، چين سميت دنيا جي سڀني طاقتن سان ٽڪراءَ کان بچڻ ۽ انهن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. هي پرڏيهي پاليسي سمورن پاڙيسرين سان گڏيل عملن تي ٻڌل آهي. هي پرڏيهي پاليسي سڄي دنيا ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪرڻ آهي. سندن اندروني پاليسي عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ انصاف لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.

محترمه بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي هزارين ڪارڪنن شهيد ڀٽو جي ان ئي ويزن تي عمل ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اڄ به پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪن ان ئي ويزن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اڄ به ان عزم کي ورجائين ٿا ته هو ڪنهن به قربانيءَ کان پئتي نه هٽندا.

جس ڌج سي ڪوئي مقتل ۾ گيا، وه شان سلامت رهتي هي

يه جان تو آني جاني هي اس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


زلفي

هڪ دوست جي نظر ۾

رئوف نظاماڻي

پلومودي ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍپڻ جو دوست آهي. اها دوستي گھڻي عرصي تائين هلي. زڪو آئون هيٺ پيو وڃان. اهي اهي پهريان لفظ هئا جنهن سان هن زلفي کي مخاطب ڪيو هو. ان دوستي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهين شاهنواز ڀٽو پنهنجي خاندان سان بمبئي ۾ رهندو هو. اهي ٻيئي بمبئي جي ڪيٿڊرل بوائز اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ان وقت پلو جي عمر ڏهه سال ۽ زلفي نو سالن جو هو. زلفي دراصل پلو جي ماسات جهانگير موگا سيٺ جو دوست هو ۽ ان جي گھر ۾ اچ وڃ جي ڪري انهن جي دوستي ٿي هئي. هن پنهنجي ڪتاب Zulfi My Friend ۾ ان دوستي جا گھڻا تفصيل ڏنا آهن.

زلفي شروع ۾ گھر ۾ ئي ڪجھه تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هو نو سالن جي عمر تائين اسڪول ۾ داخل نه ٿيو هو. جڏهين پرنسپل داخلا لا سندس انٽرويو ورتو ته کيس چيو ته توکي گرلز سيڪشن ۾ داخلا ڏيون ٿا جنهن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ پرنسپل کلي کيس چيو ته ڇوڪرن کي ائين ئي هئڻ گھرجي ۽ کيس فرسٽ اسٽينڊرڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت ڪنڊرگارٽن ۽ پرائمري مرحلا نه ڪرڻ جي ڪري کيس گھڻي ڏکيائي ٿي پر هو انتهائي ذهين هو ۽ پڙهائي ۾ اڳتي وڌندو ويو. ۱۹۴۵ ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي وفات جي ڪري هو گھڻي ڏک ۾ هو ۽ سينيئر ڪيمبرج جي امتحان ۾ فيل ٿي ويو پر پو ڇهه مهينا هن پاڻ کي بلڪل پڙهائي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ۱۹۴۶ ۾ هن سينيئر ڪيمبرج ڪري ورتو. ان دوران کيس هڪ افلاطوني قسم جو عشق ٿيو. هو ان ڇوڪري سان ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ چاهيندو هو پر ڇوڪري جا ما پي کيس ساڻس ملڻ نه ڏيندا هئا جنهن جي ڪري هو ڪافي مايوس ۽ پريشان هو. ليکڪ جي چوڻ موجب زندگي جي گھڻي تجربي حاصل ڪرڻ کانپو به هو ان ڇوڪري کي وساري نه سگھيو. اهي ٻيئي دوست پو آمريڪا ۾ پڙهائي دوران ۽ آڪسفورڊ ۾ به هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو رهيا.

ليکڪ جو خيال آهي ته ڀٽو جي خاندان جي بمبئي ۾ رهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري سندس لا هڪ جديد نڪته نظر اختيار ڪرڻ آسان ٿي پيو. جيڪڏهين هو سنڌ جي قبائلي ۽ پٺتي پيل ماحول ۾ هجي ها ته سندس لا ايترو اڳتي وڌڻ ممڪن نه هجي ها. هو وڌيڪ لکي ٿو ته اسان ٻيئي ساڳيا ڪتاب پڙهندا هئاسين پر آئون پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي وڌيڪ مضبوط بنياد ڏيڻ چاهيندو هوس جڏهين ته زلفي پنهنجن سوشلسٽ خيالن لا پڙهندو هو.

ڪرڪيٽ سان کيس گھڻو شوق هو. وجي مرچنٽ، هزاري، مشتاق علي، امر ناٿ، مانڪنڊ ۽ نواب پٽودي سندس پسند جا رانديگر هوندا هئا. مشتاق علي سان زلفي جا ويجھا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ هو ڄڻ سندن گھر جو هڪ فرد بڻجي ويو هو. هو جڏهين به بمبئي ايندو هو ته زلفي جي گھر ئي اچي رهندو هو. ان وقت هڪ ٻئي ڪرڪٽر گل محمد سان به زلفي جا ويجھا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ اهي ٽيئي گڏ هوندا هئا. مشتاق جو خيال هو ته زلفي ۾ هڪ سٺي ڪرڪيٽر ٿيڻ جي صلاحيت هئي ۽ هو جيڪڏهين ٿوري پريڪٽس ڪري ها ته هڪ سٺو رانديگر ٿي سگھيو ٿي. زلفي سٺو پائيندو ۽ سٺو کائيندو هو ۽ پنهنجن انهن دوستن کي کارائڻ پيارڻ تي به خرچ ڪندو هو. باقي طبيعت جي لحاظ کان هو ڪنهن به ننڍي ڳالهه تي ناراض ٿي ويندو هو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. مشتاق علي سان زلفي جو اهو رابطو ان وقت ختم ٿي ويو جڏهين شاهنواز ڀٽو ديوان ٿي جوناڳڙهه هليو ويو. مشتاق علي ۱۹۵۴ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ميچ لا ڪراچي ويو ته اتي سندس زلفي سان وري ملاقات ٿي ۽ کيس سندس گھر ۾ گھڻي عزت ملي پر هن ڏٺو ته زلفي جو شوق هاڻي ڪرڪيٽ ڏانهن گھڻو نه رهيو هو.

زلفي انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپو اتي هڪ فرم سان ڪم شروع ڪيو هو پر پويان سندس ڀا زمينن وغيره جي معاملن کي صحيح نموني سنڀالي نه سگھيو هو جنهن جي ڪري کيس اها پريڪٽس ڇڏي واپس موٽڻو پيو. هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پراڻي گھر کي ڊهرائي نئون گھر ٺهرايو ۽ اتي رهڻ لڳو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هتي ڪراچي ۾ هن جنهن سينيئر وڪيل رام چنداني سان ڪم شروع ڪيو هو ان کي سندس ڪم ۽ قابليت کي ڏسي اهو ڊپ لڳو ته ڪٿي هو کانئس اڳتي نه نڪري وڃي. هن نه رڳو اهو ته کيس ڪا تربيت نه ڏني پر کيس اها صلاح ڏني ته هو وڪالت ڇڏي سياست ڏانهن وڃي. زلفي سندس مطلب سمجھي ويو ۽ ان ڪري کيس پنهنجي ليکي پنهنجي پريڪٽس شروع ڪرڻي پيئي. ان وقت جي سنڌ چيف ڪورٽ جي فل بينچ آڏو هڪ ڪيس ۾ سندس دليل ٻڌي چيف جسٽس ڪانسٽنٽائين جو چوڻ هو ته هي وڪالت جي پيشي ۾ گھڻو اڳتي ويندو. هو پنهنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هو ۽ چيف جسٽس جي ان ڳالهه کيس واقعي خوش ڪري ڇڏيو.

سياسي لحاظ کان انهن ٻنهي جا خاندان ٻن مختلف خيالن جا هئا. سر شاهنواز ڀٽو مسلم ليگ ۽ جناح جي ويجھو هو جڏهين ته ليکڪ جو پي گانڌي ۽ نهرو جي ويجھو هو. انهن ٻنهي لنڊن جي پهرين گول ميز ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئي جتي سر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي گھر پيش ڪئي هئي. ليکڪ جو خيال آهي ته جونا ڳڙهه جي ديوان هئڻ وقت هو جيڪڏهين رياست جي پاڪستان سان الحاق جي حوالي سان اهو موقف نه رکي ها ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي نوعيت مختلف هجي ها.

پلو مودي عدن ۾ هڪ هوٽل جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو جڏهين اوڏانهن ويندو هو ته ڪراچي ۾ ڪجھه وقت لا زلفي سان ملاقات لا ضرور ترسندو هو. اتي هڪ ڀيري ڀٽي سندس ملاقات پنهنجي زال نصرت سان ڪرائي. هو نصرت جي سڀا ۽ ان جي روئي کي گھڻو ساراهي ٿو. هن سندن سٺو خيال رکيو ۽ هڪ سٺي ميزبان جا فرض انجام ڏنا. ليکڪ جو خيال آهي ته ۱۹۷۱ جي جنگ کانپو اندرا گانڌي سان ڳالهه ٻولهه لا ڀٽو سان گڏ بينظير جي بجائي نصرت ڀٽو کي اچڻ گھرجي ها جيڪا بيماري جي ڪري نه اچي سگھي هئي. سندس چوڻ آهي ته بينظير اتي ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ٻنهي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ نهايت آرام ۽ ڪنهن به پريشاني کان آزاد پنهنجو وقت گذاريو.

پاڪستاني وفد جي ڀارت اچڻ کان اڳ ليکڪ اندرا گانڌي کي لکيو هو ته هو ان ڳالهه ٻولهه جي عمل ۾ ڀٽو جي دوست جي حيثيت ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو پر اندرا پاران کيس ان جو ڪو جواب نه مليو. بهرحال ڳالهه ٻولهه جي شروع ٿيڻ کان اڳ هو شملا پهتو هو ۽ ڀٽو سان سندس فون تي رابطو هو. شملا واري ڳالهه ٻولهه گھڻن مرحلن مان گذري ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو جڏهين ائين لڳو ته ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي ويئي هئي. ڀارت پاران مجيب کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ ۽ جنگي ڏوهارين تي مقدمي هلائڻ تي اصرار هو جنهن کي پاڪستان پاران قبول نه ٿي ڪيو ويو. هن ان دوران ڀٽو سان ذاتي نوعيت جي هڪ ڊگھي ملاقات ڪئي هئي. صحافين اهو سمجھيو ته انهن ٻنهي دوستن ۾ ڪا اهم ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اهي کانئس ان متعلق سوال ڪرڻ لڳا. پر جيئن ته اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي ان ڪري هن پنهنجي پارٽي پاران هڪ بيان جاري ڪري اهو واضح ڪيو ته اسان چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن ۾ سٺا ۽ خوشگوار ناتا هجن ۽ اهي امن سان رهن. الوداعي دعوت وقت جڏهين سرڪاري مهرن سميت سڀ سامان واپس موڪليو ويو هو ان وقت ٻيئي اڳواڻ ماني جي ميز تان اٿي بيٺا ۽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ٺاهه تي صحيح ڪيائون.

ٻنهي ۾ اهي ناتا ۽ بي تڪلفي آخر وقت تائين قائم رهيا جن ليکڪ چواڻي ته بينظير کي به حيران ڪري ڇڏيو هو ته سندس پي ڪنهن ماڻهو سان ان حد تائين بي تڪلف ٿي سگھي ٿو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۴ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ذوالفقار علي ڀٽو

هڪ ديو مالائي ڪردار

يوسف سيف

ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي مشهور زميندار خاندان ۾ پئدا ٿيو. هو ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي ڄائو، سر شاهنواز ڀٽو پنهنجي دور جو ناميارو سياستدان هو، جنهن خورشيد بيگم (لکي ٻائي) سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ذوالفقار علي ڀٽو هنن جو ٽيون نمبر پٽ هو، ان کان اڳ هن جا ٻه ڀائر سڪندر علي ستن ورهين جي ڄمار ۾ ۽ امداد علي اوڻيتاليهه سالن جي عمر ۾ گذاري ويا هئا.

سر شاهنواز ڀٽو جهونا ڳرهه رياست جو وزيراعظم هو. برصغير تي انگريز راڄ هو، وڏ گهراڻي ٻار هئڻ ڪري ذوالفقار علي ڀٽي ان دور جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. ان دوران هو سياسي، سماجي سرگرمين ۾ پڻ بهرو وٺندو رهيو. ۱۹۴۳ع ۾ مائٽن ذوالفقار علي ڀٽي جي شادي شيرين امير بيگم سان ڪرائي. (شيرين امير بيگم ۱۹ جنوري ۲۰۰۳ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي) ذوالفقار علي ڀٽي دنيا جي مڃيل يونيورسٽين مان پوليٽيڪل سائنس، قانون جون ڊگريون حاصل ڪيون. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان ۱۹۵۰ع ۾ ڊگري وٺڻ کانپوءِ هن جو ڌيان سماجي علمن ڏانهن وڌيو. ذوالفقار علي ڀٽي سوشلزم جي نظرئي جو مطالعو ڪيو، ان دوران هن اسلامي ملڪن ۾ سوشلزم جي ممڪن هئڻ بابت ليڪچر پڻ ڏيڻ شروع ڪيا.

ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۵۰ع ۾ قانون پڙهڻ جي لاءِ برطانيا ويو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪاليج ڪرسٽ چرچ ۾ داخلا ورتي. جتان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن ايل ايل ايم ۽ ايم ايس سي (پوليٽيڪل سائنس) جون ڊگريون پڻ ورتيون.

ذوالفقار علي ڀٽي ۸ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع تي بيگم نصرت اصفهاني سان پسند جو پرڻو ڪيو. نصرت اصفهاني ايراني-ڪرد، نسل سان تعلق رکندڙ پڙهيل لکيل خاتون هئي. ۱۹۵۳ع ۾ بينظير ڀٽو هنن جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹۵۴ع ۾ کين پٽ مرتضيٰ ڀٽو، ان بعد صنم ڀٽو ۱۹۵۷ع ۾ ۽ ۱۹۵۸ع ۾ کين ٻيو پٽ شاهنواز ڀٽو پئدا ٿيو.

ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه وقت لاءِ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار طور پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان دوران سندس ڪارڪردگيءَ تي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ايوارڊ ڪئي وئي. هن ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي ۾ وڪيل طور پريڪٽس پڻ ڪئي.

سياست جي شروعات:

ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۵۷ع ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستاني وفد جي نمائندگي ڪئي. هو سڀني کان ننڍي عمر جو ميمبر هو. ان جي فورن بعد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ڪابينا ۾ شامل ٿيو. کيس بجلي ۽ پاڻي جي کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. ان کانپوپوءِ ايوب خان قتدار تي قبضو ڪيو. هن کي ۱۹۶۰ع ۾ ايوب خان هڪ ئي وقت ٽي اهم وزارتون سونپيون. خود اعتمادي، سياسي تجربي ۽ معاملن ۾ دلچسپي سبب ۱۹۶۰ع ۾ اهم سياسي ”انڊس واٽر ٽريٽي“ بابت ڳالهين لاءِ به ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽي کان مشاورت ورتي هئي. ۱۹۶۱ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تيل جي تلاش بابت سوويت يونين سان ڳالهيون ڪيون. روس پاڪستان جي معاشي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو

پرڏيهي وزارت دوران پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا

ذوالفقار علي ڀٽي جو شعبو سوشلزم هو. هو پاڪستان ۾ جمهوريت جو حامي هو. ۱۹۶۳ع ۾ هن چين جو دورو ڪيو. تڏهن چين ۽ تائيوان جا اختلاف هئا، ذوالفقار علي ڀٽي چين جي حمايت ڪئي ۽ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي آمريڪا شديد مخالفت ڪئي. تڏهوڪي آمريڪي صدر ذوالفقار علي ڀٽي جي موقف تي شديد تنقيد ڪندي پاڪستان جي صدر ايوب خان کي احتجاجي خط پڻ لکيو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گرم جوشي وارا لاڳاپا وڌڻ ويجهڻ لڳا، پاڪستان جي دوري دوران چين جي ليڊر مائوزي تنگ جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ان پس منظر ۾ ڀٽي جي شخصيت اڀري نروار ٿي. هن کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي جو سفر شروع ٿيو، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪيترائي ٺاهه ٿيا. ملڪ ۾ انڊسٽرلائيزيشن توڙي هٿيارن جي فراهمي جا واعدا وچن ڪيا ويا.

ذوالفقار علي ڀٽو اڻ-ڌري موومينٽ جو حصو به بڻجڻ لڳو ۽ هن انڊونيشيا، سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي. هن پاڪستان جي اولهه ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ پاليسي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪا جي اثر کان آجو ڪرائڻ چاهيو. هن اوڀر ۽ اولهه جرمني جو به دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪيا. معيشت، ٽيڪنالوجي، صنعتي ۽ دفاعي معاهدا ڪيا. ذوالفقار علي ڀٽي پرڏيهي وزارت دوران پولينڊ سان پڻ لاڳاپا قائم ڪيا.

۱۹۶۲ع ۾ چين ۽ هندستان وچ ۾ سرحدي تڪرار اڀري آيا. ان پس منظر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ صدر ايوب خان وچ ۾ پڻ اختلاف پئدا ٿي پيا. ايوب خان چين ۽ پاڪستان جي هندستان جي علائقن ۾ گڏيل ڪارروائي لاءِ تيار نه ٿيو. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو چين جي ساٿ ڏيڻ جو حامي هو. ان پس منظر ۾ ۱۹۶۵ع جي جنگ کانپوءِ ”تاشقند ٺاهه“ بعد ذوالفقار علي ڀٽي صدر ايوب خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هو ۱۹۶۶ع ۾ ايوب خان جي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏئي حڪومت کان ڌار ٿي ويو.

پيپلز پارٽي جو قيام:

پرڏيهي وزارت تان مستعيفيٰ ٿيڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان ۽ سندس پاليسي تي شديد تنقيد ڪئي. هن سموري ملڪ جو طوفاني دورو ڪيو. هزارين ماڻهو هن کي ٻڌڻ لاءِ پهچندا رهيا. هو ۲۱ جون ۱۹۶۷ع تي لاهور پهتو، جتي سندس شاندار آڌرڀاءُ ٿيو. ان دوران ايوب خان خلاف ماڻهن ۾ ڪاوڙ پئدا ٿي پئي، عوام ذوالفقار علي ڀٽي کي وڏي موٽ ڏني. آڪٽوبر ۱۹۶۶ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هڪ هنڌ تقرير ڪندي پنهنجي پارٽي جو منشور واضح ڪندي چيو ته ”اسلام اسان جو دين آهي، جمهوريت اسان جي پاليسي آهي، سوشلزم اسان جي معيشت آهي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي“. ذوالفقار علي ڀٽي ۳۰ جون ۱۹۶۷ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام جو اعلان ڪيو. هن سان بنگال جو ڪميونسٽ اڳواڻ، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن، باسط جهانگير شيخ ۽ ٻيا نوجوان پڻ گڏ هئا.

چيو وڃي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽي جو اهم صلاحڪار ڊاڪٽر مبشر حسن هو. هو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي لاهور ۾ سول انجنيئرنگ جو پروفيسر هو. مختصر ترين عرصي ۾ پ پ پ سموري پاڪستان ۾ مقبول ٿي وئي. ايوب خان تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو. ۱۲ نومبر ۱۹۶۹ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو.

 آزاد ٿيڻ کانپوءِ ايوب خان جي سڏايل گول ميز ڪانفرنس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي جي اهم اڳواڻن سان شريڪ ٿيو پر هن ايوب خان جي عهدي تي رهڻ جي مخالفت ڪئي ۽ شيخ مجيب الرحمان جي ۶ نڪتن کي پڻ قبول نه ڪيو.

ايوب خان جي استعيفيٰ کانپوءِ جنرل يحيٰ خان آيو. جنهن چونڊن جو واعدو ڪيو ۽ ۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع تي هڪ فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي عام چونڊون ٿيون. ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي حقن لاءِ وڏو ڪم ڪيو، دورا ڪيا، تقريرون ڪيون ۽ عوام لاءِ اميد جو هڪ ڪرڻو بڻجي سامهون آيو. تڏهوڪي اوڀر پاڪستان مان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۱۶۰ ۽ اولهه پاڪستان مان پ پ پ ۸۳ سيٽون حاصل ڪيون. جنهن ڪري تڪرار ڪري ملڪ ۾ سياسي بحران پئدا ٿي ويو، اصل والي وارثن اقتدار شيخ مجيب الرحمان کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تڪرار وڌڻ بعد شيخ مجيب الرحمان عليحدگي جو اعلان ڪيو. بنگلاديش ۾ ڪارروائي دوران هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي، صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪيو.

بنگلاديش جي حمايت ۾ آيل هندستان جي فوج ۽ پاڪستان فوج وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ ڳري نقصان کانپوءِ پاڪستان جو اقتدار ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي حوالي ڪيو ويو. هو ملڪ جو صدر ٿيو ۽ صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. ۱۹۷۲ع ۾ هن ۹۳ هزار جنگي قيدين کي آزادي ڏياري ۽ هندستان جي قبضي هيٺ آيل پاڪستاني علائقا آجا ڪرايا. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي دور ۾ ڪيترائي سڌارا آندا، جنهن ۾ ۱۹۷۳ع جو آئين جوڙڻ وارو اهم ڪارنامو پڻ شامل آهي. هن اسلامي ملڪن ۽ ٽين دنيا جي رياستن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻوٽي کي اڀرڻ توڙي وڌڻ ويجهڻ لاءِ ماحول جوڙي ٺاهي ڪري ڏنو. ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽم بم جي اسڪيم تي به ڪم شروع ڪيو. سياسي ۽ معاشي سڌارن جي نتيجن ۾ ۱۹۷۷ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر پ پ کي عوام ڪامياب ڪيو. ان دوران غير جمهوري قوتن جي هشي تي ڪجهه مفاد پرست ڌرين چونڊ نتيجن کي قبولڻ کان انڪار ڪندي تحريڪ هلائي، جنهن جو فائدو وٺي جنرل ضياءَالحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي مڙهيل مارشل لا دوران ذوالفقار علي ڀٽي کي سندس مخالف محمد احمد قصوري کي قتل ڪرڻ لاءِ بڇ ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ هن تي قتل جو ڪيس جوڙيو ويو. سپريم ڪورٽ پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي، تڪراري عدالتي فيصلي هيٺ هن کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاسي ڏني وئي. سنجيده حلقي جو چوڻ آهي ته جنرل ضيا جي سڌي ريت دٻاءُ تي عدليه اهڙو فيصلو ڏنو هو. پاڪستان جي مختصر سياسي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو اثر اڄ پڻ موجود آهي هن جي ڏاهپ، ليڊر شپ جي ڳڻن کي اڄ به ڳايو وڃي ٿو. سندس سياسي فڪر کي اڄ به مڃيو وڃي ٿو.

 

(يوسف سيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ذوالفقار علي ڀٽو

لاکا لَکَ سُڄَنِ

امين ارباب

هو جيڪو ڪامرو ديس جو اهڙو تہ منتر هو، جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي تہ صدا هئي، جنهن تي ماڻهو ماڻهو ٿي فدا ٿيڻ چاهيو. “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” جو نعرو هو ۽ هن طاقت جو سرچشمو عوام، سوشلزم کي معيشت ۽ جمهوريت کي سندس منزل ڪوٺيندي اسلام کي پنهنجو عظيم دين قرار ڏنو ۽ چيو تہ “مونسين هلي سا، جا جيءُ مٺو نہ ڪري”.

پنجين جنوري ۱۹۲۸ تي هڪ جاگيردار گھراڻي ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ ممبئي ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ۱۹۴۷ ۾ ڪيلفورنيا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو تہ پاڪستان جي قسمت بابت فيصلا ٿي رهيا هئا. ۱۹۴۹ع ۾ برڪلي ڪيمپس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو ايشيا جو پهريون شاگرد هو، جنهن کي برڪلي شاگرد ڪائونسل ۾ چونڊيو ويو. ۱۹۵۰ع ۾ آڪسفورڊ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڀُٽي جڏهن تعليم پوري ڪئي تہ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار بڻيو. صلاحيتن جو هي صاحب ان وقت ۱۹۵۷ع ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نمائندو بڻيو، جڏهن ملڪ مٿي ايوب دور جو راڄ هو. ۱۹۵۸ع ۾ ڪامرس جو وزير بڻجڻ کان پوءِ جڏهن کيس ۱۹۵۹ع ۾ انفارميشن جو وزير بڻايو ويو تہ هن اطلاعات کاتي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون. ۱۹۶۰ع ۾ معدنيات جو وزير بڻجندڙ ذوالفقار علي ڀٽو ۱۹۶۵ع تائين يو اين اي ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻ رهيو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۵ع تائين پرڏيهي معاملن جو وزير رهندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي جڏهن ۱۹۶۶ع ۾ پرڏيهي وزارت تان استعيفا ڏني تہ ايوب خان حڪومت ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ هن ايوب سرڪار خلاف بغاوت جو علم بلند ڪندي هر واهڻ ۽ وستي ۾ وڃڻ لڳو. هن مظلوم ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جو پهريون ڀيرو احساس ڏياريو. جڏھن پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ويو تہ ماڻهن هن جي دل کولي آجيان ڪئي، جڏهن ايوب خان هن جي عوام ۾ مقبوليت ڏٺي تہ هن پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪيو. ۱۲ نومبر ۱۹۶۸ع تي ڀٽو گرفتار ٿي ويو ۽ ڀُٽي کي آڻ مڃرائڻ لاءِ حيلا هلايا ويا پر نہ جھڪيو تہ لاڙڪاڻي جو هي ڀٽو نہ جھڪيو. عوامي راڄ جو سمنڊ، ڀٽو ۽ چاهت جو انوکو جهان. ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيو تہ پيپلز پارٽي جي نشان تلوار تي ٺپو هڻڻ لاءِ عوام جون قطارون لڳي ويون. نتيجا آيا ۽ ڀٽو مولهيا ملھہ کٽي ويو، عوام سان ڪيل واعدن جو وقت اچي ويو ۽ ڀُٽي صاحب ۱۹۷۲ع ۾ ملڪ جي ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي مزدورن لاءِ نئين پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ هاڻ جنهن بہ ڪارخاني مان نفعو حاصل ٿيندو، ان تي مزدورن جو حق هوندو. اعلان ٿيل پاليسيءَ تحت پھريون ڀيرو ڪارخاني جي مزدور کي پينشن ۽ انشورنس ملڻ جي پڪ ملي.

مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اعلان ڪيل پاليسيءَ کان پوءِ پورهيو ڪندڙ هارين کي بہ نہ وساريو. زرعي اصلاحات جو اعلان ڪندي چيو تہ ڪنهن کي بہ ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين رکڻ جي اجازت نہ هوندي. ڀُٽي صاحب جي هن اعلان کانپوءِ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جي ورهاست ٿي ۽ هارپو ڪندڙ هاري زمينن جا مالڪ بڻجي ويا. ڀُٽي صاحب عوام جون دليون کٽي ورتيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جيئي ڀٽو جي صدا گونجي اٿي.

اڃان ڀُٽي صاحب جي اقتدار کي ڪجھہ سال ئي لنگھيا هئا تہ ڀُٽو هڪ امتحان جي ور چڙهي ويو، نوي هزار فوجي قيدي ڀارت جي قبضي مان آجا ڪرائڻ ڀُٽي صاحب لاءِ هڪ للڪار بڻجي وئي. سڄي دنيا جون اکيون ڀُٽي صاحب ۾. پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو سوال. هڪڙي پاسي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي هڪ نياڻي جي حيثيت ۾ ساڻ ويهاري اندرا گانڌي کي ڳالهين دوران اهڙو تہ پنهنجو ڪري ورتو، جو هن رات پيٽ ۾ پاڪستان جا نوي هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائي ڇڏيا. سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ ڏيھ واپسيءَ تي پاڪستان جي ماڻهن ڀُٽي صاحب کي پنهنجي ڇاتيءَ لاتو.

ڀُٽي صاحب رڳو ۹۰ هزار فوجين کي نہ ڇڏايو پر هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڪارنامن تي مبني نشانيون بہ ڇڏيون. اسٽيل مل کان وٺي موهن جو دڙو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين، دوران سفر شاگردن کان اڌ ڀاڙو، سرڪاري بسون، شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙي کي اهميت، ڪوٽا سسٽم، هاسٽلز، اسڪالر شپ جا موقعا، ۱۹۷۳ع جو آئين، شملا معاهدو ۽ ايٽمي پلانٽ اهڙا تہ ڪارناما هئا، جن کي ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن بہ وساري نٿا سگهن.عوام جي دلين ۾ رهندڙ ڀٽو هي اهو ڀٽو هو، جنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ ماڻهو نہ رڳو پاڻ ۾ وڙهي ٿي مئا پر هن جي هڪ هڪ جهلڪ ۽ ادا کي ڏسڻ لاءِ وڻن ۽ عمارتن تي چڙهي “جب تڪ سورج چاند رهي گا، ڀٽو تيرا نام رهي گا” جهڙا نعرا بہ هنيا.آمريڪا جڏهن دنيا مٺ ۾ ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، آمريڪا جڏهن اسلامي ملڪن کي اشاري تي اٿ ويھہ ڪرائڻ جي همت ساري رهيو هو تہ هن اقوام متحده جي سڀني اڳواڻن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ چيو ته، “اسين غريب ضرور آهيون پر عزت، وقار ۽ حيثيت تان قطعي به هٿ نه کڻنداسين”. هن اسلامي ملڪن جي سربراهن کي گڏ ڪيو ۽ آمريڪا جي جارحيت ۽ هڪ هٽي بابت آگاهه ڪندي اهو چئي حوصلو ڏنو تہ “اسلامي دنيا هڪ بلاڪ ۽ ان کي پنهنجي حيثيت آهي، اچو تہ هڪ ٿي وڃون ۽ مڙي مٺ ٿي وڃون” ۽ پوءِ شاھ فيصل، ڪرنل قذافي، شهنشاهه ايران ۽ ياسر عرفات جهڙن عظيم ليڊرن کي هڪ ٽيبل تي آڻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين چونڊيو ويو.

ڳوٺن جي گهٽين مان ووٽ وٺي وزيراعظم بڻجندڙ ڀُٽي صاحب جڏهن ملڪ کان پوءِ عالمي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪئي تہ هن جي خلاف جنگ جوٽيندڙ سموريون قوتون هڪ ٿي ويون ۽ پاڪستان ۾ لانگ بوٽ وارن کي آشيرواد حاصل ٿي ويو. ۵ جولائي ۱۹۷۷ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن، عوامي راڄ تي حملي جو ڏينهن، آمر ضياءُ الحق جي اڳواڻي، سڄو ملڪ مارشل لا جي ڪاري چنبي ۾ اچي ويو ۽ اظهار راءِ جي وات تي هٿ اچي ويو ۽ پوءِ ڪروڙين دلين جو هي شهزادو چوٿين اپريل ۱۹۷۹ع تي عوام جي هٿن مان کسجي ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڪتاب

ليکڪ: محمود الحسن

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محمد علي محمدي

(دوستو  ڪيترائي ڀيرا مان ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي لائبريري جو ذڪر ڪري چڪو آھيان. اڄ ڪلھ سندس پوٽي فاطمہ ڀٽو جي شادي ء لائبريري جو ذڪر سوشل ميڊيا تي آيو.ان سلسلي ۾ محترم  محمود الحسن - لاهور جي لکيل مضمون کي سنڌي ويس ڍڪائي پيش ڪيو اٿم  اميد تہ پسند ايندو........... ڊاڪٽر م ع محمدي  ۲۹/۴/۲۰۲۳)

فيبروريءَ ۾ مشهور صحافي ۽ دانشور غازي صلاح الدين سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ حڪمرانن جي مطالعي ۾ دلچسپيءَ بابت بحث شروع ٿيو. ان موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽي جي پڙهائيءَ ۾ گهڻي دلچسپيءَ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪو شايد پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل حڪمران آهي.

سندس ڪتاب ۾ دلچسپيءَ جو هڪ قصو اسان کي غازي صلاح الدين ٻڌايو، جيڪو سندس علم ۾ انهن ڏينهن ۾ آيو، جڏهن هو ٽي وي پروگرام ’جيو ڪتاب‘ جي ميزباني ڪندو هو.

هڪ پروگرام ۾ کيس سنڌي ۽ انگريزي اسڪالر سراج الحق ميمڻ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو. ڀٽو دور ۾ سنڌي اخبار جو ايڊيٽر رهيو. هو يورپي ملڪ جي دوري تي آيل وزيراعظم جي وفد جو حصو هو. هڪ ڏينهن، پنهنجي مصروف شيڊول مان وقت  ڪڍي شهر جي هڪ ڪتابي دڪان تي ويو.

وڌيڪ پڙهو

ڪتاب خريد ڪندي ڀٽو صاحب به اتي پهتو. سراج الحق ميمڻ ڪتاب کي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو، ڀٽو صاحب ان کي پنهنجي لاءِ خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر ڏٺائين ته صرف هڪ ڪاپي اسٽاڪ ۾ هئي. سراج الحق ميمڻ ڀٽو صاحب کي پرزور مطالبو ڪيو ته هو تحفي طور خريد ڪيل ڪتاب پاڻ وٽ رکي، پر هن نه مڃيو.

وطن واپسي لاءِ جڏهن جهاز روانو ٿيو ته ڀٽو صاحب سراج الحق ميمڻ جي سيٽ تي آيو ۽ کيس اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ گھريو.

ستن يا اٺن ڪلاڪن جي سفر جي پڄاڻيءَ تي جڏهن  ڪتاب واپس مليو ته اتي ڪيترن ئي  هنڌن تي سندس حاشيه لکيل هئا، جنهن مان ظاهر آهي ته هن ڪتاب  گھرائي سان پڙهيو هو.

غازي صلاح الدين ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽو جهاز ۾ جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، اهو نارد سي چوڌري جو ڪتاب ”آٽو بائيوگرافي آف اين انڊين“ هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻو مشهور هو.

ڀٽو صاحب جي ڪتابن بابت ته اڃا وڌيڪ قصا ٻڌايا وڃن ٿا، پر ان کان اڳ نارد سي چوڌري جي ڪتابن بابت چند ڳالهيون.

نامور ليکڪ اندر حسين کي به سندس سوانح عمري پسند آئي، پر هو The Continent of Circe کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جنهن کي سندس خيال هو ته هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو انسان کي محسوس ٿيندو ھو ته هو وڏو ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ان کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي هندستان ۽ ان جي سموري تهذيب بابت ڪجهه اهڙيون ڳالهيون سمجهه ۾ آيون جن کان اڳ اڻڄاڻ هوس.

انهن ڪتابن کي پڙهڻ سان انسان ڪجهه علم حاصل ڪري ٿو. نارد چوڌري هندستان ۽ هندو قوم جي تاريخ جو تجزيو وڏي بي رحميءَ ۽ بربريت سان پيش ڪيو هو. نارد چوڌري صورتحال کي سمجهي ورتو ۽ جنهن ايمانداري ۽ جرئت سان هن پنهنجي ماڻهن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان نه رڳو مون کي متاثر ڪيو پر مون ۾ حسد پيدا ڪيو.

ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ۲۱ هين سالگره تي پنهنجي والد کان نيپولين جي سوانح عمري وصول ڪئي. (ڦوٽو: Bowman Rear Bucks)

ايوب خان به نيرد سي چوڌري جي ان ڪم جو ڏاڍو قائل هو. مشهور انگريزي صحافي محمد سعيد ”آهنگ باز گشت“ ۾ لکيو آهي ته:

ڪتابن ۾ هن (ايوب خان) خاص طور تي نارد سي چوڌري جي ڪتاب The Continent of Circe جو ذڪر ڪيو آهي. هنن چيو ته بي مثال ڪتاب آهي ۽ اهڙا ڪتاب پاڪستان ۾ به لکڻ گهرجن. جيئن ته هن جو ڌيان مون ڏانهن هو، تنهن ڪري مون عرض ڪرڻ جي اجازت گهري. مون حيرت مان چيو ته هي عظيم ڪتاب ڏيکاري ٿو ته هندو ذهن پنهنجي گم ٿيل ۽ مليل لذتن جي ڳولا ۾ ڪٿي ڪٿي مصروف آهي.

نامور دانشور قاضي جاويد جو تعارف نامور دانشور، شاعر ۽ ڊراما نگار صفدر مير نارد چوڌري سان ڪرايو ۽ کيس پنهنجي ذاتي لائبريريءَ مان پڙهڻ لاءِ ’آٽو بايوگرافي آف اين انڊين‘ ۽ دي ڪنٽيننٽ آف سرس ڏنو. مطالعي کان پوء اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته:

”مون نارد سي چوڌري جا اهي ٻه ڪتاب پڙهيا ۽ هن بنگالي ليکڪ مون تي جادو ڪيو.

پاڪستاني اديبن ۾ نارد چوڌري جي استقبال جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ اڳتي وڌون ٿا ڀٽو صاحب جي ڪتابن جي ڪهاڻين ڏانهن.

قدرت الله شهاب ’شهاب نامہ‘ ۾ لکيو آهي ته هڪ ڏينهن صدر سڪندر مرزا کيس ٻڌايو ته نوجوان بئريسٽر ذوالفقار علي ڀٽو صدر هائوس جي لائبرريءَ ۾ سنڌ بابت ڪتاب رکڻ چاهي ٿو، تنهنڪري هن کانئس پڇيو ته ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪريو.

شهاب جي چوڻ مطابق، ”جناب ذوالفقار علي ڀٽي وڏي ذهانت ۽ ڏاهپ جو مالڪ هو ۽ ڪيترن ئي جديد علوم ۽ انهن جي اظهار تي به شاندار عبور حاصل هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن صدر هائوس جي ننڍڙي لائبريريءَ جي تلاشي ورتي.

ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته هن اقتدار جي سياست نيپولين کان سکي ۽ غريبن جي سياست ڪميونسٽ منشور کان  سکي.

ڪالم نگار خالد حسن ذوالفقار علي ڀٽي جو پريس سيڪريٽري هو. شملا معاهدي کان پوءِ وطن واپس اچڻ کان اڳ هن ڀٽو صاحب جي هدايتن تي ڪيترائي ڪتاب خريد ڪيا. ۱۹۷۶-۷۷ع ۾ هو لنڊن جي سفارتخاني ۾ پريس ڪائونسلر هو، تنهنڪري ان دوران به ڀٽو صاحب لاءِ ڪتاب پاڪستان موڪليندو رهيو.

سندس چوڻ هو ته، ”مون سريلن اسٽريٽ ۾ ڪتابن جي دڪان ٽراس لو اينڊ هينسن وٽ اڪائونٽ کوليو هو، جتي ڪتابن جي ادائيگي لاءِ ڀٽو جي ذاتي اڪائونٽ مان هر مهيني پئسا ايندا هئا.

ڀٽو صاحب ڪتاب جي موضوع تي لکڻ دوران سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر شيخ اياز جي ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جنهن کي سندس ذهني ۽ فڪري تاريخ چئي سگهجي ٿو. ڪرن سنگهه ان جو سنڌي مان اردو ترجمو ڪيو آهي.

۱۹۶۸ع ۾ شيخ اياز ساهيوال جيل ۾ هو، ڀٽو به ان ئي جيل ۾ قيد هو. هڪ ڏينهن شيخ اياز جي درخواست تي چيف وارڊن کيس جيل جي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جي لسٽ ڏني. شيخ اياز جن ڪتابن کي پڙهڻ چاهيندو هو، انهن ۾ هٽلر جو مون ڪيمپ به هو، جيڪو ڀٽو صاحب وٽ هو. ”جيڪڏهن هن صاحب اهو پڙهيو آهي ته مان آڻيندس،“ چيف وارڊن چيو.

ٿوري دير کان پوءِ هو هٽلر جو ڪتاب کڻي آيو ۽ شيخ اياز کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب کيس سلام موڪليو آهي.

هڪ ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽي شيخ اياز ڏانهن پستا، بادام، ڪشمش، بسڪيٽ ۽ مڇي موڪليا. انهيءَ محبت جي جواب ۾ هن هي ڪتاب موڪليو:

 Heinrich Heine: The Artist in Revolt

جيل ۾ هي ڪتاب سندس پٽ جي معرفت شيخ اياز تائين پهتو.

۲۳ سالن جي ڄمار ۾ ذوالفقار علي ڀٽو چار دفعا Glimpses of World History پڙهي چڪو هو..

هڪ حاشيه ۾ شيخ اياز ذڪر ڪيو آهي ته شملا معاهدي تي وڃڻ کان اڳ ڀٽو صاحب ساڻس ملاقات ڪئي هئي. سنڌ يونيورسٽي سان وابستگي دوران هن ڀٽو صاحب سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي. هن پنهنجي ڊائري ۾ به ميلووان ڊيجلس جي ڪتاب Conversations with Stalin جي طرز تي ڀٽو تي ڪتاب لکڻ جو اشارو ڏنو آهي.

ڀٽو صاحب جواهر لعل نهرو کي پسند هو. سندس لکڻ جي انداز کان به متاثر هو. بينظير ڀٽو کي لکيل خط ۾ هن لکيو ته: ”مان ۲۳ سالن جي عمر ۾ چار ڀيرا عالمي تاريخ جي جھلڪ پڙهي چڪو هوس. نهرو اسان جي دور جي صاف سٿري انگريزي اديبن مان هڪ هو. هن جي لفظن ۾ هڪ قسم جو فيض ۽ موسيقي هوندي هئي.

اسٽينلي وولپرٽ ”زلفي ڀٽو آف پاڪستان“ ۾ لکي ٿو ته ڀٽو صاحب کي پنهنجي پيءُ کان وليم سلوين پاران نيپولين جي پنج جلدن جي سوانح عمري سندس ايڪويهين سالگره تي ملي هئي. اهو ڪميونسٽ منشور سان گڏ هڪ الڳ پمفليٽ جي صورت ۾ هو. ڀٽو صاحب چيو ته هن نيپولين کان اقتداري سياست ۽ پمفليٽن مان غريبن جي سياست سکي.

ڀٽو صاحب پاڻ ۽ ڪجهه تجزيه نگار به نپولين ۽ مارڪس جي حوالي سان سياسي انداز جي ٻٽيءَ جي منطق کي پنهنجي ذاتي حالتن ۾ ڏسن ٿا، جنهن مطابق سندن سوچ هڪ جاگيردار پيءُ ۽ غريب ماءُ کان متاثر ٿي، جنهن جو اثر سندس فڪر ۾ نظر اچي ٿو.

ڀٽو لئبرريءَ ۾ نيپولين جي ڪتابن جو بي مثال ذخيرو موجود هو. ۱۹۶۶ع ۾ گڏيل قومن ۾ ڀٽو صاحب جي هندستان مخالف تقرير کان خوش ٿي، سنڌي جاگيردار ۽ عالم غلام مصطفي شاہ  (جيڪو بينظير ڀٽو جي پهرين دور ۾ تعليم جو وزير هو) کيس نيپولين تي ڪيترائي ناياب ڪتاب تحفي ۾ ڏنا.

سعد رشيد الخيري جو خيال هو ته ڀٽو صاحب پيرن جي نعري ’ديس ڪمي سادو‘ کان متاثر ٿي روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو بلند ڪيو هو.

ذوالفقار علي ڀٽي به پنهنجي ٻارن کي ادب ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساهيوال جيل مان بينظير کي لکيل خط ۾ هن کيس مطالعي جي حوالي سان ڪيتريون ئي صلاحون ڏنيون ۽ کيس ادب ۽ تاريخ جو وڌيڪ مطالعو ڪرڻ جي صلاح ڏني.

ڀٽو صاحب ڪتابن جي وچ ۾ رهڻ ۾ وڏو آرام محسوس ڪندو ھو.. سندس ملازم دوست محمد ٻڌايو ته لائبريري سندس جنت آهي جتي هو ويهندو ۽ ٻاهرين دنيا کان آزاد ٿي ويندو.

ڀٽو صاحب جي پوٽي ۽ نامور ليکڪا فاطمه ڀٽو هڪ مضمون ۾ چيو ته هو لائبريريءَ ۾ فائل پڙهندي هئي ۽ اتي ويهي خط لکندي هئي. ۷۰ ڪلفٽن ۾ ٽن ڪمرن واري لائبريري ۾ اڃا تائين مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل آهن، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو جي مطالعي جي ذوق جي ياد ڏياري ٿي.

ڀٽو صاحب کي ڪتابن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي صاف سٿرو رکڻ جو به شوق هو. ان بابت بيوروڪريٽ تجمل حسين ”جو بسي هين سنگ“ ۾ لکيو آهي:

”هو (ڀٽو) هڪ تمام خوبصورت لئبرريءَ جو مالڪ هو، جتي هر قسم جا ڪتاب خوبصورتيءَ سان سينگاريل هئا ۽ لڳي ٿو ته ھن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا  آهن.

مشهور ليکڪا ۽ انٽرويو وٺندڙ اوريانا فلاسي ۱۹۷۲ع ۾ هڪ انٽرويو دوران جڏهن ڪراچي ۾ ڀٽو صاحب جي لائبريري ڏٺي ته ان کي شاندار قرار ڏنو.

نامور برطانوي صحافي اوون بينيٽ جونز ”دي ڀٽو ڊانسٽي، دي اسٽريگل فار پاور ان پاڪستان“ ۾ لکيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڀٽو کي لبرل ۽ کاٻي ڌر سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن جي اسلامي سوشلزم ۽ زرعي سڌارن ۾ عقيدي، تنگ نظر مذهبي اڳواڻن ۽ حڪومت جي مخالفت جي ڪري. پر هو ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، جيڪي انهن خيالن جي خلاف هئا.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ساهيوال جيل مان بينظير کي خط لکي کيس ادب ۽ تاريخ جو وڌيڪ مطالعو ڪرڻ جي صلاح ڏني.

Owen Bennett-Jones چوي ٿو ته نيپولين لاءِ ڀٽو صاحب جي تعريف چڱيءَ ريت هئي، پر اوريانا فلاسي کي سندس لائبريريءَ ۾ هٽلر ۽ مسوليني جا ڪتاب نمايان نظر آيا.

اقتصاديات جي ماهر احمد فاروقي ۲۰۰۳ ۾ The Enigmatic ZA Bhutto جي عنوان سان هڪ ڪالم ۾ چيو ته فوج ذوالفقار علي ڀٽو کي ۱۹۷۷ع ۾ سهالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ۽ هٽلر کان سندس ڪجهه ڪتابن جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو، غور ڪيو ته هٽلر ڪيئن پنهنجي جنرلن کي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جڏهن ته اهي ناڪام ٿيا.

هڪ سياسي اڳواڻ جنهن مان ڀٽو حض ورتو هجي، ارجنٽائن جي اڳواڻ پيرون جو ذڪر گهٽ ئي ڪيو ويندو آهي. اڳوڻي پاڪستاني سفارتڪار سعد رشيد الخيري ”پراڻي دل کان نئين دنيا جو سفر“ ۾ ان نقطي تي بحث ڪيو آهي:

”مان هميشه اهو سمجهان ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو پيرن کان گهڻو متاثر هو. ڀٽو صاحب جڏهن ڪيليفورنيا ۾ پڙهندو هو، تڏهن سندس جوانيءَ ۾ پيرن کان گهڻو متاثر هو. پيرون هڪ طرف سپاهين جي خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ عوام جي طاقت سان صدر ٿيو. ٻئي طرف هو آمريڪا کي به لتاڙيندا هئا. اهو هڪ اهڙو مجموعو هو، جيڪو ڪيليفورنيا جي کاٻي ڌر واري ماحول ۾ ڀٽو صاحب جي دل ۾ گھر ڪري ويو هوندو.

سعد رشيد الخيريءَ جو خيال هو ته ڀٽو صاحب پيرون جي نعري ’ديس ڪمي صدو‘ (يعني جن جي جسم ۾ هڪ قميص به نه آهي، اهي چڱا ڪم ڪندا) مان متاثر ٿي روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو بلند ڪيو هو.

ڳالهه ڪٿان آئي؟ اچو ته ڪتاب جي باري ۾ ٻيهر ڳالهايون. ڀٽو صاحب جي ڪتابن جي دڪانن سان لاڳاپن جي ڳالهه ڪجي ته منيزا نقوي جو ڪتاب A Guest in the House ذهن ۾ اچي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شاگرديءَ واري دور ۾ ڪراچي جي قديم ترين ڪتابن جي دڪان ”پائنير بڪ هائوس“ جو دورو ڪندو هو. هڪ دفعي هو وزير اعظم ٿي آيو.

اوريانا فالسيءَ کي ذوالفقار علي ڀٽو جي لائبريريءَ ۾ هٽلر ۽ مسوليني جا ڪتاب نمايان طور تي مليا.

 ڪوئيٽا ۾ گوشہ ادب جي نالي سان ڪتابن جو مشهور دڪان آهي. مرحوم دڪان جي مالڪ منصور بخاري صحافي رانا محمد آصف کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب هڪ ڀيري نواب  اڪبر بگٽيءَ سان گڏ لٽريچر ڪارنر تي آيو ۽ سندس ڪتابن جي سٺي چونڊ تي سندس ساراهه ڪئي.

۱۹۷۰ع ۾ لاهور ۾ ’ڪلاسڪ‘ کي انتها پسندن ان جي کاٻي ڌر سان وابستگي جي ڪري ساڙي ڇڏيو. ڀٽو صاحب واقعي جي مذمت ڪئي ۽ ڪلاسڪ جو دورو ڪري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دڪان جي مالڪ آغا امير حسين سان ملاقات ڪئي.

ڀٽو صاحب جي ملازم دوست محمد موجب، ”ايورنيو بڪ اسٽال ۽ ساسي بڪ اسٽال تي جيڪي نوان ڪتاب ايندا هئا، سي کيس موڪليندا هئا. ايورنيو بوڪ اسٽال جو محترم صفدر مهدي ڪتابن جي نئين آمد تي نظر رکندو هو ۽ ۷۰ ڪلفٽن موڪليندو هو، شهيد پنهنجي پسند جا ڪتاب رکي ڇڏيندو هو ۽ باقي واپس موڪليندو هو.

هڪ دفعي نصرت ڀٽو جيڪو ڪتاب پرڏيهه مان پنهنجي مڙس لاءِ کڻي آئي هئي، اهو هڪ هفتو اڳ ئي ڀٽو صاحب جي لائبريريءَ جو حصو بڻجي چڪا ھئا.

جيل ۾ به ڀٽو صاحب مطالعي سان لاڳاپو رکيو. ڀٽو صاحب جنهن کي ڪتابن جو شوق هو، قلم سان به وابسته هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻه ڪتاب ”اگر مان قتل ٿي ويس“ ۽ ”افواهون ۽ حقيقتون“ منظر عام تي آيون. ان کان علاوه ڀٽو صاحب پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ان موضوع تي سندس تقريرون تاريخ ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي موضوعن تي سندس گهري مطالعي جي عڪاسي ڪن ٿيون.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)



شهيد ڀٽو

۽ سياست جو محلاتن کان جهوپڙين تائين سفر

مولائي ملاح

۵ جنوري، تاريخ جو اهو ڏهاڙو آهي، جنهن ۾ خوشي ۽ غم گڏ گڏ ملن ٿا. جنهن جا عوام جي ذهنن تي گهرا نقش ڇڏيل آهن. ۵ جنوري ۲۸۱۹ع تي سر شاهنواز ڀٽو کي قدرت واري هڪ پٽ عطا ڪيو. جيڪو اڳتي هلي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي، پنهنجي خاندان جي خوابن تي پورو لهي ٿو. لکي ٻائي، جيڪا هڪ هندو عورت هئي، جنهن سر شاهنواز ڀٽي سان شادي ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو، سندس اسلامي نالو خورشيد بيگم رکيو ويو. جنهن کي ڪل ٽي ٻار هئا. جن ۾ مَنا، بينظير ۽ ذوالفقار شامل آهن. (ذوالفقار علي ڀٽي جو بينظير سان بيحد پيار رهيو، جيڪا بيماريءَ وگھي ۱۴سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي، ڀيڻ جي ياد کي تازي ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي نياڻي بينظير تي ان جو نالو رکيو). ذوالفقار علي ڀٽو جا وڏڙا ڀارت جي ريگستاني علائقي ۾ رهندا هئا، جڏهن اتي پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي ته اهي هجرت ڪري سنڌو دريا جي ڪناري تي اچي آباد ٿيا. هي اهو دور هئو، جڏهن اڪثر آباديون دريائن جي ڪناري تي اچي آباد ٿينديون هيون. ذوالفقار علي ڀٽو ننڍپڻ کان ئي ذهين هئو، هن ۾ مسئلن کي صحيح رُخ ۾ سمجھڻ جي سگهه ۽ صلاحيت موجود هئي، هن ۾ بروقت فيصلا ڪرڻ جي قوت هئي. کيس پرڏيهه ۾ پڙهائي سندس والد پنهنجو خواب پورو ڪيو. قيامِ پاڪستان وقت ذوالفقار ڀٽي جي عمر ۱۹ سال هئي، هو قائد اعظم کان متاثر هو، ذوالفقار ڀٽو جي ذهانت کي ڏسي ساڻس ساڙ ڪيو ويندو هو، پوءِ اهو محاذ ڇو نه سياست جو هجي يا وڪالت جو، جتان هر ڀيري کيس پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هي انهن سازشن کي لتاڙيندو همت ۽ پختي حوصلي سان پنهنجي مقصد، جي منزل طرف ڪاميابيءَ سان وکون کڻندو اڳتي وڌندو رهيو. ۱۹۵۲ع ۾ ڀٽو آڪسفورڊ ۾ پنهنجي پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ قانون جو امتحان ڏيڻ لاءِ لنڊن ويو، هڪڙي سال ۾ ئي هو وڪيل بڻجي ويو، کيس سائوٿ همپٽن يونيورسٽيءَ ۾ عالمي قانون جي پروفيسر جو عهدو ملي ويو، پر هي ڪن ذاتي مجبورين سبب اهي ذميواريون سنڀالي نه سگھيو. ڀٽي انگلينڊ جي راڻيءَ جي صلاحڪار ۽ مشهور وڪيل ايش لنڪن سان گڏجي ڪم ڪيو. سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ ڀٽو کي پاڪستاني نمائندي طور اقوامِ متحده ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ موڪليو ويو، پاڻ اڃا اقوامِ متحده ۾ هئو ته، ۱۹ نومبر ۱۹۵۷ع تي لاڙڪاڻي ۾ سندس والد سر شاهنواز ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ان مهل ئي هو آمريڪا کان واپس پاڪستان پهتو. مارچ ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن فيروز خان نُون پاڪستان جو وزير اعظم هو ته ذوالفقار ڀٽي کي پاڪستاني وفد جي اڳواڻ طور جنيوا ۾ گڏيل قومن جي سامونڊي قانونن بابت ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ موڪليو ويو. اتي ڀٽي ڏاڍي شاندار نموني فرض نڀايا، ته ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان سرڪار کي لکت ۾ ڀٽي جي ڪم جي تعريف ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذهانت سبب دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو امير گھراڻي جو ٻار هئڻ جي باوجود به غريب عوام جي حقن ۽ انهن جي بهتر زندگيءَ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪندو رهيو. اهڙي عوامي ڪردار سبب ئي کيس عوام پنهنجي دل ۾ سانڍي ڇڏيو. هي وڇڙڻ کانپوءِ به عوام کي ائين ياد آهي ڄڻ ته کانئن وڇڙيو ئي ناهي. هر سال سندس ورسي ۽ سالگرهه جي موقعي تي سندس مزار اڳيان گڏ ٿيندڙ هي عوامي هجوم، هن سٽ جيان چٽو ثبوت آهن ته، ”وِڇڙيو آهين، وِسريو ناهين!“ ذوالفقار علي ڀُٽي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي قيام عمل ۾ آندو. جنهن پليٽ فارم تان عوامي حقن جي جدوجھد وارو عمل جاري رکيو. اهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن خوشيون ته ڪڏهن غم، ڪڏهن سُک ته ڪڏهن سازشن جا جھنگ سامهون ايندا رهيا، جن کي هو پنهنجي سجاڳ سوچ لتاڙيندو، پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌندو رهيو. هن ان سڄي عرصي ۾ مسئلن جي دريا کي جھاڳڻ جو ڍَنگ سکي ورتو هو، هن عوام جي سُکن واري سفر تي هلڻ جي شروعات پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪري ڇڏي، جيڪا ڳالهه ڏيهي توڙي عالمي اڳواڻن کي ڪانه وڻي، جن کيس عوامي، خوابن جي ساڀيان ماڻڻ کان اڳ ئي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن صدمي جي سوڳ ۾ سندس عاشق، عوام صدين تائين گھاريندو ۽ کيس ساريندو رهندو.


 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

 هڪ عظيم انسان

گل محمد جکراڻي (سينئر)

سنڌ جي سر زمين مان ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جنم ورتو، انهن عظيم انسانن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شامل آهي. سر شاهنواز ڀٽو جي گهر مان هڪ انمول هيرو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ويو. شهيد ڀٽو ننڍپڻ کان ڏاڍو هوشيار ۽ دور انديش ۽ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو. ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن زير تعليم هو ته هن ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي قائداعظم محمد علي جناح کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته ”هن وقت آئون اسڪول ۾ پڙهيو آهيان، ان ڪري قيام پاڪستان لاءِ اوهان جي مدد نٿو ڪري سگهان مگر اهو وقت پري نه آهي جڏهن مان پاڪستان لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندس.“

اڄ ۴ اپريل ۲۰۱۳ع تي سنڌ ڌرتي جي عظيم شخصيت ۽ لاڙڪاڻي جي لال ذوالفقار علي ڀٽو جو ۳۴ هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايون پيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي منتخب حڪومت کي فوجي آمر جنرل ضياءَ ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ”نام نهاد آپيشن فيئر پلي“ جي نالي سان ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ختم ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ شهيد ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي عدالت ذريعي قتل ڪرائي شهيد ڪيو. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع وارو ڏينهن پاڪستان ۽ پوري دنيا لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن هو جنهن ڏينهن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو تختئه دار تي چاڙهيو ويو. قائد عوام پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز ان وقت شروع ڪيو جڏهن سڪندر مرزا ملڪ جي نمائندگي لاءِ هن کي اقوام متحده موڪليو. شهيد ڀٽي ۲۵ اپريل ۱۹۵۷ تي اقوام متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ پرجوش ۽ بامقصد تقرير ڪئي۔ شهيد ڀٽي جي ان تقرير کي غير ملڪي ميڊيا وڏي اهميت ڏني. ڪجهه عرصي کانپوءِ شهيد ڀٽو کي ٻيهر حڪومت پاڪستان طرفان ۱۹۵۸ع ۾ اقوام متحده موڪليو ويو. اهڙي طرح شهيد ڀٽو کي ٻه دفعا اقوام متحده ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو. ان تقريرن جي ڪري شهيد ڀٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا اندر مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح شهيد ڀٽو پاڪستان سان گڏوگڏ پوري دنيا اندر هڪ اهم اڳواڻ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. جڏهن آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي جنرل ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن شهيد ڀٽو سان رابطو ڪري چيو ته هن وقت ملڪ کي اوهان جهڙي ليڊر جي سخت ضرورت آهي ان ڪري وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي پاڪستان جي خدمت ڪريو. اهڙي طرح شهيد ڀٽو ملڪ جي ترقي ۽ غريب عوام جي ڀلائي خاطر جنرل ايوب خان جي درخواست تي وزير تجارت جي حيثيت ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيو. شهيد ڀٽو جي صلاحيتن ۽ قابليت جي ڪري ۱۹۶۳ع ۾ محمد علي بوگرهه جي وفات ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جو وزير خارجه مقرر ٿيو پر ڪجهه سالن اندر ڪشمير تي جنرل ايوب خان سان اختلافن جي ڪري ۱۹۶۶ع ۾ وزارت خارجه کان استعيفيٰ ڏيئي ايوب ڪابينا کان ڌار ٿي ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فهم ۽ فراست ۽ ديانتداري سب پوري دنيا اندر عالم آشڪار ٿي ويو هو.

شهيد ڀٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ بعد عوام جي حقن ۽ ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو. شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي منشور ۾ هڪڙا چار اصول ڏنا (۱) اسلام اسان جو دين آهي. (۲) جمهوريت اسان جي سياست آهي (۳) سوشلزم اسان جي معيشت آهي. (۴) طاقت جو سرچشمو عوام آهي. انهن چئن اصولن کي کڻي شهيد ڀٽو سياست جي ميدان تي هڪ شينهن وانگر لٿو. پيپلزپارٽي جي قيام کانپوءِ شهيد ڀٽي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري عوام کي ايوبي آمريت خلاف جاڳايو ۽ پ پ جي منشور کي عوام آڏو پيش ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ محنت جي ڪري نيٺ ايوب خان اقتدار کان الڳ ٿي ويو. پر هن ويندي ويندي اقتدار جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنرل يحيٰ خان اقتدار سنڀاليندي ئي ون يونٽ کي ختم ڪري ملڪ اندر عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ملڪ اندر ۱۹۷۰ع ۾ چونڊون ٿيون. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ پنجن سيٽن تان ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي مغربي پاڪستان ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي طرف مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ سوڀ ماڻي ورتي پر افسوس ته جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ مشرقي پاڪستان ۾ فوج ڪشي ڪري اقتدار عوام جي منتخب نمائندن حوالي ٿي نه سگهي جنهن جي ڪري ملڪ ٽٽي ويو. پاڪستان جي ٽٽڻ بعد باقي بچيل مغربي پاڪستان جيڪو هن وقت اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي جون واڳون شهيد ڀٽو جي حوالي ڪيون ويون. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ بنگالي عوام جا حق تسليم نه ڪرڻ جي ڪري پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو ۽ پاڪ فوج جا ۹۰ هزار کان مٿي سپاهي هندستان جي قبضي هيٺ اچي قيدي بڻجي ويا.

بهرحال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي قائدانه صلاحيتن ۽ سياسي بصيرت جي ذريعي شملا معاهدي تحت هندستان کان ۹۰ هزار فوجي جوانن ۽ پنج هزار مربع ميل زمين به واپس ڪرايا. شهيد ڀٽي اقتدار سنڀاليندي ئي ملڪ جي ترقي لاءِ مختلف منصوبن تي عمل شروع ڪرائي ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور اقتدار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن ۾ ملڪ کي ۱۹۷۳ع جو متفقه آئين ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل مل جو قيام، ٽيڪسيلا ۾ هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس جو قيام، لکين بيروزگار ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڏيڻ، بي زمين هارين ۾ زمين ورهائڻ، ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻ ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ ليبر پاليسي کان علاوه ٻيا کوڙ سارا منصوبا شامل آهن. شهيد ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ معاشي طور تباهه ٿي چڪو هو مگر شهيد ڀٽي پنهنجي همت ۽ غير معمولي قيادت ۽ صلاحيت جي ڪري پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستاني قوم جو تشخص اجاگر ٿيو ۽ پاڪستان جي نئين سر اڏاوت ۽ تعمير جو دور شروع ٿيو. شهيد ڀٽي جي دور ۾ ملڪي معيشت مضبوط ٿي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عالم اسلام کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائڻ لاءِ ۱۹۷۴ع ۾ پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي. هو هڪ عظيم ۽ بهادر اڳواڻ هو، جنهن سامراجي قوتن جي مخالفت باوجود ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ لاءِ ۱۹۷۶ع ۾ فرانس سان ائٽمي ري پروسيسنگ جو معاهدو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ جي ترقي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو، مگر افسوس ته سامراجي قوتن جي سازش تحت عوامي حقن جي علمبردار ۽ پاڪستان کي مضبوط بڻائيندڙ اڳواڻ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ۱۹۷۷ع ۾ ختم ڪيو ويو ۽ هڪ منصوبي ۽ سازش تحت جنرل ضياءَ شهيد ڀٽو کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاسي تي چاڙهي شهيد ڪري ڇڏيو۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم ڪارنامن ۽ قربانين جو مثال پوري دنيا اندر نٿو ملي. اڄوڪي ڏينهن تي سامراجي قوتن ۽ ان جي ڇاڙتن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جسماني طور ته ضرور عوام کان جدا ڪيو پر ان جو روح ۽ پروگرام اڄ به پاڪستاني عوام جي دلين ۾ حڪمراني ڪري رهيو آهي. شهيد ڀٽو جي خاندان جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڀٽي خاندان سان جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي دور تائين جيڪي ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن اهي ناقابل فراموش آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي شهادت تي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهو رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن ۽ اڄ به ملڪ مٿان غم جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن.


 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

سندس شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڏانهن لکيل آخري خط....

لالا شفقت پٺاڻ

عظيم شخصيتون هن فاني دنيا مان هلي وڃن ٿيون، پر اهي ماڻهو پنهنجي منشور وسيلي هر دل ۾ ڌڙڪندا رهن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون عوام لاءِ خدمتون يقيناً ساراهڻ جهڙيون آهن. ڀٽو صاحب غريب عوام جو مسيحا هو. پر ان وقت جي آمر ضياءَ، ڀٽو صاحب کي نه سَٺو، کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سُوريءَ تي چاڙهيو ويو. هاڻي آئون ان خط جي تحرير ڪندس، جيڪو ڀٽو صاحب پنهنجي وڏي پڳدار پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي قيد مان لکيو:

”منهنجا پيارا مير!

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي، جو مون توکي خط لکڻ جي لاءِ قلم کنيو هجي. ان کان اڳ به مون ڪيترا ڀيرا توکي خط لکڻ جو ارادو ڪيو ۽ قلم کنيو، پر ذهني مانڌاڻ سبب نه لکي سگهيس ۽ هر ڀيري اهو، ارادو ملتوي ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ جو مون تي قتل جو ڪيس هلايو ويو آهي ۽ مان ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند آهيان، اهڙي صورتحال ۾ مان ڪيئن پنهنجي وڏي پٽ کي خط لکي سگهان ٿو.؟ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته، ”مان بيگناهه آهيان“ ۽ اهو به اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته، مان هڪ گهري سازش جي ور چڙهي ويو آهيان. پر ان جي باوجود جيڪا تذليل ڪئي وئي آهي، ان کي ڪنهن به طرح نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، بس اهو ئي سبب هو جو مان پنهنجي وڏي پٽ کي خط لکڻ جي لاءِ ذهني طرح تيار نه ٿي سگهيس....... هڪ اهڙو نوجوان جيڪو ڪجهه وقت اڳ مون شاهه (شاهنواز) ۽ صنم کي خط لکيا هئا، ڇو جو انهن کي خط لکڻ ضروري هو، جي بينظير ملڪ کان ٻاهر هجي ها ته، ان کي به (مٿئين سبب ڪري) خط لکڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم هجي ها. بينظير، منهنجي ڌيءَ ٻارن ۾ سڀ کان وڏي آهي ۽ تون پٽ آهين، تنهن ڪري توهان ٻنهي ۽ ٻين ٻن ننڍن ٻارن ۾ اهو ئي فرق آهي ته، اهي مون ۽ اوهان جي ماءُ جيان پوڙهي ٿيڻ کانپوءِ به اسان لاءِ ننڍڙا ئي رهندا. صنم ڏاڍي حساس ڇوڪري آهي، پر مان رڳو اميد ئي ڪري سگهان ٿو ته، اخباري رپورٽون يا ڪي ٻيون حرڪتون، ان جي احساسن کي مجروح نه ڪنديون، ڪنهن زماني ۾ مان چاهيندو هئس ته، هوءَ پاڻ فيصلو ڪري ته، کيس هارورڊ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس ورڻ گهرجي يا وڌيڪ تعليم لاءِ آڪسفورڊ هليو وڃڻ گهرجي، پر هاڻي هتان جي صورتحال کي ڏسندي سٺو ايئن ٿيندو ته، هوءَ آڪسفورڊ هلي وڃي. هوءَ ڏاڍي بي پرواهه ڇوڪري آهي، ان لاءِ توکي ئي آڪسفورڊ ۾ ان کي داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي. بينظير کي به ان جي مدد لاءِ چئي پئي سگهيس. پر هوءَ ويچاري ڇوڪري پهريان ئي مسئلن، پريشانين ۽ ڪمن ۾ ڳچيءَ تائين گهيريل آهي. مون کي اڃان تائين اها ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته، شاهه (شاهنواز) ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟ هو پنهنجي ماءُ تي وڌيڪ ڀروسو ڪري ٿو پر پوءِ به تون هن جي ويجهو آهين ۽ مون کي پڪ آهي ته، ان جو سڌ سماءُ ۽ ان تي نظر رکندو هوندين، جڏهن به ان سان ملين، مهرباني ڪري ان جي سوچ کي راهه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، هو ڏاڍو سمارٽ ۽ ذهين آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن عجيب غريب نظريا ان جي ذهن تي قابض ٿي ويندا آهن، ان جا ڪارڻ ٻڌائي سگهڻ ڏکيو آهي، ڇو جو جڏهن مان پاڻ ان جي عمر جو هئس ته، مان به اهڙن ئي نظرين جو مالڪ هئس. توهان سڀني ننڍيون يا وڏيون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون آهن ۽ اوهان سڀني جي رڳن ۾ منهنجو رت ڊوڙي رهيو آهي، پر شاهنواز تي منهنجي نظرين ۽ لاڙن جي ڇاپَ ڪجهه سَرس ئي محسوس ٿي ٿئي. گذريل گرمين جي مُندَ ۾ جڏهن تون هتي هئين ته، تون نهايت عظيم الشان ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. تون منهنجي لاءِ طاقت ۽ حوصلي جو هڪ ذريعو هئين، عوام توکي بلڪل اهڙي طرح هٿو هٿ ورتو، جيئن پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ کي ورتو ويندو آهي، تنهنجي ڪارڪردگيءَ مون کي ڏاڍو پرجوش بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪا خوشي ۽ راحت مون کي محسوس ٿي آهي، ان جي ڪيفيت ٻڌاءِ نٿي سگهجي. اهو عمل به ڏاڍو اطمينان جوڳو آهي ته، عوام توکي ياد ڪري ٿو ۽ انهن کي احساس آهي ته، تنهنجو مسئلن جي ڍير سان واسطو پيو آهي. منهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو ته، مون ملڪ جي استحصال ٿيل ۽ لتاڙيل غريب عوام کي جاڳايو. انهن کي سرڪاري ڪمن ۾ راءِ ڏيڻ جو حق، مون انهن کي ۱۹۷۱ع جي شرمناڪ ذلت جي گهراين مان ڪڍيو ۽ انهن جي وقار کي مٿانهون ڪيون. اهم ڳالهه اها آهي ته، وقت گذري ويندو، پر ان کان به وڏي اهم ڳالهه اها آهي ته، مان هن وقت کي به ان وقار سان گذاريان، انجام ڀل ڇا به ٿئي، وقت جي چئلينجن جو مقابلو جرئت ۽ مردانگيءَ سان ڪيو وڃي. هاڻوڪو بحران، انهن بحرانن کان وڌيڪ گندو آهي، جيڪي اسان ڏٺا آهن، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجي ڀيڻ ڏاڍيون حوصلي واريون طاقت جون روشن مينار آهن. انهن جي عظيم الشان ۽ جرئت ڀري مدد بنا هي ڏاڍو مشڪل هجي ها، مان ته اهو به چوندس ته ناممڪن هجي ها. هتي... انتظاميا وٽ انصاف ناهي، رڳو الله سائين ۽ هي عوام ئي مون کي بچائي سگهي ٿو، پر ان جو مطلب اهو ڪڏهن به ناهي ته، پرڏيهي اثر، پهچ ۽ دٻاءُ بيڪار آهي، پرڏيهي دٻاءُ ان مهل ئي اثرائتو ۽ ڪار آمد ٿيندو آهي. جڏهن ان کي صحيح جاين تي وڌو وڃي. مثال طور، پرڏيهي پريس هڪ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جا سگهارا ماڻهو مدد ڪري سگهن ٿا ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي سگهن ٿا. اسان کي پنهنجيون آڱريون صحيح ۽ حساس پاسن تي رکڻ گهرجن ۽ پنهنجي طاقت فضول ضايع نه ڪرڻ گهرجي، مون کي اميد آهي ته، تون پنهنجو خيال رکندو هوندين ۽ سٺا دوست وڌائيندو هوندين.“ اڄ وري ۴ اپريل آهي، اسان جي ياد تازي ٿي وئي آهي، اسان کي ذوالفقار علي ڀٽي جي سخت ڪمي محسوس ٿيندي آهي.

 

 

 

 

سُوري آ سينگار اصل عاشقن جو...

مولائي ملاح

اڄ ايشيا جي ان ڪرشماتي سياستدان جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن کي وقت ۽ آمريت مات ڏئي نه سگهي، پر هن عظيم عوامي اڳواڻَ انهن ٻنهي کي مات ڏني، هن مُهين جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهوءَ ’هينري ڪيسينجر‘ جي ڏنل (عبرتناڪ انجام واري) ڌمڪيءَ جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجي ملڪ کي ائٽمي قوت بڻائڻ واري عمل کي جاري رکيو، جيڪا ڳالهه عالمي دهشتگردن کي ڪانه وڻي، جنهن سنڌ جي هن شينهن کي پنهنجي پنجوڙن ۾ ڦاسائڻ لاءِ هن ئي ملڪ جي ماڻهن تي ڊالرن جي برسات وسائي، سندن وفادارين کي خريد ڪري انهن کان هن عوامي اڳواڻ کي مارائڻ وارو پنهنجو ڪم ورتو. جن ماڻهن لاءِ ڀٽو صاحب، پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجھي، کين دنيا آڏو ڪنڌ اوچو ڪري بيهڻ لاءِ ائٽمي قوت واري سَگھه ڏئي رهيو هو. سنڌ جو سوڍو هن ديس جي خوشحاليءَ خاطر سوريءَ چڙهيو. رياست جي مهندارن اها ڦاهي رڳو ڀٽو کي نه ڏني، پر اها ڦاهي هن ديس جي عوام، ملڪ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ کي ڏني. ڇا ذوالفقارعلي ڀٽو هن رياست جو ايڏو ئي وڏو ڏوهاري هو، جو سندس لاءِ، کين سواءِ ڦاهي ڏيڻ جي ٻي ڪا سزا ئي نه سُجھي؟ ڇا ڀٽو جو اولاد به رياستي ادارن جي نظر ۾ اوترو ئي مجرم رهيو؟ جن سان پڻ اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو ويو، جن جي دردناڪ شهادت تي تاريخ اڄ به رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. هن ملڪ ۾ هر جوان ٿيندڙ نسل، پنهنجي شعور جي اک کولڻ سان اهو ئي سوال ڪندو رهندو ته، آخر ڀٽو خاندان جو قصور ڪهڙو هو؟ جو هنن کي فطري موت جي موسم اچڻ کان اڳ ئي شهيدن جي آستاني، ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ اَبدي ننڊ سمهاريو ويو. ڀٽو خاندان جو عوام سان ۽ عوام جو ڀٽو خاندان سان اڻ ٽُٽ رشتو رهيو آهي. هنن ئي ماڻهن جي خوشحاليءَ خاطر ئي ته، ڀٽو سوريءَ جو سينگار بڻيو. اڄ هي عوام هزارن جي هجوم ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي، عوامي حڪومت جا پورا پنج سال گذري ويا، پر عوام جي حالت نه بدلي، جيڪڏهن حالت بدلي ته، انهن ماڻهن جي بدلي، جن جي جھموريت جي بحاليءَ خاطر ڪائي قرباني ئي ڪا نه هئي. عوام کي اهڙي احساس مان ڪڍڻ لاءِ پ پ پ جي قيادت کي پنهنجي (پنهنجا نواز) پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي ۽ انهن ماڻهن اڳيان وڃايل ويساهه کي ٻيهر بحال ڪرڻو پوندو، نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام پ پ پ جي مخالفت ۾ ڀلي ووٽ نه وجھي، پر پ پ پ کي به ووٽ ڪونه ڏيندو، ڇو ته عوام باشعور آهي ۽ ان کي هاڻ آسرن ۽ ايندڙ وقت جي آڪسيجن تي نه ٿو هلائي سگھجي. اهو به نه وسارڻ گھرجي ته، عوام ڀٽوز سان ئي بيحد پيار ڪندو هو ۽ انهن تي ئي پاڻ کي پتنگن وانگي قربان ڪندو هو.

تون جي وڙهندي ماريو ويندين، هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين،

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهن جو ويساهه نه ويندو. (اياز)


 

ھو جيڪو سوري سينگاري ويو

عبدالرزاق عمراڻي

هر طرف بک، بدحالي، جبر ۽ ڏاڍ جو راج هو، عوام ون يونٽ جي طوق ۾ ڦاٿل هو، ملڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل هو، هاري، ناري، شاگرد، مزدور، معاشي جبر ۽ سياسي ڏاڍ جي ور چڙهيل هئا، اهڙي صورتحال ۾ هڪ متحرڪ خوش پوش نوجوان ماڻهو کي خيال آيو ته اقتدار جي ڪاريڊور ڇڏي ڇو نه پاڪستان جي مظلوم، محڪوم، پيڙهيل عوام جيڪا مارشل لا جي جبر هيٺ آهي، تنهن کي اهڙي جبر کان نجات ڏيارجي، خصوصي طور تي هيٺين طبقي جي پيڙهيل ۽ مظلوم پٺن اگهاڙن، پيٽ بکين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جن جي ڪارخانن جي مالڪن جي ترقي ته ٿئي پئي پر مزدور ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو غريب ٿيندو جنهن جو ڪنهن کي الڪو ڪونهي، نه رياست کي نه مل مالڪ کي.

ٻئي طرف وري جاگيردار طبقو هارين سان ويساهه گهاتي پيو ڪري جيڪي هاري لنڊيون لتاڙين، پارن، گرمين ۽ جهولن کي برداشت ڪن انهن کي حق نه ملي ته ظلم آهي. مسلمان جيڪا ورلڊ جي هڪ وڏي سگهه آهي سا دنيا ۾ خوار خراب پئي ٿئي ۽ خصوصي طور تي ٽين دنيا جا ماڻهو تڪليف ۾ آهن ۽ سندن ڪو نجات دهنده نه آهي سو انهن جي اڳواڻي ڪرڻ کپي ۽ پوءِ ذلفي “ذوالفقار علي ڀٽو” جنهن لنڊن مان بئريسٽري ڪئي هئي جيڪو امير گهراڻي جو سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي جو اڪيلو وارث هو تنهن ايوب جي وزارت کي ٿڏو هڻي عوام خاطر مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي خاطر، خصوصي طور تي سندس جنم ڀومي سنڌ جنهن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون هيون پر موٽ ۾ کيس ون يونٽ جو طوق پارائي سندس مالي وسيلن توڙي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وئي تنهن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ وقت جي جابر حاڪم ايوبي مارشل لا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ سندرو ڪشي ميدان ۾ اچڻ جو اعلان ڪيو، پوءِ دنيا جو خوش پوش ماڻهو جنهن جو نالو دنيا جي اعليٰ ڪپڙن پائڻ وارن ماڻهن ۾ سر فهرست هو تنهن عوام خاطر روڊن تي جلوس ڪڍيا، سندن حقن جي حفاظت لاءِ احتجاج ڪيا، جواب ۾ رياست جي پوليس هٿان نرم ۽ نازڪ پٺن تي لٺيون کاڌيون، عوام جي ليڊر پهريون دفعو عوام سان گڏ لٺين، آنسو گئس جي شيلن ۽ گولين جو مقابلو ڪيو.

هميشه هن ملڪ ۾ ائين ٿيندو هو ته ليڊر صرف نمائش لاءِ هوندا هئا پر تڪليفون ڪارڪن ۽ عوام ڀوڳيندي هئي جدوجهد، جيل خانا عوام ۽ ڪارڪنن لاءِ هوندا هئا پر هي واحد ليڊر هو جنهن پنهنجي عوام ۽ ڪارڪنن خاطر پنهنجي پاڻ کي تڪليف ڏني ۽ سندس شانه بشانه جدوجهد ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، سانگهڙ ۾ دوري دوران جڏهن مٿس حملو ٿيو ته جانثار ڪارڪنن کيس گهيري ۾ آڻي پنهنجا سينا وسندڙ گولين لاءِ پيش ڪيا پر تاريخ شاهد آهي ته هن عوام جي رهبر ۽ رهنما وري ڪارڪنن کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”اوهان هٽو، هنن جي دشمني اوهان سان نه مون سان آهي“ پوءِ هزارن ماڻهن ڏٺو ته فرط جذبات ۾ آيل ڀٽو جنهن جوش ۾ پنهنيج قميص جا پٽڻ ٽوڙي وڏا ۽ ڇاتي کولي ڪارڪنن اڳيان سندن ڍال بڻجي لڳو للڪارڻ ته ”گوليون عوام تي نه هلايو، ذوالفقار علي ڀٽو جو سينو حاضر آهي، گوليون سندس سيني تي هلايون وڃن“.

هو ته ڄڻ سر سهايو ٿو جيئي

موت سان مهاڏو ملايو ٿو جيئي

شينهن جا پٽ کوڙ آهن پر ذوالفقار

شينهن جو بابو چوايو ٿو جيئي(طالب الموليٰ)

عوام جي هڏ ڏوکي، ڪارڪنن جي ڇپر ۽ ڇانو، مظلومن جي مقبول ليڊر جي اهڙن عملن ۽ عملي جدوجهد جي ڪري مارشل لائي ايوانن جي برجن کي لوڏا آيا ۽ ڊگهي ڪاري رات باٽ اونداهه کانپوءِ آمريت جي پيروڪارن ملڪ کي ٽوڙي، ڦٽل ٽٽل پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو جنهن وڃايل وقار، شڪست جا داغ پنهنجي اورچائي، جانفشاني ۽ بصرت سان ڌوئي ورتا ۽ هن ملڪ ۾ عوام جو راڄ قائم ٿي ويو پوءِ عوام جو محبوب رهنما عوام جي ڏک سک ۾ ساڻن گڏ هو.

۷۳ع جي آيل ٻوڏ دوران جڏهن نيو سعيد آباد ويجهو بند ۾روڻ پئجي وئي ۽ ڪروڙن جي جاني مالي نقصان جو انديشو هوته پاڻ بذات خود اهڙي ڏکئي وقت ۾ اتي اچي ڪئمپ قائم ڪئي ۽ مزدورن سان گڏ، ورڪرن سان گڏ، عوام سان گڏ ڪوڏر کڻي لپا هنيا ۽ بند مضبوط ڪرڻ واري ڪم ۾ بذات خود شرڪت ڪئي، اهڙي عمل دوران اتان جي ورڪرن، ڪارڪنن۽ عوام ڏٺو ته علائقي جو رهبر، مرشد ۽ نولکي گودڙي جو مالڪ مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي رهبر جي اهڙي عمل ۾ پاڻ به شامل ٿي ويو ۽ ائين اهو بند ٽٽڻ کان بچي ويو ۽ لکين ماڻهن جي حياتي، مال ملڪيت محفوظ رهجي وئي.

تاريخ جي ورڪن ۾ اهي ڳالهيون رقم ٿيل آهن ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن به مظلوم کي ڪا تڪليف يا دنيا جي ملڪن تي ڪي آيل قدرتي آفتون نازل ٿيون هونديون ته ذوالفقار علي ڀٽو عملي طور تي ان هنڌ پهچي پنهنجي ڀرپور مدد جو عملي مظاهرو پيش ڪندو هو.

هڪ ننڍڙي ملڪ جي ليڊر سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي، هن عربن کي پهريون ڀيرو پيٽرول کي هٿيار طور به استعمال ڪرڻ جو هنر ڏنو، هن هڪ لڙي ۾ سڀني مسلمان ملڪن کي پوئي هڪ مالها ٺاهي ورتي ۽ ائين هڪ ننڍڙي ملڪ جي حصي ۾ وري سڄي دنيا جي مسلمانن جي رهبري جو ڪردار سندس بدولت حاصل ٿيو، هن ملڪ ۾ اسٽيل مل، قاسم پورٽ، هيوي مشينري ٽيڪسيلا، واهه انڊسٽري، ايرو ناٽيڪل انجنيئرنگ ورڪشاپ ڪامرا، جتي هلڪا جهاز ٺاهڻ جو ڪارخانو، ڪراچي جي شپ يارڊ ۽ ٻيا انيڪ ننڍا وڏا ادارا، ڪارخانا قائم ڪرايا، جيئن هن ملڪ مان بک ۽ بيروزگاري ختم ٿئي، سندس پاليسين جي ڪري مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ پاڪستانين جي لاءِ روزگار جا دروازا کليا ۽ ڏسندي وائسندي لکين ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪار سانگي ٿي ويا ۽ سندن خاندانن تي خوشحالي جا دروازا کليا، هن سنڌ کي جائز حق ڏيارڻ لاءِ تاريخ ۾ پهريون دفعو اسلام آباد جي ايوانن جا در کوليا ۽ پهريون دفعو سنڌ جي ماڻهن جي اسلام آباد ۾ پٽڪن ۽ ٽڪن وارين ٽوپين سان آمد ٿي. اهڙا ادارا جن ۾ ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ جي نوجوانن جي داخلا بند هئي انهن ۾ کين روزگار ڏنو ويو، ايف آءِ اي، بينڪون، ٽي اين ٽي، ريلوي، شپ يارڊ، اسٽيل مل، فوج ۽ ٻين ڪافي سارن ادارن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي داخلا ٿي، ڪوٽا سسٽم جي ڪري ملڪ جي سول بيورو ڪريسي ۾ به سنڌ جو نوجوان داخل ٿيو، سندس انهن عملن جي ڪري سامراج سندس دشمن ٿي پيو ۽ پوءِ اسلامي ايٽم بم جي خالق کي سازش ڪري سندس حڪومت ڪيرائي وئي ۽ رات جي اونداهي ۾ کيس چورن وانگر ڦاهي ڏني وئي پر هن عوام جي ليڊر ڦاهي جي ڦندي کي به چمندي پنهنجي جان، جان آفرين حوالي ڪئي ۽ عوام سان ڪيل واعدو ته جي هيءَ حياتي ۽ جسم عوام لاءِ قربان ٿئي ته اها به منهنجي خوشقسمتي هوندي ۽ هن عملي طور تي اهو عمل به ڪري ڏيکاريو، باوجود خبر هجڻ جي ته فاشسٽ ٽولو منهنجي خون جو پياسو آهي ۽ مون کي دار تي پهچائڻ کانسواءِ نه مڙندو پر هن سمجهوتي بدران جان ڏئي عوام جو، ڪارڪنن جو مان رکيو ته گڏوگڏ پارٽي جو به مان مٿانهون ڪيو، نه ته هن ملڪ ۾ راتو رات پارٽيون مٽائڻ ۽ وفاداري مٽائڻ جو رواج عام جام هو پر شهيد ڀٽي قرباني ڏئي جتي ملڪ ۽ عوام جو مان مٿانهون ڪيو اتي ڪارڪنن ۽ ليڊرن ۾ هڪ نئون جذبو پڻ پيدا ڪيو ته رڳو ليڊر اڳواڻي نه ڪندا آهن پر عمل جي ميدان ۾ جان جا نذرانا ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن.

هن ملڪ جي در و ديوار، وڻن، ٻوٽن، آسمان و زمين، ڪون و مڪان ڏٺو ته عوام جو ليڊر، عوام جي اکين جو تارو آڌي رات جو ڦاهي جي ڦندي کي چمي عوام سان ڪيل وچن نڀائي ويو.

جس سج ڌج سي وه مقتل ڪو گيا

وه شان سلامت رهني هي

اس جان ڪا ڪيا ڪرنا، يه جان تو آني جاني هي.

عوام شاهد آهي ته ضياءَ جي ۱۱ ساله تاريڪ دور ۾ سندس ساٿين، جيالن ۽ خالي هٿين عوام جيڪا جبر ۽ ڏاڍ خلاف جيڪا تاريخ رقم ڪئي آهي سو به هن صدي جو نه وسرندڙ باب آهي جتي سندس وڇوڙي تي ماڻهن پاڻ ساڙيو ۽ جيءُ جلائي سندس راهه ڏانهن وڃڻ جو وچن نڀايو اتي موڙن ٻڌڻ واري عمر وارن جوانن سندس واٽ هلندي ڦاسي گهاٽن کي سجايو، مقتلن کي آباد ڪيو ۽ پنهنجي خون سان بندي خانن جي تاريخ ڪوٺڙين ۾ رت جا ڏيئا ٻاري روشني ڦهلائي، انڌ ۽ انڌيري کي مات ڏني، ناصر بلوچ، اياز سمون، ادريس طوطي، رزاق جهرنا، سندس واٽ وٺي آڌي رات جو ڦاهي گهاٽ تي جيئي ڀٽو جي نعرن سان دليون گرمائي ڦاسي جي ڦندي کي چمي جان آفرين حوالي ڪئي.

ڪارڪنن ۽ ليڊرن پٺي تي ڪوڙا کائي نعرا هڻي تاريخ رقم ڪئي، جڏهن ضياءَ جا جلاد ٽڪٽي تي چاڙهي ڪوڙا هڻڻ جو ڪڌو ڪم سرانجام ڏيندا هئا ۽ ائين ڀائيندا هئا ته سندس اهڙي عمل سان هن تحريڪ کي ڌچڪو لڳندو ۽ ماڻهن ۾ خوف و هراس پيدا ٿيندو پر الٽو معصوم نوجوانن، ڪوڙن کائيندڙ طرفان ڪوڙي جي هر آواز سان گڏ جيئي ڀٽو جي نعري ٻڌڻ سان سندس حوصلا پست ۽ خطا ٿيندا هئا ۽ هو چوندا هئا ته اهو ڀٽو ڪهڙو جادوگر هو جنهن جي محبت عوام جي دلين مان نه ٿي نڪري، زنده ڀٽو کان وڌيڪ خطرناڪ مئل (شهيد) ڀٽو نڪتو.

موت نه توکي ماري سگهندو،

موت کي توئي ماريو آ،

سچ جي خاطر سرڙو ڏيئي،

تو سوري کي سينگاريو آ.

مسڪين مظلوم عوام سوچي ٿو ته پنهنجي ليڊر کي ڪهڙي ڀيٽا ڏيان؟! هاڻ شهيد کي ڀيٽا ڏيڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سندس روح سان وچن ڪريون ته جيسين تائين ڌرتي تي سندس ماروئڙن، مسڪينن، ڏوٿيئڙن، جهانگيئڙن، سانگيئڙن سان ڏاڍ، جبر جاري رهندو تيسين تائين سندس پوئلڳ وقت جي جابر حاڪمن، حڪمرانن، فاشي ٽولن ۽ دنيا کي جنگ طرف ڌڪيندڙ سان جنگ جاري رکندا، هو به حسين عه جي واٽ تي هلندڙ هو۽ وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ سندس راهه تي هلي شهادت جو درجو حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪري ٿو.


 

ذوالفقار علي ڀٽو

عوامي ليڊر

اسحاق سومرو

ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ليڊر آهي، جنهن کي صرف ۵۱ سالن جي عمر ۾، يعني اڄ کان ۳۳ سال اڳ، ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. هو نه رڳو پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر هو پر ٽين دنيا جي ملڪن توڙي عرب ملڪن ۾ به پسند ڪيو ويندو هو. هن پنهنجي ۵۱ سالن جي زندگيءَ ۾ جيتري مقبوليت ۽ شُهرت ماڻي ايتري مقبوليت شايد ئي دنيا جي ڪنهن ليڊر کي نصيب ٿي هجي.

ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽي جي ٻيو نمبر گهر-واري لکي ٻائي عرف خورشيد بيگم مان ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي پيدا ٿيو. لکي ٻائي، پونا هندستان جي هڪ عام گهراڻي جي عورت هئي ۽ هو هڪ غير ۽ غريب ماءُ جو عظيم پٽ هو. سندس والده کي ڀٽن جي جاگيردار قبيلي ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار ۽ سندس جو خيال ۽ اونو رهندو هو. انهيءَ جي ئي ڪري هو هن ملڪ جي غريبن ۽ اٻوجهه عوام جو ليڊر بڻيو.

هن پنهنجي روايتي سنڌي جاگيرداريءَ واري طاقت جي سهاري، اقتدار نه ماڻيو پر هو پنهنجي ئي طبقي جو غير روايتي فرد ثابت ٿيو. جنهن پنهنجي سياسي بصيرت سان جاگيرداري نظام ۾ انتشار پيدا ڪري، اقتدار حاصل ڪيو. سندس ڦاسيءَ تي چڙهڻ ۽ آمر حڪمران جي اڳيان آڻ نه مڃڻ واري عمل، کيس تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻائي ڇڏيو.

اڄ به هڪ طرف ڀٽو دشمني ۽ ٻئي طرف ڀٽو دوستي آهي. ڀٽو فوبيا (ڀٽي جو خوف) واري مرض ۾ ڀٽو جا مخالف مبتلا آهن. ٻئي طرف ڀٽو جو جنون يا ڀٽو فيليا (ڀٽو جو عشق) ۾ ديوانا آهن. پاڪستان جي سياست کي سمجهڻ لاءِ به ڀٽو کي ئي سمجهڻو پوندو، ان جي شخصيت ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ ان جي چوڌاري تاريخي ۽ سماجي پهلوئن کي به سمجهڻو پوندو ته ڀٽو ۽ سندس پارٽي اڄ به مقبول ڇو آهي، جو ملڪ جون فسطائي، بنياد پرست قوتون ان جون مخالف آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن صرف جاگيردار يا وڏيرو هو ته پوءِ اڄ به عام ماڻهو ۽ هاري کيس ڇو ٿا ياد ڪن ۽ ان سان پيار ڪن؟

انهيءَ لاءِ ته ڀٽي ماڻهن کي زبان ڏني، کين سندن عزت جو احساس ڏياريو، هن عوام جي دشمن کي دشمن سڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دؤر حڪومت ۾ کليل ڪچهرين جو رواج وڌو. اردوءَ ۾ ڪچهريءَ جو مطلب ڪورٽ يا عدالت ورتو ويو ۽ ان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي ته ڀٽو پنهنجي ڪچهرين ۾ يعني پنهنجي عدالت ٿو لڳائي ۽ کيس بادشاهي ذهن جي علامت ڪوٺيو ويو. پر انهن کليل ڪچهرين ۾ ڀٽو انهيءَ عوام جي اڳيان انهن جاگيردارن ۽ ڪامورن کان پڇاڻو ڪندو هو، جنهن سان صدين کان پيڙهيل هاريءَ کي خوشي ٿيندي هئي ته اسان جون بي عزتيون ڪندڙن کان ڪو ته آهي، جيڪو بي عزتي ڪري ٿو، جيڪا عوام لاءِ هڪ نفسياتي برتري هئي ۽ ان سان کين نجات جو احساس پيدا ٿيو ۽ اُهي کليون ڪچهريون هڪ مقبول عام سياسي فورم هونديون هيون، جنهن ذريعي پهريون دفعو وري فڪري انقلاب شروع ٿيو ۽ ماڻهن اُهو علامتي نعرو هڻڻ شروع ڪيو ته؛ “ڀَتُ وڏيري جو ۽ ووٽ ڀٽي جو.” جيڪو درحقيقت ان وقت جي جڙتو قوتن جي خلاف عوامي مزاحمت جو اظهار ۽ ڀٽي کي پنهنجي مزاحمت جي علامت بنائي ڇڏيو.

ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهڻ ۱۹۶۹ کان وٺي ۱۹۷۹ع تائين صرف ۱۲ سال مليا، جنهن ۾ هن عوام کي زبان ڏيڻ سان گڏ اقتدار به ماڻيو. ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏني ۽ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کانپوءِ جي ۱۲ سالن جي مختصر عرصي ۾ عالمي قوتن، جنرلن ۽ ججن جي گڏيل سازشن ذريعي نه رڳو کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو، پر کيس سوليءَ تي چاڙهيو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جو ڄم ته سنڌ جي هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ ٿيو پر سندس والده جي غريب هجڻ واري احساس ۽ پيءُ جي تربيت کيس روايتي جاگيرداراڻي سياست کان پاسيرو رکيو ۽ هو پنهنجي طبقي جي هڪ باغي سياستدان جي حيثيت سان سامهون آيو.

هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته آئون دولت جو لالچي نه آهيان، مون قومي خزاني مان هڪ روپيو به غير ضروري خرچ نه ڪيو آهي. زرعي سڌارن ۾ منهنجي خاندان جي هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي آهي. مون وٽ ايٽم بم جي طاقت کان به وڌيڪ عوام جي طاقت آهي. مون جمهوريت ۽ سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ان لاءِ مون پنهنجي جاگيرداريءَ واري حيثيت کي ٿڏي ڇڏيو آهي. آئون سوشلسٽ آهيان. هڪ ايماندار سوشلسٽ جيڪو پنهنجي آخري ساهه تائين هتان جي غريبن لاءِ لڙندو ۽ اُهو فطرت جو قانون نه آهي ته هتان جا ماڻهو هميشه نااميديءَ ۾ رَهن ۽ سندن اولاد بيمارين ۽ غربت ۾ مري وڃي.

هن هڪ ٻي تقرير ۾ چيو ته؛ اسين پنهنجي سينن ۾ گوليون کائڻ لاءِ تيار آهيون، پر انقلاب ضرور آڻينداسون. عوام کي ماني ۽ ڪپڙا ڏينداسون نه ته ڪرسيءَ کي ٿڏي ڇڏينداسون. آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جون زندگيون به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. آئون قتل ٿيڻ کان هرگز نٿو ڊڄان ۽ ائين چوندي هن پنهنجي شرٽ جا بٽڻ کولي ڇڏيا ۽ للڪاريندي چيو ته اچو گوليون هلايو، آئون تيار آهيان. ماڻهن جي خاطر جيڪڏهن هڪڙو ڀٽو قتل به ٿي ويو ته هزارين ڀٽا پيدا ٿيندا ۽ آخرڪار هن جا اُهي لفظ ۽ تقريرون سچ ثابت ٿيون. هن نه رڳو پنهنجي جان قربان ڪئي پر عوام سان ڪيل سندس واعدو به پورو ٿيو. سندس اولاد به سندس پيروي ڪندي ۽ انهن ساڳين ئي قوتن سان ويڙهاند ڪندي ماريو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي اُها مقبوليت ۽ ارڏائي، طاقتور اسٽيبلشمينٽ، فوجي جنرلن، مذهبي جماعتن ۽ ججن کان به برداشت نه ٿي سگهي جو کيس ۵ جولاءِ تي فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو. هن کي قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ وڌو ويو. سندس مٿان ڪيس ڪنهن ننڍي عدالت جي بجاءِ سڌو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو. انهيءَ دوران سندس ضمانت جي درخواست منظور ڪندڙ جج جسٽس صمدانيءَ کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان هٽايو ويو ۽ جنرل ضياءُ الحق پنهنجي هڪ ويجهي دوست مولوي مشتاق کي ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس هلائڻ تي مقرر ڪرايو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي مولوي مشتاق سميت سڀني ججن ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي ته ڪيس هلائيندڙ بئنچ جي ٻن ججن کي جبري طور تي هٽايو ويو، جن مان هڪ جج جسٽس يعقوب علي هو.

سپريم ڪورٽ جي انهيءَ بئنچ ۾ جنرل ضياءُ الحق جو حمايتي انوارالحق به شامل هو، جيڪو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس پڻ هو، جنهن کي عدالتي ڪارروائي هلائڻ جو ڪو به تجربو ۽ تربيت نه هئي، پر هو عدالتي سروس ۾ هڪ ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان داخل ٿيو هو. انوارالحق، جنرل ضياءُ الحق کي ڀٽي جي حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪرڻ ۽ سندس فوجي انقلاب کي صحيح ۽ جائز قرار ڏنو هو ۽ ان کي نظريه ضرورت قرار ڏنو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف، انهيءَ ڪيس ۾ جنرل ضياءُ الحق جو وڪيل ڳڙهي ياسين ڄائو سنڌي اي ڪي بروهي هو ۽ اٽارني جنرل شريف الدين پيرزادو هئا. جڏهن ته ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائيندڙ ۷ ججن مان ٽن غير پنجابي ججن جسٽس دراب پٽيل، جسٽس صفدر علي شاهه ۽ جسٽس حليم کيس بري قرار ڏنو هو. انهن ڏينهن ۾ وزارت داخلا جو سيڪريٽري روداد خان هو، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جون رحم جي لاءِ آيل مختلف اڳواڻن جي اپيلن کي غير اهم ۽ غير ضروري سمجهي نظرانداز ڪندو هو.

ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح حيات لکندڙ آمريڪي پروفيسر اسٽينلي وولپرٽ "Zulfi Bhutto of Pakistan" ۾ لکيو آهي ته هن جڏهن ڀٽي کي ڦاسي جي سزا ڏيندڙ ۽ سندس حڪومت جي خاتمي کي جائز قرار ڏيندڙ ۽ تنهن وقت جي چيف جسٽس انوارالحق سان ملاقات ڪري پڇيو هو ته هن ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ۽ هن جي حڪومت خلاف فيصلو ڇو ڏنو هو ته هن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته هو هن جي اهليت ۽ قابليت لاءِ سندس استاد جسٽس ڪارنلس کان معلوم ڪري.

جڏهن انتهائي ڪمزور ۽ بيمار جسٽس ڪارنلس سان، Stanley wolpert لاهور ۾ ملاقات ڪري معلومات ورتي؛ سو انوارالحق جي طرفان ڀٽي کي ڏنل ڦاسيءَ واري سزا جي فيصلي کي ڪيئن ٿو ڏسي. جنهن تي ڪارنلس وراڻيو ته مون کي يقين آهي ته انهيءَ اهو فيصلو صحيح ڪيو ۽ هن والپرٽ کي پنهنجي متعلق ٻڌايو ته آئون ڪلڪتي ۾ پيدا ٿيس. ورهاڱي کانپوءِ مون کي منهنجي پنجابي دوستن لاهور ۾ اچي رهڻ ۽ وڪالت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. آئون هتي اچي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيس. انهن پنجابين جي مهرباني سان ئي مون کي اُهو اهم عهدو نصيب ٿيو.

هن کيس چيو ته سنڌين تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن نانگ ۽ سنڌي گڏ اچي وڃن ۽ توهان وٽ صرف هڪ ئي گولي هجي ته پهرين سنڌيءَ کي ماري ڇڏيو. هي هئا انوارالحق جي استاد ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي هڪ چيف جسٽس جا سنڌين متعلق خيال، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته سنڌين جي قيادت متعلق خيال ۽ فيصلا جيڪي هميشه سنڌي دشمنيءَ جي بنياد تي ڪيا ويا آهن. اڄ کان ۳۳ سال اڳ، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو ته جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ٽن سنڌي همدرد سياستدانن سان مشورو ڪيو هو ۽ کانئن صلاح ورتي هئي ته؛ مون ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي مشورو ڏيو ته ڀُٽي جي لاش کي ڪنهن اڻڄاڻايل هنڌ تي دفن ڪيو وڃي، سندس لاش کي سمنڊ حوالي ڪيو وڃي، يا وري وارثن جي حوالي ڪيو وڃي؟ جنهن تي سندس ٻن دوستن کيس لاش مائٽن حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. جڏهن ته سندس ٽئين گهڻ-گهري دوست کيس صلاح ڏني هئي ته ڀُٽي جي لاش کي سنڌ کان ٻاهر پشاور ۾ دفنايو وڃي.

تنهن ڪري ملڪي ليول تي توڙي سنڌ ۾ به اڄ ڀٽو دوستي ۽ ڀٽو دشمني واري سياست آهي، ڀٽي جي قرباني ۽ سندس خاندان جون قربانيون ۽ عوام کي زبان ۽ سياسي شعور ۽ سگهه ڏيڻ واريون خوبيون پاڪستاني سياست جو محور آهن.

ذوالفقار علي ڀُٽي، يقينن پنهنجي دؤر ۾ چڱن ڪمن سان گڏ غلطيون به ڪيون، جيڪي پڻ تاريخ جو حصو آهن. پر ڀٽو فيڪٽر اڄ به هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي. جيستائين هيءُ ملڪ قائم آهي، تيستائين اُهو فيڪٽر موجود رهندو.


 

عوام جو محبوب اڳواڻ

پير مجيب الحق

۴ اپريل پاڪستان جي محبوب ليڊر، اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي پهرين چيئرمين ۽ پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ هي ڏينهن ڀٽي ازم جي پوئلڳن جي جرئت، همت ۽ بهادري کي ورجائيندو آهي. اڄ جي هن سائنسي ترقي يافته دور ۾ جڏهن دنيا هڪ ڳوٺڙي (گلوبل وليج) بڻجي چڪي آهي ان دور ۾ به تاريخ ۽ ٻين پهلوئن سان وابسته شخصيتون پاڻ کي تاريخ ۾ مڃرائڻ جي لاءِ جفاڪشي ڪري رهيون آهن ليڪن شهيد ذوالفقار ڀٽو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان چند سالن بعد ئي تاريخ ۾ هڪ اهڙي نالي سان اڀريو جنهن تي پاڪستاني عوام کي ته ناز آهي ئي ليڪن بين الاقوامي ملڪ به پاڪستان جي ان عظيم ليڊر جي ذهانت ۽ بهادري تي رشڪ ڪندي نظر اچن ٿا. تهذيبن ۽ قومي شخص کي بچائڻ سان گڏوگڏ پوري عالمي انسان جي بهتري جي لاءِ سٺي ۽ باوقار سوچ رکي هجي اهڙن امر ماڻهن جي فهرست ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو شمار به اول نالن ۾ ٿئي ٿو جنهن شاهاڻي زندگي گذارڻ جي باوجود به پنهجي ملڪ ۽ قوم سان محبت جو ثبوت ڏيندي پنهجي جان ته قربان ئي ڪئي پر ڪنهن وقت جي رهزن، آمر جابر جي آڏو جهڪڻ گوارا نه ڪيائين. ڪي ڪي ماڻهون توڙ تائين پاڻ ملهائي ويندا آهن وري ڪي ڪي ماڻهون کوڙ بهانا بڻائي هليا ويندا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي هڪ بااثر جاگيردار سر شاهنواز ڀٽي جي گهر ۾ ۵ جنوري ۱۹۲۸ دوران جنم ورتو. هن کي ۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان ممبئي ڏانهن موڪليو ويو، جتي ممبئي ڪيٿڊرل اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۱۹۴۸ ۾ جڏهن پاڪستان جي آزادي کي اڃان هڪ سال مس گذريو هيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي اعلي تعليم جي لاءِ آمريڪا ڏانهن موڪليو ويو جتي يونيورسٽي آف سدرن ڪليفورنيا ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن شاگردئ جي زماني ۾ ئي سياسي سوچ رکڻ عيوض پرڏيهه ۾ به شاگرد يونين ۾ انتهائي سرگرم رهيو جڏهن ته آڪسفورڊ جي ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ وڏي دلچسپي رکندو هيو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اچڻ کانپوءِ ۱۹۵۳ جي دوران ڪراچي ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو سندس قابليت ۽ بلندين کي ڇهندڙ ذهانت کي مڃيندي ان وقت جي اعلي عدالت جي چيف جسٽس داد پڻ ڏنو. شهيد ذلفي ۱۹۵۵ ۾ وزيراعظم محمد علي چوڌري جي ڪابينا ۾ شامل ٿيو ۱۹۵۷ جي دوران هن کي گڏيل قومن جي عالمي اجلاس ۾ موڪليو ويو جتي تاريخي خطاب جي دوران سڀني کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيائين. جڏهن جنرل ايوب اقتدار سنڀاليو ته هن ڀٽي صاحب جي دانشمندانه صلاحيتن کان متاثر ٿي پنهجي ڪابينا ۾ شامل ڪيو. وزارت خارجه وري دوري جي دوران ڀٽي صاحب پنهجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي چين سان دوستاڻو ماحول تيار ڪيو ته سامراجي قوتون ڀٽي صاحب کان ناخوش ٿي ويون ۽ نيٺ ايوب خان پاران وزرات خارجا تان هٽائڻ تي ننڍي کنڊ سان گڏوگڏ دنيا جي عالمي اڳواڻن ايوبي فيصلي تي اچرج جو اظهار ڪندي پنهجي ناپسنديدگئ جو اظهار پڻ ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪي سياست تي هميشه لاءِ ڇائنجي وڃڻ جو اعزاز ڀٽي شهيد کي ئي حاصل آهي ڪم عمري ۾ ئي مليل شهرت سندس جي لاءِ وڏو اعزاز آهي. ايوبي ڪابينا کان الڳ ٿيڻ بعد عوام سان گڏ ٿي بيٺل هي سنڌ ڄائو ايترو عظيم مرتبو ماڻيندو ان جو ڪنهن کي گمان به نه هو. ڀٽو شهيد ۱۹۶۷ ۾ پاڪستان جي عوام لاءِ پارٽي ٺاهي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبوليت جي سرحدن تي پهتي جڏهن ته ڀٽو صاحب ڪرشماتي شخصيت جو مالڪ هجڻ جي ڪري تاريخي ڪامياب فيصلا ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندو هيو هن جي عوام سان ويجهڙائي سندس حڪومت جي دوران ڪامورا شاهي پاڻ کي عوام جو زيردست محسوس ڪندي هئي ان کان اڳ توڙي پوءِ هميشه ڪامورا شاهي حڪم هلايو آهي. وسيع سوچ رکندڙ ڀٽو پنهجي ٿوري ئي اقتداري وقت ۾ ملڪ ۾ گهڻائي ترقياتي ۽ صنعتي زون قائم ڪيا جڏهن ته ملڪ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪيو. شهيد ڀٽي جي ئي ذهانت هئي جنهن اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۽ قوم جي تحفظ خاطر ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو جنهن جي ئي نتيجي ۾ هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري کيس ڦاسيءَ جي ڦندي تي لٽڪايو ويو. اها قائد عوام جي ئي قائدانه صلاحيت هئي جنهن جي ڪري پاڪستان جي ۹۵ هزار فوج جيڪا هندستان وٽ قيد ٿي وئي ان کي آزاد ڪرايو ڀٽي صاحب کان اڳ يا پوءِ اهڙو مثال ملي ئي ڪونه ٿو ته ڪنهن حڪمران هندستان جي چنبي مان ڇڏرائي اچي. هن وقت به ڪيترائي پاڪستاني ماهيگير انڊيا جي جيلن ۾ قيد آهن ليڪن پاڪستاني حڪمرانن کي ست ئي نه ٿو ٿئي ته انهن کي آزاد ڪرائي سگهن. گاهه کائي به پنهجي قوم کي ائٽمي طاقت جو سنيهو ڏيندڙ هي تاريخي شخص پنهجي ذهانت ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪري پاڪستان کي ائٽمي طاقت يافته ملڪن جي صف ۾ اچي کڙو ڪيو ليڪن افسوس جو آمريڪي ساٿارين توڙي اختياري اسٽيبلشمنٽ گڏجي ايشيا کنڊ جي هن عظيم سياسي محبوب اڳواڻ کي انتهائي بيدردي سان هڪ عدالتي قتل (جوڊيشل مرڊر) ذريعي رستي تان هميشه هٽايو. هي اهوشهيد ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن پاڪستان ۾ ائٽمي پاليسي جو بنياد وڌو جنهن کي جواز ڄاڻائي ڀٽي ازم جي مخالفت ڪندڙ به اهو پيا چون ته پاڪستان هنيئر محفوظ آهي. ويهين صديءَ ۾ هي پهرين شخصيت آهي جنهن تي پاڪستاني قوم پر پوري ايشيا فخر ڪري ٿي. ڀٽي صاحب کانپوءِ سندس بهادر نياڻي بينظير ڀٽو شهيد جيڪا سنڌ جي ڄائي عظيم ليڊر هئي جنهن نه صرف ايشيا بلڪ يورپ، آمريڪا، اسپين، جرمني، سائوتهه ڪوريا، رومانيا، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهجي بصيرت واضح ڪئي. هوءَ پنهجي والد جيان هڪ عظيم پوليٽيڪل ٿنڪر هئڻ سان گڏ هڪ قابل رشڪ قلمڪار پڻ هئي ان ڪري ئي دنيا جي اعلي پايئه جا قلمڪار اديب ۽ ڏاها اعلي تعليمي قابليت خدادا ذهانت ۽ سياسي بصيرت کان متاثر ٿي سندس عظمت کي تسليم ڪن ٿا.شهيد پيءُ جي شهيد نياڻي کي به آمريت جي پوڄارين گوليون هڻي شهيد ڪيو ليڪن انهن جي نظريي ۽ خدمتن کي ڪير ختم نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته اهي تاريخ جو امر حصو آهن. ڀٽي صاحب جي شهادت توڙي سندس نياڻي بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندن ويجها ساٿي پيپلز پارٽي سان غداري ڪري الوداع ڪري ويا، ليڪن ڀٽي ازم جا جان نثار مزاحمت ڪندا رهندا ۽ قرباني ڏيندا رهندا. ڀٽي ازم جي شهيدن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي جيڪا تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيل آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. عوام جي ان محبوب ليڊر موت کي ڳلي سان لڳائي پاڻ کي جيئري رهڻ جي هزارين مصلحتن کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. دعا آهي ته الله پاڪ شهيدن جي پوئلڳن کي جيڪي پنهجي عوام جي خاطر جانين جا نذرانا ڏئي ويا انهن جي اصل مشن تي هلڻ جي همٿ ڏئي ۽ اچو ته هن ڏينهن تي پنهجي غمن کي طاقتن ۾ تبديل ڪري بينظير ڀٽي جي بهادر پٽ بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ جو عهد ڪيون ڇاڪاڻ ته ڀٽي ازم جي منزل اڃا به اڳتي آهي.


 

هو واقعي عوام جو سپر هيرو هو

شرميلا فاروقي

قومن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتن جي اهميت اُن حد تائين هوندي آهي، جو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن سان محبت جو رشتو وڌيڪ گهرو ٿيندو ويندو آهي، اها ئي صورتحال شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان عوامي محبت جي به آهي. جيتوڻيڪ سندس شهادت کي ۳۵ سال گذري چُڪا آهن، پر پوءِ به نه ته ساڻس عوام جي محبت ۾ ڪمي آئي آهي ۽ نه ئي سندس ياد ۾. شايد هِي اُهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي بيحد خاص آهن، جن جو خمير ان مٽيءَ مان آهي، جيڪا سمورن ڏاڍ ۽ جبر جي ماريل ماڻهن جي تخليق ۾ ڪم آئي هوندي. هِي اُهي ئي شخصيتون آهن، جيڪي عام ماڻهن جي ڏُک سُک ۾ ساڻن گڏ جيئنديون ۽ مرنديون آهن.

اڄ ۴ اپريل، پاڪستان جي تاريخ جي اهڙي ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿي، جڏهن ايشيائي نه بلڪه عالمي پائي جي عظيم اڳواڻ کي صرف ان ڪري سوليءَ تي لٽڪايو ويو، جو هُن سامراجيت خلاف آواز بُلند ڪيو ۽ عدم مساوات ۽ جبر جا بنياد لوڏي ڇڏيا. هِيءَ شخصيت، جيڪا ڪنهن سُپر هيرو کان گهٽ نه هئي ۽ جنهن جي جُدائيءَ جو درد اڄ به ماڻهو پنهنجي دلين ۾ محسوس ڪري رهيا آهن. ملڪ ۽ قومي جي تقدير بدلائڻ، ملڪ جي استحڪام، يڪجهتيءَ ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود واري خواب کي پنهنجي اکين ۾ سجائي جڏهن هن پاڪستان جي واڳ سنڀالي، ان وقت ملڪ تباهيءَ ڪناري ۽ قوم مڪمل طور تي مايوس ٿي چڪي هئي. هڪ آزاد رياست چند خاندانن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هئي. عدم استحڪام ۽ عدم مساوات واري ماحول ۾ مايوس قوم کي ۱۹۷۱ع ۾ بحيثيت صدر مملڪت پنهنجي پهرين ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خطاب ۾ هن چيو: ” منهنجا هم وطنو! منهنجا پيارا دوستو! منهنجا پيارا شاگردو، محنت ڪشو ۽ هاريو! اڄ اسان ملڪي تاريخ جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هِي تباهه ڪن بحران آهي، اسان کي ان جا ٽُڪرا چونڊڻا آهن، ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا، ليڪن اسان کي هڪ نئون پاڪستان اڏڻو پوندو. هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان، هڪ اهڙو پاڪستان، جيڪو استحصال کان پاڪ هجي ۽ اهڙو پاڪستان جنهن جو خواب قائد اعظم محمد علي جناح ڏٺو هو“.

هِي اهو دور هو، جنهن جي ياد اڄ به ذهنن کي مايوس ڪري ڇڏي ٿي، مگر شهيد ڀُٽي پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان نه صرف نئين پاڪستان جي تعمير ڪئي، بلڪه قوم کي به مايوسين جي اٿاهه گهرائين مان ڪڍي اُميدن ۽ امڪانن جي بُلندين تي رسايو. هن سفر جو داستان هڪ سُپر هيرو جي پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت جو لازوال مثال آهي. هن سڀ کان پهرين ملڪ مان مارشل لا کي ختم ڪيو ۽ آئين جي حڪمراني بحالي ڪئي. شهيد ڀٽي جو عظيم ڪارنامو اهو هو ته هن پاڪستان کي اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ متفقه آئين ڏنو. ۱۹۷۳ع جو آئين سندس شاندار سوچ جو شاندار اظهار آهي. ان آئين جي ڪري نه صرف وفاق مضبوط ٿيو، بلڪه صوبا به مضبوط ٿيا ۽ اهي حالتون هميشه لاءِ ختم ٿي ويون، جن حالتن جي ڪري بنگلاديش جو جنم ٿيو. سڀني صوبن جي احساسِ محرومي ختم ٿي ۽ انهن کي پنهنجي وسيلن جو مالڪ بڻايو ويو. شهيد ڀٽي ان کان اڳ ۳ جنوري ۱۹۷۲ع ۾ اڪنامڪ ريفارمز آرڊر جاري ڪيو، جنهن تحت صنعتن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو. اهي ماڻهو تاريخ کان اڻ واقف آهن، جيڪي شهيد ڀٽي جي نيشنلائيزيشن پاليسيءَ جي مخالفت ڪندا آهن. هزارين سالن جي تاريخ ۾ هزارين ڀيرا اهڙا موقعا آيا آهن، جڏهن غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق ۾ اضافو ٿيو، ته غريبن اميرن جي دولت ۽ جائيداد کسي ورتي يا رياست اُها دولت ۽ جائيداد پنهنجي قبضي ۾ وٺي ان جي منصفاڻي ورڇ ڪئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۱۰ فيبروري ۱۹۷۲ع تي ليبر پاليسين جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي پاليسي نه هئي. پهريون ڀيرو پورهيتن کي منافعي ۾ حصيدار بڻايو ويو. انهن کي پينشن ۽ گروپ انشورنس جون سهولتون ڏنيون ويون. پورهيتن کي روزگار جو تحفظ فراهم ڪيو ويو. ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۾ پورهيتن جي پگهارن مان ڪٽوتي ختم ڪئي وئي ۽ صرف مالڪن کي پابند ڪيو ويو ته، اُهي ان ۾ حصو وٺن. ورڪرز يونين جو حق ڏنو ويو. شهيد ڀُٽي پاڪستانين لاءِ پرڏيهه ۾ روزگار جا بيشمار موقعا پيدا ڪيا. شهيد ڀٽي جو دور روزگار جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ جو سُنهري دور آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دورانديش سياستدان هو، کيس پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت هئي، ان ڪري سندس آڏو ملڪي دفاع سڀ کان مقدم هو. هن ملڪ جي دفاع کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ لائقِ تحسين خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ايٽمي پروگرام جو نه صرف بنياد وڌو پر ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورن ملڪ دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجي جان جي قرباني ڏني.

پاڪستان جي تاريخ نئين سر لکڻ، عام ماڻهن جي حالتِ زار بدلائڻ ۽ مسلمانن کي باوقار زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاريندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ماڻهن جو رومانوي ۽ جذباتي لڳاءُ آهي. هُو چوندا هئا ته، ”ڀٽو هر ان گهر ۾ رهندو آهي، جنهن جي ڇِتِ سِمي ٿي.“، هُن پاڪستاني عوام کي اهڙو سياسي شعور ڏنو، جنهن سان اڄ به عوام دشمن قوتون ڪنبجي وڃن ٿيون. هن چيو ته، ”مون لاءِ سياست ۽ عوام هڪ ئي لفظ جون ٻه معنائون آهن، توهان کي ۽ توهان جي حوارين کي اهو حق نٿو پهچي ته، منهنجي ملڪ جي پياري عوام سان منهنجو روحاني ۽ لازوال رشتو ٽوڙي سگهو. هي منهنجي ورثي جو اڻٽٽ حصو آهي. منهنجو خون پاڪستان جي خون ۾ شامل آهي. مان هن ملڪ جي مِٽي ۽ ان جي خوشبوءِ جو حصو آهيان. سندس اِهو به چوڻ هو ته، ”اسان مساوات جو نعرو لڳائي سامراجين سان دشمني ڪري وڌي آهي، پر عوام اسان سان گڏ آهي. اسان ضرور ڪامياب وينداسين ۽ ملڪ مان غربت ۽ بدحالي ختم ڪري ساهه پٽينداسين.“ شهيد ڀٽو جو اهو مشن اڄ به جاري آهي. ان مشن جي تڪميل لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن قربانيون ڏنيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت اسان کان گهر ڪري ٿي ته، اسان سندس مشن جي تڪميل تائين استحصالي قوتن، ملڪ ۽ قوم جي دشمنن آڏو شِيهي جي ديوار بڻجي بيهون ۽ اُهو ئي پنهنجي عظيم قائد کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ جو سڀ کان بهتر طريقو آهي، ان عظيم اڳواڻ ۽ رهنما کي، جنهن جي خوشبو اڄ به ڌرتيءَ جي مهڪ ۾ محسوس ٿئي ٿي ۽ جيڪو اڄ به هڪ سُپر هيرو وانگر اسان سان گڏ آهي.


 

ذوالفقار ڀٽو

ڪال ڪوٺڙيءَ کان ڦاهي گهاٽ تائين جو سفر

ڪرنل رفيع الدين

۳ اپريل ۽ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي وچ واري رات جيل سپرنٽينڊنٽ يار محمد، مونکي (سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع الدين)، فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ بشير احمد خان، جيل ڊاڪٽر صغير حسين شاهه کي ڀٽي جي ڦاهيءَ بابت حڪم کان آگاهه ڪيو. مون سميت انهن ماڻهن تي ٻڌل پارٽي ۳ اپريل تي شام جو ۶ لڳي ۵ منٽن تي جيل پهتي ته ڀٽو فرش تي رکيل گَدي تي ستل هو، جيل سپرنٽينڊنٽ يار محمد، ڀٽي کي موت جو پروانو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته جيئن ته ۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي لاهور هائيڪورٽ توهان کي نواب محمد احمد خان جي قتل ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي چڪي آهي، ۶ فيبروري ۱۹۷۹ع تي سپريم ڪورٽ اوهان جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، ۲۴ مارچ ۱۹۷۹ع تي نظرثاني درخواست به رد ڪئي وئي آهي، صدر مملڪت فيصلو ڪيو آهي ته هو عدالتي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو، ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ڦاهيءَ تي چاڙهجي.

جڏهن جيل سپرنٽينڊنٽ ڀٽي کي ڦاهيءَ جو آرڊر پڙهي ٻڌائي رهيو هو، مان ڏسي رهيو هوس ته ڀٽي جي چهري تي ٿورو به خوف نه هو، الٽو مون ڏٺو ته هو بلڪل ئي خاموش ۽ پرسڪون ڪيفيت ۾ هو ۽ سندس چهري تي مُرڪ هئي.جهڙي ريت هو خبر تي ردعمل ظاهر ڪري رهيو هو، مون کي سچ پچ وڏي حيرت ٿي رهي هئي، مان سوچي رهيو هوس ته اسان هڪ اهڙي ليڊر کي ڦاهي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪو پنهنجي ڦاهيءَ وارو پروانو به اطمينان ۽ سڪون سان ٻڌي رهيو آهي.ٺيڪ ان وقت مونکي پنهنجي اندر مان ئي ڄڻ آواز اچي رهيو هو ته هن شخص جو موت سڄي قوم ۽ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ شايد منهنجي زندگيءَ ۾اهو پهريون ڀيرو هو جو مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڄڻ مان پنهنجي وس ۾ ناهيان. ڀٽي صاحب جيل سپرنٽينڊنٽ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ هي لفظ ان جا ئي آهن: ”لاڳاپيل اختيارين کي گهربو هو ته اهي ڦاهيءَ کان ۲۴ ڪلاڪ اڳ ۾ مونکي ان کان آگاهه ڪن ها پر انهن ائين نه ڪيو، ايتري قدر جو اڄ منجهند ساڍين يارهين وڳي جڏهن منهنجي ڌيءُ ۽ منهنجي زال مونسان ملڻ آيون هيون، ته انهن کي به ان جي خبر نه هئي، مون جيل سپرنٽينڊنٽ کي گهرايو ۽ کانئس وضاحت طلب ڪئي ته هن مبهم نموني مونکي ٻڌايو ته ڦاهيءَ جو آرڊر پاس ٿي چڪو آهي ۽ اهو وٽس موجود آهي، هن مونکي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ منور الاسلام ۽ سئوٽ ممتاز علي ڀٽو منهنجي ڌيءُ ۽ زال جي ملاقات کانپوءِ مونسان ملڻ ايندا ۽ هن اهو به چيو ته انهن جي وڃڻ کانپوءِ هو مون وٽ وصيت وٺڻ ايندو وغيره وغيره. هڪ لڳي ۵۰ منٽن تائين منهنجي ڦاهيءَ جو ڪو به لکيل حڪمنامو مونکي نه ڏيکاريو ويو آهي، مان پنهنجي وڪيلن سان ملڻ چاهيان ٿو، منهنجي ٻين مٽن مائٽن کي به مونسان ملڻ لاءِ ڇڏيو وڃي، منهنجا ڏند خراب ٿي پيا آهن ۽ مان فوري طور پنهنجي ڏندن جي ڊاڪٽر ظفر نيازي سان ملڻ چاهيان ٿو.“ ڀٽي صاحب جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ بشير احمد خان ڀٽي صاحب کي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ته مان اوهان جي وصيت لکي سگهان ٿو، اوهان کي پَنو به فراهم ڪيو ويندو، ان کانپوءِ سرڪاري ٽيم واپس هلي وئي، پر مان اڃا تائين ٻڏتر جي عالم ۾ هوس ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ مان خوف ۾ ورتل آهيان، ڀٽو صاحب گَدي تان اٿيو ته ٿاٻڙجي پيو، مون پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏئي کيس مٿي کنيو، ڀٽي صاحب چيو ته مونکي پيٽ ۾ سور آهي. ڀٽي صاحب پنهنجي خدمتگار عبدالرحمان کي سڏ ڪيو ۽کيس چيو ته هو ڪجهه گرم پاڻي کڻي اچي ته جيئن هو شيو ڪري سگهي. ان کانپوءِ هن مونکي مخاطب ٿيندي چيو ته رفيع! هي ڪهڙو ڊرامو ٿي رهيو آهي؟! مان گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويس ته هن ساڳيو سوال ورجايو، مون کيس چيو ته، ”سر! ڇا مان اوهان سان ڪڏهن مذاق ڪيو آهي؟، هن هڪدم ئي چيو ته ڇا مطلب؟!، پوءِ هن وري ساڳيو ئي سوال پڇيو، مون کيس چيو ته سر آرڊر اچي ويو آهي، اوهان کي اڄ ئي ڦاهي ڏني ويندي!! ان ويل پهرين ئي لمحي مون ڀٽي صاحب جي چهري تي حيرت جو عالم ڏٺو، هن منهنجو هٿ لوڏيو ۽ چيو ته اوڪي، اِٽ از فنشڊ، اوڪي اِٽ از فنشڊ! مون کيس چيو ته ” ها سر“، مون ان وقت ئي ڀٽي صاحب جي اکين ۾ ڏٺو، ..... ڀٽي صاحب جي جيڪا ڪيفيت هئي، اها مان بيان نه ٿو ڪري سگهان، هن پڇيو ته ”اڄ، ڪهڙي وقت تي؟، مون کيس پنهنجي هٿ جون ست ئي آڱريون اُڀيون ڪري ڏيکاريون، هن چيو ته ۷ ڏينهن کانپوءِ؟، مان ڀر سان وڃي کيس ڪن ۾ چيو ته سر ڪلاڪن کانپوءِ!! هن چيو ته اڄ رات ستين وڳي کانپوءِ؟، مون ها ۾ ڪنڌ لوڏيندي کيس جواب ڏنو...... ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کانپوءِ ڀٽي صاحب چيو ته رفيع! معني! ائين آهي؟، مون ها ۾ ڪنڌ لوڏيو. ٿوري وقت جي خاموشيءَ کان پوءِ مون ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته اوهان سان گذريل ملاقات کانپوءِ بيگم ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو مونسان مليون هيون ۽ مون کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي جنرل ضياءَ کي رحم جي اپيل ڪن. ان وقت مون ڏٺو ته ڀٽو صاحب ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هو، مون کيس چيو ته توهان ڪرُسيءَ تي ويهي رهو، مون کيس چيو ته هن وقت تائين بيگم ڀٽو جنرل ضياءَ سان ملي چڪي هوندي ۽ صورتحال مان نڪرڻ جو ڪو نه ڪو رستو ضرور نڪرندو، ان وقت ڀٽي صاحب پنهنجي ڪُرسيءَ تان اٿي مونکي ڀاڪر پاتو ۽ هن مونکي چيو ته تون بهادر ماڻهو آهين، مونکي توسان گهڻو وقت اڳ ملڻ گهربو هو. ان وقت مون کيس ڪنهن حد تائين اطمينان جو ساهه کڻندي ڏٺو......

منهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ مان نڪرڻ بعد ڀٽي صاحب ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ خواجه غلام رسول جي موجودگي ۾ ۷ لڳي ۵ منٽن تي شيو ڪئي ۽ شيو ڪرڻ وقت هن ڊپٽي جيل سپرنٽيڊنٽ سان هيٺيون ڳالهيون ڪيون: ”ڊپٽي صاحب! توهان مون جهڙو ليڊر ڪٿان آڻيندئو؟، پر سڀ کان پهرين ته اوهان کي مون جهڙو ليڊر ڇو کپي؟ منهنجي گهرج ته غريب عوام کي آهي، توهان جهڙن کي نه ..... توهان هن ملڪ جي غريبن کان انهن جو ليڊر کسي رهيا آهيو، مان انقلابي آهيان، مان غريبن جو همدرد، غريبن جو يار آهيان، توهان مونکي ٻه سال اڳ ڇو نه ماريو؟، توهان منهنجي ائين عزت ڇو نه ٿا ڪريو؟ جيئن دنيا ڪري ٿي، مونکي ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رکي عزت سان اوهان ماري پئي سگهيا، اڄ اسلامڪ ڪائونسل جو چيئرمين، جنهن کي سموري دنيا جي مسلمانن چونڊيو آهي، اهو آزاديءَ سان شيو به نه ٿو ڪري سگهي، توهان منهنجي مٿان بيٺا آهيو ته جيئن مان پاڻ کي بليڊ سان نقصان نه پهچايان..... ان کانپوءِ ڀٽي صاحب سندس ڪال ڪوٺڙيءَ جي پهري تي بيٺل سنتري کي سڏ ڪيو ۽ ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ کي وصيت ڪئي ته سندس ڦاهيءَ کانپوءِ سندس واچ هن سنتريءَ کي ڏني وڃي.....

ڀٽي صاحب رات جو پوڻين نائين کان پوڻين ڏهين وڳي تائين وصيت لکي ۽ ان کانپوءِ هن ڏهن منٽن تائين پنهنجو آئينو، ڦَڻي، هيئر برش ۽ مُصلو سنڀالي ٽيبل تي رکيو. ۹ لڳي ۵۵ منٽن تائين هن ڏندن کي بُرش ڪيو، منهن ڌوتو ۽ سينڌ ڪڍي، ان کانپوءِ پنجن منٽن تائين هن سِگار ۽ ڪجهه سڙيل پنا صاف ڪيا. ان کانپوءِ هن ٻيهر لکڻ شروع ڪيو ۽ رات جو ۱۰ لڳي ۱۰ منٽن کان ۱۱ لڳي ۵ منٽن تائين لکندو رهيو، ان کانپوءِ هن جيڪو ڪجهه لکيو، اهي ئي پنا هن ساڙي ڇڏيا ۽ سندس سموري ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رک پکڙجي وئي، هن خدمتگار عبدالرحمان کي چيو ته هو ڪال ڪوٺڙيءَ کي صاف ڪري ۽ ان وقت ئي هن سنتري کان پڇيو ته ڦاهيءَ ۾ باقي گهڻو وقت بچيو آهي؟ سنتريءَ چيو ته اڃا ڪافي وقت آهي، ڀٽي صاحب کانئس ٻيهر پڇيو ته باقي گهڻو وقت؟ پر سنتري خاموش رهيو، ان کانپوءِ ڀٽي صاحب پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيو ته کيس هاڻي هڪ ٻن ڪلاڪن لاءِ سمهڻ گهرجي. ۱۱ لڳي ۱۰ منٽن تي عبدالرحمان ڪال ڪوٺڙي ۾ آيو ۽ هن ڪال ڪوٺڙي صاف ڪئي، جنهن کانپوءِ ڀٽو صاحب سمهي پيو. ڀٽي صاحب ۱۱ لڳي ۲۵ منٽن تي چيو ته کيس سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن گذريل رات به صحيح ننڊ نه ڪئي هئي، پر توهان مونکي اوهان ٻارهين وڳي کانپوءِ اٿارجو، ان کانپوءِ ڀٽي صاحب هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي ننڍي ڌيءُ صنم جو نالو کنيو ۽ سمهي پيو. رات جو هڪ لڳي ۱۰ منٽن تي ڀٽو صاحب ننڊ مان اٿيو، مسٽر قريشي کيس چيو ته اوهان جي لاءِ گرم پاڻي پيو آهي، وهنجي سگهو ٿا، ڀٽي صاحب وراڻيو ته هو وهنجڻ نه ٿو چاهي.

ڦاهيءَ جي حڪمنامي تحت ڀٽي صاحب کي ۳ اپريل ۽ ۴ اپريل جي وچ واري رات آءِ جي جيلز چوڌري نذير اختر جي موجودگيءَ ۾ ڦاهي ڏيڻي هئي، جيڪو ۳ اپريل تي صبح کان ئي راولپنڊي جيل ۾ موجود هو، ڀٽي صاحب جي مسلسل بک هڙتال ۽ سندس ڪمزور جسماني حالت کي نظر ۾ رکندي ڀٽي کي ڦاهي گهاٽ تائين پهچائڻ لاءِ هڪ اسٽريچر جو اڳواٽ ئي بندوبست ڪيو ويو هو، ان رات آسمان تي بادل هجڻ ۽ گُگهه اونداهي هجڻ سبب روشنيءَ لاءِ ڪجهه بتيون به رکيون ويون هيون. هڪ لڳي ۳۵ منٽن تي هيٺيان عملدار جيل جي سيڪيورٽي وارڊ ۾ پهتا. ۱. جيل سپرنٽينڊنٽ مسٽر يار محمد ۲. مان (سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع الدين) ۳. فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ بشير احمد خان ۴. جيل ڊاڪٽر صغير حسين شاهه ۵. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل خواجه غلام رسول. اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ مجيد احمد قريشي...... ان موقعي تي مئجسٽريٽ ٻيهر اڳتي آيو ۽ ڀٽي صاحب کي چيائين ته جيڪڏهن اوهان ڪا وصيت لکڻ چاهيو ٿا ته لِکو؟ ڀٽي صاحب ڪو جواب نه ڏنو، مئجسٽريٽ ٻيهر کانئس پڇيو ته ڇا اوهان وصيت لکڻ چاهيو ٿا؟ ڀٽي صاحب چيو ته ها مان لکرائڻ چاهيان ٿو. وقت گهڻو ٿي چڪو هو، ان ڪري هيڊ وارڊر پنهنجن ماڻهن کي اندر گهرايو ۽ کين حڪم ڏنو ته ڀٽي صاحب کي کڻو، چار وارڊر اندر داخل ٿيا، جن مان ٻن ڄڻن کي ڀٽي صاحب جي پيرن ۽ ٻن ٻانهن کان وٺي کيس مٿي کنيو، جنهن وقت کيس کنيو پئي ويو ته ڀٽي صاحب کين چيو ته ”مونکي ڇڏيو.“

چار وارڊر ڀٽي صاحب کي اسٽريچر تي کڻي وڃي رهيا هئا، سندس پير بلڪل ئي زرد لڳي رهيا هئا، ڄڻ سندس جسم مان سمورو رت ڪنهن ڪڍي ڇڏيو هجي، ڦاهي جي تختي تي پهچڻ تائين هو بلڪل ئي اسٽريچر تي بي حرڪت رهيو، ڦاهي گهاٽ وٽ اسٽريچر کي روڪي ٻن ملازمن ڀٽي صاحب جي ٻانهن ۾ پنهنجون ٻانهون وجهي کيس ڦاهيءَ جي تختي تي اٿاري بيهاريو، ان وقت مان ڀٽي صاحب جي بلڪل ويجهو هئس، منهنجا پير ڦاهيءَ جي تختي کان ته پري هئا پر منهنجون اکيون بلڪل ئي ڀٽي صاحب جي چهري تي کُتل هيون، ڀٽي صاحب جا هٿ پويان کان ٻانهن سان گڏ ٻڌا ويا، ان ئي لمحي جلاد تارا مسيح آيو، جنهن ڀٽي صاحب جي چهري کي ڪاري ماسڪ سان ڍڪي ڇڏيو، ٺيڪ ان وقت ڀٽو صاحب منهن ڍڪڻ سبب ڳرا ساهه کڻي رهيو هو ۽ شايد جهڙي ريت سندس ٻانهون پويان کان ٻڌيون ويون هيون، ان ڪري درد محسوس ڪري رهيو هو، ان وقت ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هو چوندو هجي ته هي ماڻهو کيس تڪليف ڏئي رهيا آهن، ان وقت مان اڃا به ڀٽي صاحب جي ويجهو ٿي ويس، ايترو ويجهو، جو ڀٽي صاحب جي چهري ۽ منهنجي ڪنن وچ ۾ مشڪل سان وڃي ڪو هڪ کان ٻه فوٽن جو فاصلو بچيو، پر ايترو ويجهو هجڻ باوجود مان ڀٽي صاحب جا آخري لفظ ٻڌي نه سگهيس. اهڙي ريت ۴ اپريل تي صبح جو ۲ لڳي ۴ منٽن تي جلاد تارا مسيح ڦاهيءَ جي تختي جو ليور دٻايو ۽ اهڙي ريت ڀٽو صاحب هڪ جيئري جاڳندي انسان مان سرد لاش بڻجي ويو، ان لمحي مان ڦاهي گهاٽ جي هيٺ ڪرسيءَ تي ويٺل آءِ جي جيلز جي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيس، ڀٽي صاحب جي ڦاهيءَ جو اهو منظر مان اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهيو آهيان، ايتري قدر جو مان هن وقت به جڏهن ان منظر جو تصور ڪريان ٿو ته ڏڪي وڃان ٿو.

(ڪتاب: ”ڀٽو ڪي آخري ۳۲۳ دن“ جو هڪ باب)


 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

سياسي افق تي چمڪندڙ ستارو

نثار احمد کهڙو

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين ۽ ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم ۽ ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کي اڄ پنجٽيهه ورهيه وهامي ويا آهن پر شهيد ڀٽي جو عدالتي قتل اڄ به انصاف جو گُهرجائو آهي. پاڪستان جي اڄ جي حالتن کي ڏسجي ته، هڪ پاسي پنجٽيهه سال اڳ هڪ فوجي آمر عوام جي مقبول ۽ محبوب اڳواڻ کي سندس پاليسين، عوامي مقبوليت ۽ اسلامي دنيا کي مضبوط ڪرڻ واري فڪر ۽ فلسفي کان خائف ٿي ڪوڙي ڪيس ۾ سولِيءَ چاڙهيو ۽ ٻئي پاسي ان ئي آمر جو تسلسل اڄ هڪ ٻيو آمر جڏهن عوامي جدوجهد کان پوءِ ملڪ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي فڪر ۽ فلسفي جي تصور هيٺ قائم ٿيل جمهوريت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، ته هو مڙسيءَ سان هن معاملي کي منهن ڏيڻ بدران آزين ۽ نيازين ۾ پورو آهي، ڪڏهن خاص عدالت، ڪڏهن گهرو وزارت ته ڪڏهن وري سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ڏئي رهيو آهي ته، کيس ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي. ڀٽو صاحب جيئن ته هڪ مڃيل سياستدان ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ حقيقي عوامي ليڊر هو، تنهنڪري کيس جڏهن قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ٽڪساٽن سان جيل ڀيڙو ڪيو ويو، کيس انهن سڀني سهولتن کان محروم ڪيو ويو، جيڪي هڪ حڪمران ۽ عوامي اڳواڻ کي ميسر هجڻ گهرجن، هو جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪنهن پلنگ ۽ کٽ تي نه پر پٽ تي سُتل هو، اهڙين ڪٺن حالتن باوجود هن نه ته ڪنهن جي آڏو آزي ڪئي نه نيازي، نه ئي وري ڪي معافي ناما لکي ڪنهن ٻئي ديس ويو، نه ئي وري وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ته مورڳو پنهنجي پياري ڌِيءَ پنڪي ۽ ونيءَ بيگم نصرت ڀٽو کي وقت جي آمر کي رحم جي اپيل ڪرڻ کان به سختيءَ سان روڪي ڇڏيو هو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪالهه جو آمر اڄ نه ته ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آهي، نه ئي سهولتن کان محروم آهي، ايتريقدر جو فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا جي اسپتال ۽ هاڻي فارم هائوس ۾ ترسيل آهي، تنهن باوجود سڀ کان پهرين هِي ڪمانڊو اڄ پنهنجي ئي وطن جي ڌرتيءَ تان رفو چڪر ٿيڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. تاريخ جي ستم ظريفي چئبي ته، هن ملڪ، جنهن جا اڃان بنياد ئي مضبوط نه ٿيا آهن، اُتي جي دور انديش ۽ حقيقي عوامي اڳواڻ کي سوليءَ ٽنگيو ويو. ڇا ملڪ جي دفاع کي ناقابل شڪست بڻائڻ، ڀارت کان ۹۰ هزار فوجي قيدي باعزت نموني ڇڏائي ڏيهه واپس آڻڻ، دشمن طرفان ئي قبضو ڪيل ۵ هزار چورس ميل زمين واپس آڻڻ، اسٽيل مل جهڙا ادار ڏئي ملڪ کي اقتصادي ۽ معاشي طور مضبوط ڪرڻ جا بنياد وجهڻ اهڙو ڏوهه آهي جو ملڪ جي نالي ۽ ناموس کي روشن چنڊ جيان چمڪائيندڙ هڪ اڳواڻ کي سوليءَ چاڙهيو ويو؟ ڀٽي خاندان جو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي. پهرين پيءُ، پوءِ ٻه پٽ ۽ آخر ۾ سندس نياڻي اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو.

اڄ جڏهن دنيا جا خطا ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، قومن ۽ ملڪن لاءِ لساني ۽ مذهبي بنيادن تي يڪجا رهڻ هڪ چيلينج بڻيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان اندر هڪ اهڙي خاندان جو نالو ۽ نشان ئي مٽائي ڇڏڻ واري روش ۽ سوچ ڇا ملڪ کي مضبوط ڪندي؟ وقت اچي ويو آهي ته، ملڪي تاريخ جي ۶۷ سالن ۾ هاڻي ڪو به رسڪ کڻڻ بنا ڪنهن کي غداريءَ ۽ حب الوطنيءَ جا سرٽيفيڪيٽن جاري ڪرڻ يا فقط ڪا هڪ ڌر محب وطن باقي سڀ غدار واري سوچ ترڪ ڪري، برابريءَ واري سلوڪ آهر اڳتي وڌڻ گهرجي. ملڪ اڄ هونئن ته کوڙ سارن چئلينجن جي ور چڙهيل آهي پر دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو ٻج جيڪو هن خطي ۽ ملڪ ۾ پوکيو ويو آهي، تنهن کي پاڙان پٽي اُڇلڻ بدران ان کي وڌيڪ سيراب ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي. اهي دهشتگرد جيڪي فوج جي جوانن کي شهيد ڪن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ذبح ڪن، عوامي هنڌن تي حملا ڪن، سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن لاءِ خطرو هجن، تن سان ڳالهيون ڪهڙي دانشمندي آهي؟ ٻٽي پاليسي وقتي طور ڪن ڌرين فردن ۽ ڪجهه سياسي جماعتن لاءِ ته فائديمند ٿي سگهي ٿي پر سماج جي مجموعي بهبود لاءِ اهو ڪو سٺو سنئوڻ ناهي. ملڪ جا بنياد ۽ جمهوري سرشتو فقط ۽ فقط سمورين قومن، سياسي جماعتن ۽ سماج جي سڀني طبقن سان برابريءَ واري بنياد تي ئي مضبوط ٿي سگهندو. ماضيءَ جي غلطين جو ازالو اسان کي بهتر مستقبل ڏئي سگهي ٿو. هاڻي جڏهن اسان جي عدليه “Judicial Activism” جهڙي محاوري سبب هڪ نئون تعارف ماڻيو آهي، تڏهن اڄ ملڪ جي مقبول ترين عوامي اڳواڻ جي پنجٽيهين ورسيءَ جي موقعي تي اميد ڪري سگهجي ٿي ته، عدليه تاريخ ۾ ڀٽي صاحب جي قتل کي صحيح ۽ حقيقي مانُ ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي. اهو هاڻي عالم آشڪار آهي ته، ڀٽي صاحب کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سازش تحت قتل ڪيو ويو، جنهن جو اعتراف کيس سزا ڏيندڙ بئنچ جو جج جسٽس نسيم حسن شاهه پڻ ڪري چڪو آهي. سو ڀٽي صاحب جي قتل ۾ تاريخ جي درستگيءَ سان نه رڳو هن عظيم سياسي اڳواڻ جي سياسي تاريخ درست رُخ وٺندي پر عدليه تي لڳل داغ به ڌوپجي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ طرفان گذريل حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ڀٽو ريفرنس اڃان ٻڌڻيءَ جو گهرجائو آهي.

اڄوڪو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، اڄ پوري ملڪ جي چئني صوبن، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شاهراهن جو منهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن آهي. ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان شيدائي، ڪارڪن، سياسي اڳواڻ توڙي ٻڍڙا، عورتون ۽ نوجوان پنهنجي محبوب اڳواڻن جي مزارن تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي رهيا آهن. هو وقت جي ستم ظريفيءَ تي شهيدن جي هن آخري آرامگاهه تي بيهي اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته، هن ملڪ ۾ جتي ٻڪري چوريءَ کان ويندي ڪنهن جي دڪان کي کاٽ لڳڻ تائين جي ڪيسن جا ته فيصلا ته عدالتن ۾ ٿي وڃن ٿا پر تاريخ جو ٿيل هِي قتل اڃان به انصاف جو ڇو گهرجائو آهي؟ پنجٽيهه سالن ۾ به هڪ ڪيس ۾ جيڪڏهن انصاف نه ملي سگهي، ويتر ان ڪيس جا پونئير هڪ هڪ ڪري ماريا ۽ لحد ۾ لاٿا وڃن، ته پوءِ آخرڪار عوام ڪهڙي واٽ وٺڻ تي سوچي؟ سو تاريخ جي گُهرج آهي ته، ڳڙهي خدا بخش ڀٽي جو هِي ڀٽو خاندان جنهن ملڪ جي بقا ۽ مضبوطيءَ لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو آهي، تنهن سان انصاف ٿيڻ کپي، ته جيئن اڄ جي سجاڳيءَ واري دور ۾ عوام تي چِٽو ۽ واضح ٿي سگهي ته، آمريتن آڏو نه جُهڪندڙ هِي انمول اڳواڻ ئي عوام جا حقيقي اڳواڻ هئا، آهن ۽ رهندا، جن نه ته ڪڏهن ڪنهن مصلحت کان ڪم ورتو، نه ئي وري ڪو معافي نامو لکيو، نه ئي وري ڪنهن حڪمران جي اڳيان جُهڪيا. ائين ڪرڻ سان عوام حقيقي عوامي ليڊر ۽ جمهوريتن تي راتاهو هڻندڙ آمرن جي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگهندو ۽ انهن ۾ فرق ڪري سگهندو.


 

ذڪر شهيد ڀٽو سان هڪ تاريخي ملاقات جو...

بشير رياض

۱۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ان لحاظ کان ناقابلِ فراموش آهي ته، ان ڏينهن لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس ڪي ايم صمدانيءَ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانت منظور ڪري ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جناب ڀٽو، رانا شوڪت محمود سان گڏ لاهور هائيڪورٽ مان نواب صادق حُسين قريشيءَ جي گھر آيو ته، اتي پارٽي ڪارڪن ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا جا نمائندا به پهچي ويا. مساوات جي ايڊيٽر سيد بدرالدين ۽ مان به ڀٽو صاحب سان ملاقات جي لاءِ اُتي پهتاسين. ڀٽو صاحب مونکي ڏسي انگريزيءَ ۾ چيو ڪِيئن آهين رياض؟ مون جواب ڏنو ته، منهنجي خوشقسمتي آهي جو مان اوهان سان ملاقات ڪريان ٿو. ڪجھه دير کان پوءِ انهن پر هجوم ڪانفرنس سان خطاب ڪيو ۽ انکان پوءِ جناب بدر الدين ۽ مونسان الڳ الڳ ملاقات ڪئي. سيد بدرالدين کي هڪ اعليٰ فوجي آفيسر مساوات جي آفيس ۾ اچي اهو نياپو ڏنو ته، ”ڀٽي صاحب جو دور ختم ٿي ويو. اوهان احتياط ڪريو“. اها ئي ڳالهه منهنجي هڪ ويجهي دوست لاهور جي هڪ هوٽل ۾ گهرائي چئي هئي ته، ”اوهان ڀٽو صاحب کي وساري ڇڏيو ۽ مساوات ۾ ان جي حق ۾ مضمون لکڻ بجاءِ ان جي خلاف مضمون لکو“ . ان کان اهو ٻڌي بدمزگي به ٿي، منهنجو اهو دوست اي آر شيفته هو. جناب شيفته جنرل ضياءَ جو ويجهو ترين دوست هو. مارشل لا جي دور ۾ ان جي تمام گھڻي هلندي پڄندي هئي. وڏا وڏا ماڻهو ان سان ملڻ لاءِ حاضري ڏيندا هئا. اي آر شيفته جو سئوٽ ڊاڪٽر ظفر الطاف سابق وفاقي سيڪريٽري انهن ڏينهن ۾ ساهيوال جي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي مقرر هو ۽ اهو منهنجي لاءِ مددگار ثابت ٿيو. اها وڏي دلچسپ حقيقت آهي ته، آگسٽ جي آخري هفتي ۾ اي آر شيفته ڪراچيءَ ۾ ترسيل هو. اتفاق سان مان به ڪراچي ۾ هئس. انجي گھرائڻ تي مان ان سان ملڻ ويس ۽ ان اها خوفناڪ خبر ڏني ته، ڀٽي صاحب کي احمد رضا قصوريءَ جي پيءُ جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويندو. ان چيو ته اهي فائيلون مون ڏٺيون آهن. جن تي ڀٽي صاحب پنهنجي هٿن سان لکيو آهي، Eliminate him, dispose him off, liquidate him اهو ٻڌي مون پڇيو ته، انهن کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويندو. مسٽر شيفته جواب ڏنو، ”تمام جلد“. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جناب ڀٽو صاحب کي ۷۰ ڪلفٽن مان گرفتار ڪيو ويو.

۱۳ سيپٽمبر جي اهم ملاقات ۾، مون اي آر شيفته جي ان ڳالھه جو ڀٽي صاحب سان ذڪر ڪيو، ته انهن چيو ته، مان ان کان واقف آهيان، اهو ضياءَ جو ويجھو دوست آهي ۽ جنرل ضياءَ انکي آرميءَ جا ڪيئي ٺيڪا ڏنا آهن. ڀٽي صاحب پنهنجي تحرير جي حوالي سان چيو ته، ”اها هڪ ڪريل حرڪت ۽ منهنجي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. مان هڪ قانوندان آهيان، ڪيئن هڪ وزير اعظم ڪنهن فائيل تي ان طرح جا گمراهه ڪن حڪم ڏئي سگھي ٿو. احمد رضا قصوريءَ جي حيثيت ڪهڙي آهي جو مان ان کي مارڻ جو حڪم ڏيندس“. اڌ ڪلاڪ جي ان ملاقات ۾ مون ڀٽي صاحب کي گذارش ڪئي ته، اهو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته، هي منهنجو ملڪ آهي ۽ مان هتي رهي حالتن جو مقابلو ڪندس، ملڪ ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي. اها ئي ڳالهه هن سيد بدرالدين سان به ڪئي. ان به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو. ڀٽي صاحب جو اهو جواب تشويش جو باعث هجڻ جي باوجود منهجي لاءِ حوصلو ۽ همٿ وڌائڻ جو سبب هو. ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع جي شام جو جناب ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ، جيڪا اسلام آباد کان لاهور پهچي چڪي هئي، عيدالفطر جي لاءِ لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو ۽ ڀٽي صاحب کي ۱۶ سيپٽمبر تي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. مان ۲۲ سيپٽمبر تي لنڊن هليو ويس. ڀٽي صاحب ان ملاقات ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به جمهوريت ۽ آئين جي بحاليءَ جي حوالي سان هڪ پيغام ڏنو هو، مون لنڊن ۾ ان جي تشهير ڪئي. سڄي دنيا ۾ ان جي حق ۾ هڪ وڏي تحريڪ شروع ٿي وئي، ان جي آزاديءَ وارو مطالبو زور وٺڻ لڳو. پاڪستانين عظيم الشان مظاهرا ڪري عالمي راءِ عامه کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي آزاديءَ جي لاءِ انجي ٻنهي پٽن مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو عالمگير مهم شروع ڪئي، جنهن ۾ ضياءَ جي ڪاري دور کان علاوه اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي چيئرمين ذوالفقار ڀٽي جي خلاف ڪوڙي قتل ڪيس کي بي نقاب ڪيو ويو. جنرل ضياءَ جي ويجھي ساٿي اي آر شيفته آگسٽ ۱۹۷۷ع جي آخري ڏينهن جيڪا خطرناڪ سازش کان مونکي آگاهه ڪيو هو، ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي اها وارننگ درست ثابت ٿي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي پٽن مير مرتضٰي ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو، ۶ ۽ ۷ اپريل ۱۹۷۹ع تي عالمي جيورسٽس ڪانفرنس International Jurists Conference) ) جو اهتمام ڪيو هو. اها ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس لنڊن جي نائٽس برجKnights Bridge))۾واقع ڪارلٽن ٽاور هوٽل (Carlton Tower Hotel) جي هال ۾ ٿي. ڪنوينشن ۾ شريڪ ماڻهن هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي، جنهن ۾ ڀٽي صاحب کي بيگناهه ثابت ڪندي انکي عدالتي قتل قرار ڏنو. هِيءَ قرارداد اقوامِ متحده جي سيڪريٽري جنرل ڪرٽ والڊ هائيم کي موڪلي هئي. آمريڪن ٽرائل لائيرز ايسوسيئيشنAmerican Trial Lawyers Association) ) جي ميمبر جارج ٽي ڊيوس George T Davis)) چيو ته، هي هڪ قتل جو مقدمو نه آهي پر حڪومت جي طرف کان هڪ بيگناهه ماڻهوءَ جو قتل آهي، ترڪيءَ جي نمائندي پروفيسر سلي دونميئرز چيو ته، لاهور هائيڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جا فيصلا ڪنهن مقدس عدالت جا فيصلا نه آهن، ان لاءِ اسان کي هر صورت ۾ ان مقدمي جي خامين جي نشاندهي ڪرڻ گھرجي. آمريڪا جو سابق اٽارني جنرل رمزي ڪلارڪ مقدمي جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ پاڪستان به آيو هو، ان چيو ته، ججن، بچاءَ جي وڪيلن ۽ حڪومت ڀٽي صاحب جي زندگي ۽ وقار سان راند کيڏي آهي. برطانيه جو مشهور وڪيل جان ميٿيوز ڪيوسي به ڪيس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ لاهور آيو هو، ان چيو ته، ڪيس اگر انگلستان جي ڪنهن به عدالت ۾ هلي ها ته، پهرين پيشي ۾ ئي خارج ڪيو وڃي ها. برطانوي پارليامينٽ جي رڪن جانٿنا ٽيڪن جو چوڻ هو ته، ڀٽي جو موت هڪ انتهائي وحشياڻو سياسي قتل هو. انٽرنيشنل ڪميشن فار جيورسٽInternational) Commission of Jurist) جي چيئرمين مسٽر وليم جي بٽلر Mr.William G Butler)) چيو ته، ڪنهن به چيف جسٽس جو هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ انصاف ۽ عدليه جو بدترين مثال آهي. لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس London School of Economics)) جي پروفيسر ليز لي فلپ جو چوڻ هو ته، هڪ غير قانوني حڪومت غير منصفاڻو مقدمو قائم ڪري هڪ عظيم ليڊر کي ڦاهِيءَ چاڙهي ڇڏيو. ممتاز عالمي قانوندانن متفقه طور تي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي بي گناهيءَ جو اعلان ڪندي چيو ته، ذوالفقار علي ڀٽو سان ناانصافي ڪري ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ اهو رياستي قتل Murder by State)) آهي.


 

شهيد ڀٽو

جديد پاڪستان جو معمار

شرميلا فاروقي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پاڪستان جي واڳ سنڀالي تڏهن پاڪستان عالمي طور تنهائي ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿي چُڪو هو ۽ پاڪستاني قوم همت هاري چڪي هئي. ۱۹۷۱ع ۾ بحيثيت صدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي قوم کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پهريون ڀيرو خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”منهنجا هم وطنو! منهنجا پيارا دوستو! منهنجا پيارا شاگردو، محنت ڪشو ۽ هاريو! اڄ اسان ملڪي تاريخ جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون هي تباه ڪن بحران آهي، اسان کي ان جا ٽڪرا چونڊڻا آهن، ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا، ليڪن اسان کي هڪ نئون پاڪستان اڏڻو پوندو. هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان، هڪ اهڙو پاڪستان، جيڪو استحصال کان پاڪ هجي ۽ اهڙو پاڪستان جنهن جو خواب قائداعظم محمد علي جناح ڏٺو هو.

ان وقت جيڪو پاڪستان هو، ان جي حالتن جو جيڪڏهن اڄ به ذڪر ڪجي ته ذهنن تي مايوسي ڇانئجي وڃي ٿي پر شهيد ڀٽي پنهنجي عزم ۽ حوصلي سان نه صرف نئين پاڪستان جي تعمير بلڪ قوم کي به مايوسين جي اٿاه گهرائين مان ڪڍي اميدن ۽ امڪانن جي بلدين تي رسايو. هن ڪهڙي ريت هڪ نئون پاڪستان اڏايو، ان جو پيرائتوجائزو انتهائي دلچسپ ٿيندو. هن سڀ کان پهريان ملڪ مان مارشل لا ختم ڪيو ۽ آئيني حڪمراني بحالي ڪئي. شهيد ڀٽي جو عظيم ڪارنامو پاڪستان کي اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ متفقه آئين ڏنو. ۱۹۷۳ع جو آئين سندس شاندار سوچ جو شاندار اظهار آهي. ان آئين جي ڪري نه صرف وفاق مضبوط ٿيو، بلڪه صوبا به مضبوط ٿيا ۽ اهي حالتون هميشه لاءِ ختم ٿي ويون، جن حالتن جي ڪري بنگلاديش جو جنم ٿيو. سڀني صوبن جو احساسِ محرومي ختم ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي وسيلن جو مالڪ بڻايو ويو. شهيد ڀٽي ان کان اڳ ۳ جنوري ۱۹۷۲ع ۾ اڪنامڪ ريفارمز آرڊر جاري ڪيو، جنهن تحت صنعتن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو. اهي ماڻهو تاريخ کان اڻ واقف آهن، جيڪي شهيد ڀٽي جي نيشنلائيزيشن (قوميائڻ جي) پاليسي جي مخالفت ڪندا آهن. هزارين سالن جي تاريخ ۾ هزارين ڀيرا اهڙا موقعا آيا آهن جڏهن غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق ۾ اضافو ٿيو ته غريبن اميرن جي دولت ۽ جائيداد کسي ورتي يا رياست اُها دولت ۽ جائيداد پنهنجي قبضي ۾ وٺي ان جي منصفاڻي ورڇ ڪئي. اُن وقت پوري دنيا ۾ اشتراڪي انقلاب اُڀري رهيو هو. قوميائڻ واري پاليسي ڪنهن به طور تي غلط نه هئي بلڪه اها وقت جي ضرورت هئي. ان پاليسيءَ کان اڳ نام نهاد صنعتڪار صرف قرض وٺي هڙپ ڪري ويندا هئا ۽ ملڪ ۾ ڪا به وڏي صنعت قائم ٿي نه پئي سگهي. شهيد ڀٽي جي ان پاليسيءَ کان پوءِ پاڪستان اسٽيل ملزم هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس ۽ ٻيون وڏيو صنعتون سرڪاري شعبي ۾ قائم ٿيو، جن وڌيڪ صنعتن کي جنم ڏنو. اڄ به پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر اشتراڪي انقلاب جي نشاندهي ڪري رهيون آهن، ڇو ته دنيا ۾ دولت هڪ ڀيرو ٻيهر چند هٿن ۾ سوڙهي ٿي چڪي آهي ۽ غريبن جو استحصال بدترين شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۱۰ فيبروري ۱۹۷۲ع تي ليبر پاليسين جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي پاليسي نه هئي. پهريون ڀيرو پورهيتن کي منافعي ۾ حصيدار بڻايو ويو. انهن کي پينشن ۽ گروپ انشورنس جون سهولتون ڏنيون ويون. پورهيتن کي روزگار جو تحفظ فراهم ڪيو ويو. ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۾ پورهيتن جي پگهارن مان ڪٽوتي ختم ڪئي وئي ۽ صرف مالڪن کي پابند ڪيو ويو ته اُهي ان ۾ حصو وٺن. ورڪرز يونين جو حق ڏنو ويو. شهيد ڀٽي پهرين مارچ ۱۹۷۳ع تي زرعي اصلاحات جو اعلان ڪيو ۽ وڏي جاگيردارن کان زمينون وٺي ننڍن هارين ۾ ورهايون. انهن هارين وڏي محنت ڪئي ۽ پهريون ڀيرو پاڪستان خوراڪ جي معاملي ۾ پاڻ ڀرو ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اقتصادي شعبي ۾ ٻيا به قدم کنيا. هن بئنڪن جي اصلاح ڪئي، بئنڪن کي پابند ڪيو ته هو ۲۲ خاندان ۽ نام نهاد صنعتڪارن بجاءِ ننڍن سرمائي جي سيڙپ ڪندڙ ماڻهن کي قرض ڏين، جنهن سان ننڍن ڌنڌن ۾ اضافو ٿيو گڏوگڏ لکين ماڻهن کي روزگار به مليو ۽ بئنڪن جو نيٽ ورڪ به ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين تائين ڦهلجي ويو. پاڪستان بئنڪاريءَ جي ميدان ۾ ان حد تائين ترقي ڪئي جو پوري دنيا ان کي تسليم ڪرڻ لڳي ۽ اهو نيٽ ورڪ پوري دنيا ۾ ڦهلجڻ لڳو. شهيد ڀٽي پاڪستانين لاءِ پرڏيهه ۾ روزگار جي بيشمار موقعا پيدا ڪيا. شهيد ڀٽي جو دور روزگار جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ جو سنهري دور آهي. سندس دور ۾ وڏيون وڏيون يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ ٻيا قومي ادارا قائم ٿيا، جن ۾ نيشنل فائونڊيشن، اين ڊي ايف سي، پورٽ قاسم اٿارٽي، پاڪستان اسٽيل ملز، هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، گومل يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان، سيمينٽ ۽ شگر انڊسٽريءَ سميت ٻيا بيشمار ادارا وجود ۾ آيا.

پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي لائقِ تحسين خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ۲ جولاءِ ۱۹۷۲ع تي پاڪستان جو ۵ هزار چوورس ميلن تي مشتمل علائقو واپس ورتو. جنهن تي هندستان ۱۹۷۱ع جي جنگ ۾ قبصو ڪيو هو. هن ۲۸ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي هندستان سان معاهدو ڪيو جنهن تحت پاڪستان جا ۹۳ هزار جنگي قيدي آزاد ٿيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو نه صرف بنياد رکيو بلڪه ان کي اڳتي وڌايو ۽ سمورين پاڪستان دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجي جان قربان ڪئي. شهيد ڀٽي دفاعي ايٽمي پروگرام سان گڏوگڏ سول نيوڪليئر پروگرام به شروع ڪيو ۽ ۲۸ نومبر ۱۹۷۲ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين نيوڪليئر پاور پلان جو افتتاح ڪيو. واهه آرڊيننس فيڪٽري به سندس ئي دور ۾ قائم ٿي. شهيد ڀٽي پاڪستان کي خودمختيار، باوقار ۽ جديد نوآبادياتي معاشي تسلط کان آزاد ملڪ بنائڻ لاءِ پهريون ڀيرو قومي

خارجه پاليسي جوڙي. هُن پاڪستان جهڙن ٻين ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کي پنهنجي سياسي ۽ معاشي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد لاءِ همٿايو ۽ هڪ عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان نه صرف انهن جي رهنمائي ڪئي بلڪه انهن کي متحد ۽ متحرڪ به ڪيو. شهيد ڀٽي اسلامي ملڪن کي سامراجي ڪوڙڪيءَ مان ڪڍڻ ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيا. ۲۲ فيبروري ۱۹۷۵ع تي لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائڻ سندس عظيم ڪارنامو هو. هن سيٽو ۽ سينٽو جهڙي عالمي سامراجي دفاعي تنظيمن کان پاڪستان کي الڳ ڪيو ۽ ان کي غير وابسته تحريڪ ۽ علاقائي تنظيمن سان جوڙيو. شهيد ڀٽي سيپٽمبر ۱۹۷۶ع ۾ ٽين دنيا جي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني.

عوام سان شهيد ڀٽي جو رومانوي ۽ جذباتي لڳاءُ هو، هُو چوندا هئا ته ”ڀٽو هر ان گهر ۾ رهندو آهي، جنهن جي ڇت سمي ٿي.“، هُن پاڪستاني عوام کي اهڙو سياسي شعور ڏنو، جنهن سان اڄ به عوام دشمن قوتون ڪنبجي وڃن ٿيون. هُن هڪ اهڙي سياسي پارٽيءَ جو بنياد رکيو جيڪا پاڪستان جي وحدت ۽ ترقيءَ لاءِ لازمي بڻجي چڪي آهي. شهيد ڀٽو جو فرمان آهي ته، ”مون لاءِ سياست ۽ عوام هڪ ئي لفظ جا ٻه معنائون آهن، توهان کي ۽ توهان جي حوارين کي اهو حق نٿو پهچي ته هو منهنجي ملڪ جي پياري عوام سان منهنجو روحاني ۽ لازوال رشتو ٽوڙي سگهن. هي منهنجي ورثي جو اڻٽٽ حصو آهي. منهنجو خون پاڪستان جي خون ۾ شامل آهي. مان هن ملڪ جي مٽيءَ ۽ ان جي خوشبوءَ جو حصو آهيان. سندس اِهو به چوڻ هو ته ”اسان مساوات جو نعرو لڳائي سامراجين سان دشمني ڪري وڌي آهي، پر عوام اسان سان گڏ آهي. اسان ضرور ڪامياب وينداسين ۽ ملڪ مان غربت، بدحالي ختم ڪري ساهه پٽينداسين.“ شهيد ڀٽو جو اهو مشن اڄ به جاري آهي. ان مشن جي تڪميل لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جيالن قربانيون ڏنيون. جناب آصف علي زرداري ۽ جناب بلاول ڀٽي زررداريءَ ان مشن جي تڪميل لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني مٽي جي مهڪ ۾ اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.

 

(ليکڪا ثقافت ۽ سياحت لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون آهي)

No comments:

راءِ ڏيندا