; سنڌي شخصيتون: منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

30 April, 2022

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

(۱۸۲۸ع - ۱۸۸۷ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



ديوان گروڏنو پٽ لال سنگ اجواڻي اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ انگريزن جي دؤر ۾ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع (ڪراچي ۽ شڪارپور) جي دفتر ۾ هيڊ منشي جي عهدي تي فائز هو. منشي گرڏني مل جو شمار اوڻويهن صديءَ جي انهن نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. جن ابتدائي زماني ۾ سنڌي علم ادب جي تعميري ترقي ۾ ڀرپور حصو ورتو (ميمڻ،۱۹ - ۳۳۳)


سنڌي ادب ۽ علم جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اوڻهين صديءَ ۾ ورتل ڪوششون۽ خدمتون سيوهڻ جي اديبن جون يادگار آهن. سيوهڻ جي نثر نويس جي ٽمورٽي ننديرام مير چنداڻي، ديوان واڌو مل چنديرام ۽ گروڏنولال سنگ سيوهاڻي جو ترجمي جي حوالي سان اهم ڪم آهي ان وقت سنڌي ٻولي گهڻو نه پئي لکيو ويو ليڪن ترجمي جي صورت ۾ دنيا جي هر علم کي عام ڪيو پئي ويو. ۽ ان ۾ جاگرافي، تاريخ، ڪهاڻي، ناول، قصا، ڊرامو ،گرامر، سوانح، طب، ڊرائنگ، سماجيات، حساب، ۽ ٻيا علم شامل هئا.

منشي گرڏنو لال سنگھ جي لکڻيءَ جو نمونو.

سنڌ جو واءُ پاڻي خشڪ ۽ گرم آهي. آرهڙ جي ڏينهن ۾ سکر ۾ ۱۰۲ درجي تائين ٿر ماميٽر جو پارو چڙهي ٿو. اتر ڏي ايتري سخت گرمي آهي. جو افغانسان جا ماڻهو چوندا آهن ته سنڌ جي گرمي اچي ماڻهوءَ کي ڪارو ڪريو ٿي ڇڏي ۽ آني کي بچائي وجهي گرمي سنڌ ۾ مارچ کان وٺي سيپٽمبر تائين رهي ٿي. سياري جي ڏينهن ۾ اتر جي تعلقن ۾ پاڻي ڄمي ٿو اتي مينهن ڪو ورلي ٿو وسي. هن ڏيھ جي ڌرتي گهڻو ڪري وسندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سانوڻي جو پاڻي. مٿان اچي ٿو. تڏهن مٿان ڪنئوري مٽي هن سان گڏ جي ٿي ۽ سال بسال پاڻي سڪڻ کان پڻ جا جتي سا تتي رهجيو وڃي ٿي، هيءَ مٽي اهڙي آهي جو ان ۾ ري پاڻ پوک ڀلي ٿيندي آهي. انهي ڪري سنڌ ڏينهن ٻين ملڪن کان سرس آهي.” (لال سنگ ،:۳۳۴)

گروڏنو پٽ لال سنگھ سيوهاڻي ڪيئي ڪتاب لکيا هوندا ليڪن اسان کي سندس هڪ ڪتاب جي خبر پئجي سگهي آهي. سندس درسي ڪتاب ’بمبئي کاتي جي جغرافيه‘ ملي ٿو. سرڪاري ڇاپخاني بمبئي هي ڪتاب ۱۸۶۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو.

حوالا:

ميمڻ، عبدالغفور سنڌي، اوڻهين صديءَ جا نثر نويس Ph.D مقالو اڻ ڇپيل.

لال، سنگھ گرڏنو منشي، ’سيوهاڻي‘ اوڻهين صديءَ جا نثرنويس ميمڻ، عبدالغفور سنڌي، Ph.D مقالو، اڻ ڇپيل

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا