; سنڌي شخصيتون: محمد خان “خادم” گھراڻو

30 April, 2022

محمد خان “خادم” گھراڻو

محمد خان “خادم” گھراڻو

دلبرَ! ھِن دنيا ۾ وڃي رھندو واسُ

محمد مٺل جسڪاڻي



محمد خان “خادم” گھراڻو کي مون، پنھنجو سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به ائين ڏٺو، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن!... سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو... آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. نظم ۽ نثر نويس به، ته استاد به ۽ يار ويس به مثالي رهيو. کانئس پڇڻ تي ٻڌايو ھئائين ته “محمد صديق گھراڻو جي فرزنديءَ ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع نصرپور ۾ اک کولي”. پڙھڻ ۽ لکڻ جو عملي مظاھرو ڪندڙ ھن ليکڪ ڪتابن جي عالمي ڏينھن ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي اک پوري!... پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار ۾ رھائش پذير ھو.


خادم گهراڻو ايم اي (ايڪانامڪس) ۽ بي ايڊ ڪيل، گورنمينٽ هائي اسڪول ٽيچر رھيو. تاريخي جڳهيون گھمڻ، ڪتاب پڙهڻ، انٽرنيٽ جو مثبت استعمال سندس ترجيحاتي مصروفيتون ۽ وندر هئي. خادم گهراڻو شاعري به ڪئي، ڪهاڻيون به لکيون، مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا، پڙھيل اڪثر ڪتابن تي تبصرا به لکيا. سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان انٽرنيٽ تي سندس ٽي پي.ڊي.ايف ڪتاب “سمنڊ ڪنارو” (شاعري) ۲۰۱۶ع ۾، “هيرن جواهرن جو ٿيلهو” (ٻارن جون ڪهاڻيون) ۲۰۱۶ع ۾،”ٽارين جدا ٿيا گل” (ڪهاڻيون) ۲۰۱۶ع ۾ آن لائين ٿيا.

مطالعي ۾ تاريخي ڪتاب، ڪهاڻيون، شاعري ۽ سفرنامن جي ڪتابن کي خادم گهراڻو اوليت ڏيندو هو. پاڻ چوندو ۽ لکندو ھو ته “سير سفر ڪرڻ سان معلومات ملي ٿي. علم ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪچهرين سان محبت وڌي ٿي. هڪ ٻئي سان خيال شيئر ڪجن ٿا. ادبي تقريبن ۾ پنهنجي پاڻ کي شامل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته نوان دوست ملن ٿا، نوان رابطا پيدا ٿين ٿا. ٻين جي لکتن جي خبر پوي ٿي. سماجي ڪمن جي حوالي سان عرض ته پنهنجي لاءِ هرڪو جيئي ٿو، اصل مزو تڏهن آهي، جڏهن ٻين جي ڏکن کي پنهنجو ڪجي ۽ پيڙائن جي ور چڙهيل ماڻهوءَ جي خدمت ڪجي. هڪ سماجي ورڪر بنجي، سماجي تقريبن ۾ مسئلن جي خبر پوي ٿي. هڪ تنظيم جي صورت ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو”. ھڪ دفعي سندس عزيزن سان لڳ لاڳاپن ۽ روين جي حوالي سان ٻڌايائين ته “جيڪي عزيز آهن، انهن سان پنهنجو تعلق قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو آهيان، ڪجهه عزيزن کان پري به رهندو آهيان. رويي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي آهي”. سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپن ۽ روين جي حوالي سان چيائين “دوستي هڪ نازڪ رشتو آهي، جن دوستن ۾ لالچ لوڀ نه هوندي آهي، انهن سان گھڻو گذاريندو آهيان. جيڪي وقت جا پوڄاري هوندا آهن، انهن سان سلام دعا تائين محدود رهندو آهيان. دوستن سان ڪوشش ڪري سٺو رويو رکندو آهيان”.

منفرد شخصيت خادم گهراڻي جي خواهش به منفرد! ھن چيو ھو “منهنجي خواهش آهي ته منهنجو، اسان جي قوم جو اولاد محنت ڪري، ڪاميابي ماڻي، منزل تي رسي، انسان ذات جي خدمت ڪري”.

خادم گهراڻي کان مون انٽرويو ورتو ھو. ان ۾ ھن مٿيون سڀ ڳالھيون به لکت ۾ ڏنيون ھيون ۽ اھو به لکيو ھئائين ته “جڏهن بي سهارا هئاسين، امڙ نه هئي، بابا هو، جيڪو ٻڪرار هو، ان وقت جن مائٽن پنهنجو ڪيو، انهن تان جان به قربان، جن پري ڪيو، هاڻي پنهنجو چون ٿا، انهن سان مڙئي رشتو نڀايون پيا.” سنگت ساٿ لاءِ لکيائين “بهترين ساٿي اهو آهي، جيڪو ڏکي ويل ڪم اچي”. ھن لکيو ھو ته “عام ماڻهو قرب ونڊڻ ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ وارا هجن.” پڙھندڙن لاءِ پيغام ۾ لکيو ھئس ته “نفرتن کي ختم ڪريو، محبت قائم ڪريو، پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪريو”.

نظم ۽ نثر نويس، استاد ۽ يار ويس محمد خان “خادم” گھراڻو زندگيءَ جا آخري چند مھينا بيماري سان جهيڙيندي، جيت جي ڪوشش ۾، دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس سوڳوار خاندان اخلاقي ھمدرديءَ جو طالب آھي، ۽ علاج جي مد ۾ خرچ ڪندي مالي لحاظ کان گهڻو ڪري پريشان حال ھوندو. مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق سان گڏ زندگي کي منھن ڏيڻ جي سگهه لاءِ دعائون...

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


محمد خان ”خادم گھراڻو“

ڪردار ساز، آدرشي ۽ امر انسان! - اڄ نه پسان سي...

نم مھيسر

محمد خان ”خادم گھراڻو“، جنھن لاء دل وسھي ئي ڪانه ٿي ته هو اسان کان ھميشه لاءِ موڪلائي اھڙي راه روانو ٿيو، جتان ڪوبه موٽي نه آيو آهي. نصرپور شھر جو ھڪ کاھوڙي ۽ جاکوڙي ڪردار خادم گهراڻو، ھر دل عزيز ۽ گھڻ پاسائين شخصيت ھو. پھرين ته ھڪ بھترين ۽ قابل استاد ھو. جيڪو قوم جي ٻچن کي پنھنجو ٻچو سمجھي سندن علم جو اونو رکڻ سان گڏ سندن ڪردار سازي ڪندي، معاشري ۽ سماج جو هڪ بھترين فرد بنائڻ لاءِ ڪوشان رهيو. ڪردار سازي ھميشه باڪردار ماڻهو ئي ڪندا آهن. انتھائي فرض شناس ۽ سچو انسان هو. ھميشه پنھنجي ڊيوٽي سچائي ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنائين. سدائين وقت تي اسڪول ويندو ھو ۽ پوري وقت تائين اسڪول ۾ رهندو هو. ڪڏهن به غيرضروري موڪل نه ڪيائين.

پاڻ پورھئي ۽ پورھيت سان پيار ڪندڙ انسان سدائين پورھيت ٿي رهيو. سندس زندگي ننڍڙي ھوندي کان وٺي سورن سان سلهاڙيل رھي. جيئن:

سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا.

پاڻ جھڙو ڪر ڏکن سان مرڻ گھڙيءَ تائين ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو ھئائين. سندس زندگيءَ جو سفر سسئي جي سورن ۽ جبل جھاڳڻ واري سفر کان به اڻانگو ٿو ڀانئجي. اھڙن سورن کيس ڪنڀر جي ڪچي گھڙي وانگر پچائي اھڙو ته پڪو بڻايو جو ھي معاشري جو ٿڌو گھڙو بڻجي ويو. جنھن کي ھر ڪو ماڻھو کڻي ڇانوَ ۾ رکندو آهي. ھاڻي ھي بڙ جي گهاٽي ڇانو وانگر بڻجي ويو. سماج جو ھر پيڙهيل فرد کيس پنھنجي دردن جو درمان سمجھندو ھو.

اھڙي طرح خادم گھراڻو ھڪ انتھائي حساس ماڻهو بڻجي ويو. انھي حساسيت، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کيس لکڻ تي مجبور ڪيو. انھن اوڻاين ۽ دردن کي پنھنجي شاعري، ڪھاڻين ۽ افسانن جي روپ ۾ سرجي، انھن جي آٿت ۽ آواز بڻيو. ٻيو ته پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب سان کيس جنون جي حد تائين عشق ھو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ھن تمام گهڻو پاڻ ووڙيو ۽ پتوڙيو ھو. ھن پنھنجي حياتيءَ جو وڏو پنڌ سنڌي ادب جي پيچرن تي ڪيو. ان اڃ اجھائڻ لاءِ سائين خادم گھراڻي ڪيترائي ڦوٽو اسٽيٽ رسالا ڪڍيا، پنھنجا توڙي نصر پور جي پراڻن نالي وارن اديبن جا ڪتاب پڻ ڊجيٽلائيز ڪري انٽرنيٽ تي ڇڏيا، جن ۾ ”گل نصرپوري“ جو ناياب ۽ شاھڪار ناول ”درياء جي ڪپ تي“ پڻ شامل آهي. سائين خادم گھراڻو سنڌي ادبي سنگت جھڙي سگھاري تنظيم جو روح روان ۽ متحرڪ عھديدار پڻ رهيو.

خادم سائين پنھنجي سموري زندگي ٻين کي ارپي ڇڏي. ھي ھميشه ٻين لاءِ جيئڻ کي زندگيءَ جو سچو مقصد سمجھندو ھو. اھڙا آدرشي انسان ڪڏهن به مرڻا ناهن. اھي امر انسان ھوندا آھن. لطيف سائينءَ اھڙن انسانن لاءِ فرمائي ٿو ته:

مرڻا اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.

اھڙي آدرشي ۽ امر انسان لاءِ دعا آهي ته مالڪ سائين شال کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين کي مالڪ سائين صبر جميل عطا فرمائي، آمين.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

خادم گھراڻو

نصرپور جو شاعر سماجي ورڪر

مسڪين محمد خان انڙ

نصرپور سنڌ جو هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو علم هنر جو مرڪز رهيو آهي. جنهن جي سيني تي اهڙا علم ادب جا چنڊ ستارا پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان پنهنجي پاڻ کي پوري سنڌ ۾ روشناس ڪرايو پر انهن ۾ ڪي ڪتابن جي حوالي سان مشهور آهن جن جا ڪتاب شايع ٿيا ڪي اهڙا آهن جن جا ڪتاب شايع نه ٿيا اهي دوستن کان وسري ويا.اڄ جا ڪافي نوجوان اهڙن قلمڪارن کان اڻ واقف آهن پر اسان جو ڪم آهي ته انهن نوجوانن کي اهڙي ڄاڻ ڏيون.

نصرپور شهر ۾ ڀٽي محلا ۾ رهندڙ مسڪين محمد خان انڙ به هڪ هو جيڪو علمي ادبي سماجي دنيا جو هڪ روشن ستارو هو جنهن جي اڄ جي نوجوانن کي پوري طرح ڄاڻ نه آهي. مسڪين محمد خان انڙ جو جنم سندس اباڻي ڳوٺ حاجي عبدالله انڙ جي ڳوٺ تعلقو ۽ ضلعو مٽياري ۾ ۱۹۵۰ع ۾ ٿيو اهو ڳوٺ سندن والد حاجي عبدالله جي نالي سان مشهور آهي. مسڪين محمد خان انڙ جا ڀائر گل محمد انڙ، محمد موسى انڙ ۽ اوڀايو انڙ جيڪي ايترو پڙهيل نه هئا پر مسڪين محمد خان انڙ پڙهيو. هن بابت اها به ڄاڻ ملي ته هن جو اصل نالو محمد بچل انڙ هو پر مسڪين محمد خان انڙ جي نالي سان مشهور ٿيو سندن مزار تي محمد بچل عرف مسڪين انڙ لکيل آهي. پاڻ پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم نصرپور مان حاصل ڪئي. ايم ايس سي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ڪئي. جڏهن هن وٽ نوڪري نه هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ سيڌي جو دوڪان هلائيندا هئا. پاڻ ٻه شاديون ڪيون هڪ ڳوٺ مان جنهن مان کين هڪ فرزند هو ٻي حيدر آباد مان. ڪئي جنهن مان ٻه فرزند هڪ نياڻي آهي.جڏهن کين نوڪري ملي ته پهرين کپرو ۾ ۱۹۸۰ ع ڌاري نوڪري ڪيائون سندن ذمي ڀاڻ جي ذميواري هئي ان بعد حيدرآباد ۱۹۸۵ ع تائين نوڪري ڪيائون. ۱۹۸۵ع ۾ National Center For Rural Development ( NCRD ) اسلام آباد ڊيوٽي ڪرڻ ويا اتي آخري دم تائين نوڪري ڪيائون.سندس گهرا دوست خليل الرحمان دائودپوٽو، ممتاز علي درس، امان الله ميمڻ، علم الدين بروهي، محمد خان ڇٽو ۽ محمد عثمان پانڌياڻي هئا. سندس ڀاءُ ٻڌايو ته کيس سندن دوستن وساري ڇڏيو آهي هڪڙا هن دنيا ۾ نه آهن پر انهن جو اولاد موجود آهي ڪڏهن به هن جي ورسي نه ملهائي ويئي آهي سندن فرزند نعيم ٻڌايو هو جڏهن ڪوبه سنڌي امير هجي غريب هجي ڪنهن ڪم سانگي اسلام آباد ايندو هو ته بابا ان کي پنهنجو مهمان سمجھي رهائيندو ان جي مدد ڪندو جيستائين ان جو ڪم نه ٿيندو هو تيستائين آرام نه ايندو هوس.ديس جي ماڻهو ملڻ تي ڏاڍو سرهو ٿيندو هو. پاڻ مهراڻ ڪلب ۽ سگا ۾ رهيا جنهن جي پليٽ فارم تان ٻارڙن جو ميلو نصرپور ۾ لڳرايو جنهن ۾ سيد صالح محمد شاھ،يوسف شاهين ۽ ٻيا نالي وارا ماڻهو شريڪ ٿيا.پاڻ سياست ۾ حصو ورتو جيئي سنڌ ۾ رهيا ۽ هاري جي حقن لاءِ هاري ڪميٽي ۾ رهيا جنهن جو اڳواڻ شهيد فاضل راهو. هر ممڪن طريقي سان هارين جي مدد ڪندا هئا انهن کي انهن جائز حق ڏياريندا هئا. مسڪين محمد خان انڙ انيڪ خوبين جو مالڪ هو. هن جي زندگي جا ڪئين روپ هئا. جيڪڏهن هن جي زندگي جي هر پهلوءَ تي ويهي لکجي ته ڪئين تاريخ جا باب رقم ٿي سگھن ٿا.هو تاريخدان هو هو صوفي هو هو غريبن مسڪينن، هارين، شاگردن ۽ بيروزگارن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. هو جو کيڙي سو کائي واري نظرئي جو پوئلڳ هو،هو ليکڪ هو، هو شاعر هو ، هو لطيف جي فڪر جو پانڌيئڙو هو، کيس لطيف جا ڪيترائي داستان ياد هوندا هئا. شاگرديءَ واري زماني کان وٺي سندس لاڙو سوشلزم ڏانهن هو. جنهن نظرئي سان زندگيءَ جي آخري پساهن تائين نڀائيندو رهيو. هن سڄي سنڌ واهڻ واهڻ،وستي وستي پيرين پنڌ گھمي هئي.پاڻ سڄي عمر ماروئڙن جا سانگيئڙن جا سور سيني ۾ سانڍي جيئندو رهيو. چيائين ته يار سڄي سنڌ هنن زخمي پيرن ۽ زخمي جگر سان گھمي آهي هو ڪنهن ڪنهن مهل سنڌ جي ڏکن ۽ سورن جا احوال ٻڌائيندي لڙڪ روڪي نه سگھندو هو.. (روزاني عبرت حيدرآباد ۲۵ فيبروري ۲۰۱۵ ع ليکڪ فقير علي ڏنو جروار) نصرپور ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڊراما ڪرائيندا هئا جيڪي هڪ عالماڻي جي جڳھه تي ٿيندا هئا. ان جاءِ تي هن وقت اسرا اسڪول آهي.اهو به معلوم ٿيو ته پاڻ انڙ برادري کي هنڌ منظم ڪرڻ لاءِ به ڪوشان رهيا. پاڻ ڳوٺ ۾ شاميانا تنبو ۽ ٻيو سامان وٺي رکيو هو جيڪو ڳوٺ وارن کي شادي ۽ غمي ۾ ڪم ايندو هو. جنهن جو ڪوبه معاوضو نه ورتو ويندو هو. سندس شاعري جي باري ۾ جڏهن پڇا ڪيئي ته اها ڄاڻ ملي ته پاڻ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ۽ شاعري به ڪئي جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون پر هن وقت ڪابه شيءِ محفوظ نه رهي آهي جيڪڏهن پراڻا ڪتاب ۽ اخبارون هٿ ڪجن جنهن ۾ سندن تخليقون شايع ٿيون ته هڪ بهترين ڪتاب تيار ٿي سگھي ٿو.سندن هڪ فرزند نعيم به ادبي دنيا ۾ قدم رکي رهيو آهي جيڪو ڪهاڻي تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي اڄ مسڪين محمد خان اسان ۾ نه آهي پر هن جون يادون اڄ به زنده جاويد آهن کين ۲۵ فيبروري ۲۰۰۰ع تي ڊيوٽي دوران کين دل جو دورو پيو جنهن سبب پاڻ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي (سندن مزار تي لڳل ڪتبي تي ميان محمد بچل عرف مسڪين ولد حاجي عبدالله تاريخ وفات ۱۸ ذوالقعد ۱۴۱۹ هجري ڏينهن جمع جو لکيل آهي) سندن جسم خاڪي کي اسلام آباد مان کڻائي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ سندن پيءُ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو.اسان کي گھرجي ته سندن تحرير ڪيل مواد کي هٿ ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي سنڌ جي عوام اڳيان اجاگر ڪرڻ گھرجي.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

محمد خان ”خادم“ گھراڻو

(۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع ـ ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع)

مٺل جسڪاڻي

نظم ۽ نثر نويس، استاد ۽ يار ويس محمد خان ”خادم“ گھراڻو (۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع ـ ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع) جي وفات تي ڏکويل عزيزن دوستن سان تعذيت، مغفرت لاءِ دعائون... جڏھن تہ ”آجيان“ جي پڙھندڙن لاءِ ”خادم گھراڻو: مختصر تعارف ۽ ويچار“ جي عنوان سان، ڪورونا لاڪ ڊائون دوران، فيس بوڪ وسيلي کانئس ورتل انٽرويو ڏجي ٿو، جيڪو ان سلسلي جي ٻاويهين ڪڙي طور ۱۵ مئي ۲۰۲۰ع تي پوسٽ ٿيو هو. آخر ۾ اهم رايا به شامل آهن. (م. ج.)

ماڻهو چون ٿا، ماڻهو تي نالي جو اثر ٿئي ٿو! مون تي منهنجي نالي جو ڪيترو اثر آهي؟ مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو؟ خادم گهراڻو، خادم آهي يا نه؟ مون سميت ٻيا به گهڻا ڄاڻن سڃاڻن ٿا. هن شخص کي سندس سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن ڏٺو آهي. سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو... آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. استاد به مثالي آهي.

خادم گهراڻي جو مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهو، کيس سڃاڻو يا نه سڃاڻو، پر هي انٽرويو پڙهي، اوهان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟ اسان سان ضرور ونڊ ڪندا.

۱. اوهان جو نالو؟

منهنجو اصل نالو محمد خان، ادبي نالو خادم گھراڻو آهي.

۲. ولديت ذات سميت؟

محمد صديق گھراڻو.

۳. رهائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟

ڄمڻ جي تاريخ ۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ ع نصرپور، رهائش پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار.

۴. تعليم؟

ايم اي (ايڪانامڪس)، بي ايڊ.

۵. ڪرت (پيشو)؟

گورنمينٽ ملازم (هائي اسڪول ٽيچر).

۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

تاريخي جڳهن تي گھمڻ، ڪتاب پڙهڻ، انٽرنيٽ کي هلائڻ.

۷. ليکڪ آهيو ته شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آهيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟

ليکڪ آهيان، شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ڪتابن تي تبصرا لکندو آهيان. سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان ٽي ڪتاب ڇپيا آهن. ۱. ”سمنڊ ڪنارو“ (شاعري) ۲۰۱۶ع ۾، ۲. ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ (ٻارن جون ڪهاڻيون) ۲۰۱۶ع ۾، ۳. ”ٽارين جد ٿيا گل“ (ڪهاڻيون) ۲۰۱۶ع ۾. جڏهن ته محترم استاد سعد الله سپاهي جو سوره رحمان جو منظوم ترجمو عروس القرآن، ڪمپوزنگ ڪري، سنڌ سلامت ڪتاب تي ۲۰۱۷ع ۾ اپلوڊ ڪرايو. محترم سعدالله سپاهي ابڙو جو ناول گلبهار ٻه معصوم مکڙيون ڪمپوز ڪري ۲۰۱۶ع ۾ سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرايو. گل نصرپوري جو ناول درياء جي ڪپ تي ۲۰۱۶ع ۾، سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ڪرايو. محترم لونگ خان عاجز ڀاڻو جو ناول نرالو نينهن ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت وارن شايع ڪيو. ٽي ڪتاب شاعري جو درياء ڪنارو، مضمونن جو گونگي جا گفتا ۽ شخصيتن بابت نصرپور جا گل سنڌ سلامت ڪتاب گهر ڏانهن موڪليل آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شاعري، مضمون، تبصرا، ڪهاڻيون شايع ٿيندا رهن ٿا. هنڌ واسي ۾ به ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿي آهي.

۸. مطالعي ۾ ڇا پڙهڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟

مطالعي ۾ تاريخي ڪتاب، ڪهاڻين، شاعري ۽ سفر نامن جي ڪتابن کي اوليت ڏيندو آهيان.

۹. سير سفر، اوهان جي نظر ۾؟

سير سفر ڪرڻ سان معلومات ملي ٿي. علم ۾ اضافو ٿئي ٿو.

۱۰. ڪچهريون، اوهان جي نظر ۾؟

ڪچهرين سان محبت وڌي ٿي. هڪ ٻئي سان خيال شيئر ڪجن ٿا.

۱۱. ادبي تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟

ادبي تقريبن ۾ پنهنجي پاڻ کي شامل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته نوان دوست ملن ٿا، نوان رابطا پيدا ٿين ٿا. ٻين جي لکتن جي خبر پوي ٿي.

۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟

سماجي ڪمن جي حوالي سان عرض ته پنهنجي لاءِ هرڪو جيئي ٿو، اصل مزو تڏهن آهي، جڏهن ٻين جي ڏکن کي پنهنجو ڪجي ۽ پيڙائن جي ور چڙهيل ماڻهو جي خدمت ڪجي. هڪ سماجي ورڪر بنجي، سماجي تقريبن ۾ مسئلن جي خبر پوي ٿي. هڪ تنظيم جي صورت ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.

۱۳. اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

جيڪي عزيز آهن، انهن سان پنهنجو تعلق قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو آهيان، ڪجهه عزيزن کان پري به رهندو آهيان. رويي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي آهي.

۱۴. اوهان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

دوستي هڪ نازڪ رشتو آهي، جن دوستن ۾ لالچ لوڀ نه هوندي آهي، انهن سان گھڻو گذاريندو آهيان. جيڪي وقت جا پوڄاري هوندا آهن، انهن سان سلام دعا تائين محدود رهندو آهيان. دوستن سان ڪوشش ڪري سٺو رويو رکندو آهيان.

۱۵. اوهان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟

منهنجي پسند جو رنگ اڇو ۽ گلابي آهي. خوشبوءِ گلاب ۽ موتئي جي وڻندي آهي.

۱۶. اوهان جي پسند جي سواري؟

خاص طور پنڌ هلندو آهيان، باقي موٽر سائيڪل جي سواري پسند آهي.

۱۷. اوهان جي اهڙي خواهش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

منهنجي خواهش آهي ته منهنجو، اسان جي قوم جو اولاد محنت ڪري، ڪاميابي ماڻي، منزل تي رسي، انسان ذات جي خدمت ڪري.

۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چئو؟

جڏهن بي سهارا هئاسين، امڙ نه هئي، بابا هو، جيڪو ٻڪرار هو، ان وقت جن مائٽن پنهنجو ڪيو، انهن تان جان به قربان، جن پري ڪيو، هاڻي پنهنجو چون ٿا، انهن سان مڙئي رشتو نڀايون پيا.

۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چئو؟

بهترين ساٿي اهو آهي، جيڪو ڏکي ويل ڪم اچي.

۲۰. عام ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙا هجڻ گھرجن؟

عام ماڻهو قرب ونڊڻ ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ وارا هجن.

۲۱. اوهان ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا ته ضرور لکو؟

منهنجو اهو پيغام آهي ته نفرتن کي ختم ڪريو، محبت قائم ڪريو، پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪريو.

++++++++++++++++++++++++++++++++

خادم گھراڻو جي شخصيت ۽ ڪردار جي حوالي سان ڪنهن ڇا لکيو؟

++++++++++++++++++++++++++++++++

خادم گھراڻو جي شخصيت ۽ ڪردار جي حوالي سان مختلف اديبن، شاعرن، استادن، سماجي ڪارڪنن ۽ روزاني روز جي مختلف ڪارونهوار سان لاڳاپيل ماڻهن، انٽرويو پڙهي، جيڪو ڪجهه لکيو، اهو ترتيبوار سندن نالن سميت هيٺ ڏجي ٿو.

سائين محمد خان ”خادم“ سان تمام پراڻي نيازمندي آھي... محبتون ڏيندڙ ماڻهو آھي. سندس ھي ڳالهيون ڏاڍيون وڻيون.... شال خوش ھجي، سلامت ھجي!..

” دلبرَ! ھِن دنيا ۾ وڃي رھندو واسُ!!“

مسڪين سمون

سنڌ جي علم، ھنر، فن، ڪافين جي نامياري شاعر ۽ بزرگ ھستين مان ھڪ ’سيد مصري شاھ رضوي‘ ۽ ثقافتي قدرن جي باڇاھي واري دور جي وڏي واپاري مرڪز شھر ”نصرپور“ سان جنھن علم دوست خاص تعليمدان جو واسطو رھيو ھجي, اتي ڄائو وڏو ٿيو، پڙھيو ۽ ڪڙھيو ھجي ته پڪ سان اھو ”خادم“ ئي ٿي سگھي ٿوـ جڏھن ته خوشقسمتي اسان جي جو ھن شھر ۾ علمي ادبي ۽ تعليمي شخصيتن جي ڪمي نٿي ڏسجيــ جن جو به تعارف پڙهڻ جو شوق آھي. محترم محمد خان به ھن ڌرتي جي صوفين ۽ وضعدار شخصتين ۽ ھستين واري خوشبودار مٽي جو ڄائو آھي تنهن ڪري وٽس علم ھنر ۽ ۽ فن جي ڪمي ھوندي اھو مونکي لڳي نٿو... ويتر سندس علمي واڌ ويجھ واري ڪرت ,شوق جذبو ۽ ذوق سميت مثالي ادبي علمي تعليمي خدمتن کي پڙھي/ ڏسي گهڻي خوشي ٿي آھي ـ سندس CV ۾ علم ادب ۽ تاريخ سان نه فقط لڳاءُ ٿو ڀانئجي پر خادم صاحب ان پورھيي کي ڪتابي روپ ڏئي ھميشھ سنڀالي رکڻ جون ڪاوشون ڪري پنهنجي حيات کي جلا/ ڪارائتو بنايو آھي. سائين مٺل صاحب جا لکن مٿان لک ٿورا، جنھن نصرپور جي محبتن سان واسيل شھر جي ھن لال کي ڳولي گودڙي مان ڪڍي سوشل ميڊيا جو سينگھار بنائي اھل دانش و علم آڏو پيش ڪيو آھي. خادم صاحب جيڪا پنهنجي وس ۽ وت آھر علم ادب جي واڌ ويجھ لاء لاڀائتي ڪوشش ورتي ۽ وٺندو رھي ٿو تنهن لاء کيس سوين شاباسون عرض رکجن ٿيون. (/ منظور ڪالرو/)

سائين خادم گهراڻو پنهنجي نالي جو مان رکندو اچي. تمام محبتي ۽ مخلص ماڻهو آهي. سائين اي بڪس جي حوالي سان سنڌي مواد مرتب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٻولي ثقافت ۽ شهر. صرپور سان سندس محبت ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. الله پاڪ سائينءَ کي سدائين آباد رکي. (مقصود قاضي)

خادم واقعي خادم آهي هڪ علمي ادبي شخصيت، سادگي پسند اعلي اخلاق جو مالڪ انسان هڪ بهترين استاد آهي الله ڪري سدائين خوش آباد هجي. (نم مهيسر)

سائين خادم گھراڻو ڀلوڙ ماڻھو ڀلوڙ اديب ڀلوڙ استاد سدا سلامت ھجو. (اقبال جروار)

ادا خادم محبتي انسان ۽ محنتي استاد جڏهن به مليو قرب ۽ پيار سان. (حافظ احمد انڍڙ)

تمام محنتي انسان، غريب، مسڪين پورھيت ماڻھن جو ھمدرد، سائين محمد خان خادم جي ڪاوشن کي سلام آھي. نصرپور شھر جي جاکوڙي پياري خادم تي اسان کي فخر آھي. انتھائي محبتي، قرب وارو، دل جو سخي انسان، بھترين استاد کي منھنجو سلام آھي. (ساگر يوسف)

خادم گھراڻو ھڪ پيارو ملڻسار ماڻهو سدائين سڪ ۽ اڪير مان ملندو آهي. دوستي نڀائڻ وارو ھي شخص علم ادب سان بي پناھ محبت رکي ٿو. تعليم ۽ پنهنجي پيشي سان سچو جذبو رکي ٿو. هڪ بهترين انسان، با اخلاق شخص، ادب سان گهڻي دلچسپي ۽ بهترين استاد، سلامتيون ماڻي. (اقبال بلوچ)

سائين خادم گھراڻو ڀلوڙ اديب استاد... (بخاري شاهه زيب)

بھترين شخصيت ادا خادم جي... (سفيه ڪنول ابڙو)

سائين محمد خان خادم گھراڻو ھڪ سٺو، محنتي استاد سچو، محبتي ماڻھو ۽ جاکوڙي انسان آهي. واقعي خادم آھي! (فقير علي شير شيخ)

ساھ ۾ سانڍڻ جھڙو املھ ھيرو پيارو دوست (غلام علي برفت موساڻي)

Mr Khsdim Girano is tirch bearer of Nasarpur as legend for the posterity (اميد علي شاهه)

گڻائتو انسان آھي سائين خادم. ھر ڪنھن کي ڪم اچڻ وارو. دوستن ۾ مشھور آھي تہ سائين خادم کي ڪم چئي بي اونا ٿي سمھي رھو، اوھان جي ڪم جي اون اوھان کان وڌيڪ سائين خادم کي ھوندي. ڪتابن سان لنؤن لڳل اٿس. ھر وقت مطالعي ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو. انتھائي ڀلو استاد آھي. وقت جي پابندي سان درس و تدريس جا فرض سرانجام ڏيندو آھي. غريبن جي ٻارن کي پنھنجو اولاد سمجھي پڙھائيندو آھي انھن جو خيال رکندو آھي. سائين جھڙن ماڻھن جو قدر ڪرڻ گھرجي! (ماجد دائودپوٽو)

خادم... خادم آهي. پرائمري اسڪول کان وٺي ساڻس گڏ رھيو آهيان. واقعي خادم... خادم آهي. مون ھميش کيس غريب ۽ مسڪين ماروعڙن جي خدمت ڪندي ڏٺو آهي. خادم تنهنجي عظمت کي سلام (اشرف سمون)

سائين خادم تمام محنتي، ديانتدار ۽ ھڪ فرض شناس استاد رھيو آھي. ھيٺئين طبقي سان تعلق ھجڻ سبب ان جي بنيادي مسئلن جي چڱي پروڙ اٿس. سندس لکڻين ۾ ان جو عڪس نظر اچي ٿو. جاکوڙي انسان آھي. پنھنجي وس آهر سماجي سرگرمين ۾ بہ حصو وٺندي نظر اچي ٿو. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ ڪامل صحت عطا ڪري آمين. (عبالهادي دائودپوٽو). ان تي اميد علي شاهه لکيو ”well said

هڪ نيڪ نيت سادو سودو انسان. سادگي ۾ دوکا کائي وري به نڀائيندو رهندو آھي. (ريحان ابڙو)

بيشڪ سائين خادم جون پوسٽون اڪثر ڪري آئون غور سان پڙهندو آھيان سائين جون پوسٽون تمام بهترين هونديو آھن سائين خادم هڪ بهترين انسان آھي تمام سٺو ڄاڻو آهي. (نجيب الله گهراڻو)

سائين بيحد پيارو ملنسار ماڻهو آھي. مولا پاڪ کيس سلامت رکي ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي چاھت ۽ خدمت جي جذبي کي سگهارو ڪري (خيال کتري)

خادم سان ياري باشي مائٽي مٽي ۽ ھجتون پنهنجي جڳهه تي، پر سائين خادم هڪ ڀلوڙ ماڻھو، درد دل، همدرد، احساس مند، بهترين استاد، هڏ ڏوکي سماجي ورڪر، بهترين ادب نويس ۽ سريلو ساٿي (ڍول گهراڻو)

سائين ڏاڍو پيارو انسان آهي. (ارشاد ڪٽپر)

سائين ھڪ پيارو ماڻھون ملنسار درد محسوس ڪندڙ ھڪ سادڙو عظيم انسان ھڪ محنتي استاد آھي ھميشه مسڪرائيندڙ چھري سان نظر ايندڙ بھترين شخصيت آھي رب ڪريم صحت ڏيس خوش رکيس (غلام عباس شاهه بخاري)

 

(روزاني ”آجيان“ شڪارپور، اڱارو ۲۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا