; سنڌي شخصيتون: جي الانا

30 April, 2022

جي الانا

جي الانا

(الهه ڏنا - نامياور شاعر، اديب، محقق، سياستدان ۽ تاجر)

مختيار احمد ملاح



ناميارو شاعر، محقق، سياح، سياستدان تاجر ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رڪن غلام علي الانا، المعروف جِي الانا جو جنم ۲۲ جون ۱۹۰۶ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني، هندستان ۾ پڙهيو. شاگرديءَ واري زماني ۾، تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين ۽ قائد اعظم جو ويجهو ساٿي رهيو. سال ۱۹۶۸ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو. تقريباً ۱۲۰ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پاڪستان جو چيئرمئن پڻ رهيو.


جي الانا، پنهنجي دور جو بهترين شاعر به ھيو. سندس شاعريءَ جو اردو، بنگالي، گجراتي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي ۾ سندس شاعريءَ جو مجوعو ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ شايع ٿيل آهي. سندس انگريزي شاعريءَ جا به ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس انگريزي شاعريءَ تي وحيد جتوئي پي ايڇ ڊي ڪري چڪو آهي. هن کي شاهه ۽ سچل جي شاعري سان به عشق هو. سندس THE SELECTION FROM RISALOڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان بيت چونڊيا آهن. هن اهو ترجمو ۱۲ جون ۱۹۸۰ع تي شروع ڪيو. جي الانا صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب FOUR CLASSICAL POETS OF SIND سال ۱۹۸۳ع ڌاري سنڌالاجي پاران شايع ٿيو هو. جنهن ۾ شاهه صاحب کان علاوه شاهه عنايت، سچل ۽ ساميءَ جي چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي. اردوءَ ۾ لکيل سندس سفرنامو ”ديس بديس“ به شايع ٿي چڪو آهي. سندس انگريزي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

1. OUR FREEDOM FIGHTERS (1969)

2. FOUR CLASSICAL POETS OF SINDH

3. MEMORIES OF PRINCE ALI KHAN

4. QUAID E AZAM JIINAH

5. HIS HIGHNESS AGA KHAN III (1973)

6. PRESENTING PAKISTANI MOVEMENT

7. SILENT VOICES OF INTUITION (POETRY)

8. LOVE TALES FROM EAST

9. SOME OF MY YESTERDAYS

10. THE SILENT HOURS (POETRY)

11. THE PAKISTAN MOVEMENT

12. THE SELECTION FROM RISALO

سنڌ جي هن ڏاهي ۷۸ سالن جي ڄمار ۾ ۵ مارچ ۱۹۸۴ع تي وفات ڪيائين. سندس فرزند پيار علي الانا ڀٽي صاحب جي ڪيبينيٽ ۾ تعليم جو وزير رهيو.

 

(مختيار احمد ملاح جي فيسبڪ پيج تان ۳۰ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا