منھنجي ڪٿا جا ورق
ڊاڪٽر بشير احمد
شاد
شڪارپور ــ مائٽن
سان اختلاف ۽ وڏڙن جا ڏکن وارا ڏينهن
اڄ جڏهن آئون عمر
جو اٺون ڏهاڪو پورو ڪري رهيو آهيان، تڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ڏسان
ٿو ته ڪيئي محرومين جا پاڇا ۽ حاصلاتن جي چاندني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. منهنجي زندگيءَ جا
انيڪ لمحا، ڏينهن، مهينا ۽ سال ڪنهن خواب جيان گذري ويا آهن، پر کليل اکين جا خواب
ڪڏهن وسرندا ناهن، مان به پنهنجي ماضي ۽ پنهنجن خوابن جي ڳڙکين ۾ جھاتي پايان ٿو
ته مون کي منهنجو اباڻو شهر شڪارپور اکين اڳيان ڦري وڃي ٿو. شڪارپور جيڪو مون کي اڄ
به پهرين پيار جيان پيارو آهي.
ماضيءَ جا ورق ورائڻ
سان خبر پوي ٿي ته شڪارپور شهر جو شمار سنڌ جي خوبصورت شهرن ۾ ٿيندو هو. تعليم، وڻج
واپار، پوشاڪ، خوراڪ توڙي خوشحاليءَ سبب هن شهر جو نالو هنڌين ماڳين مشهور هو. شڪارپور
جي هندو سيٺين جو واپار ڏورانهن ڏيهن سان هلندو هو. هن مردمخيز شهر زندگيءَ جي هر
فيلڊ ۾ ناميارا انسان پيدا ڪيا، جن مان ڪي ته بين الاقوامي شهرت ماڻي چڪا آهن.
منهنجي جنم ڀومي به اهو سهڻو شهر شڪارپور ئي آهي.
شڪارپور رنگ رنگ جي
ماڻهن ۽ ديس ديس جي انسانن کي پنهنجي جهولي ۾ جاءِ ڏني آهي، پر جن به شڪارپور جو مٺو
پاڻي پيتو، سي اتان جا ٿي ويا، وري ڪنڌ ورائي پوئتي نه ڏٺو. شڪارپور جي مٽيءَ ۾
اها طاقت ۽ ڪشش آهي، جو اها هڪ دفعو ڪنهن جي ساهن ۾ سمائجي وڃي ته اهو ماڻهو ان مٽيءَ
کان جدا نه ٿي سگھندو. ائين به ناهي ته شڪارپور جا ماڻهو ڪو سڄي عمر شڪارپور ۾ ئي
رهيا هجن، انهن مان ڪيترائي پنهنجي روزي روزگار يا ڪن ٻين سببن جي ڪري مجبوراً شڪارپور
کي ڇڏي به ويا پر ائين نه هوندو ته شڪارپور سندن من جي مسڪن تان ميسارجي وئي هجي. ڪڏهن
ڪو اها ڳالهه شڪارپور جي انهن ديوانن کان پڇي جيڪي ورهاڱي جي وڍ سبب پنهنجي وطن
کان ڌڪي ڌار ڪيا ويا هئا.
شڪارپور ۾ رهندڙ
قومن، قبيلن ۽ ذاتين ۾، پٺاڻ، مهر، سومرا، شيخ، کجاوا، دائودپوٽا، ميمڻ، قاضي،
سرهيا، سنجراڻي، ڀٽا، صديقي وغيره اچي وڃن ٿا. جن جي نالن سان سندن پاڙا اڃا تائين
قائم آهن. جيئن پٺاڻن جا پاڙا ڪڙي عطا محمد خان ۽ ڪِڙي نواب خان. سومرن جا نبي
شاهه محلو ۽ پنج پير. ميمڻ محلو، قاضي محلو، سنجراڻي محلو، مهرن جو پاڙو (پرينءَ ڀَرِ)،
شيخن جو پاڙو، اعواڻن جو پاڙو، کجاون جو پاڙو مشهور آهن.
منهنجو خانداني
پس منظر
منهنجو پڙڏاڏو آغا
نصير محمد خان ۽ ڏاڏو آغا جان محمد خان (آغا جان) انگريز سرڪار واري دور ۾ گھوڙي
سوار طور ملازم هئا. اسان جي وڏن جِي شروعات ۾ رهائش ڪِڙي عطا محمد خان ۾ هئي جتي ڏاڏا
سائين کي پهريان نياڻي جو اولاد ٿيو، جنهن جو نالو امراهه خاتون رکيائين، جنهن بعد
منهنجو والد آغا در محمد خان ۱۹۲۰ع ۾ تولد ٿيو.
اسان جا وڏا هڪ وڏي
حويليءَ ۾ رهندا هئا. حويليءَ اندر جدا جدا مائٽن جا گھر هئا، جن ۾ والد صاحب جا
ماروٽ، پڦاٽ ۽ ٻيا مائٽ رهندا هئا. چوندا آهن ته وقت تي ٻه ٺِڪر به پاڻ ۾ ٺهڪندا
آهن، سو هڪ وقت اهڙو آيو جو مائٽن ۾ ملڪيت تي تنازعا وڌيا ۽ ميٺ محبت وارو ماحول
اختلافن جي ورِ چڙهي ويو. اها حقيقت آهي ته زن، زر ۽ زمين جي تڪرارن ۾ هميشه جاني
جدا ٿيندا آهن. ويڇا ۽ وِريون وَڌي ويون آخر معاملي ملڪيت جي وڪري تي اچي دَنگُ ڪيو،
هر ڪنهن پنهنجي جاءِ وڪڻي وڃي شهر جي الڳ الڳ ڪُنڊ وَسائي. اسان جي ڏاڏي آغا جان
محمد به شهر جي پَرينءَ ڀَرِ، مهرن جي پاڙي ۾ وڃي رهيو. بابا جا ماروٽَ سو اچي ڏاڏاي
سان گڏ رهيا، اهڙيءَ طرح جاءِ ۾ انهن جو به برابر جو حصو رهيو. ان وقت جاين جي
قيمت فقط سَوَن هزارن ۾ هوندي هُئي، خير جو وقت گذرڻ لڳو، هاڻي اسان جي مهرن سان ڀاڄي
برادري وڌي وئي. مائٽن سان اختلاف قائم رهيا ۽ هڪ ٻئي جي مرڻي پرڻي کان به پرتي ٿي
وياسين. پراڻي دور ۾ پوليس عملدار کي سرڪار طرفان سواري توڙي ڪم ڪار لاءِ گھوڙا ڏنا
ويندا هئا، سو ڏاڏا سائين جڏهن ڊيوٽيءَ کان واپسيءَ تي گھوڙي تي گھر ايندو هو ته
پاڙي اوڙي وارا سندس حشمت ڏسي خوش ٿيندا هئا. هو پاڙيسرن جي معاملن ۽ مسئلن ۾ به
رهنمائي ڪندو هو. ٽن سالن بعد ڏاڏا سائين جوانيءَ ۾ ئي انتقال ڪري ويو. ائين بابو ٻال
پڻي ۾ يتيم ٿي ويو. ان وقت بابا جي عمر فقط ڇهه سال هئي. ڏاڏا جي وفات تي گھر وارن
سان گڏ سڄو پاڙو سوڳوار هو. ماڻهن جي زبان تي سندس شرافت ۽ حشمت جو هوڪو هو. ان
وقت اسان جي ڏاڏي بختاور جي عمر ڪل ٽيهه سال مَسَ هُئي. هوءَ لالي پٺاڻي هُئي،
تنهن ڪري پنهنجي رنگ روپ ۽ جوانيءَ سبب تن ڏينهن ۾ بيحد حسين هُئي. جواني ۾ جبل جيڏي
حياتي اڪيلي سِر گھارڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي، سو کيس پنهنجن پراون توڙي اوڙي پاڙي
وارن ٻئي لکيي جي صلاح ڏني، ائين ڏاڏيءَ جو ٻيو لکيو وري سومرا خاندان جي هڪ شريف
النفس انسان علي بخش سومري سان ٿيو، جيڪو پڻ پنهنجي خاندان ۾ ڀلي ساکَ رکڻ وارو پڙهيل
ڳڙهيل ماڻهو هو. ڏاڏيءَ جي ٻئي لکئي ڪرڻ تي هڪ سال بعد بابي جا ماروٽَ ان ڪري
ناراض ٿي پيا جو شادي غير پٺاڻن ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت تائين اسان جي خاندان ۾ اها
روايتن هئي ته رشتا پنهنجي ئي ذات ۾ ٿيندا هئا ۽ ڪنهن ٻي ذات ۾ ڪڏهن ڪو رشتو نه ٿيو
هئو. آخر اختلافَ اهو رنگ لاتو جو چيائون ته ”يا توهان جاءِ مان اُٿو ۽ اسان کان
حصي جا پئسا وٺو يا وري اسان کي پئسا ڏيو ته اسان ٻئي پاسي وڃي رهون. هاڻي پنهنجو
گذارو ناممڪن آهي.“ آخر ڏاڏي علي بخش پنهنجو حصو وڪڻي ٻارَ وٺي اچي محلي نبي شاهه
۾ رهيو، جتي اڪثريت سومرن جي ئي هُئي. اُتي اول پنهنجي عزيزن سان اچي گڏُ ٿيو ۽ ڪجهه
وقت بعد انهيءَ پاڙي ۾ ٻي جاءِ وٺي رهيو. ڏاڏو علي بخش سومرو هيو ته پڙهيل ڳڙهيل
پر ڌنڌي جي لحاظ کان اجرڪ تي ڇينڀي جو ڪم ڪندو هو. هن کي ڏاڏي مان ڪوبه اولاد نه ٿيو.
بابا تي ننڍي عمر
۾ بارَ
مهرن جي پاڙي ۾ رهڻ
دوران ڏاڏي علي بخش بابا کي پنهنجن سڳن پُٽن وارو پيار ڏنو. هن بابا کي اول شاهه
جي پڌر ۾ قائم ڪيل ملان مڪتب ۾ داخل ڪرايو، جتي هو فقط ٽن درجن تائين مس پڙهي
سگھيو، ان جو سبب به ڏاڏاي طرفان کيس مليل گھڻو لاڏ پيار ئي هو. هڪ ڏينهن بابا مڪتب
کان روئندو گھر آيو ۽ ڏاڏي علي بخش کي دانهن ڏنائين ته ”خليفي مون کي ڏاڏو ماريو
آهي.“ ڏاڏا انهيءَ وقت اُٿيو ۽ وڃي خليفي کي سَت سُريون ٻڌايون. چيائين ”خليفا تو
منهنجي پياري ۽ معصوم ٻچڙي کي ايڏو ماريو آ، وڏو ڪو ظالم آن..... بس اڄ کان پوءِ
تو وٽ ناهي پڙهائڻو.“ ائين مڪتب مان بابي جو نالو ڪڍرائي آيو ۽ وري کيس ڪنهن اسڪول
۾ داخل نه ڪرايو. اهو ڏاڏي سائين جو جذباتي فيصلو هئو پر ان فيصلي پٺيان ٻچڙي جو
پيار به شامل هو، جنهن تي هو ڪَکُ سهڻ لاءِ به تيار نه هو. بهرحال ان دور جا ٽي
درجا به گھٽ ڪو نه هئا..... بابا جا اکر ايڏا سهڻا هوندا ها، جيئن موتيءَ جا داڻا.
ڏسڻ وارا تعريف ڪندا هئا.
پراڻي زماني ۾ ننڍيءَ
عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو رواج عام هو. ماڻهن جو خيال هوندو هو ته ائين ٻارن کي بُري
صحبت کان بچائي سگھجي ٿو، تنهن ڪري بابا سائين جي شادي به ٻارنهن سالن جي عمر ۾
قريشي خاندان جي خان محمد قريشيءَ جي نياڻي غلام فاطمه سان ڪرائي وئي. پنجن سالن
کان پوءِ ڏاڏو علي بخش، الله کي پيارو ٿي ويو. ان وقت بابا جي عمر سترنهن سال هئي.
ڏاڏاي بختارو جي ڏاڏاي سان ڏاڍي دل هُئي. ڏاڏِي اهو صدمو برداشت نه ڪري سگھي ۽ هڪ
هفتي جي اندر ان به راهه رباني ورتي.
ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي
انتقال کان پوءِ بابا بلڪل اڪيلو ٿي پيو هو. هاڻي سموري گھر جو بارُ مٿس پئجي ويو.
ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. اول مزدور ۽ پوءِ ڪاريگر يعني معمار بڻجي
ويو. ان دوران بابا ڊکاڻڪو هنر به سکيو، پوءِ هڪ محنت ڪش انسان وانگيان کيس جيڪو
به ڪم ملندو هو ته ڪندو هو. ڪڏهن جاين جي اڏاوت جو ڪم ته ڪڏهن جاين جي منڊ وارو ڪم
به خاص طور ڪندو هو، جيڪو ان وقت جو خاص هنر هيو، جنهن وسيلي جاين جِي ڪاٺ جي
مخصوص فريم تي اڏاوت ڪئي ويندي هئي. گڏ و گڏ فرنيچر ۽ درين ۽ دروازن جو ڪم به ڪيو.
مطلب ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ بقول لطيف سرڪار ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وَسَ ڪيا“
وانگر اورچائيءَ سان روزگار سان چهٽيل رهندو هو، تنهن هوندي به گذر سفر ’آڻين ۽ چاڙهين،
ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ مصداق ڏکيو ٿيندو هو. مڇي ماني لائق خاندان جي هن فرد تي اهي ڏکيا
ڏينهن هئا. اسان جي امڙ هٿ ونڊائڻ لاءِ گھر ۾ ٻيا ننڍا وڏا ڪم ڪندي هئي، ان دور ۾
سُڪو ميوو (Dry Fruit)
جامَ هوندو هو. هندو واپاري کَلن وارين بادامين جا ٻورا غريبن جي گھرن ڏانهن کَلون
ڀڃي بادام الڳ ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا ۽ پوءِ تورَ پِيرين معاوضو ڏيندا هئا. امڙ
بادامين جون کَلون ڪُٽي اڌو اڌ ڪري ڌار ڪندي هُئي ۽ ائين ان مان ڪجهه پئسا ملي
ويندا هئا. ٻيو گَھگَھن ۽ ٽوپين ۾ شيشن جي جڙاوت لاءِ دڪاندار چوڪور شيشن جا ننڍا ٽُڪرا
مخصوص ماپ جا گولائيءَ ۾ ڪٽرائڻ لاءِ گھرن ۾ موڪليندا هئا، ان سان گڏ ان ڪم لاءِ هڪ
خاص قسم جي قينچي هوندي هُئي، جنهن وسيلي اهي گول ٽڪرا ڪٽرائي تور جي حساب سان
انهن جي محنت ڏني ويندي هئي. اهو ڪم به اسان جي گھر ۾ امڙ ۽ پُڦي امراهه خاتون گڏجي
ڪنديون هيون.
والدين جو پيار،
تعليم ۽ منهنجا استادَ
بابا کي ويهن سالن
جي عمر ۾ ۱۹۴۰ع ڌاري پهريون پُٽ عبدالسميع ڄائو، جيڪو ڪجهه ئي مهينن ۾ وفات ڪري ويو. ٻن
سالن بعد مان پهرين اپريل ۱۹۴۲ع تي جنم ورتو. مون کان پوءِ بابا کي ٻه نياڻيون صفيه
بيگم ۽ نرگس بيگم تولد ٿيون. ڇوته شروع ۾ مان پيءُ ۽ ماءُ جو اڪيلو پُٽ هيس، تنهن ڪري
منهنجي مٿان ٻئي اول گھول پيا ٿيندا هئا. شل نه ڪو زوڪام بخار ٿئي، سندن آرام حرام
ٿي ويندو هو. بابا ڏينهن جو ڌنڌي سان هوندو هو ته امڙ اڇي برقي ۾ آڱر کان وٺي حڪيم
پيسو مل ڏي دوا جي لاءِ وٺي ويندي هئي. گرميءَ سرديءَ جو وڏو خيال رکندي هئي. ان
دور ۾ ڊاڪٽر گھٽ ۽ حڪيمَ وڌيڪ هوندا هئا، حڪيمَ گھڻو ڪري هندو هوندا هئا. هاٿيدر
جي اندران گھٽيءَ ۾ هڪ مسلمان حڪيم هوندو هو، جنهن جو نالو خليفو فضل الله هو. ان
وٽ به ڪافي رَش لڳي پئي هوندي هئي. مان ٻاهر گھٽيءَ ۾ دوستن سان راند روند ڪندو
هوس ته سِجَ لٿي کان پوءِ بابا گھران اچي مون کي سڏي ويندو هو. چوندو هو ”پُٽَ هاڻي
سجُ لهي ويو آهي، ان ڪري گھر هلو.“ رات جو مان امڙ سان سمهندو هوس، جيستائين ننڊ
اچي ته بادشاهن، راڻين، پرين ۽ مختلف جانورن جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي ته ڏاڍو مزو
ايندو هو. غريبي گذر جي باوجود اڪثر ڪري ننڍو گوشت کائيندا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن
۾ ڇهين آني سير ملندو هو. ٿورن ڀاتين سبب مڇي/ پَلي جا واٽا وٺندا هئاسين. هڪڙي واٽي
۾ اَٺَ ڏَهه ٻيرا هوندا هئا. ادي صفيه، امڙ کي مون کان ڇهه سال پوءِ پيدا ٿي.
هينئر مان هاٿيدر ۽ لکي در تان سودا سلف وٺڻ جهڙو ٿي ويو هوس، تنهن ڪري هاڻي، نياڻيءَ
جي پالنا پروش ڏانهن امڙ بابي جو ڌيان ورهائجي ويو هو. تنهن جي باوجود گھر ۾ تيار ٿيندڙ
مانيءَ ۾ منهنجو خاص خيال رکيو ويندو هو. عيد برات تي نوان ڪپڙا سبجي ملندا هئا.
ان دور ۾ بابا سائين جي ڏهاڙي ٻه روپيه هوندي هئي. شام جو چانور، گِههُ، اٽو ۽ مرچ
مصالحا روزانو وٺندا هئاسين، آنو گهه، اڌ ڪلو چانور ۽ اَٽو ڪُل ڏيڍ روپئي ۾ ملي
ويندو هو، جيڪو ٻن ويلن جو سامان ليکبو هو. شام جو پڪوڙا ۽ چاپون چانورن سان ڏاڍو
مزو ڏيندا هئا.
راند روند دوران جڏهن پاڙي جو ڪو ڇوڪرو وڙهندو
هو ته مان روئي اچي امڙ کي دانهن ڏيندو هوس. ”امان مون کي فلاڻي ڇوڪري ماريو آهي.“
امان انهيءَ وقت برقو پائي پاڙي جي ان ڇوڪري جي گھر مون کي وٺي هلندي هئي ۽ ڇوڪري
جي مائٽن سان سخت شڪايت ڪندي هئي ۽ مون کي چوندي هئي ته ”پُٽَ آئينده ان ڪِني ڇوڪري
سان نه کيڏندو ڪر.“ ائين ڪڏهن ٻين ڇوڪرن جو مائرون به امان وٽ منهنجي شڪايت کڻي
اينديون هيون. پوءِ وري امان مون کي ڇينڀ ڏيندي هئي. بهرحال ڇوڪرن سان اهو جهڙو جھٽو
پيو هلندو هو، وري ٻئي ڏينهن تي هڪ ٻئي سان ٺهي ويندا هئاسين. چوندا آهن ٻارُ ۽ ڪُتو
برابر آهي، اتي ئي وڙهن ۽ اُتي ئي ٺهي وڃن.
ابتدائي تعليم
تربيت ۽ ٻال پڻي جون ڪجهه دلچسپ يادون
اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو،
آخر مان به اچي پنجن سالن جي عمر کي پهتس. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته بابا مون
کي هاٿيدر پرائمري اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا لاءِ وٺي ويو هو. اهو ننڍي کنڊ جي
ورهاڱي وارو سال ۱۹۴۷ع هو. پاڪستان وجود ۾ آيو ته وڏا شغل ٿيا. مون کي ياد آهي ته پاڪستان ٺهڻ
جي خوشيءَ ۾ هڪ وڏو جلوس نڪتو هو، جنهن موقعي تي اسان اسڪولي ٻارن کي ننڍيون ننڍيون
جھنڊيون هٿن ۾ ڏئي، پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻڻ لاءِ چيو ويو هو. ٻئي پاسي
هزارين اداس انسان هئا، جن کي پنهنجي وطن ڇڏڻ جو غم هو. مان اڃا ننڍو هوس تنهن ڪري
مان انهن جي ان وڍ جو درد ته محسوس نه پئي ڪيو پر ايترو ضرور هو ته ڏسندي ئي ڏسندي
ڌرتي ڌڻين جا گھر خالي ٿيندا پئي ويا. ڪي راتو واهه سرحد پار هليا ويا ته ڪن کي مٽيءَ
جي ڇڪ نه پئي ڇڏيو.
مان جڏهن اڃا ٻار
هيس ته ان وقت ۾ ٻه ڳالهيون محسوس پئي ڪيم. هڪ پاسي هندو مسلم ۾ محبت ۽ ڀائيچارو
زورن تي هو، ميٺ محبت وارو ماحول هو، هندو مسلمانن جي وڏن ڏينهن يعني عيدن وغيره
تي سندن خوشين ۾ گڏ هوندا هئا ته مسلمان وري هندن جي خوشين وارن تهوارن هولي، ڏياري
وغيره تي سندن ئي رنگن ۾ رنگجي ويندا هئا، ٻئي پاسي ٻنهي ۾ ڪي فاصلا به محسوس ڪيم.
جيئن جڏهن مان پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اسڪول ۾ مسلمانن ۽ هندو شاگردن لاءِ
جدا جدا مَٽڪا رکيل ڏٺم، هر مٽڪي جي مٿان گَڏون ۽ گلاس رکيل هوندا هئا ۽ هر ڪو
پنهنجن پنهنجن مَٽَن مان پاڻي پيئندو هو.
مسلمانن سان گڏ
هندو استاد به جام هئا. پهرين چئن درجن تائين ڪورس ۾ نصابي ڪتاب، سليٽ، انگي حساب
۽ کهڙا هوندا هئا، جڏهن ته پهرين درجي ۾ پَٽي، مَسُ، ڪلڪ ۽ سليٽ ڪم ايندا هئا. اول
ڪچو پهريون پوءِ پَڪو پهريون پڙهايو ويندو هو. اڄ وانگر ٻارن جي پٺاڙن تي اُٺَ ڪتابن
جا ڪو نه هوندا هئا. مارَ ٻارَ جي سنوار واري اصول تي عمل ٿيندو هو. استاد ڪَچَن ٻارن
کي واهه جو ڪُٽڪو ڏيندا هُئا. سبق ياد نه ڪرڻ يا گھران پَٽي / سليٽ نه لکي اچڻ تي ٻارَ
کي ڪڏهن هيٺ سُمهاري ٻن ڇوڪرن کان ڄنگھون مٿي کڻائي پيرن توڙي چُترن تي لڪڻ جو زيپٽ
پيو پوندو هو. ڪي استاد ته جنڊي تي لٿل رول جو استعمال به ڪندا هئا. ان وقت ائين
معلوم ٿيندو هو ڄڻ استاد جو ڪو شاگرد جي وڏن ڏي پَلئه رهيل هجي. شاگردُ مار کان
پوءِ گھمڻ جهڙو ئي نه رهندو هو. مائٽ به مارَ کي سنوار سمجھندا هئا. ڪجهه ٻارَ جيڪي
مائٽن جا لاڏلا هوندا هئا، انهن جي دانهن ورنائي ويندي هُئي، ڇوته انهن جا مائٽ هيڊ
ماسٽر کي دانهن ڏيندا هئا. جتي اهڙا مارو استاد هوندا هئا اُتي ڪي سٻاجها ۽ ٻارن
سان بيحد پيار ڪندڙ استاد پڻ هئا، جيڪي ٻارن جي نفسيات جا ڄاڻو هوندا هئا ۽ ٻارڙن
کي جسماني تشدد جو نشانو بڻائڻ بدران کين ريهي ريبي پڙهائيءَ ڏانهن راغب ڪندا هئا.
ٽيوشن وغيره جو ڪو تصور ئي ڪو نه هو. اسڪول جي استادن کي وڏي ڄاڻَ هوندي هئي، ڇالاءِ
ته پرائمري اسڪول ۾ استاد گھڻو تڻو سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيل چونڊيا
ويندا هئا. انهيءَ امتحان پاس ڪرڻ بعد استادَ، سپاهيءَ ۽ تپيدار جون نوڪريون
آسانيءَ سان ملي وينديون هيون. اسڪول ۾ منهنجا ڪلاسي جن سان منهنجي دوستي ٿي انهن
۾ عبدالعزيز سومرو، صفي الله، حزب الله، ڪنيو لعل، ايسر داس، نظر محمد دايو، غلام
حسين ڪاغذي ۽ ٻيا شامل هئا. هاٿيدر پرائمري اسڪول ۾ اسان جي استادن ۾ ڪرم حسين
شاهه، محمد عثمان سومرو، عبدالرزاق چغدو، حبيب الله منگي، رسول بخش پٺاڻ ۽ عبدالرزاق
ميمڻ هوندا هئا. جڏهن ته هندو استادن ۾ سائين ڪنيا لعل ۽ سائين ايسرداس شامل هئا.
جڏهن ته ناميارو تعليمدان ۽ ليکڪ حبيب الله ڀٽو اسڪول جو هيڊماسٽر هو.
چار درجا پاس ڪرڻ
بعد سرندي وارا انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندا هئا، باقي مون پارا غريبَ نوڪري
جو آسري ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ وڏي سنڌي اسڪول ۾ داخلا وٺندا هئا.
فائينل جي تياري به مخصوص اسڪولن ۾ ڪرائي ويندي هئي. مون به ۱۹۵۱ع ۾ قاضي محلا واري اسڪول ۾ داخلا ورتي.
منهنجن ڪجھه دوستن انگريزي پڙهڻ لاءِ هاءِ اسڪول جو رُخُ ڪيو. بابا سائين مون کي
انگريزي پڙهائڻ جي سگهه نه ساري. چَيائين ”بابا غريبَ آهيون انگريزيءَ جا ڪتابَ ۽
فيون ڀري نه سگھنداسين. فائينل پاس ڪر ته تپيداري وٺئون.“ شايد بابا سائين کي ڪنهن
سرنديءَ واري اهڙو آسرو ڏنو هو. نوڪريءَ لاءِ اهو امتحان ڄڻ ته شارٽ ڪَٽ هو.
انگريزي پڙهڻ واري منهنجي حسرت اڌوري رهي. ڪڏهن اسڪول کان گُسائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
نمبر ۱ جي ڪنهن ڪلاس جي در تي ٻاهران بيهي حسرت سان ڏسندو هيس ته منهنجا دوست ڪيئن
ٿا انگريزي پڙهن.
قاضي محلا اسڪول ۾
پورا ٽي سال پڙهڻو هو، اسڪول ۾ پڙهائيءَ جو معيار بهترين هو. خاص طور فائينل جا ڪلاس
پڙهائڻ وارا استاد ڏاڏا قابل هئا. ڪلاسن ۾ پڙهائيءَ جي چٽا ڀيٽي ٿيندي هئي. هر ڪو
استاد چاهيندو هو ته منهنجي ڪلاس جا شاگرد هوشيار هجن ۽ وڌ کان وڌ پاس ٿين. منجھند
جو اسڪول ٽائيم ختم ٿيڻ بعد، فائينل جي ڪلاس جي ٻارن کي ٻن ڪلاڪن لاءِ ماني ۽ نماز
لاءِ موڪل ملندي هئي، ان کان پوءِ وري ٻن ڪلاڪن تائين امتحان جي تياري ڪرائيندا
هئا. هر ڪو فائينل جو شاگرد گھران ماني کائي موٽي ايندو هو. قضي محلي اسڪول جو
استاد پير بخش مون کان هن وقت تائين نه وسريو آهي، جنهن اسان کي ڀرپور تياري ڪرائي
هئي، سندس شخصيت به عجيب هُئي. مٿي تي تُرڪي ٽوپي ۽ هٿ ۾ ڇٽي سندس شخصيت جون خاص
نشانيون هونديون هيو. مُڇَ کي وڪڙ به واهه جو ڏيندو هو. شام واري ڪلاس ۾ استادَ
مفت ۾ پڙهائيندا هئا.
فائينل امتحان جي ڪورس
جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سنڌي، انگي حسابَ، تاريخ، جاگرافي، علم بدن، اسلاميات، ڏيهي
حسابَ جهڙا سبجيڪٽ هوندا هئا. انگي حساب ۾ ٽه رقمي کان ست رقمي تائين حسابَ
سيکاريندا هئا. هڪ هڪ حساب چئن چئن صفحن تي به ويندو هو. تاريخ ۾ هندوستان جي مڪمل
تاريخ، وڪرماجيت، آسوڪا جو دور، چندر گپت موريا گھراڻي کان وٺي سوري گھراڻي، غلام
گھراڻي، غزنوي گھراڻي ۽ مغل گھراڻي تائين سمورن مسلمان حڪمرانن جي تاريخ پڻ پڙهائي
ويندي هئي. جاگرافيءَ ۾ ڌرتي، موسمون، چنڊَ جون ڪلائون، ڍڍنڍون، ڍورا، آبشار، سمنڊ،
جبل ۽ صحرائون مطلب ته جاگرافيءَ جي حوالي سان وڏي ڄاڻ ڏنل هوندي هئي. علم بدن ۾
جسم جو سمورو تنتي سرشتو، دل، دماغ، رتُ جو دورو، بيمارين ۽ انهن جي اهڃاڻن ۽ علاج
تائين معلومات حاصل ٿيندي هئي. ڏيهي حساب (ڪامرس) ۾ بئنڪنگ جو نظام، هنڊي، ڊيبٽ ڪريڊٽ
بابت سکيا شامل هئي. سنڌي نصاب ۾ نهايت سبق آموز نثر توڙي نظم هوندو هوندو. ان کان
علاوه سنڌي گرامر ۾ گرامر جي اٺن حرفن کان ويندي پريوگن تائين بنيادي اصولن جي ڄاڻ
ملندي هُئي. مذهبي معلومات ۾ مسلمان ٻارن کي سمورن بنيادي عقيدن جي خبر پئجي ويندي
هئي، جڏهن ته غير مسلم ٻارن کي اخلاقيات جو سبجيڪٽ پڙهايو ويندو هو. مان پنهنجي ڪلاس
جي سٺن ڇوڪرن ۾ شمار ٿيندو هيس. ۱۹۵۴ع ۾ مون فائينل جو امتحان مٿين نمبرن سان پاس ڪيو، پر
افسوس جو بابا سائين جي حسرت پوري ٿي ڪانه سگھي ۽ مون کي ڪا به نوڪري نه ملي. بابا
کي آسرو ڏيڻ وارا ئي مقامن ۽ مساڻن ۾ وڃي آرامي ٿيا.
اسان شڪارپور ۾
پوريون نوَ جايون مٽايون
هڪ دلچسپ ڳالهه ڪندو
هلان ته شڪارپور ۾ رهائش واري دور ۾ اسان جي حالت خانه بدوشن کان گھٽ ڪانه رهي. وڏڙن
جي ڪکن ڇڏڻ يعني ڪِڙي عطا محمد مان لڏڻ بعد پَرينءَ ڀَرِ مهرن جي پاڙي کان پوءِ
وري ويڳي ڏاڏي جي مائٽن عبد الغفار سومري سان نبي شاهه پاڙي ۾ سندس ڪُشادي گھر جي
مٿين منزل تي رهياسين. اتان وري ساڳي پاڙي ۾ هڪ ٻي ڪرائي جي جاءِ ۾، جنهن بعد وري
اُتي ئي پنهنجي پياري دوست عبدالعزيز سومري جي ننڍڙي جاءِ ۾ ٻه روپيه مسواڙ تي ڪافي
عرصي تائين رهياسين، جتي منهنجي بچپن جو ڳچ وقت گذريو. انهيءَ جاءِ ۾ رهڻ دوران هڪ
ڪئريڪٽر سان مُنهن ڏيڻو پوندو هو، جيڪو پاڻ کي جاءِ جو اصل مالڪ سڏرائيندو هو ۽ هر
مهيني جي پهرين تاريخ اچي بيهندو هو ۽ چوندو هو ته ”جاءِ منهنجي آهي، ان ڪري ان جو
ڪرايو مون کي ڏيو.“ هن جو دماغي توازن ٺيڪ نه هوندو هو سو مسواڙ نه ڏيڻ جي صورت ۾
دروازي تي سروٽن جو وسڪارو لائي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ”جاءِ جي مسواڙ ڏيڻي
پوندوءَ.“ پاڙي جا ٻارَ کيس رَمو چريو ڪري چيڙائيندا هئا ۽ هو کين پٿر هڻندو هو ۽
گاريون ڪڍندو هو. اتان وري ٽنڊي جي هڪ واڻڪي جاءِ ۾ ڊاٻو ڪيو، جتان شيخن جي پاڙي ۾
هڪ جاءِ شڪارپور جي موجوده ايم پي اي امتياز شيخ جي والد عبدالرحمان شيخ وڪيل جي ڪوشش
سان رهڻ لاءِ ملي، جنهن ۾ ڳچُ عرصو رهياسين. اتان اُٿي وري پَرين ڀَر اول شاهه جي
پڌر لڳ لُلَن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺاسين، جتي اسان جي گھر کان هڪ گھٽي اڳتي اسماعيلين
جو عبادت گاهه هوندو هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن اسماعيلين جو روحاني رهنما پرنس ڪريم آغا
خان کين دعا ڏيڻ لاءِ ايندو هو . اسماعيلين جون پنهنجي مذهبي پيشوا سان بي پناهه
عقيدت ۽ محبت جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين. هڪ ڀيري خبر پئي ته سر آغا خان انهيءَ
عبادت گھر ۾ سڀاڻي اچڻو آهي. هونءَ ته عبات گھر ۾ هر ڪنهن کي اندر اچڻ جي اجازت ڪو
نه هوندي آهي پر اسان ننڍا ٻارَ هئاسين، تنهن ڪري پاسو وٺي وڃي بيٺاسين. مردن جون
قطارون الڳ ۽ عورتن جون جدا لڳي ويون. آغا خان جيئن ئي پهتو ته سندس احترام ۾ سڀني
جا ڪنڌ جھڪي ويا. اسان اهو منظر به اکين سان ڏٺو ته عورتن سندس آجيان ۾ هن جي واٽن
۾ وارَ وڇائيا ۽ هو انهن مٿان گذري وڃي تخت تي ويٺو. پوءِ اسان کي دڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو
ويو.
للن جي پڌر واري
جاءِ ٻن منزلن تي مشتمل هئي. اسان اونهاري ۾ گرميءَ سبب گھر جي صفا مٿاهين منزل
يعني ٽِپڻ تي وڃي سمهندا هئاسين. اسان جي گھرَ جي سامهون ڏکڻ ۾ هڪ وڏي خوبصورت ۽
پَڪي جاءِ ٺهيل هوندي هئي، جيڪا اصل ته هندن جي هوندي هئي پر ورهاڱي بعد ان جي هيٺين
حصي ۾ نوان مالڪ مهاجر اچي ويٺا هئا. اسان کي ته انهن هندو ڀائرن تي سوچي ڏاڍو ڏک ٿيندو
هو، جيڪي پنهنجي عاليشان جاءِ ڊپَ ۾ ڇڏي هندوستان هليا ويا هئا. جاءِ جي مٿين منزل
خالي هوندي هئي، جنهن ڪري اُتي چٻرن (اُلُن) پنهنجو واسو ڪيو هو ۽ اڌ رات جو اُلو
پنهنجا ڀوائتا آواز ڪڍندا هئا. مان اڃا ننڍڙو هوس ان ڪري مون کي ته ڏاڍو ڊپُ ٿيندو
هو ۽ سڄي رات ننڊ آرام حرام ٿي ويندو هو. سڄي پاڙي وارا شڪايت ڪندا هئا، پر گھر
مالڪ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندا هئا. اسان جي جاين جي تبديلي وارو سلسلو جاري رهيو ۽
آخر ۾ وري گھمي ڦري ٽنڊي جي هڪ جاءِ نصيب ٿي، جتان ئي مان پنهنجو مستقبل تاريڪ
محسوس ڪندي اڪيلي سر لاڙڪاڻي هليو آيو هئس. اهڙيءَ طرح شڪارپور ۾ پوريون نوَ جايون
مَٽايون، جيڪا ڳالهه هڪ رڪارڊ جي حيثيت رکي ٿي.
اڻ ڪوٺيا مهمانَ
شڪارپور جي هڪ شام
جو ٻه اڻ ڪوٺيا مهمان اوچتو اسان وٽ اچي نڪتا، جن سان هڪ اسان جي گھر جو سونهون ساڻ
هو، انهن مهمانن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت هئي. انهن کي اسان تائين پهچائيندڙ مائٽ بابي
کي ٻڌايو ته ”هي چاچو محمد حسن آهي، اوهان جي ويڳي پيءُ علي بخش سومري جو سوٽُ ٿئي.
ننڍي عمر ۾ گھر کان توائي ٿي نڪتو هو ۽ سالن تائين گم هو. مائٽ مٽَ کيس مئل سهائي
ويٺا هئا. ڪالهه اوچتو هي زال سميت اچي اسان وٽ نڪتو ۽ اڄُ چيائين ته مون کي
منهنجي مائٽن ڏي ڇڏي اچو.“
ڏاڏي جي سوٽ جو
مُنهن مهانڊو ته اسان مان لڳي ئي ڪو نه پيو. قد هلڪو، هيٺ تي تنگ پاجامو، مٿان کڌر
جي بش ڪوٽ ٽائيپ قميص، جنهن ۾ چار کيسا هئا. مٿي تي انڊونيشيا جي ماڻهن واري خاص ٽوپي،
جنهن تي چنڊ تاري وارو بڪل لڳل هو. پيرن ۾ چپل، چمڙيءَ جو رنگ اڇو، اکيون سايون پر
شيرن وانگر. هن جي زال جو روپ به صفا انڊونيشيا جي عورتن جهڙو. ريشمي ڪپڙا پهريل
هئس، ڳچيءَ ۾ وڏن مڻڪن وارو سونو هار، جنهن جو مڻڪو اول اسان پورو سمجھيو هو پر
پوءِ خبر پئي ته اُهي مَڻڪا نهرا هئا. بنان مبالغي هر هڪ مڻڪو تولي کان به سوايو
هو. اها پاڻ سان گڏُ هڪ ٻلي کڻي آئي هئي، جيڪا صفا بوجري هئي. خير، بابا ڏاڏي جي
سوٽَ کي خوش آمد چيو ۽ کانئس حال احوال وٺڻ شروع ڪيا.
هن سنڌي ٻولي
مُنجھي مُنجهي پئي ڳالهائي. چيائين؛ ”ننڍي عمر ۾ گھر وارن کان ڪاوڙجي نڪتس. ضدي ٻارُ
هوس رلندو پنندو الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتس، مون وڏڙن کان اها چوڻي ٻُڌي هئي ته
”جو جاوي جاوا، سو ول ڪَڀو نه آوا، جو آوا ته ٻال ٻچي ڍاوا.“ پوءِ منهنجي ذهن ۾
اچي اها ڳالهه ويٺي ته ڪڏهن نه ڪڏهن جاوا ضرور ويندس. مختلف ملڪن ۾ ٿاٻا ڌڪا
کائيندو رهيس جن ۾ انڊيا، عربستان، ڪويت، ملائشيا شامل آهن. واپس ورڻ جو ارادو ترڪ
ڪري ڇڏيم، آخر جوانيءَ کي پهتس ۽ دل جي تمنا پوري ٿي. انڊونيشيا کان وڃي نڪتس،
جتان جاوا جي ٻيٽ تي اچي قيام ڪيم. مان اُتي درزڪو ڪم ڪندو هيس. اُتي شادي به ڪيم.
رُلڻ پنڻ سبب مون کي ڪافي ملڪن جون ٻوليون اچي ويون. هن وقت منهنجي عمر سٺ سال کن
آهي. جاوا ۾ رهي مان واقعي، مالا مال ٿي ويس. ڇا لاءِ ته اُتي هيرن، موتين ۽
جواهرن جو واپار جام آهي، پوءِ مون اُتي پنهنجو ڌنڌو مَٽائي اهڙو ئي ڌنڌو اختيار ڪيو.
آخر پنهنجو وطن پنهنجو آهي، مائٽَ ته مون کي ماري ويٺا هئا پر هن عمر ۾ مون کي دل
۾ خواهش پيدا ٿي ته جاوا مون کي ڍائي ڇڏيو، هاڻي مائٽن جو سُڌ سماءُ لهي اچان، سو
مائٽن کي خط لکيم ته مان جيئرو آهيان ۽ پاڪستان اچان پيو. پوءِ اهي مون کي ڪراچيءَ
مان وٺڻ آيا ۽ منهنجي آرن پارن تي مون کي سڃاتو. ڪالهه شڪارپور پهتاسين اڄ اوهان وٽ
آهيون. هاڻي جيڪي ڏينهن هتي آهيان ته اوهان وٽ ئي رهنداسين.“
ٻئي ڏينهن تي سامان
کڻي آيا، جنهن ۾ ٻه وڏيون ٽرينڪون هيون، ٽرينڪن جو سامان تحفي طور سڀني مائٽن کي
ورهائي ڏنائون. محمد حسن جي گھر واري سنڌي ٻولي ڪو نه پئي سمجھي. اشارن تي پئي ڪم
هليو. امان به مهمان عورت سان اشارن ۾ ڳالهائي مڙئي سندس روح پئي ريجھائيندي هئي.
هوءَ گھڻو وقت ٻليءَ کي پيار ڪندي گذاريندي هئي. هن جي جسم جو رنگ زردي مائل هو، ڄڻ
سندس جسم ۾ رتُ ئي ڪانه هجي. هن جون اکيون شيريون هيون. اُهي مهمان مهينو کن اسان
وٽ رهيا پوءِ واپس ورڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا، ڇا لاءِ ته سندس گھر واري هتي سخت
مونجھاري ۾ هوندي هئي ۽ آخر واپس انڊونيشيا روانا ٿي ويا.
جگجيت سنگھه جو ڳايل
گيت ”ميرا بچپن مجهي لوٽا دو“ جڏهن ٻڌندو آهيان ته اڄ به پنهنجي ماضيءَ ۾ گم ٿي
ويندو آهيان. ڇا ته بي فڪري هئي. ڪيئن ٿو اچي، ڪٿان ٿو اچي، ڪا خبر ئي ڪا نه پوندي
هئي. اسڪول کان پوءِ باقي وقت کيڏڻ ڪُڏڻ ۾ گذرندو هو. رانديون به نهايت دلچسپ
هونديون هيون، جن مان ڪي رانديون ته هن دور ۾ کيڏيون ئي ڪو نه ٿيون وڃن. ٻارڙن کي
انهن بابت ڪا خبر ئي نه آهي. هن وقت ننڍن ٻارن جو واندو وقت رڳو ٽيبليٽ، موبائيل ۽
ليپ ٽاپ تي يا ته گيمز ڏسڻ ۾ ٿو گذري يا ڪجهه ٻيو. ٽين ايج جي نوجوانن جو وقت وري
موبائيل ۽ ٽي وي جي اڍنگن ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن ڏسڻ جي نذر ٿيو وڃي. جنهن جي نتيجي
۾ نوجوانن ۾ لا اُبالي ۽ بد اخلاقي جو رجحان وڌندو نظر پيو اچي. اڌ رات تائين چوڪن
۽ چوگانن تي يا مختلف دِڪين تي موبائيل هلائيندي نظر اچن پيا. انٽرنيٽ جي سهولت ته
سندن رهيو کُهيو نور به چَٽُ ڪري ڇڏيو آهي. دنيا ۾ انٽرنيٽ جي مثبت استعمال سان گھڻو
ڪجهه سِکيو وڃي ٿو پر اسان جهڙن ٽين دنيا جا محروم ماڻهو ان سهولت کي به منفي
نموني ڪتب آڻين ٿا، نتيجو بهتريءَ بدران بدتري ٿو نڪري. خير ڳالهه پئي ڪيم راندين
جي، سو اسان جي دور ۾ جيڪي رانديون عام طور کيڏيون وينديون هيون، انهن ۾ ڪوڏي ڪوڏي،
ٻلهاڙو، ستولي، لِڪَ ڇُپَ، ڊڪڻ جا مقابلا، ڦيٿا ڦيرائڻ، ڪينگري ڪلوٽي، ڦر ڦر سونٽو
دٻلي درياهه ۾، لاٽون ڦيرائڻ، پئسن ۽ چدن سان گُچي راند ڪرڻ، ڪاٺ ڪٽو، ڪوڏين راند
کيڏڻ، پڄريون کڻڻ، اٽي ڏڪر کيڏڻ، ونجھه وٽي راند رهڻ، نوَ ٽڻ ۽ ٽه ٽڻ کيڏڻ، چانڊوڪي
راتين ۾ هڪ هنڌ ويهي ڪچهري ڪرڻ، جنهن ۾ پروليون، ڳجھارتون ڏيڻ، لطيفا ٻڌائڻ، ڊاڙون
هڻڻ ۽ خوابَ ٻڌائڻ، ڪورس جي ڪتابن جا بيت ۽ گيت گڏجي ڳائڻ جيئن ”جو کير پيئي سو
وير ٿئي“ يا ”واهه ڙي تارا گول تارا“سُر سان چوڻ، ڏٺل فلمن جي هيرن، هيرون ۽ ولين
بابت تبصرا ڪرڻ ۽ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ڪرڻ شامل هوندو هو. ان دور ۾ ڇوڪرين جي
راندين ۾ لال ڪٽوري ڏي، ڀنڀوري ڀڄائي ڏي، لڪ ڇپ، ٺپي راند، نوڙي ٽپڻ، بال پٿر ۽ گُڏي
گُڏيءَ جي شادي جهڙيون رانديون عام هيون.
ڪالهه جي شڪارپور
هڪ خواب ٿي لڳي
بابا سان گڏ ڊکاڻڪو
ڪم ڪيم، ڪپڙي جي دڪان تي بيٺس، سوڍا واٽر جي دڪان تي برف ۽ بوتلون کپايم!
راندين کان علاوه ٻيو
خاص شغل فلمون ڏسڻ هو. شڪارپور ۾ ڪُل ٽي سينيمائون ناز، پلازه ۽ نشاط هونديون
هيون، جن جا اوائلي نالا ڪيپيٽل، هري ولڀ / جوبلي ۽ افشان هئا. ناز سينيما لَکي در
تي، پلازه ۽ نشاط شاهي باغ جي ڀرسان هيون. نشاط سينيما ۾ اسٽيج ڊراما به ٿيندا
هئا. ٽاپ جون هندستاني فلمون هلنديون هيون. ان دور ۾ اسان ڏاڍيون فلمون ڏٺيون. مون
سان گڏ منهنجي ئي پاڙي جو گھرو دوست عبدالعزيز سومرو هوندو هو. اسان جي فلم ڏسڻ جو
به انوکو انداز هوندو هو. ڪُل ٽي شو ميٽني، پهريون ۽ آخري ٿيندا هئا. ميٽني منجھند
جو عام طرح ٽي وڳي شروع ٿيندو هو ۽ هندستاني فلمون ٽن ڪلاڪن کان گھٽ ڪو نه هونديون
هيون. اسان کي شام جو چئين وڳي پاڙي ۾ ڪوريءَ جي واڙي تان گھر لاءِ کير وٺڻو پوندو
هو. کيرَ لاءِ واڙي تي وڏي رَش ٿيندي هئي. ڪلاڪ ۾ کير کپي ويندو هو تنهن ڪري هر ڪو
تڪڙ ڪندو هو. اسان تي کير جي ڊيوٽي مقرر هئي، ٻي صورت ۾ مائٽن جي مارَ مقدر هئي.
فلم به ضرور ڏسڻي هوندي هئي، سو اسان اِها ٽَلَ ڪندا هئاسين ته ٽي وڳي واري ميٽني
شو ۾ ٽڪيٽ وٺي فلم جو پهريون اڌ ڏسي وٺندا هئاسين، جيڪو ساڍي چئين وڳي تائين هلندو
هو. انٽرويل ۾ اڌ ٽڪيٽ وڪڻي تڪڙا تڪڙا گھر موٽندا هئاسين ۽ اچي کير وٺندا هئاسين.
فلم جي ٻئي اڌ ڏسڻ لاءِ وري ٻئي ڏينهن تي سوير وڃي واڙي جو پاسو وٺندا هئاسين ۽
چئين وڳي کير وٺي گھر ڏئي سينيما ڏانهن ٽاپي ڪندا هئاسين ۽ انٽرويل ۾ اڌُ ٽڪيٽ
خريد ڪري فلم جو پويون اڌ ڏسي، فلم پوري ڪندا هئاسين. ائين الائي ڪيتريون فلمون گڏجي
ڏٺيون سين. اسان وانگر اڌ ٽڪيٽ جا خريدار توڙي وڪڻڻ وارا به جام هوندا هئا. فلم جي
ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ڇهه آنا هوندي هئي. انٽرويل ۾ اڌ ٽڪيٽ عام طور ٽي آني ملندي هئي.
جي فلم ٽاپ جي هوندي هئي ته چَئين آني وڪامبي هئي. هندستان جون بهترين فلمون
”برسات“، ”آهه“، ”آواره“، ”انداز“، ”ٽيڪسي ڊرائيور“، ”محل“، ”بيجوباوره“، ”بادل“،
”جوار ڀاٽا“، ”ديدار“، ”داغ“ ۽ ”نديا ڪي پار“ جهڙيون ڪيتريون ئي فلمون انهن
سينيمائن ۾ ڏٺيون سين. جن مان ڪي ته ڪيئي ڀيرا ڏسڻ جو موقعو مليو.
ڏُک سُک جي اُس ڇانوَ
۱۹۵۵ع جو سال منهنجي لاءِ تڪليفون ۽ آزمائشون کڻي آيو. مون کي نوڪري نه ملڻ سبب
بابا سائين ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو هو، پوءِ مون کي مختلف ڌنڌن سان لڳائڻ جو
سوچيائين. جيستائين ڪو ٻيو بدوبست ٿئي تيسيتائين مون کي بابا پاڻ سان ڊکاڻڪي ڪم تي
مَڏيءَ تي وٺي وڃڻ لڳو، جتي رندو ڇڪائڻ، رندي جي تيغ تکي ڪرڻ، ڪارائيءَ جا ڏندا
تکا ڪرڻ ۽ گھران ماني کڻي اچڻ جهڙن ڪمن تي لڳايو. شام جو ٻارڻ لاءِ ڪم تان ڇوڏا ۽ ڪاٺيون
کڻي ايندو هوس. پاڙي مان ڇيڻن جي ٻوري به وٺبي هئي، ڇوته ان دور ۾ اڃا گئس ڪو نه آيو
هو.
هڪ ڏينهن بابي چيو
ته ”بابا! ڍڪَ بازار ۾ ڪَپڙي جي دوڪان جي مالڪ کي ڪم لاءِ ڇوڪرو کپندو آهي، سو تون
سڀاڻي کان اوڏانهن وڃُ ۽ دوڪان تي وڃي ڪم ڪار ڪر. توکان مون وارو ڌنڌو زور آهي.“
مان حڪم جو بندو انڪار
جي گنجائش نه ڏسي ٻئي ڏينهن تي ڪريم ڪلاٿ هائوس ۾ وڃي بيٺس، جيڪو ميمڻن جو هيو ۽
اتان مون کي ماهوار سٺ رپيا ملندا هئا. پوءِ ته صبح کان شام تائين دڪان جي صفائي ڪرڻ
کان وٺي سڄو ڏينهن ڪپڙي جا ٿانَ کولڻ ۽ ويڙهڻ ۾ گذري ويندو هو. منجھند جو ميمڻ
صاحب جي گھران ماني کڻي اچان، ڪپڙن جا ٿان پسند ڪرائڻ لاءِ گراڪن سان ڪُلهي تي کڻي
سندن گھرن تائين وڃان ۽ پسند ڪرائي وري موٽائي اچان. شڪارپور جون ڪي حويلين اهڙيون
به آهن، جن کي اچڻ وڃڻ لاءِ ٻه دروازا آهن. ڪڏهن ڪي اهڙا ٺڳ گراهڪ به ايندا هئا،
جو دڪان تان ڪپڙي جا تاڪيا ڇوڪري کان کڻائي گھر ڏي ڏيکارڻ جي بهاني حويليءَ جي هڪڙي
دروازي مان داخل ٿي ڇوڪري کان تاڪيا وٺي ان کي اُتي بيهڻ ۽ انتظار ڪرڻ لاءِ چوندا
هئا ۽ پاڻ ٻئي دروازي کان تاڪيا کڻي نڪري ويندا هئا. ائين ملازم ڇوڪرن کي اڻ ڄاڻائيءَ
۾ ٺڳي ويندا هئا. سڄو ڏينهن هَچُ ٿي پوان. ڪجهه مهينن تائين اها نوڪري ڏنم، پوءِ
بابي منهنجي حالت ڏٺي ته کيس رحم اچي ويو ۽ اها نوڪري ڇڏڻ لاءِ چيائين. مان هڪ ڀيرو
ٻيهر بابا سان ڪم تي وڃڻ لڳس.
ڪجهه ڏينهن گذريا
ته بابا وري مون کي هڪ ٻي آفر ڏني چئائين ته ”بابا واندي کان ورتا ڀلي. پنهنجي ئي
پاڙي ۾ جيڪو اشرف برف ۽ سوڍا بوتل وڪڻندو آهي، ان کي ڪنهن پڙهيل ڇوڪري جي ضرورت
آهي، تون هيڏو پڙهيل آهي، سو سڀاڻي کان الله جي آسري، انهن جي سوڍا واٽر واري دڪان
تي وڃي ڪم ڪر.“
منهنجي اندر ۾ ته
ارمانن جا کورا ٻئي ٻريا پر بابي جو حڪم ڪيئن موٽايان. ٻي ڪا واٽ به ته نه پئي
سُجھي، سو ٻئي ڏينهن اشرف جي سوڍا واٽر جي ننڍڙي هوٽل تي وڃي بيٺس. پهريان ٻه ٽي ڏينهن
ڪمُ سکيم، پوءِ سڄو بارُ مون تي پئجي ويو. برف ڪَٽي وڪرو ڪرڻ کان علاوه روزانو جيڪي
ماڻهو کاريون مِٺيون بوتلون گهر لاءِ وٺي ويندا هئا. انهن جا نالا ڦرهيءَ تي پينسل
سان لکي ڇڏبا هئا. صبح جو ٻه ڇِڪا کڻي در در تان سئين هڻي بوتلون وصول ڪري ايندو
هوس. ائين روزانو اٺ ڏَهه بوتلن جا ڇِڪا ڀري دڪان تي پهچائيندو هوس. ڪِن ماڻهن جي
درَ تي ته بوتل لاءِ ٻه ٽي ٻه ٽي ڀيرا وڃڻو پوندو هو. ان دور ۾ چِدي واريون ڳوريون
بوتلون هونديون هيون. شام تائين برفَ لاهڻ، ڪَٽڻ ۽ وڪڻڻ بعد ٿڪاوٽ کان چورِ ٿي جڏهن
گھر پهچندو هوس ته اکيون ننڊ لاءِ سِڪنديون هيون. ماني جا ٻه گرهه کاڌا نه کاڌي جهڙا،
سڌو بستري تي اگھور ننڊ اچي ويندي هئي. جمع تي موڪل هوندي هئي، اهو ڏينهن منهنجي
لاءِ وڏي عياشيءَ وارو هوندو هو. صبح جو دير تائين سمهيو پيو هوندو هوس. مون جيڪي
نوڪريءَ جا خوابَ ڏٺا هئا، انهن جي مايوس ڪندڙ تعبير منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي
ڇڏي هُئي. عجيب عجيب قسم جا خيال ذهن ۾ جنم وٺي رهيا هئا. ڪڏهن ته من ۾ ايندو هو
ته حالتن سان بغاوت ڪجي.... ڪڏهن سوچيندو هوس ته اجايو وڏو ٿي ويس، جيڪر ننڍو ئي
هجان ها، کيڏندو ڪُڏندو وتان ها، حالتن ۽ ماحول کان بي خبر، روزگار جي بار کان
آجو.... اُهي رانديون ۽ رهاڻيون هجن ها، جيڪي ٻال وَهيءَ ۾ کيڏندو هوس ۽ مون تي ڪمائڻ
جو بارُ نه هوندو هو. مطلب ته ۱۹۵۵ع وارو سال منهنجي لاءِ نحوست جو سال ٿي گذريو. نئون سال
شروع ٿيو ۽ آخر منهنجي ذهن جي اضطراب مون کي باغي بڻائي رکيو. شڪارپور کي ڇڏڻ جو
پَڪو ارادو ڪيو ۽ پڙهائي جاري رکڻ جي خيال کان ماسيءَ جي گھر لاڙڪاڻي اچي پهتس.
ڪالهه جي شڪارپور
هڪ خواب ٿي لڳي
لاڙڪاڻي لڏي اچڻ
وقت منهنجي عمر چوڏهن سال هئي. انهن سالن ۾ شڪارپور جون يادگيريون منهنجي ذهن جي ڪئنواس
تي فلم وانگر ڦرنديون رهنديون هيون ۽ اڄ به ڦري رهيون آهن. مون شڪارپور جو ڦوهه
جوانيءَ وارو دور ڏٺو. اهو ڪيڏو نه سستائپ جو دور هو. پاڙي جي هندو دڪاندار ڪُوئي
مل کان ٻُڪُ ڀڳڙن جو هڪ پئسي ۾ ملندو هو. مقيم ڌونئري وارو به ياد اٿم، جنهن جو ڌونئرو
ٿانوَ ۾ ڄمي بيهندو هو. هو کير جي مَلائي ۽ ريٻڙي به رکندو هو. پاڙي ۾ عيسي
نانوائيءَ کان ڪڏهن صبح جو ۽ ڪڏهن منجهند جو ٻوڙ وٺي ايندو هوس پر جيئن چوڻي آهي
ته ”نانوائيءَ جي اڳياڙي ۽ ڪاسائيءَ جي پڇاڙي“ سو نانوائيءَ کان ڳاڙهو ٻوڙ تڏهن
ملندو هو جڏهن منڍ ۾ وڃي وٺبو هو. آخر ۾ وڃي گيرٺ بچندي، سو مان به ٻوڙ وٺڻ لاءِ تڪڙ
ڪندو هوس ته جيئن ڳاڙهو ٻوڙ ملي. ٻي آني جو ٻوڙ به ڍَو لاءِ ڪافي هوندو هو. ڪاسائي
وري منڍ ۾ هڏا ٻوٽيون ملائي هلائيندو آهي، جيئن آخر ۾ هڏا نه بچي پون. گوشت جا سُٺا
ٽڪر الڳ ڪري رکندو آهي. مان ڪاسائيءَ کان گوشت وٺڻ لاءِ دير ڀَرو ويندو هوس، جيئن
گوشت ۾ هَڏُ گھٽ ملي. تڏهن ننڍو گوشت (ٻاڪرو گوشت) ڏيڍ رپئي سير ملندو هو. مان ڀاتين
آهر پاءُ سوا وٺندو هوس، جيڪو چئين آني ۾ ملندو هو. مٿان وري بُڪي، جيري جي ٽڪريءَ
لاءِ فرمائش ڪندو هوس، جيڪو وري مفت ۾ ملي ويندو هو. شڪارپور ۾ ڇيلي جي گوشت کي
ليلي يا حلواڻ جو گوشت سڏيو ويندو هو. جيري بُڪيءَ جو ٽڪرُ، رونگ ۾ ڏيڻ به عام ڳالهه
هئي. ان دور جي ڪاساين وٽ به رحم هئو. ساڳي طرح انهن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ مڇيءَ جو
واپار به اوج تي هو. سکر ۾ پلا، ڏنڀرا جام مرندا هئا، سو شڪارپور جي مڇي مارڪيٽ ۾
کيري توڙي آنياري پَلي ۽ ڏنڀري جا هوڪا هوندا هئا. اڪثر ڪري مڇي، مهاڻيون عورتون وڪڻنديون
هيون. رپئي سوا ۾ آڪهه جي ڍوَ جيتري مڇي ملي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح صبح جو ساٽياڻيون
کارن ۾ مڇي کڻي، وڪڻڻ لاءِ گھٽين ۽ پاڙن ۾ به اينديون هيون. مڇيءَ جا واٽا ٺاهي،
پاڙن ۾ هوڪا ڏينديون هيون. ”درياهه جو ميوو اچي ويو.“ مارڪيٽَ ۾ پَلي کان علاوه
تتر، ڪُڪڙ، بدڪ ۽ سيهڙ جو گوشت به وڪامندو هو.
شڪارپور ۾ رواج
هوندو هو ته منجھند جو اڪثر گهرن ۾ ٻه ٽي مانيون وڌيڪ وِڌيون وينديون هيون، شام جو
ننڊ ڪري اٿڻ کان پوءِ گوڙو پڪوڙائيءَ کان پڪوڙا وٺي اڌ ڳچ ماني کائبي هئي. اهو عمل
گھڻو ڪري اونهاري ۾ ٿيندو هو. هاٿيدر جي اندران هڪ هندو پڪوڙائي هوندو هو، جنهن جا
پڪوڙا ڏاڍا مشهور ۽ لذيذ هوندا هئا. ان دور ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ڪو نه هيون ۽ پڪوڙا
دوني ۾ ملندا هئا، جيڪو بَڙَ جي پَنَ مان ٺهيل هوندو هو ۽ دال مڱ پپر جي پن ۾ ڏيندا
هئا. پئسي ۾ پَنُ دال جو، جنهن سان ماڻهو سڄي ماني کائي اُٿي.
شڪارپور جا ماڻهو
کائڻ ۽ چوڙڻ جي حوالي سان وڏا شوقين هئا. لکي در تي ديوان جو هوٽل مشهور هو، جتي مٺائي
کان علاوه سندس مَٽَ واري قلفي ۽ فالودو به مشهور هوندو هو. هن جون مغيريون به خاص
ائٽم هوندو هو، جيڪي کير ۾ پسائي کائبيون هيون. اهو هوٽل هن وقت تائين لکي در تي
موجود آهي. چانهن ۽ مانيءَ جي حوالي سان کدريءَ جو هوٽل هوندو هو، جنهن جا مالڪ
مغل هوندا هئا. جيڪي طبيعت جا ڏاڍا سادا سودا هوندا هئا، ان ڪري ان هوٽل تي ئي
کدري (سادڙن جو) هوٽل نالو پئجي ويو.
اونهاري جي موسم ۾ ٻهراڙيءَ
جون عورتون کبڙ وارو ميوو پيرون لوٽين ۾ کڻي وڪڻنديون هيون. اهڙي طرح لوڙهه، ڪُم، ڏوڏيون
۽ ڪَتل جا گھٽيءَ گھٽيءَ وڃي گهورارو ٿي هوڪا ڏينديون هيون. ڪَتل وڪڻڻ واري جو هوڪو
دلچسپ هوندو هو. چوندو هو؛ ”هائو ڙي ڪتلَ، تنهنجي روهڙيءَ تائين هڪلَ“.
لکي در تي شام جو
دال، ڇولا، ڍٻل وارا هڪ طرف بيٺا هوندا هئا ته ٻي پاسي لڇي، پتيشي ۽ برفيءَ واري
جا هوڪا هوندا هئا. ٻنهي وٽ کاڌي جون نهايت لذيذ ۽ معياري شيون هونديون هيون. شڪارپور
جي کٽاڻ به هنڌين ماڳين مشهور هئي، جيڪا پڻ سوکڙيءَ طور ماڻهو پري پري تائين وٺي ويندا
هئا. ان دور ۾ کٽاڻ ۾ بادام ۽ پستا به وجھندا هئا. هينئر شڪارپور جي کٽاڻ جو اهو
معيار ته ڪو نه رهيو آهي پر اڃا به پراڻي پلازه سينيما واري پاڙي جي ڪجھه گهرن ۾
سوکڙيءَ جهڙي کٽاڻ ملي ٿي. کاڌي پيتي جا شوقين گهرن ڏانهن واپسيءَ تي چاپَ، ڪَنڊو،
ڪباب ۽ ڪوفتا وٺي ويندا هئا. چاپن ۾ ڪي ريڙهيءَ وارا بادام به وجھندا هئا. شڪارپور
جا ڀڳڙا به گھڻو مشهور هئا. اُهي ايڏا ته خسته هوندا هئا جو دل چوندي هئي ته ويٺو
کاوان. چپَ تي رکڻ سان ڀُري پوندا هئا. ڀُڳڙن کي همام دستي ۾ ڪُٽي، ان ۾ کنڊ ملائي
مٺي چُوري ٺاهي کاڌي ويندي هُئي. کائڻ واري کي چئبو هو ته ”چُوري وات ۾ وجھي، پڦي
چئي ٻڌاءِ.“ ائين چوڻ سان چُوري ٻاهر نڪري ايندي هئي. پاڙي ۾ مينهن جا واڙا هوندا
هئا، جتان نِجُ کير ملندو هو.
ڪاٺ جون عمارتون،
باغ، بجلي ۽ سنڌ واهه جون رونقون
دائودپوٽن واري دور
۾ شڪارپور شهر جي چوڌاري ڪوٽُ اڏيل هوندو هو، جنهن جا ڦٽل آثار اڄ به هڪ ڀتِ جي
صورت ۾ هاٿيدر ۽ هزاري در جي وچ تي موجود آهن. شهر کي ستَ دروازا ۽ هڪ دري هُئي.
دروازن ۾ لکي در، هاٿي در، هزاري در، سِوي در، ڪرن در، واڳڻو در، خانپوري در،
نوشهرو در ۽ هڪ دري صديق ماڙي جي نالي سان موجود هئي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
اُهي، ان ڪوٽَ جا دورازا هئا جتان مختلف پاسي رستا نڪرندا هئا. انهن درن کي پنهنجي
سِرِ پاڙي جي حيثيت حاصل هئي. شهر جي اوڀر ۾ قافلو قلعو هو، جنهن قلعي جي اندر ان
دور ۾ ٻاهران جا قافلا اچي قيام ڪندا هئا، جيڪي واپار وڙي سانگي شڪارپور تائين
ايندا هئا.
شهر جو رونق وارو
مُکُ مرڪز لکي در ئي هو، جتي هندن جون اڏيل خوبصورت عمارتون هونديون هيون، جن مان ڪي
ته اڄ تائين به موجود آهن. شهر ۾ اڪثر جايون ڪاٺيءَ جي مَنڊَ تي اڏيل هونديون
هيون. منڊَ جي ڪمَ لاءِ ديوارن لاءِ اول ڪاٺين جو فريم ڪوڪن سان جڪڙي تيار ڪيو
ويندو هو ۽ پوءِ انهن ۾ سِرون ڀريون وينديون هيون ۽ بعد ۾ پلستر ڪيو ويندو هو.
جنهن مان لڳي ٿو ته ان دور ۾ ڪاٺي سستي هُئي، جو عمارت سازي جي ڪَمَ ۾ ڪَمِ آڻيندا
هئا. هندن جي عمارت سازي جي حوالي سان هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هندن کي اوچيون
جايون ٺهرائڻ جو گھڻو شوق هوندو هو. ان ڪري مشهور هوندو هو ته ”هندوءَ وٽ پئسو
ايندو ته کُڏ جي مٿان کُڏ ٺهرائيندو.“ والد صاحب جو شمار شڪارپور جي اعلى درجي جي
اوستن ۾ ٿيندو هو ۽ هو اڪثر هندن جي جاين تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويندو هو، شهر جي سڀ کان
اوچي عمارت اڏائڻ جو شوق مالدار ماڻهن کي هوندو هو، سو اسان جي ئي پاڙي ۾ ڪجهه
مفاصلي تي ٽنڊي ۾ هڪ هندو مهراج هوندو هو. ان دور ۾ پياري ٻيڙي مشهور هوندي هئي،
جنهن جو مالڪ اهو مهراج هئو. مهراج وٽ هونءَ ته گھڻا ئي ملازم هُئا پر سندس هڪ
وفادار جَتُ هو، جيڪو پياري ٻيڙي جي ايڊورٽائيزمينٽ فلمن جيان ڪندو هو. ٻن ڦيٿن تي
هڪ کاٽ جي گاڏي هوندي هُئي، جنهن جي ٻنهي پاسي پردن تي ٻيڙيءَ جي مشهوريءَ لاءِ
عبارت لکيل هوندي هئي. ”پياري ٻيڙي پيئو، جڳ جڳ جيئو“ جَتَ کي مٿي تي مشڪرن وارو ڊگھو
ٽوپ هوندو هو ۽ هٿ ۾ اسڪول وارو پِتلَ جو گھنڊ. هو گھنڊ به وڄائيندو هو ۽ وڏي واڪي
پياري ٻيڙيءَ جي ايڊورٽائيز به ڪندو هو.
مهراج جي خواهش
مطابق سندس حويلي ستن منزلن تي اچي پهتي. ستين منزل ايتري اوچي هئي جو ڪوٽ سلطان
کان ريل گاڏي هلندي هُئي ته اها ان منزل تان چٽي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. حويليءَ جون مٿيون
ٻئي منزلون ڪاٺ جون جُڙيل هيون ۽ ان تي نقش و نگار به ڪمال جو ٿيل هيو. حويلي جُڙي
راس ٿيڻ واري هئي ته هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ڊپَ وچان هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي
ويئي. مهراج حويلي جو ڪم روڪي ڇڏيو، جيڪو بس پوري ٿيڻ جي ويجھو ئي هو. شڪارپور، جيڪا
مهراج جي جنم ڀومي هئي، هن حالتن کي ڏسي اها ڀونءِ ڇڏي هندستان وڃڻ جا سانباها پئي
ڪيا. اهڙي ڇڪ تاڻ واري ماحول ۾ مهراج کي ان عمارت ۾ هڪ ڏينهن به رهڻ نصيب نه ٿيو.
والد صاحب ان
حويليءَ تي وڏي وقت کان ڪم ڪيو هو، بابا سائين هڪ محنتي ۽ ايماندار ماڻهو هو، جيڪو
پنهنجي پورهيي کي رزق حلال سمجھي ڪم ڪندو هو، سندس محنت ۽ ايمانداري جي هر ڪو پيو
گواهي ڏيندو هو. وڃڻ کان اڳ مهراج، بابا سائين کي چيو ”مستري تون ڏاڍو ايماندار ماڻهو
آهين، منهنجو توتي ڀروسو آهي، مان هندستان ٿو وڃان ۽ هيءَ حويلي امانت طور تُنهنجي
حوالي ٿو ڪريان، جي حالتن اجازت ڏني ۽ مان موٽي آيس ته اُها منهنجي، ٻي صورت ۾ اها
ملڪيت تُنهنجي ٿي.“
بابا اهڙي هام نه ڀري
۽ سندس آڇ قبول ڪانه ڪئي. چيائينس ”سيٺ جاءِ الله توکي بخشي ڏي، مان ايڏي بار کڻڻ
جي سگھه نه ٿو ساري سگھان.“ ائين آخر ان جَت جو ڀاڳ کُليو، جيڪو سندس ٻيڙين جي ايڊورٽائيزمينٽ
ڪندو هو ۽ مهراج ساڳي شرط تي جاءِ جت جي حوالي ڪري هندستان هليو ويو. جَتَ کي جاءِ
ڇا ملي، ڄڻ سندس ڪروڙن جو بانڊ کُلي پيو. جيئن ته سندس گھر ڀاتي صفا ٿورا هئا، سو
اها جاءِ هن جي رهڻ کان زور هئي، سندس گھر جي عورتن جو ايڏي جاءِ ۾ هيانءُ ٿي ڦاٽو،
تنهن ڪري ڪجهه وقت کان پوءِ جَتَ ستين منزل کان عمارت کي آهستي آهستي ڊاهڻ شروع ڪيو
۽ رڳو ٽي منزلون وڃي بچايون. اها حويلي هن وقت تائين موجود آهي پر خبر ناهي ته هاڻي
اها ڪنهن جي ملڪيت آهي. پاڙي اوڙي توڙي شهر واسين کي ان ڳالهه جو وڏو ڏک هيو جو
شهر جي هڪ خوبصورت ۽ اوچي عمارت اصل مالڪ ڪو نه ماڻي سگھيو ۽ غلط هٿن ۾ اچڻ سبب
زوال جو شڪار ٿي.
شڪارپور جي جَرَ جو
پاڻي آب حيات ڪري ليکيو ويندو هو. پاڻي مِٺو ۽ هاضميدار هوندو هو، جيڪو ٻڌان ٿو ته
هاڻي ٻاڙو ٿي چڪو آهي. شهر جي صفائيءَ جو اعلا انتظام هوندو هو. ڊرينيج سسٽم انڊر
گرائونڊ هئو، تنهن ڪري صفائي سُٺائي لڳي پئي هوندي هئي. صبح جو سوير شهر جي روڊن کي
ميونسپل جو عملو ٻهاري صاف ڪندو هو ۽ روڊ پيا چمڪندا هئا.روڊن ۽ رستن تي پخالي اچي
ڇڻڪار ڪندا هئا، وڏا ٻڌائيندا هئا ته سندن زماني ۾ شڪاپور جي مُک روڊن ۽ رستن تي
گلابَ جي پاڻيءَ سان به ڇڻڪار ڪيو ويندو هو.
هندستان جي تقسيم
وقت شروع ۾ سواءِ وڏن شهرن جي، سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ بجلي عام ڪانه آئي هئي. ڏيئا ۽
لالٽين يا فانوس ٻاريا ويندا هئا. ڏيئن ۾ ڪوڙو تيل ۽ لالٽين ۾ گاسليٽ ٻاربو هو. گھڻو
گھڻو بعد ۾ اسان جي پاڙي جي فقط چند گهرن ۾ بجلي لڳي هئي، باقي ڏيئا ۽ لالٽين ٻاريا
ويندا هئا. گرميءَ جي مندَ ۾ ڇتين ۾ جَهليون لڳل هونديون هيون. گهرن ۾ ڪاٺَ جي
تختي تي اڪثر فراسي هڻي ان کي رَسيءَ سان ٻڌي هلايو ويندو هو. ايتري تائين جو ان
دور ۾ اڪثر اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ به وڏيون جهليون ٽنگيل هونديون هيون، جنهن جو
رسو آفيس جي ڪمري کان ٻاهران ويٺل ملازم / پٽيوالو ڇڪيندو هو. شڪارپور شهر جي
چوراهن تي سرڪار طرفان فانوس ٽنگيل هوندا هئا، جنهن کي شام جو ٻارڻ ۽ صبح جو وسائڻ
لاءِ ميونسپالٽي طرفان ملازم رکيل هوندا هئا، جيڪي انهن فانوسن جي صفائي ۽ تيل مَٽائڻ
جو ڪم به ڪندا هئا. بعد ۾ بجلي عام ٿي ته روڊن رستن ۽ چوراهن کي بلبن سان روشن ڪيو
ويو. چاليهه ۽ پنجاهه وارن ڏهاڪن تائين به شڪارپور ۾ بجلي عام گھرن تائين ڪو نه پهتي
هئي. اسٽيشن ڀرسان هڪڙوئي ننڍو پرائيويٽ پاور هائوس هوندو هو، جنهن جو مالڪ هڪ
هندو سيٺ هو، جيڪو پوري شهر جي اسٽريٽ لائيٽ کان علاوه معاشي طور سرنديءَ وارن ماڻهن
جي گھرن کي بجلي مهيا ڪندو هو. اسان جي پاڙي جي گھرن ۾ گھڻو ڪري لالٽين ۽ ڏيئا ئي ٻَرندا
هئا. هڪ ڏينهن خبر پئي ته محلي جي هڪ آسودن وٽ بجلي پهچي وئي آهي ۽ سندن دروازي تي
به هڪ بلب لڳو آهي. اسان اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿياسين. پاڙي واريون عورتون ۽ مرد انهن
کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ سندن گهر پئي ويا.
شڪارپور ۾ سياري جو
سيءُ به زورن تي پوندو هو. ڪوئٽيا ۽ ڪنڌار جون سرد هوائون سڌو شڪارپور تي مارو ڪنديون
هيون، جنهن ڪري ماڻهو رستن واٽن تي باهه جا ڍانڍ ٻاري ويٺا هٿ سيڪيندا هئا ۽ ڪچهريون
به ڪندا هئا. ننڍا ٻارَ ته سجَ لٿي کان پوءِ وڃي گھر ۾ سوڙين ڀيڙا ٿيندا هئا.
سياري جا سَتَ پارا مشهور هئا. اسان وڏڙن کان پڇندا هئاسين ته ”بابا پارا ڪيئن ٿيندا
آهن؟“ هو چوندا هئا ته ”پارن ۾ سخت سيءُ ٿيندو آهي ۽ ٻنين ۾ موجود پاڻي توڙي وڻ ٻوٽن
جي پنن تي برف جو تهه به ڄمي ويندو آهي.“
شڪارپور شهر جي
شاهي باغَ جهڙو باغُ انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ ڪٿي به ڪو نه هو. تمام وڏي
ايراضيءَ تي جُڙيل باغ ۾ قسمين قسمين گلَ ۽ ٻوٽا موجود هوندا هُئا. چهچ ساوا ٻارا
۽ وڻڪار اکين کي تراوت بخشيندا هئا. باغَ جي وچ ۾ هڪ ڪاٺيءَ جي تختن ۽ پَٽين سان
جُڙيل خوبصورت وڏو چبوترو اڏيل هو، جنهن ۾ چوڌاري بينچون رکيل هونديون هيون.
چبوتري جي چوٽيءَ تي طرف ڏيکارڻ وارو ڪُتب نما لڳل هوندو هو. خاص طور موڪل وارن ڏينهن
تي اُتي وڏو چهچٽو ٿيندو هو. ماڻهو پنهنجن ٻارن کي گهمائڻ لاءِ وٺي ايندا هئا.
باغَ جي دروازي جي ٻاهران بيگاري واهه وهندو هو، جتي مردن ۽ عورتن جي وهنجڻ لاءِ
الڳ الڳ گھاٽ هوندا هئا. پُل جي هڪ طرف مرد ۽ ٻئي طرف عورتون وهنجنديون هيون. ورهاڱي
کان اڳ واري دور ۾ اڪثر هندو عورتون شنان ڪرڻ لاءِ گھاٽ تي اينديون هيون پوءِ ڪي
شرير نوجوان مردن واري پاسي کان ٽٻي هڻي اندران ئي اندران وڃي عورتن واري گھاٽ ۾
پوندا هئا ته عورتن ۾ هوڪرو پئجي ويندو هو. باغ جي رونق ڪنهن حد تائين اڃا تائين
قائم آهي پر بيگاري تي اهي رنگ ۽ رونقون هاڻي نه رهيون آهن. بيگاريءَ تي اسان به
دوستن سان گڏجي وهنجڻ لاءِ ويندا هئاسين. اهڙي طرح لکي در تي به هڪ ننڍڙو پر
خوبصورت گڻيش باغ هوندو هو، جنهن ۾ وڻڪار سان گڏ گلَ، ٻوٽا ۽ آرام ڪرڻ لاءِ بينچون
پيل هونديون هيون. شامَ جو ماڻهو تفريح خاطر باغَ ۾ اچي ويهندا هئا.
شاهي باغ جي حوالي
سان مون کي هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي ته ٻه ٽي سال برسات نه پوڻ ڪري سنڌ خشڪ-سالي جو
شڪار ٿي پئي هئي. ماڻهن ۾ وڏي بيچيني ڦهيل هئي. ان ڏُڪار کي خدا جي ناراضگي يا ڏمر
سمجھيو پئي ويو. پوري سنڌ ۾ ڌڻيءَ در دعائون گھريون ٿي ويون ته ’ربَ پنهنجو ڪرم ڪري
۽ ڪا رحمت ڀري برسات وسائي ته جيئن سنڌ سائي ستابي ٿئي.‘ مختلف هنڌن تي نمازِ
استسقا (باران نمازون)پڙهيون پئي ويون. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته شاهي باغ ۾ به
باران نماز پڙهائي ويئي هئي ۽ دعائون گھريون ويون هيون، ان موقعي تي ابتا هٿ کڻي
دعائون گھريون وينديون آهن، نيٺ مالڪ جي مهر ٿي، ڄڻ شاهه لطيف جي دعا ”ڪرين مٿي سنڌ
سُڪار....“ اَگهي پئي ۽ برسات وسي پئي. ماڻهن جي چهرن تي سرهائي اچي وئي.
اونهاري ۾ تفريح جو
ٻيو هنڌ سنڌ واهه هو. ورهاڱي کان اڳ اُتي وڏا ميڙا ٿيندا هئا. واههَ جي ٻنهي ڪنڌين
تي گلم غاليچا وڇايا ويندا هئا. طعام تيار ٿيندا هئا، ديڳيون دَمبيون هيون، اچي ٺيلهن
تي عارضي دڪانَ هڻندا هئا. اڻ تارن لاءِ تنبا، توريون ۽ ٽيوبَ ڪرائي تي ملندا هئا.
ائين اڻ تارون تنبا ۽ توريون چيلهه سان ٻڌي تَرندا هئا.ٽيوبن تي تارون پري پري
تائين وڃي تارَ پوندا هئا. ائين ڪي وري پُلِ تان بيهي ٽَپا ڏيندا هئا. راڳ رنگ جون
محفلون به ٿينديون هيون، جنهن ۾ تَرَ جا سريلا راڳي ۽ صوفي فقير اچي پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪندا هئا. مون پنهنجي سانڀر ۾ اهو دور ڏٺو. پوءِ جيئن هندن جي لڏ پلاڻ شروع
ٿي ته سنڌ واهه جي رونق ۾ به گهٽتائي اچي وئي، پر پوءِ به شغلَ ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن
اسان به سنگت ساٿ سان سنڌ واهه تي تُڙڳڻ لاءِ ويندا هئاسين.
شڪارپور سياحن
لاءِ ڄڻ ته اوپن ميوزم هوندو هيو
شڪارپور شهر جي
بناوٽ دنيا جي قديم شهرن جهڙي آهي. بُخارا، سمرقند ۽ استمبول جون بازارون به ڍڪيل
آهن، ان ڪري اُسَ، مينهن، گرمي ۽ جھولن کان وڏو بچاءُ هوندو آهي. شڪارپور جون
بازارون تاريخي حيثيت رکن ٿيون. ڍڪَ بازار جي انفراديت اها هئي ته ان کي انگريزن
جي دور ۾ ڪاٺيءَ جي پڄرن سان ڍڪي گرمين جي ڏينهن لاءِ ڄڻ ايئرڪنڊيشن بڻائي ڇڏيو
ويو هو. بازار جي سمورن دڪانن جا دروازا شاندار ڪاٺَ جا هئا. ڍَڪَ بازار اسٽور
گنجَ کان شروع ٿي چبوترا بازار تي ختم ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ ڊيگهه جي لحاظ کان به
هيءَ بازار حيدرآباد جي شاهي بازار کان ڪنهن به گھٽ نه هئي. بازار جي رونق اڃا به
قائم آهي پر ڪِنِ دڪانن کي هاڻي لوهي دروازا لڳي ويا آهن. تازو ڍَڪَ کي رنگ روغن
به ڪيو ويو آهي. ڍڪَ بازار کان علاوه چوڙيگر بازار، صدر بازار، ۽ تبوتڙا بازار به
ان دور جون بازارون آهن، بعد ۾ شڪارپور ۾ ڪجهه وڌيڪ بازارون به ٺهيون آهن.
ان دور ۾ شڪارپور ۾
تعليم جو معيار اعلى هوندو هو. ان حوالي سان شڪارپور کي سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گھڻي
اهميت حاصل هئي. سموري سنڌ ۾ امتحاني مرڪز فقط ٽي هوندا هئا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور.
ٻين ضلعن ۽ تعلقن جا شاگرد پنهنجي سهولت مطابق انهن ٽن سينٽرن ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ
ايندا هئا. امتحانن ۾ سختي هوندي هئي، ڪاپيءَ جو ته ڪو تصور ئي ڪو نه هو، ان ڪري
شاگردَ امتحان جي تياري ڪري ايندا هئا. ان وقت شڪارپور شهر ۾ ٻه وڏا انگريزي اسڪول
نيو ايريا هاءِ اسڪول نمبر ۱ ۽ نمبر ۲ هئا. جن مان نمبر ۲ جي ملٽي اسٽوري بلڊنگ هوندي هئي. ٻئي اسڪول
اڃا تائين قائم آهن. هاڻي انگريزي توڙي سنڌي اسڪولن جو تعداد وڌي ويو آهي باقي
معيار اهو آهي يا نه ان لاءِ ڪجهه چئي نه ٿو سگھجي. هاير ايڊيوڪيشن لاءِ سي اينڊ
ايس تاريخي ڪاليج هو، جيڪو چيلا سنگهه ۽ سيتل داس تيرٿ داس پنجابي جي نالي سان
قائم هو، جتي شيخ اياز سميت شڪارپور جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي. هن ڪاليج
جو ۱۷ جولاءِ ۱۹۳۳ع تي ايڇ ٽي سورلي جي هٿان افتتاح ڪرايو ويو هو. هن ڪاليج جي قيام جي سلسلي
۾ سيٺ چيلا سنگهه سترام داس ۶۵۰۰۰ روپيا ۽ سيٺ سيتلداس ۲۵۰۰۰ روپيا دان ڏنو هو، ٻنهي شخصيتن جي اهڙي
مالي سهڪار سبب ڪاليج جو نالو سندن نالن پٺيان رکيو ويو هو. پهريان اها ڪاليج شڪارپور
جي ميونسپل بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن بعد نئين عمارت جوڙائي راس ڪئي وئي،
جتي هن وقت تائين اها بلڊنگ قائم آهي ۽ سنڌ گورنمينٽ جي ڪاليج ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ
جي طرفان ڪاليج هلي رهيو آهي ۽ ان ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر کان علاوه بي اي، ايم اي ۽
بي ايس سي توڙي بي ڪام جا امتحان ٿيندا رهن ٿا. انهن ڏينهن ۾ به شڪارپور جو لٽريسي
ريٽ تمام وڏو هو. هندو توڙي مسلمان ٻارن جي پڙهائيءَ ڏانهن خاص ڌيان ڏيندا هئا. ڪيترائي
ماڻهو وڏيون ڊگريون حاصل ڪري وڏن عهدن تي رسيا ۽ مختلف شهرن ۾ پنهنجو ناماچار پيدا
ڪيو. هن وقت ڪاليج جي بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ شيخ اياز يونيورسٽي جو مين ڪيمپس پڻ قائم ڪيو
ويو آهي ۽ يونيورسٽي جي عمارت تعمير جي مرحلي ۾ آهي.
ان زماني ۾ شڪارپور
۾ صحت جي حوالي سان سُٺيون سهولتون ۽ معياري اسپتالون موجود هيون. جن ۾ راءِ بهادر
اڌم داس تارا چند (RBUT) ۽ گنگاٻائي هيرانند وومين هاسپيٽل مشهور
هيون، جيڪي اڃا تائين به آهي. هالينڊ جي اکين واري اسپتال به هوندي هئي، جنهن کي
عام طور هالن واري اسپتال چيو ويندو هو. جتي انگريز ڊاڪٽر هالينڊ، ڊسمبر جنوري ۾
ايندو هو ۽ اکين جي تپاس توڙي آپريشن مفت ۾ ڪندو هو. آس پاس جي شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو
مٿين اسپتالن مان علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا هئا. اهي سڀ اسپتالون خدمتِ خلق جي جذبي
سان جوڙايون ويون هيون، جتي مريض کي هر قسم جي سهولت ميسر هوندي هئي. تاراچند RBUT اسپتال جي
جوڙائيندڙ راءِ بهادر اڌم داس تارا چند پنهنجو نالو اسپتال جي ڏاڪڻ واري مک دروازي
اڳيان ٽائيل تي لکرائي ڇڏيو هو، جنهن کي لتاڙي ماڻهو اسپتال ۾ ايندا هئا. اهڙي
جذبي کي ڀلا ڪهڙو نالو ڏجي. اها خاڪساري، عاجزي ۽ انڪساريءَ جي حد هئي. شهر ۾ ڪجهه
ٻيا به حڪيم ۽ ڊاڪٽر هوندا هئا، جن ۾ حڪيم اتم چند ۽ خليفو عبدالغفور توڙي ڊاڪٽر
جيا رام جا نالا اچي وڃن ٿا.
شڪارپور ۾ پيرَ به
جام هئا. سانڀر ۾ مون جن پيرن ۽ ولين جي درگاهن جي زيارت ڪئي انهن ۾ حاجي لطيف
شاهه، پير نبي شاهه، قادر پير، جهنگل شاهه، پنج پير، منچر شاهه، اسماعيل شاهه،
شاهه حسين، اول شاهه ۽ امين شاهه چشتي جا نالا اچن ٿا. حاجي لطيف شاهه جي درگاهه
تي هر جمع تي ميلو لڳندو هو، جنهن ۾ صوفي راڳ رنگ کان علاوه ملهه جو مقابلو، ڳالهيرن
جي ڪچهري، سگھڙن جي محفل ۽ مسخرن جا رنگ موجود هوندا هئا، جن کي مون پنهنجي اکين
پَسيو.
آزاديءَ کان پوءِ
سنڌ جي پهرين گورنر شيخ غلام حسين هدايت الله جي پيدائش شڪارپور جي هئي. سڄي سنڌ ۾
جنهن پهرين مسلمان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي سو به شڪارپور جو رهاڪو ميان
عبدالمجيد دريشاڻي هو. ان وقت شهر جي اهم سياسي شخصيتن ۾ شهيد الله بخش سومرو، سر
غلام حسين هدايت الله، حاجي مولا بخش سومرو، رحيم بخش سومرو شامل هئا.جڏهن ته شڪارپور
جي ان وقت جي شاعرن ۽ اديبن ۾ غلام علي مسرور، آغا صوفي، لطف الله بدوي، شيخ اياز،
جهامن داس ڀاٽيه، حبيب الله ڀٽو، ثميره زرين، غزاله رفيق، شعبان بخت، عبدالخالق
راز، رحمت الله شوق، قمر شهباز، آغا سليم، بشير مورياڻي، نياز همايوني ۽ ٻيا شاعر
۽ اديب هئا، جن مان ڪن سان منهنجي ملاقات به ٿي ته ڪچهريون پڻ. انهن مان ڪيترين ئي
ادبي نشستن ۽ مشاعرن ۾ ٻڌم. انهن ڏينهن ۾ گھڻو ڪري شڪارپور جي جماڻي هال ۾ ادبي
پروگرام ٿيندا هئا، جن ۾ مٿين اديبن سان گڏ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ايندڙ ٻيا به ڪيترائي
شاعر ۽ اديبَ شرڪت ڪندا هئا ۽ ادبي طور شڪارپور انتهائي سرگرم هو، پر جيئن ته مان
انهن ڏينهن ۾ اڃا ننڍو هوس ۽ ادب ۾ پير نه پاتو هو، تنهن ڪري انهن محفلن ۽ ميڙن
مان ڪن ۾ هڪ نوجوان ۽ سيکڙاٽ طور ٻڌندڙ جي حيثيت سان شريڪ ٿيس، پر ڪنهن به
سرگرميءَ ۾ حصو نه ورتو. انهن ڏينهن ۾ ادبي حوالي سان بدوي خاندان گھڻو مشهور هو،
جيڪي ڪاسائين جي پاڙي ۾ رهندا هئا، جن مان لطف الله بدوي ۽ احسان احمد بدوي سان
ايندي ويندي مکا ميل ٿيندو هو. اهڙي طرح بشير مورياڻي اسان جي پاڙي نبي شاهه کان ڪجهه
مفاصلي تي ڪاٺ مڏي پاڙي ۾ رهندو هو، جتي مون کيس ڏٺو.
شڪارپورين جا هنر
شڪارپور هنر ۽ حرفت
جو مرڪز رهيو آهي. مون پنهنجي سانڀر ۾ جيڪي هنر ڏٺا ۽ جن ڪاريگرن کي ڪم ڪندي اکين
پسيو انهن مان ڪن جو ذڪر ضروري ٿو سمجهان. منهنجي شهر شڪارپور جا رازا انهن ڏينهن
۾ سڄي ملڪ ۾ مشهور هئا. انهن کي شوقين شاهوڪار، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئٽيا ۽ پشاور تائين
گھرائي، پنهنجون جايون اڏرائيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڪاٺيءَ جي ڪم جا هنرمند به
پنهنجو مٽُ پاڻ هئا. رازن توڙي ڊکڻن جي ڪمال ڪاريگريءَ جو مثال شڪارپور پاڻ آهي.
جتي هندو سيٺ پنهنجون عاليشان جايون جوڙائيندا هئا. ڪاٺيءَ جو ڪم اهڙي نفاست ۽ نزاڪت
سان ڪندا هئا جو ٻاهرين شهرن جا ماڻهو سندن هنر ۽ فن ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ورهاڱي
کان پوءِ اهڙا شوقين، شڪارپور جون انمول ۽ خوبصورت شيون خريد ڪري پنهنجن شهرن ۾ کڻي
ويا. لاڙڪاڻي ۾ سمبارا هوٽل جو مُک دروازو به شڪارپور جي هڪ عمارت مان ڪڍائي آندو
ويو هو... ڪاٺَ ۾ رنبي، ٽُڪَ ۽ ڳنڍ جو نهايت نازڪ ڪم ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح مَنڊَ
تي اڏيل ست ماڙ واريون عاليشان جايون هن وقت تائين ڪاريگرن جي هنر جي گواهي ڏين ٿيون.
ان وقت عمارت سازيءَ ۾ شڪارپور جو مَٽُ ۽ مثال ڪنهن به شهر ۾ ڪو نه هو.
شڪارپور ۾ ٺاٺارڪو
هنر به ڏيهان ڏيهه مشهور هو. ٺاٺارڪي بازار ۾ ڪُٽ جا خوبصور ٿانوَ ٺاهيا ويندا
هئا، جن تي وڏي فنڪاريءَ سان گلڪاري ڪئي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ شهر جي سونارن جو
به جواب نه هو. سونارا خوبصورت ۽ نفيس زيور گھڙيندا هئا ۽ زيورن تي ميناڪاري به
واهه جو ڪندا هئا. مختلف رنگن جي ڀرائي اهڙي ته نزاڪت ۽ نفاست سان ڪندا هئا جو ڏسندڙ
دنگ رهجي ويندو. سونارا گھڻو ڪري هندو هوندا هئا. سوناري لاءِ چيو ويندو آهي ته ’اُهو
پنهجي ماءُ جي نَٿَ مان به نه مُڙندو آهي ۽ ڪا نه ڪا هيرا ڦيري ضرور ڪندو آهي.‘ شڪارپور
کي پس گردائي به گھڻي آهي، تنهن ڪري بازار ۾ هر وقت رش هوندي هئي. خاص طور فصل لهڻ
تي ٻهراڙي بازار ۾ پيٽجي پوندي هئي. ان دور جي سونارن به ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ڦري
ناڙ ڪيو هو. ڳوٺاڻيون عورتون گھڻو ڪري چانديءَ جا زيور جوڙائينديون هيون ۽ هندو
سونارا اهڙي طرح ڪک پتين مان ڪروڙ پتي بڻجندي مون پاڻ ڏٺا.
شڪارپور جي
شوقينن جو لباس، خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻي
شڪارپور جا شوقين
شام جو ريشمي گوڏ ڀرت ڀريل ململ يا وائل جو چولو پائي ڳَلي ۽ ويڻيءَ ۾ موتيي جي
گلن جي ڪَنڍي ۽ پيرن ۾ سيم واري جُتي پائي لکي در جو پسار ڪرڻ ايندا هئا. سرنديءَ
وارا ڊبل گھوڙو بوسڪي جو پهراڻ به ريشمي گوڏ تي پائيندا هئا. اُهي شوقين گھڻو ڪري ٽانگن
تي چڙهي، اچي لکي در تي لهندا هئا. واپسيءَ تي راڌي جون چاپون، ديوان جون قلفيون ۽
فالودو، دونا هٿ ۾ جنهن ۾ چَهر ۽ چٽڻي يا مائو هوندو هو، ان طرح گھر موٽندا هئا.
رات جو لکي در تي ٺيلهن وارا گئس جا گولا ٻاريندا هئا. موتيءَ جي قلفي مشهور هئي،
جنهن ۾ باداميون ۽ پستا پليل هوندا هئا. مختلف هوڪا هوندا هئا. نيڻ ٺار قلفي، روهڙي
جي ڪتل تنهنجي پري تائين هڪل، گرماگرم بهه، تازي تر مغزي، دال ڇولا ڍٻل، لڇو،
پتيشو، گپت ۽ مائو. آءُ مٺا کاءُ، مٺا گوگڙو. رستي جي ڀر ۾ ٿڌي پاڻيءَ جا مَٽ ڀريل
رکيل هوندا هئا. ڀرسان رَهَنِ جا سيسا به ورهائيندا هئا. هوٽلن تي راڌي جون
بادامين واريون پٽاٽن جون چاپون، ننڍي گوشت جا ڪنڊا، قيمو ڪبابَ ۽ تريل پلا.
مانيءَ سان گڏ چٽڻي ۽ آچار مفت ۾ ملندو هو.
شڪارپور ۾ کَٽاڻ جو
ڪولو گھڻو ڪري هر گھر ۾ هوندو هو. مهمان جي آڏو ٻين طعامن سان گڏ کٽاڻ ضرور رکندا
هئا. چڻن جي پَليءَ مان ٺهيل اِڪَڙَ ڏاڍي مذيدار ۽ لذيذ هوندي هُئي. اهڙيءَ طرح
سنهانجڙي جي گلن جي ڀاڄي به چاڙهي ويندي هئي، جيڪا پڻ وڏي مذيدار هوندي هئي. فرجون
۽ ڊيپ فريزر اڃا عام ڪو نه ٿيا هئا، تنهن ڪري گھرن ۾ ٺڪرَ جا مَٽَ ۽ دلا ٿڌي پاڻيءَ
لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. ٺڪر جي ٿانون ۾ هونءَ ئي پاڻي ٿڌو ٿيندو آهي، پر ان
کي وڌيڪ ٿڌو ڪرڻ لاءِ ان جي چوڌاري هيٺان واري وڇائي ويندي هئي ۽ هوا تي پاڻي وڌيڪ
ٿڌو ٿيندو هو. ٺڪر جي کُمرن ۾ پاڻي پيئڻ کي عيب ڪو نه سمجھيو ويندو هو. ٻوڙ رنڌڻ
لاءِ به ٺڪرَ جا ڪُنا استعمال ٿيندا هئا. اهو ٻوڙُ اِسٽيل يا جِستَ جي ٿانون ۾ پڪل
طعام کان وڌيڪ لذيذ هوندو هو. ٺڪرَ جون پاٽيون، اٽو ڳوهڻ جي ڪم آڻبيون هيون. اُکري
مُهري به گھر جي ضرورت هوندي هئي. سين واري عيد اچڻ کان اڳ ماڻهو سين جي گھوڙيءَ
تي سَيُون ڪندا هُئا، گھوڙيءَ کي کَٽَ جي پيرانديءَ واري ٻانهينءَ ۾ مضبوطيءَ سان
جڪڙيو ويندو هو، پوءِ هڪڙو ماڻهو کٽَ تي ويهي گھوڙي هلائيندو هو ۽ عورتون چاڻان ٺاهي
مشين ۾ وجھنديون وينديون هيون ۽ سيون جيئن نڪرنديون وينديون هيون ته انهن کي زمين
تي پهچڻ کان اڳ ڇني ڌارَ ڪيو ويندو هو ۽ کٽن تي وڇايل چادر مٿان سُڪڻ لاءِ رکيو
ويندو هو. سَيُنِ جي گھوڙي لوههَ جي ٺهيل هوندي هُئي، جيڪا وڏي سائيز واري تمام ڳوري
۽ ٻٽي هينڊ سان هوندي هئي، جنهن کي ٻن پاسن کان ٻه ماڻهو هلائيندا هئا، ان ۾ ميدي
جو وڏو چاڻو پوندو هو، ڇالاءِ ته منجهس ايتري گنجائش هوندي هئي. ان مشين تي سَيُون
سولائيءَ سان ۽ گھٽ وقت ۾ ٺهي وينديون هيون.
هندن جي مذهبي
تقريبن خاص طور تي ڏياريءَ جي موقعي تي هندو عورتون اٽي مان چومُکا ڏيئا ٺاهي تِرَ
موري، لعل لوئي جون رسمون ڪنديون هيون. هندن جي مذهبي ڏڻن تي مسلمان به سندن خوشين
۾ شريڪ ٿيندا هئا. ساڳي ريت نوروز ۽ عيدن جي ڏهاڙن تي هندو به سرهائيءَ جو اظهار ڪندا
هئا.
انهن ڏينهن ۾ ڇِڪو
۽ ڇڄ به هر گھر جي ضرورت هوندي هئي. ڇڪي ۾ کير، مکڻ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون
رکيون وينديون هيون، ۽ اهو اهڙي مٿاهين جاءِ تي ٽنگيو ويندو هو، جتي ان ۾ موجود
شيون ٻلي ڪوئي ۽ ڪولين کان محفوظ رهن ۽ خراب به نه ٿين. ڇڄ اناج کي ڇنڊڻ، ڦوڪڻ ۽
صاف ڪرڻ جي ڪم ايندو هو.... ڏنڊو ڪونڊو به تقريباً هر گھر ۾ موجود هوندو هو.
اونهاري ۾ شام جو ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ڪونڊي ۾ خس خس ۽ بادام واري ٿاڌل گھوٽي
ويندي هئي، ٿڌي ٿاڌل جو گلاس دل کي تراوت ڏياري ڇڏيندو هو.
شڪارپور ۾ حويلين
جو رواج عام هو. ڪن حويلين کي هڪ دروازو هوندو هو جيڪو رات جو دير سان بند ڪيو
ويندو هو.ڪي خاص فقط هندن جون حويليون هونديون هيون ته ڪن ۾ هندو مسلمان گڏ به
رهندا هئا، جيڪي هڪ ٻئي جي ڏُکَ سُورَ جا ساٿي هوندا هئا.
سرنديءَ وارن جي
گھرن ۾ هندورا عام هوندا هئا، جيڪي هالا يا ڪشمور جي جنڊيءَ جا جُڙيل خوبصورت رنگن
۽ ڊزائينن ۾ هوندا هئا. کٽن جا پاوا به خوبصورت ڊزائين تي ٺاهيا ويندا هئا. وچولي
طبقي جي گھرن ۾ اهڙا هندورا عام ڪاٺيءَ جا به جوڙيل هوندا هئا، جيڪي گھڻو ڪري گھر
جي آڳر يا ورانڊي ۾ رکيل هوندا هئا. ڪاٺ جا صندل عام گھرن ۾ موجود هوندا هئا، جن
تي عورتون سيبي ٽاڪي جو ڪم ڪنديون هيون.
مون پنهنجي سانڀر ۾
شڪارپور اندر ٽانگن کان علاوه ڇَڪڙا به ڏٺا، جيڪي ڏاڍا سنگاريل هوندا هئا ۽ انهن
جي آڏو ٻه ڏاندَ ٻڌل هوندا هئا. ڪٿي ڪٿي شاديءَ جي ڄڃَ ڇڪڙن تي گھوٽيتا ڪاهرائي
ويندا هئا. ڇڪڙو پردي جي حوالي سان چوڌاري ڍڪيل هوندو هو.
شڪارپور ۾ عاشورن
جي ڏينهن ۾ ماتم به ڏاڍو زورَ جو ٿيندو هو. ڇهه ڇهه مهينا تعزين ٺاهڻ جو ڪم پيو
هلندو هو. شهر ۾ ويهه پنجويهه تابوت نڪرندا هئا. تن ۾ مکيه ڪربلا لکي در، جهنگل
شاهه، دولت شاهه، پنج پير ۽ ظفر شاهه جا پِڙَ شامل هوندا هئا. هر هڪ پِڙَ جا
مُنتظمين پِڙن جي بناوت ۽ سينگار ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. شڪارپور
جي ٽانگن وانگر پِڙَ به خوبصورتيءَ ۽ نزاڪت ۾ ٻين شهرن کان منفرد هوندا هئا.
شڪارپور جون
مشهور چوڻيون
ان دور ۾ شڪارپور ۾
ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون عام هونديون هيون جن جو پس منظر پڻ آهي. جئين ته بجلي عام جام
ڪانه هوندي هُئي، تنهن ڪري غريبَ ويچارا گرمين جي مُندَ ۾ وِڃڻو کڻي رات جو ڪوٺن
تي سمهندا هئا. ڪي مردَ بدن کي ميٽُ هڻي گھڻي دير تائين رستن تي پيا پَسار ڪندا هئا.
ڏکڻ جون هوائون رات جو دير سان مَسَ لڳنديون هيون. شامَ ٿيندي ئي مڇرَ پنهنجو ديرو
اچي دمائيندا هئا. ماڻهو ڏکڻ کي ياد ڪري چوندا هئا ”ڏکڻ ڏيهي، ڀَڃُ مڇرن جي پيهي“.
هر پاسي اهي ٻولَ پيا ٻڌبا هئا.
هڪ ٻي چوڻي هئي
”الف شاهه غازي، ڀڃُ ڪُتي جي بازي“. شڪارپور جي نوشهري در جي ڀرسان هڪ بزرگ الف
شاهه شهيد جي مزار آهي. جنهن سان منسوب ڪيئي ڪرامتون مشهور هيون. خاص طور ڇتي ڪُتي
وارو عمل گھڻو مشهور هو. جڏهن ڪو ڪُتو ڪنهن جي ڪَڍَ لڳي پئي ۽ ڏاڙهڻ لاءِ وڌندو
اچي ته اهو ماڻهو غازيءَ کي ياد ڪري چوندو هو. ”الف شاهه غازي، ڀڃُ ڪُتي جي بازي“ ڳالهه
ته عجب جهڙي آهي پر ائين چوڻ سان ڪتو به چپ ڪري بيهي رهندو هو..!! ان وقت ائين به
چوندا هئا ته ”چار ڄنگھون، پنجون پُڇُ، ڪُتا تون نه ڪُڇُ“ اهي ٻئي چوڻيون هر زبان
تي عام هيون.
هڪ چوڻي عام ٻارن
جي زبان تي هوندي هُئي، جيتوڻيڪ ان جي پس منظر جي ڪابه سُڌِ ڪانه هوندي هُئي پر جڏهن
جھيڙو ٿيندو هو ته ماڻهن جي ويڙهه کي ڏسي ٻارَ خوش ٿيندا هئا ۽ وڏي آواز ۾ چوندا
هئا؛ ”ٺَڪِ، ٺو، ٺا، جليبي کاءُ، جرمن مُئو ته اسان جو ڇا“. اصل ۾ لڳي ٿو ته هي چوڻي
ان مها ڀاري لڙائيءَ ڏانهن منسوب آهي، جنهن ۾ جرمن روس هٿان شڪست کاڌي هُئي ۽
پنهنجي فوجَ مارائي هئي. ان کان علاوه ٻيون به ڪجهه چوڻيون عام هيون جيڪي مختلف
موقعن تي ٻڌيون هيم جيئن؛ ”ڀاڙيءَ جي ڀاڪُر کان، دلبرَ جو ڌڪو ڀلو“، ”شينهن مَري، ڍڀُ
نه چري“، ”پنهنجي ڏرِ تي گدڙ به شينهن“، ”رنا مڪر منا، ترت تال ڪن“، ”روهڙيءَ جا
مومن، روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا“، ”شڪارپوري نيت بُري، ڪڇَ ۾ قرآن، هٿ ۾ ڇُري“،
”وِٿِ پئي، ڀِتِ پئي“ وغيره وغيره.
ڀنل اکين سان شڪارپور
کي ڇڏي لاڙڪاڻي آيس
منهنجي جسم جو پنوڙو
ته شڪارپور جي خاڪ مان جُڙيل آهي، پر منهنجي زندگيءَ جو طويل عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذريو
آهي. لاڙڪاڻو جيڪو ساهه سيباڻو آهي، جنهن کي ليڊرن جي ڌرتي چوندا آهن، جنهن ڌرتيءَ
ادب، فن، سياست ۽ سماج لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن شهر ۽ ضلعي هر شعبي ۾ املهه
انسان پيدا ڪيا، جيڪي سنڌ جا حقيقي لعل ۽ گوهر آهن. لاڙڪاڻي ۾ اسان جا عزيز رهندا
هئا. امڙ جون ٻه ڀينر هتي ئي پرڻيل هيون. جڏهن شڪارپور ۾ ننڍي وهيءَ ۾ پنهنجي مٿان
بارَ محسوس ڪيم ۽ پنهنجا خوابَ چڪناچور ٿيندي ڏٺم ته خيال آيو ته ڇو نه لاڙڪاڻي وڃي
قسمت آزمايان. پوءِ اُتي ڪنهن هلڪي ڦلڪي نوڪريءَ جي ڪوشش ڪريان يا انگريزي اسڪول ۾
داخلا وٺان. اها ۱۹۵۵ع جي ڳالهه آهي. امڙ کي اعتماد ۾ وٺي گھران نڪري پيس. مون کي ياد آهي
منهنجي جيب ۾ رڳو پنڌرنهن رپيا پگھار جا بچيل هئا. اهو گرمين جي هڪ جمع جو صبح هو،
جڏهن جسم تي پاتل هڪ ئي جوڙي ۾ ريل گاڏيءَ تي چڙهي پيو هوس، ڀنل اکين سان شڪارپور
کي پس منظر ۾ ڇڏي اچي لاڙڪاڻي نڪتو هوس. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو هڪ حسين شهر هو. اڄ
جيان ايڏو گوڙ گھمسان نه هو، نه ئي گندگي. اهو هڪ صاف سٿرو، پُر امن ۽ پيار ڏيندڙ
ماڻهن جو مسڪن هئو. نه ايڏي رش هئي، جيڏي اڄ نظر اچي ٿي نه ئي لاقانونيت. مان شهر
جا روڊ ۽ گھٽيون لتاڙيندو اچي پنهنجي ماسڙ ڊاڪٽر عبدالڪريم تونيي جي گھر نڪتس،
جنهن جو گھر ۽ ڪلينڪ علي گوهر آباد محلي ۾ هو. ڊاڪٽر عبدالڪريم، منهنجي ننڍي ماسي
غلام صغرى (امان جِيجِي) جو وَرُ هيو. ڊاڪٽر صاحب پرائيويٽ پريڪٽس ڪندو هو ۽
پنهنجي مزاج ۾ مکڻ ماڻهو هو، جنهن ڪري مون کي پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڏيندو هو. ڊاڪٽر
صاحب جي ڪوشش سان ئي مون کي لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي انگريزيءَ
۾ داخلا ملي وئي ۽ ائين منهنجي ديرينا خوابَ کي ساڀيان ملي. ان وقت گورنميٽ هاءِ
اسڪول جيڪو هن وقت گورنمينٽ پائليٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي نالي سان مشهور آهي،
تَنهن ۾ داخلائن جو وقت پورو ٿي چڪو هو، ان ڪري گھڻي ڪوشش باوجود اُتي داخلا نه
ملي سگھي، جنهن بعد ميونسپل هاءِ اسڪول، جيڪو شهر جو ٻيو نمبر وڏو اسڪول هو، تنهن
۾ منهنجي ماسڙ جي ڪوششن سان داخلا ملي وئي. سنڌي فائينل پاس هجڻ سبب مان ڪلاس جي وڏن
۽ هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳس. ڪجهه عرصي کان پوءِ شڪارپور مان بابا، امان جن کي
به لڏائي لاڙڪاڻي وٺي آيس.
ٽپال ۽ ٽپالي
انهن ڏينهن ۾ ٽپال
جو نظام ڏاڍو دلچسپ هوندو هو. خطَ پَٽَ، لفافا، مني آرڊر ۽ رجسٽري وغيره ٽپالي
دَرَ دَرَ تي پهچائيندو هو. خاص خاڪي يونيفارم ۾ گھڻو ڪري سرڪاري سائيڪل تي چڙهي
ايندو هو. سَڏُ ڪري ٽپال ڏيندو هو. پنجاهه سٺ وارن ڏهاڪن ۾ به اهو ئي طريقو رائج
هو. مان اڃا نئون لاڙڪاڻي آيو هئس، سو جيستائين ڏيٺ وائٺ ٿئي تيسيتائين پاڙي جي هڪ
مهاجر مانڊيءَ واري ملان محمد صديق جي معرفت پنهنجي ٽپال گھرائيندو هوس. هو وڏي
وقت کان هتي روزگار ڪندو هو، تنهن ڪري کيس هر ڪو ماڻهو سڃاڻيندو هو. نهايت شريف
انسان هو. ان وقت منهنجي ايڊريس هن ريت هوندي هئي. ”بشير احمد پٺاڻ، معرفت محمد
صديق مهاجر مانڊيءَ وارو، نزد اڇي مسجد، محلو علي گوهر آباد لاڙڪاڻو.“ اڇي مسجد به
پاڙي ۾ گھڻي مشهور هئي. ڪافي وقت تائين اهو سلسلو جاري رهيو، بعد ۾ مون والد صاحب
کان ڪاٺ جي تختين مان پوسٽ باڪس ٺهرايو، جنهن کي اڳيان ڄاري هڻايم ته جيئن خطَ پَٽُ،
ٻاهران ئي ڏيکارجي. پوءِ جيئن ئي اسڪول کان واپس ٿيندو هوس ته اول پوسٽ باڪس جي ڄاريءَ
۾ جھاتي پائيندو هوس ته ڪا ٽپال وغيره ته ڪو نه آئي آهي، ڇوته انهن ڏينهن ۾ مون
سان دوستن يارن جي خط و ڪتابت گھڻي ٿيندي هئي. ٻاهرين ملڪن جي ايمبيسين مان به
سندن ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ سماج جي معلومات تي آڌاريل مواد گھرائيندو
هوس. اهڙي مواد جي مطالعي ۾ مون کي خاص دلچسپي هوندي هئي.
خط و ڪتابت وارو
دور سچ پچ هڪ عجيب دور هو. اڄ سوچيان ٿو ته ڪن ڳالهين تي ته کِلَ به اچي ٿي. ڪن ماڻهن
جي خط تي عجيب قسم جي ايڊريس لکيل هوندي هئي. ڪي همراهه جنهن ماڻهوءَ ڏي خط موڪليندا
هئا ته ان جو نالو آخر ۾ هن ريت لکندا هئا. مثلاً ”معرفت جاويد ميڊيڪل اسٽور، بندر
روڊ لاڙڪاڻو، ملي گھرام خان چانڊيي کي، ڦري ملي محمد حسن متوئيءَ کي.“ ڦري ملي
واري عبارت عجيب لڳندي هئي. ٽپاليءَ کي سندس خدمت عيوض عيد برات تي خرچي به ڏني
ويندي هئي. ٻي صورت ۾ هو گُھري به وٺندو هو. ڪٿان مني آرڊر پهچندو هو ته ڏاڍي
سرهائي ٿيندي هئي. خط لکڻ کان پوءِ ، خطَ جي جواب جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. خطن ۾ ڏکَ
ڏوراپا به هوندا هئا ته محبت جون ڳالهيون به. راز نياز به ته معاشي ۽ معاشرتي
مسئلن بابت گفتگو پڻ. خط بنيادي طور هيو ته نياپو يا سنيهو پر ان ۾ اظهار خيال جي
وڏي وسعت هوندي هئي. خطن جي پنن ۾ اندر کولي رکبو هو. دل گھرين دوستن ۽ پرين پيارن
سان ته خطن ۾ اهڙيون روح رچنديون ٿينديون هيون، جو ڇا ڳالهه ڪجي. اهو ئي سبب آهي
جو اسان جي عالمن ۽ اديبن خطن کي به آٿم ڪٿائن جو اهم مواد چيو آهي. مون انهن ڏينهن
۾ ۽ جيسيتائين خطن لکڻ جو عام رواج هو، تيسيتائين دوستن ڏي لاتعداد خطَ لکيا، جن
مان ڪجهه ته تاريخ جو اهم باب آهن، انهن خطن مان اڄ تائين گھڻا خط محفوظ آهن پر کوڙ
خط وقت جي طوفانن ۾ تيلو تيلو به ٿي ويا آهن.
ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻو
۽ منهنجا استادَ
مون کي ميونسپل
هاءِ اسڪول ۾ سال ۱۹۵۶ع ۾ داخلا ملي هئي. مون پهرين ڏينهن ئي اسڪول جو ماحول شاندار محسوس ڪيو.
ذهين استاد، سٺا شاگرد ۽ پڙهائيءَ وارو ماحول هو. نصابي سرگرمين سان گڏ هم نصابي ۽
غير نصابي سرگرميون به جام هونديون هيون. ڪڏهن اسٽيج ناٽڪ، ڪڏهن تقريري مقابلا، ڪوئيز
۽ مضمون نويسي ته ڪڏهن اسپورٽس جا مقابلا ٿيندا رهندا هئا. جڏهن مان داخلا ورتي
هئي تڏهن هندوستان جي ورهاڱي کي نَوَ سال گذري چڪا هئا، ان ڪري ان دور ۾ ميونسپل
اسڪول توڙي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ مهاجر استادن جو چڱو چوکو انگ هوندو هو. انهن ڏينهن
۾ عام طور مهاجرن کي پناهگير سڏيو ويندو هو. ڪرامت صاحب اسپورٽس جو انچارج هوندو
هو، جيڪو شام جو شاگردن کي هاڪي سيکاريندو هو. هاڪي جي کلاڙين ۾ گھڻائي مهاجر
شاگردن جي هوندي هئي، جيڪا سندن من پسند گيم هوندي هئي. اها ڳالهه عام مقبول هئي
ته مهاجر هندستان مان پان، هاڪي ۽ مشاعرا کڻي آيا آهن. ڪرامت صاحب جي وات ۾ سدائين
پانَ جو ٻِيڙو هوندو هو، تنهن ڪري کيس ڳالهائڻ ۾ رنڊڪ ٿيندي هئي. مارڻو به واهه جو
هو. گوريءَ چمڙيءَ وارن شاگردن ڏانهن سندس توجه گھڻو هوندو هو. ٻه ٻيا مهاجر استاد
به قابلِ ذڪر آهن، جيڪي منهنجي خيال ۾ پنهنجي عمر جي لحاظ کان ڪڏهوڪو سٺ سال پورا ڪري
چُڪا هوندا تڏهن به ان زماني ۾ اسان جا استاد هئا. هڪ سيد قدوائي ۽ ٻيو مستحسن
صاحب، جنهن جي ڌيءَ نزهت اسڪول ۾ اڪيلي ڇوڪري هئي جيڪا ڇوڪرن سان گڏ پڙهندي هئي.
اسان انهن ٻنهي کي ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جا باوا آدم سڏيندا هئاسين. اهڙي
طرح مهاجرن ۾ احمد الله فاروقي به سٺو استاد هو، بشير صاحب اسڪول جو هيڊماسٽر هو،
جيڪو پڻ مهاجر هو. صفا سادي طبيعت جو انسان هو.
احمد مهدي صاحب
شروع ۾ ڪلارڪ هو، جيڪو پوءِ استاد ٿيو. احمد مهدي صاحب ۽ اظهار قدوائي هاڪيءَ جا آڙيڪاپ
رانديگر هئا. مهدي صاحب رٽائرمينٽ کان پوءِ هوميوپيٿي ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي هئي،
تنهن ڪري رٽائرمينٽ بعد هن صاحب اهو شغل اختيار ڪيو. گھر ۾ شفاخانو کوليائين، جتي
وٽس هر گھڙي مريضن جي پيههَ لڳي پئي هوندي هُئي. مفت علاج ڪندو هو. بيماريءَ جي
تفتيش جو ماهر هو. باقي مريضن کي دڙڪا به واهه جا ڏيندو هو. پونسٽان جو وڏو دشمن
هو. چوندو هو ”ماڻهو پونسٽان استعمال ڪري پاڻَ ئي خودڪشيءَ کي دعوت ٿا ڏين.“ وڏي
وقت تائين اها ڪِرت جاري رکيائين، بعد ۾ ڪراچي وڃي وسايائين، جتي پڻ اهو مشغلو
جاري رکيائين.
رئيس احمد صاحب
محنتي استاد هو، طبيعت ۾ سادو ۽ سٻاجهو هو. پاڪستان چوڪ تي سندس سائيڪلن جو دوڪان
پڻ هوندو هو. محنتي ۽ اورچ استادن ۾ توحيد صاحب جهڙو وري ڪو نه ٿو سُجهي. صبح جو
ميونسپل هاءِ اسڪول جي موڪل کان پوءِ ٽيوشن سينٽر. مطلب صبح کان رات تائين مصروف.
ريشم گلي ۾ سندس گھر هو، ٽيوشن سينٽر به گھر ۾ ئي هلائيندو هو. هن جا گُلن جهڙا پُٽڙا
انجم ۽ نجم هئا. غير معمولي مصروفيت توحيد صاحب کي ڊاهي وڌو ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا
ٿي پيو ۽ سندس موت جو سبب به اهو ئي بڻيو. هن جا دوست ۽ خير خواهه کيس اور ورڪ کان
گھڻو روڪيندا هئا. توحيد صاحب جي انتقال تي استاد طبقو ڏاڍو غمزده نظر آيو.
اردو استادن ۾ اسان
لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابلِ احترام استاد، ناصر صاحب هو، جيڪو ڊرائينگ ٽيچر هو، پنهنجي
شخصيت ۾ هو ڏاڍو سٻاجهو ۽ نيڪ انسان لڳندو هو. ڊرائنگ جي حوالي سان هو پنهنجي فن ۾
ماهر هو. هن جون ٺاهيل تصويرون اسڪول جي ڊرائينگ هال جي زينت هيون. هو مذهبي ماڻهو
هو تنهن ڪري انساني شڪلين بدران، نيچر کي ترجيح ڏيندو هو. مون سندس تربيت هيٺ انٽر
ڊرائينگ جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو. واٽر ڪلر توڙي آئل پينٽ ۽ گلاس پينٽ ذريعي
طبع آزمائي به ڪئي. مون سان گڏ اسان جا دوست محمد يوسف شيخ، غلام رسول سومرو ۽ ٻيا
به ڪافي شاگرد هوندا هئا.
سنڌي استادن جو
تعداد گھڻو هو، جن ۾ سائين عبدالمنان چانڊيو، استاد غلام الله شيخ، عبدالله مڪاني،
فقير غلام حسين جوڻيجو، فيض محمد کوکر، امير بخش کوکر، نياز حسين شاهه، محبت علي
بگٽي، گل محمد ڪلهوڙو، فقير هدايت الله تونيو، قاري خير محمد ۽ ٻيا شامل هئا. اهي
استاد پنهنجي خوبين سبب پنهنجو مٽ پاڻ هئا.
منهنجي اسڪول جا
استاد ۽ ڪي دلچسپ ڳالهيون
عبدالله مڪاني هر
فن مولا هو. هڪ سٺي استاد سان گڏ, راندين جو انچارج به هو ته ڊرامانگاري جو
ماهر ۽ سُٺي سُرَ جو مالڪ هو. ان وقت سندس نگرانيءَ هيٺ هڪ خوبصورت ڊرامو مومل راڻو
اسٽيج ڪيو ويو، جيڪو ميونسپل اسڪول جي ڊرائينگ هال ڀرسان گرائونڊ تي ڪيو ويو هو.
اهو ڊرامو وڏي وقت تائين لاڙڪاڻي واسين جي بحث جو موضوع رهيو. راڻي جو ڪردار
منهنجي سالي مرحوم سڪندر علي ديدڙ ڪيو هو ۽ مومل هڪ شيخ ڇوڪرو بڻيو هو، جيڪو هڪ
سنهڙو سيپڪ نوجوان هو. مومل جي ميڪ اپ ۾ ڪنهن کي گمان به ڪو نه ٿيو ته هي ڪو
نوجوان شاگرد آهي. مان ۽ منهنجو دوست محمد يوسف شيخ راڻي جا صلاحڪار بڻيا هئاسين. ڊرامي
تي سڀني سخت محنت ڪئي هئي. عبدالله مڪاني صاحب جي ڊائريڪشن هيٺ ان وقت جي ٽائون
هال جي بلڊنگ ۾ راتين جو دير تائين ريهرسل ڪندا هئاسين. اهو ڊرامو جنهن به ڏٺو
تنهن کي ڊرامي جي هر سين تي سچ جو گمان ٿي رهيو هو. ڊرامي جي ڪلائيميڪس ۾ اسٽيج تي
حقيقي باهه ٻاري مومل کي سَتي ٿيندي ڏيکاريو ويو هو. پردي پٺيان سُر مومل راڻو جا
بيت لاڙڪاڻي جي هڪ سُريلي صداڪار ۽ اداڪار سائين قلندر بخش عرف ڪلو پئي پيش ڪيا.
سموري ڪاميابيءَ جي پويان سائين عبدالله مڪاني جون محنتون هيون. اهو ڊرامو مون کي
هن وهيءَ تائين ناهي وسريو.
فقير غلام حسين جوڻيجو
پنهنجي طبيعت ۾ واقعي فقير لڳندو هو پر هو دل جو امير مڙس هو، سندس گفتن ۾ علم حڪمت
۽ مزاح جو رنگ موجود هوندو هو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو، سندس تعلق تحريڪ آزادي جي
هيرو جان محمد جوڻيجي جي خاندان سان هو. سائين جي خوش طبعي جو هڪ واقعو مشهور ٿيو.
وئڪيشن جا ٻه مهينا پورا ٿيا، اسڪول کُلي ويا. فقير صاحب آفيس ۾ ڪئلينڊر جي سامهون
وڃي بيٺو، استادن کانئس پڇيو؛ ”فقير سائين ڇا ڏسي رهيا آهيو؟“ هن جواب ڏنو ته؛
”يارَ! ڏسي رهيو آهيان ته موڪلون وري ڪڏهن ٿينديون؟“ اها خوش طبعي پنهنجي جاءِ تي
پر سچ پچ هو هڪ قابل استاد هو.
فيض محمد کوکر فزڪس
جو مثالي استاد هو، جسم ۾ سگھارو مڙس هو، تنهن ڪري اڪثر پگھريل رهندو هو. مون کي
ان ڪري ڀائيندو هو جو منهنجا اکر سهڻا هوندا هئا. اڪثر ڪلاس ۾ گِھڙندي ئي سڏيندو
هو “Bashir Come on”
پوءِ بشير حڪم جو بندو، چاڪَ سان بورڊ ڀريندو، ڊسٽر سان ڊاهيندو اڳتي لکندو ويندو
هو ۽ کوکر صاحب پنهنجي مخصوص لهجي ۾ سمورو پيرڊ لکائيندو رهندو هو. شاگرد پنهنجا
فيئر بُڪ تيار ڪندا رهندا هئا پر بندي جي پلئه ڪجهه ڪو نه پوندو هو. ڀلا لکان يا
سمجھان؟ جنهن ڪري مون ڇهين درجي ۾ ئي پنهنجو گروپ مَٽائي آرٽس اختيار ڪيو. وڃي ٿيا
خير..... کوکر صاحب اڪثر ڪري ڪلاس ۾ چوندو هو. ”ڇورا هوشيار ٿيو، صبح جو ڪوئي ڪُتي
ٻِلي جو ئي مغز کائي ايندا ڪيو.“
نياز حسين شاهه،
چيف جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جو وڏو ڀاءُ هو. سٺو استاد هو پر مشهور مارو هو.
باغَ مان لَڪُڻَ پٽائي رکندو هو، پوءِ شل نه ڪنهن جي اُتري..... اهڙو ڪٽڪو چاڙهيندو
هو جو لڪڻُ ٻه ٽُڪر ٿي ويندو هو پر سائين جي ڪاوڙ نه لهندي هُئي. ڇوڪري جي رڙِ پئي
پوندي هئي. ”او سائين مان توبنهن ڪئي، آئينده پڙهي ايندس.... سائين وري نه
گُسائيندس.“ هڪ ڀيري ڪلاس جي هڪ شاگرد ٻانهي مل ٻه ٽي ڏينهن گسايو، پوءِ صبح جو ڪلاس
شروع ٿيو ته ٻانهي مل May I come in sir چئي در تان اندر اچڻ جي اجازت ورتي. ٻانهي
مل کي لوئي ويڙهيل هئي ۽ هڪ هٿ ۾ ڪتابَ ۽ ٻئي ۾ شيشي هئي. سائينءَ کيس ڏٺو ۽ چيو؛
”اڙي ٻانها مل ڪٿي هُئين ايترا ڏينهن؟“ چيائين؛ ”سائين سيءَ سان بخار ٿي پيو هو،
اجھو ئي دوا وٺي آيو آهيان.“ شيشيءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جي دوا هئي. سائين چيس؛ ”اڙي ڪوڙُ
ٿو هڻين نه؟ ڏسان دوا.“ ٻانهو مل اڳتي وڌي آيو. سائين به آخر سائين هو، سندس نگاهه
ڪا ٻانهي مل جي هٿن تي پئجي وئي هُئي، جيڪي رنگ ۾ ڳاڙها هئا. ٻانهي مل کي ڊرامو ڪرڻ
نه آيو. اصل ۾ شيشيءَ ۾ ڳاڙهو رنگ وجھي آيو هو ۽ هٿن تان رنگ لاهي ڪو نه سگھيو هو.
پوءِ ته ٻانهي مل جا ڪوڪرا پيا پون. سائين نياز حسين شاهه هوشيار ۽ ريگيولر شاگردن
جو قدر ڪندو هو ۽ هڪ سٺو استاد هو.
قاري خير محمد عربي
جو استاد هو. نهايت عالم فاضل هو، ان وقت ڪلاس ۾ سائين جيڪي عربي گرامر جا گردان
سمجھايا، سي اڃا تائين ناهن وسريا. ضربَ، ضربا، ضربو، اضرب، نضربُ. هن جي گفتگو ۾
وزن هو ۽ قرآن ڏاڍو خوش الحاني سان پڙهندو هو. فقير هدايت الله تونيو پڻ ان دور ۾
اسڪول ۾ استاد هو پر اسان جو ڪلاس ٽيچر ڪو نه هو. سائين سان تعلق جو ذڪر اڳين صفحن
۾ ايندو.
محبت علي بگٽي ۽ گل
محمد ڪلهوڙو ٻئي اسان جا ڪلاس ٽيچر رهيا. ٻئي سٺا استاد هئا. هڪ ڀيري سائين محبت
علي ڪلاس ۾ چيو؛ ”سائيڪل ڪنهن کي هلائڻ ايندي آ، جنهن کي ايندي آهي سو هٿ مٿي ڪري.“
ڪجهه هٿ کڄيا جن ۾ منهنجو هٿ به هو. جيئن ته ڪلاس ۾ مان وڏن ڇوڪرن ۾ شمار ٿيندو هيس،
ڇو ته سنڌي فائينل پاس ڪري انگيزي پڙهڻ ويٺو هيس، سو سائين مون کي سڏ ڪيو ۽ چيائين
ته؛ ”منهنجي سائيڪل کڻ ۽ منگل ڀائي جي ميڊيڪل اسٽور تان هي دوائون وٺي اچُ.“ سائين
نسخو ۽ پئسا ڏنا. سائيڪل کڻي اسڪول کان ٻاهر نڪتس. در اصل مان سائيڪل هلائڻ جي هام
ته هڻي ويٺس پر اڃا سيکڙاٽ هيس. ٻئي طرف سائين جي سائيڪل جي ڪا ڪَلَ ئي سڌي ڪانه
هئي. بريڪ صفا گھٽ، پيڊل هَڻُ ته چين مان چرڙاٽ پيا نڪرن. واٽَ تي ٻه ڀيرا چين لهي
وئي. بهرحال جهڙو تهڙو ڪري ميڊيڪل اسٽور تي پهتس ۽ موٽ تي سائيڪل پنڌ ڪاهي اچڻي
پئي. گرمي به اهڙي هجي جو اصل ڪانءَ جي اک پئي نڪتي.... صفا لاههَ ئي نڪري ويا.
واپس آيس ته سائين ڪاوڙيو الڳ. ”ڇورا ڪاڏي گم ٿي ويو هُئين؟ ايڏي دير؟“ هاڻي سائين
کي ڪيئن چوان ته توهان جي شيورليٽ مون کي راتاها ڏئي ڇڏيا. اهڙي طرح سائين گل محمد
وري هڪ صابر شاڪر طبيعت جو مالڪ هڪ سٺو انسان هو، جيڪو نه ڪنهن جي ٻن ۾ هوندو هو
نه چئن ۾.
سائين عبدالمنان
چانڊيو اسان جو ڪلاس ٽيچر رهيو. انتهائي مهربان ۽ انگريزيءَ جو ماهر استاد هو.
سائين جي شخصيت موهيندڙ هئي. قداور جوان هو ۽ سندس آواز ۾ وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. سائين
محنت ڪرڻ لاءِ گھڻي تلقين ڪندو هو. هن جا پڙهايل انگريزيءَ سبق اڃا تائين ياد آهن.
سائين چوندو هو ته ”محنت هميشه ڦل ڏيندي آهي. Labor is always paid سو خوب محنت
ڪريو.“ سائين سان اڳتي هلي وڌيڪ قريب رهڻ جو موقعو مليو جنهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪبو.
اسان جي تربيت ۽
تعليم جو روح روان سائين غلام الله شيخ هو. مطالعي جو وڏو شوقين هو. اسڪول جي
لائبريريءَ جو انچارج هو، تنهن ڪري ان لائبريريءَ مان اسان کي مطالعي ۾ وڏي مدد
ملي. ٻين لفظن ۾ لائبريريءَ کي اسان ائين استعمال ڪندا هئاسين، جيئن اها اسان جي
پنهنجي ملڪيت هجي. سائين غلام الله هڪ قابل انسان سان گڏ وڏو عالم هو. ان دور ۾
اسان کي سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جي فلسفي تي سائين غلام الله ليڪچر ڏنا. فلاسافي
سان گڏ کيس فلڪيات ۽ نفسيات متعلق وڏي معلومات هئي. انگريزيءَ جو استاد هو. اسان ۾
خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ۾ سائين غلام الله صاحب جو وڏو هٿ هو. استاد کان گڏ و گڏ هو
اسان جو محبوب دوست بڻجي ويو هو. اٿڻ ۽ گھمڻ ۾ سدائين گڏ گڏ هوندا هئاسين. هن سان
اسان دوستن جو جيڪو تعلق هيو ان جو هن آتم ڪٿا ۾ وري وري ذڪر ايندو.
اسڪول جو هيڊ ماسٽر
احمد بشير صاحب نهايت سادي ۽ سٻاجهي طبيعت جو مالڪ هو. انتهائي شريف النفس انسان
هو. جيڪو اسڪول ۾ ڪافي سالن تائين هيڊ ماسٽر رهيو. سندس هڪ لطيفو مشهور آهي. ڪي
گوسڙو ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪري اسڪول جي ڪوٺي تي وڃي لڪندا هئا. هڪ ڀيري انهن جي جاچ
لاءِ بشير صاحب مٿي چڙهي ويو، اسڪول جي هڪ ڪلاس جي روشندان ۾ هيٺ نظر وڌائين ته اسڪول
جو هڪ پٽيوالو علي محمد بينچن جي صفائي ڪري رهيو هو. پٽيوالي سان مخاطب ٿيندي
چيائين؛ ”اري علي محمد اگر يهان سي مين تم پر تھوکون تو تمهاري منه مين لگ جائي
اور اگر تم تھوکو گي تو مجهي کچھ بھي نهين هوگا“ مطلب ته بادشاهه ماڻهو هو.
ميونسپل هاءِ اسڪول
۾ پڙهائيءَ دوران ڪجهه مهينن لاءِ سنڌ جو ناليوارو تعليمدان ايف ڊي قريشي (فتح
محمد قريشي) هيڊماسٽر ٿي آيو. سندس قابليت جي هاڪ، هنڌين ماڳين هُئي. هن جي اچڻ
سان اسڪول جي تعليم توڙي انتظام ۾ خوشگوار تبديليون آيون. قريشي صاحب پُر وقار ۽
رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. قائدِ اعظم جهڙو سنهڙو سيپڪ ۽ قدآور شخص هو. وقت جي
پابندي سندس پهريون اصول هو. پَريان هڪل ڪندو هو ته شاگردن جو ساهه وڃي پيرن ۾
پوندو هو. اهو ميونسپل هاءِ اسڪول جو سونهري دور هو. هو صاحب گھڻو وقت هيڊ ماسٽر ڪو
نه رهيو ۽ وري بشير صاحب کي ئي چارج ملي. جيڪو اسان جي پڙهائيءَ وارن سالن ۾ آخري
وقت تائين هيڊ ماسٽر رهيو.
عشق اڌورو رهجي
ويو!
اسڪول واري دور ۾
شهر کان ٻاهر نڪري سير سفر ڪرڻ اسان جي محبوب مشغلن ۾ شامل هو. ڪڏهن گھاڙ واهه جو ڪنارو
وٺي پير شير تائين پَسار ته ڪڏهن رئيس ڪينال جي ڪَڙَ وٺي بروهين جي ڦاٽڪ تائين ڦيرو
ته ڪڏهن وري زيتون جا باغ گھمڻ لاءِ ماهوٽا ٽڳڙ ۽ گوڪل پور جو دورو. سير سفر دوران
اڪثر پاڻَ پچائي پاڻ کائيندا هئاسين. انهيءَ معمول کان علاوه اسڪول جي ڏينهن ۾ ڪيل
هڪ ٽوئر جيڪا اڃا تائين ڪانه وسري آهي سا موهن جو دڙو جي ٽوئر هئي. جيتوڻيڪ موهن
جو دڙو لاڙڪاڻي جي ويجھو آهي پر ننڍي عمر ۾ اها ٽوئر به اسان لاءِ وڏي ڳالهه هئي.
منهنجي لاءِ ته اها ٽوئر ان ڪري به ڪشش جو باعث هئي جو مان سنڌ جي عظيم سڀيتا جي
اهڃاڻ موهن جي دڙي کي پهريون ڀيرو اکين پسڻ جي آس من ۾ پالي وڃي رهيو هوس.
پنهنجي مهربان ۽
مشفق استاد ۽ اسان جي سٿ جي سرواڻ سائين غلام الله شيخ صاحب جي نگرانيءَ ۾ تقريباً
ويهن دوستن تي مشتمل ٽولو ريل جي رستي لاڙڪاڻي کان موهن جودڙو اسٽيشن تي پهتو،
جتان ست ڪلوميٽر پنڌ ڪري دڙي تي آياسين، منجھند ٿيڻ واري هئي. اول پيٽ پوڄا ڪئي.
هر ڪو دوست گھران ڪجھه ڀوڄن پاڻ سان کڻي آيو هو. گڏجي کاڌو سين، ڏاڍو مزو آيو. هاڻي
ساهي پَٽي نڪتاسين اسٽوپا جي اور. گريٽ باٿ جي آس پاس واريون گھٽيون گھمندا، آر ڪي
ايريا ۽ ڊي ڪي ايريا جو چڪر لڳايو سين. ائين نئين توڙي پراڻي شهر جون گھٽيون گھير
خوب گھمياسين. گھر گھر ۾ کوهه ۽ ڊرينيج سسٽم ڏسي حيرانگي ٿي. گائيڊ اسان کي ڪافي
نئين معلومات ڏني. ٻه ڪلاڪ کن پَسارَ ڪري واپس اچي ميوزم ڏٺو. ميوزم ۾ ڪوٽ ڏيجي
وارن آثارن کان موهن جي دڙي مان مليل نوادرات تائين انيڪ شيون ڏسي اکيون کُلي ويون
۽ من ئي من ۾ فخر جو احساس به ٿيو ته اسان ان ڌرتيءَ سان تعلق رکون ٿا، جنهن ڌرتيءَ
دنيا کي تهذيب سيکاري. جڏهن سنسار اونداهيءَ جي غار ۾ ڦاٿل هو تڏهن سنڌوءَ جي ڪناري
سنڌ جا ماڻهو شهرن ۾ رهندا هئا. اهو سوچيندي سچ پچ منهنجو سينو موڪرو ٿي ويو ۽ دل
۽ دماغ ۾ تازگي اچي وئي.
ميوزم گھمي هيٺ لٿاسين
ته سجُ ٽن پهرن تي اچي پهتو هو. هاڻي واپسيءَ جي واٽَ ورتي. توڙي جو ٿَڪي ٽُٽي
چُور ٿي پيا هئاسين، پوءِ به دوستن جي ڊاڙن ٻٽاڪن ۽ ٽهڪڙن ۾ پنڌ کي ٽُڪيندا رهياسين.
اسان جي به چَري عمر هئي سو پنڌ جو پتو ئي ڪو نه ٿي پيو. پوءِ به سائين غلام الله
صاحب کي اهو احساس ٿيو ته ڪٿي ڇوڪرا لُڙهي نه پون سو واٽَ تي روڊ جي ڪناري هڪ
ويران قبرستان جي ڀرسان ڊاٻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اُتي سجُ به وڃي پوين پساهن کي
پهتو هو، هاڻي اوندهه ٿيندي پئي وئي. قبرن جي اوٽَ دائري ۾ ويهي، قبرستان جي
ويراني ۽ خاموشي دل ۾ ڊپُ پيدا ڪري رهي هئي. اُتي ويهي کاڌي پيتي جون باقي بچيل
شيون کاڌيون. قبرستان تي ويهڻ دوران سائين غلام الله صاحب اسان کي چيو ته توهان
مان هر هڪ هڪڙي ڀوائتي ڳالهه ٻڌائي. پوءِ ته ڇوڪرن اچي ڊاڙون هڻڻ شروع ڪيون. جنن ڀوتن
جون ڳالهيون نڪتيون ته اوندهه ۾ ويراني کائڻ لڳي. عجيب سمون هو، ٿوري دير ساهي پَٽي
وري واٽَ ورتي سين. رڙهندي رڙهندي آخر اچي ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين. سڀني جا پگھر
نڪري پيا هئا. اوٽ موٽ اٽڪل پنڌرنهن سورنهن ڪلوميٽر ۽ دڙي جي ياترا الڳ.سو سچ ته
هچ ٿي پيا هئاسين، پر مڃڻ لاءِ ڪوبه تيار نه هو. اسان جي انهيءَ يادگار ٽوئر ۾ جيڪي
اسان جا ويجھا دوست شامل هئا انهن ۾ الله بخش جوکيو، محمد يوسف شيخ، محمد يوسف
لغاري، غلام سرور شيخ، جيئل راءِ اوڏ ۽ ٻيا شامل هئا.
امتحان جي تياري
۽ رزلٽ جو انتظار
امتحان وارو دور به
عجيب هوندو هو. صفا ڏند وات ڪارو لڳو پيو هوندو هو. گھرن ۾ بجلي جي اڻاٺ سبب گھڻو ڪري
گڏيل مطالعي (Combined Study) جو رواج هوندو هو. اسان به رات جو ڪوئي هڪ ٽائيم
ٻڌي جناح باغ ۾ گڏ ٿيندا هئاسين، جتان پوءِ ڪڏهن ريلوي اسٽيشن تي ته ڪڏهن لوڪو شيڊ
جي بينچن تي ويهي تياري ڪندا هئاسين. ڪڏهن ته جناح باغ جي ٻاري ۾ ئي ويهي رهندا هئاسين.
پوءِ هڪڙو دوست وڏي آواز ۾ سوال پڙهندو هو ۽ ٻيا ٻڌندا هئا ۽ وري جوابن جو دور
هلندو هو. ان وقت اسان جو هڪڙو دوست محمد يوسف لغاري سڌو ٿيو سمهو پيو هوندو هو، لڳندو
هو ته جيئن گھري ننڊ ۾ هجي اسان کيس چوندا هئاسين ته “ڀائو امتحان ڪيئن ڏيندين؟ نه
پڙهين ٿو نه ٻڌائين ٿو.“چوندو هو ”مون کي سڀ ياد آهي، ڀلي پڇو.“ پوءِ سوالن جا
جواب فر فر ٻڌائي وٺندو هو، سندس ميمري ڏاڍي تيز هوندي هئي. رات جو دير تائين پڙهي
پوءِ واپس ٿيندا هئاسين. امتحان کان پوءِ رزلٽ جو شدت سان انتظار هوندو هو. ويٺا ڏينهن
ڳڻيندا هئاسين. رزلٽ واري رات بولان ميل جي استقبال لاءِ ڪلاڪ اڳ ۾ وڃي پليٽ فارم
تي ويهبو هو. ان دور ۾ رزلٽ شيٽ بولان ميل ذريعي رات جو ايندي هئي. بس گاڏي پليٽ
فارم تي پهتي ناهي ته يارن جو ڊيهڙو هوندو هو. پوري رزلٽ ڏسي ڪو پيو ٻهڪندو هو ته ڪنهن
جو مُنهن ڀيلو ٿي ويندو هو.
هاءِ جواني
۱۹۶۲ع ۾ اچانڪ منهنجي چولي ۾ عشق جي چڻنگ دُکي پئي، ان وقت منهنجي عمر پورا
ويهه سال هئي، ساڳي ئي سال ۾ مون مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. عشق جي جھوري به عجيب
آهي. اندر ۾ هڪ لطيف احساس جاڳي ٿو پوي ۽ پوءِ انتظاري، بي قراري واري ڪيفيت هر دم
طاري رهي ٿي، راتين جو آرام حرام ٿي وڃي ٿو، بي قراريءَ سان گڏ اختر شماري ۾
راتيون گذرن ٿيون. اهو اهڙو مٺو درد آهي، جنهن کي عاشق دل جان سان قبول ڪري ٿو.
انهيءَ سال ۾ اسڪول
پاران مئگزين شايع ٿيو، جنهن ۾ منهنجو ڪچو ڦڪو غزل ڇپيو. ۱۹۶۳ ۾ ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ انهيءَ سال ڪاليج
طرفان ويسٽ پاڪستان جي ٽوئر جو پروگرام جوڙيو ويو. منهنجي لاءِ پنجاب ۽ سرحد ڏسڻ
جو پهريون موقعو هو. وڏا رنگ ڏٺا، اکيون کُلي ويون، ڏاڍو مزو آيو، واپس ورياسين.
هاڻي چڻگ ڀڀڙ بڻجي چڪي هئي. سچ چيو اٿن ته ٽين ايج خطرناڪ ٿيندي آهي. شاعريءَ جو
شوق وڌي وڻ ٿي ويو، ان وقت مان پاڻ کي ايتري قدر عشق ۾ مبتلا ڏٺو جو انهن ئي ڏينهن
۾ فلمي اداڪارن جو هڪ وفد لاڙڪاڻي آيل هو، جنهن کي پرنسيپال صاحب ڪاليج ۾ ڪوٺ ڏني
هئي. جن ۾ اسلم پرويز، ياسمين، ساقي ۽ ٻيا ڪجهه ايڪٽر شامل هئا، جن پنهنجي فن جو
مظاهرو ڪيو. ياسمين کي اسٽيج تي ڏسي ائين محسوس ڪيم جيئن منهنجو پرين پهچي ويو
هجي. مهانڊن ۽ وصفن ۾ صفا پرين ٿي لڳو.
بهرحال پنهنجي پرينءَ
سان ملاقات ۽ چٺي چپاٽيءَ جو سلسلو ٻن سالن تائين قائم رهيو پر عشق اڌورو ئي رهجي
ويو. فقط وڃي ارمان رهيا. هن جي شادي پنهنجي عزيزن ۾ ٿي وئي ۽ ۱۹۶۵ ۾ مائٽن منهنجي به شادي ڪرائي ڇڏي. پوءِ
مان آهستي آهستي پنهنجي توجه کي پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. ائين
عشق جو باب ته ختم ٿيو پر شاعريءَ جي نوجهه لڳي وئي. ان کان پوءِ مون پنهنجي عشق
کي شاهه لطيف جي ڪلام ۽ پيغام کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ طرف لاڙي ڇڏيو ۽ کيس پنهنجو مرشد ۽
رهبر ڪري ورتم. بهرحال ان عمر ۾ هر نوجوان کي اها چوٽ لڳندي آهي، پوءِ ڪي شاعر بڻجي
ويندا آهن ته ڪي ڌَڪُ پچائي زماني جي کپڙتال ۾ گم ٿي ويندا آهن.
شادي
منهنجي شادي علي
گوهر آباد جي هڪ فقرائي گھراڻي، ديدڙ قبيلي مان ٿي. هن خاندان ۾ حسين فقير ديدڙ ۽
شاهه محمد ديدڙ پنهنجي دور جا معروف شاعر ۽ درويش ٿي گذريا آهن، (جن جي ڪلام کي ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي صاحب سهيڙي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو.) ان ڪري سندن خاندان ۾ به هيٺاهين
۽ نيازمنديءَ جو عنصر نمايان آهي. هو پاڻ کي فقير سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن.
انهيءَ ئي خاندان جي هڪ نيڪ سيرت ۽ صورت نياڻي روشن ضمير سان ۱۹۶۵ع ۾ شادي ٿي. شاديءَ کان پوءِ مون پنهنجي
شريڪ حيات جو نالو مَٽائي فهميده بيگم رکيو. مون کي خوشي آهي ته هن مون سان هر ڏک
سُک ۾ سهڻو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر حال ۾ راضي رهي آهي. زندگيءَ جي اَسي ورهين جي عمر
تائين مون سان پاڇي وانگر ساڻ رهي آهي ۽ منهنجي هر خوشي ۽ غم ۾ مون سان هڪ سگھڙ،
وفادار ۽ دورانديش زال وانگر نڀايو آهي.
منهنجو اولاد ۽ ڪامرس
ڪاليج جا ڏينهن
مان پنهنجي والدين
کي پُٽَ جو اڪيلو اولاد هيس. جڏهن ته منهنجي مٿان، مالڪ جي خاص ڪرم نوازي ٿي ۽ مون
کي پنجن پُٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد عطا ٿيو، جن مان هڪڙي نياڻي ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري
وئي. شادي بعد مون کي هڪ ٻئي پٺيان ڇهن سالن ۾ ٽي نياڻيون ناهيد اختر، نگهت سيما ۽
انيلا پروين ڄايون ۽ وڏين آسن بعد پُٽ جو پهريون اولاد آغا احسان الحق (ڊاڪٽر
احسان دانش) ٿيو، جنهن بعد خير سان چئن ٻين پٽن ۽ هڪ نياڻي جي پيدائش ٿي. جن ۾ آغا
رضوان الحق (رضوان گل)، افشان، آغا عمران الحق، آغا ذيشان الحق ۽ آغا اظهار الحق
شامل آهن. سموريون نياڻيون خير سان پوسٽ گريجوئيٽ آهن، ۽ پنهنجن ورن ۽ ٻارن سان
پنهنجن گھرن ۾ خوش آهن. ان کان علاوه مون پنهنجي وڏي ادي صفيه جي اولاد مان پنهنجي
پياري ڀاڻيجي فوزيه ۽ ڀاڻيجن نديم عباس تونيي ۽ طارق تونيي کي به پنهنجن ٻڄڙن
وانگر ئي پاليو، پڙهايو ۽ پيار ڏنو، ۽ اديءَ جي باقي اولاد جي پڙهائيءَ ۽ ٻين
معاملن ۾ به خاص توجه ڏنو.
منهنجن پُٽن مان ڊاڪٽر
احسان دانش، هڪ لطيف شناس، محقق، نقاد، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس آهي. سنڌي ادب
(لطيفيات) ۾ ”شاهه جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي پي ايڇ ڊي آهي ۽ سندس ٿيسز ۲۰۱۶ع ۾ ثقافت کاتي طرفان ڇپجي پڌري ٿي چُڪي
آهي. هن پنهنجي محنت سان سنڌي ادب ۾ وڏي مڃتا ماڻي آهي ۽ کيس سنڌ جي سڀ کان وڏي
ايوارڊ لطيف ايوارڊ سان گڏ سندس ڪم جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آهن. احسان
جا ۹ ڪتابَ ڇپجي چڪا آهن ۽ سندس ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾
آهن. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ شاگردن جو محبوب
استاد آهي. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي معروف اديبن ۽ دانشور ۾ ٿئي ٿو. رضوان گل
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جاگرافي جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر
طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. گڏ و گڏ پنهنجي شعبي ۾ ايم فل پڻ ڪري
رهيو آهي. سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ مترجم آهي، سندس ۸ ڪتابَ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. رضوان کي سڄي سنڌ ۾ ادبي مڃتا طور ڪيئي ايوارڊ
به ملي چڪا آهن. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب شعبي جي چيئرمين رهڻ
دوران هن لاڙڪاڻي ۾ رڪارڊ ادبي سرگرميون ڪرائي وڏي مڃتا ماڻي. هن وقت به هو آرٽس ڪائونسل
جي پبليڪيشن شعبي جو چيئرمين آهي، کيس سموري سنڌ ۾ بهترين اسٽيج ڪمپيئر طور به سڃاتو
وڃي ٿو.
آغا عمران هن وقت
سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طور ملير ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊپارٽمينٽ ۾
سندس ڪم جي وڏي ساک آهي. آغا عمران ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم ڪرڻ سان گڏ سنڌي ادب
۾ ايم اي ڪرڻ دوران ٽين پوزيشن کنئين. گڏ و گڏ سوشالاجي ۾ پڻ ماسٽرس ڪئي آهي. جوڊيشل
ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ کان اڳ هو موٽر وي پوليس ۾ به ڊگهو عرصو هڪ مڃل آفيسر طور ڪم ڪري
چڪو آهي. گھر ۾ ادبي ماحول سبب عمران به ننڍي عمر کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هو سٺو ڪهاڻيڪار
آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اهم رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. آغا
عمران جا ٻه ڪتابَ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن. آغا ذيشان ايڪانامڪس ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد
مختلف پرائيويٽ ڪمپنين ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. هن وقت ملڪ جي وڏي ڪنسٽرڪشن ڪمپني
نيسپاڪ جي ڪراچي واري آفيس ۾ جاب ڪري رهيو آهي، جتي سندس ڪم کي گھڻو ساراهيو وڃي ٿو.
سڀ کان ننڍو پُٽُ آغا اظهار به ڪراچيءَ ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ جي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪري
رهيو آهي. هو ڪمپيوٽر سائنس ۾ بي ايس ڪري چڪو آهي ۽ ويب ڊولپمينٽ ۾ خاص طور مهارت
رکي ٿو. روينيو جي نوڪريءَ کان اڳ هو زيبيسٽ ۾ تديسي خدمتون انجام ڏيڻ سان گڏ ڪراچي
۾ مختلف سافٽويئر هائوسز تي به ڪم ڪندو رهيو آهي. گڏو گڏ فري لانسر طور به ڪمپيوٽر
جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون آڇيندو رهيو آهي. هو پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ذهين ۽ محنتي
نوجوان طور سڃاڻپ رکي ٿو ۽ پنهنجي آفيس ۾ سندس سٺي ساک آهي. مطلب ته مان پنهنجي
سعادتمند اولاد مان تمام گھڻو خوش آهيان. دعا آهي ته الله پاڪ کين سدائين پنهنجي
امانَ ۾ رکي.
ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي
۾ پڙهڻ وارو زمانو
هي ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۴ وارا سال هئا. اسڪول واري زماني ۾ ئي اسان جي سنگت جي
ساراهه ٿيندي هئي. ماڻهو رستي واٽ تان لگهندي چوندا هئا، اِهي اٿوَ غلام الله شيخ
صاحب جا ڪِڙيل ڇوڪرا. ڪامرس ڪاليج تائين پهچندي اسان جي سنگت جي ساراهه ۾ اڃا به وڌيڪ
اضافو ٿيندو ويو. گڏ اٿڻ ويهڻ، گھمڻ، کائڻ پيئڻ، سير سفر ڪرڻ ۽ محدود سطح جا ادبي
پروگرام ڪرڻ جناح باغ جي پريس ڪلب واري ٻاري کي پنهنجو مستقل ٿاڪُ بڻائي ڇڏڻ، بنان
ناغي روز ملڻ، امتحانن ۾ واضح نمبرن سان پاس ٿيڻ وغيره وغيره.
ڪامرس ڪاليج وارو
رنگين دور هو هو. پڙهائيءَ کان علاوه غير نصابي سرگرميون ڀرپور نموني ٿينديون
هيون. هي ڪاليج غير سرڪاري هو، جنهن جو پايو وجھندڙ معروف وڪيل عبدالفتاح ميمڻ هو.
ڀُٽي صاحب واري دور ۾ جڏهن ميمڻ صاحب کي سعودي عرب ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويو ته ڪاليج
جو پرنسپال عبدالستار ڀٽو صاحب ٿيو. جيڪو اُتي وڏي وقت تائين پرنسپال رهيو. ان وقت
ڪاليج ۾ جيڪي قابلِ ذڪر استادن ۾ ا.ب. ت ميروخاني، عبدالله تونيو، مسلم شميم، رئيس
الدين، عبدالقدير فاروقي، مسعود عالم بنگالي، قاري خير محمد ۽ محمد اسحاق ابڙو
شامل هئا. ا.ب.ت ميروخاني جو اصل نالو الهه بخش تونيو هو ۽ هو سنڌيءَ جو هڪ قابل
استاد هو. عالم اديب سان گڏ ڊراما آرٽسٽ پڻ هو. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڊائريڪشن
به ڏني. مزاحيه طبيعت سبب سدائين هشاش بشاش لڳندو هو.
هڪ ڀيري سائين الهه
بخش تونيي ڪچهريءَ ۾ پراڻي دور جو هڪ ڏاڍو مزيدار واقعو ٻڌايو.چيائين ڪراچيءَ کان
ريل ۾ سيڪنڊ ڪلاس واري گاڏي ۾ ويٺس، منهنجي آس پاس ٻيا خوش پوش ماڻهو به ويٺل هئا.
گاڏي رواني ٿي، شروع ۾ ته هر ڪو ٻوٿ ٻوساٽيون، مَپِ هڻي ويٺو هو، پر پوءِ آهسته آهسته
کُلندا ويا. گاڏيءَ ۾ گھورارو سوڍا ليمن يا ٻين کائڻ پيئڻ جي شين جا هوڪا ڏيندا
رهيا. ماڻهن وقت بوقت شيون وٺي پئي کاڌيون. ڪوٽڙي اسٽيشن آئي ته قبابن، پڪوڙن ۽
چانهن وارا چڙهي آيا. منهنجي ڀر وارن ۽ سامهون وارن شخصن اتان به پنهنجي ضرورت
مطابق شيون خريد ڪري کاڌيون، مون کي سکڻي صلاح ڪندا رهيا پر مان ڪجهه به نه ورتو
نه کاڌو. ڪوٽڙيءَ مان ريل رواني ٿي. هاڻي ويٺلن ۾ ڪجهه بي تڪلفي وڌي. هڪڙا ٻه چار
ماڻهو ته پاڻ ۾ دوستَ هئا، سو تعارف شروع ٿيو. هر هڪ پنهنجو تعارف شروع ڪرايو. ڪو
تپيدار هو ته ڪو سپروائيز، ڪو صوبيدار هو ته ڪو اسسٽنٽ مختارڪار ته ڪو وري
زميندار. هڪ صاحب مون کان به پُڇيو ته ”سائين توهان ته پنهنجو تعارف ڪرايو.“ مون
جوابَ ۾ چيو ”ڀائو ڏاڍا ڪي سادا آهيو. توهان ڪراچيءَ کان وٺي گاڏيءَ ۾ کائيندا
پيئندا پيا اچو. توهان ڏٺو ته مان هڪ رپئي جي به ڪا شيءِ ڪا نه ورتي پوءِ به توهان
نه سمجھي نه سگھيئو ته مان ڪير ٿي سگھان ٿو. ڀائو مان غريب، ماستر آهيان.“ همراهه
هڪا ٻڪا ٿي ويا.
سائين عبدالله
تونيو صاحب رزَرِو نيچر جو ماڻهو هو. اڪانامڪس جو استاد هو، کيس پنهنجي سبجيڪٽ تي
عبور حاصل هو، سندس ليڪچر ۾ ٻن لفظن ڪموڊٽيز اينڊ سروسز (Commodities and Services) جو وڏو
ورجاءُ هوندو هو،تنهن ڪري شرير شاگرد پَرپٺ کيس ياد ڪندي چوندا هئا اڄ سائين سي
ايس دير ڪئي آهي. تنيي صاحب جي طبيعت ڪجهه چيڙاڪ هوندي هئي، جيڪڏهن ڪو شاگرد هڪ
کان وڌيڪ ڀيرا سوال سمجھڻ لاءِ کانئس پڇندو هو ته چڙي ويندو هو ۽ ان شاگرد کي ڪلاس
مان ڪڍي ڇڏيندو هو. هونءَ تونيو صاحب نهايت شريف ۽ باوقار شخصيت جو مالڪ هو. پينٽ
شرٽ تي شلوار قميص کي ترجيح ڏيندو هو. گھڻو ڪري سفيد لباس پهريندو هو.
محمد اسحاق ابڙو
اصل ۾ فزيڪل ٽريننگ جو استاد هو. سندس هڏ ڪاٺ مضبوط هوندو هو. قداور جوان هو.
شاگردن کي وڏي دلچسپيءَ ۽ چاهه سان فزيڪل ٽريننگ ڏيندو هو ۽ سندن همت افزائي پڻ ڪندو
هو. ڪرڪيٽ ۽ هاڪي کان علاوه هيمرٿرو، جيولين ٿرو ۽ ميراٿن ريس توڙي ٽگ آف وار (رساڪشي)
سميت شاگردن کي کوڙ ساريون رانديون سيکاريندو هو. ميوزڪ سان به دلچسپي رکندو هو.
بينجو به ڏاڍو سُٺو وڄائيندو هو. اسٽيج ۽ فلمن سان به لڳاءُ هوندو هيس، جنهن ڪري
آخر نظر محلي ۾ پنهنجي قلوپطرا سنيما به جوڙايائين. هڪ ڀيري ابڙي صاحب غريب مقام
واري ميدان تي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي جيئن ئي جيولن ٿرو ڦيرائي ڦيرائي ڦٽو ڪيو
ته اهو ٻانهينءَ ۾ ويٺل هڪ پوڙهي مڙس جي وڃي ڄنگھه تي لڳو ۽ سندس ڄنگهه ٽڪرا ٽُڪرا
ٿي پئي.
ڪامرس ڪاليج ۾ ان
وقت سڀ کان وڌيڪ متحرڪ استاد مسلم شميم هو. ٻين سرگرمين سان گڏ هو صاحب ڪاليج جي ٽوئر
ڪاميٽيءَ جو به چيئرمين هو، سندس اڳواڻيءَ ۾ ڪاليج طرفان ٽوئر جا پروگرام جُڙندا
هئا. ۱۹۶۴ع ۾ مسلم شميم صاحب جي سربراهيءَ ۾ ڪاليج جي تقريباً پنڌرنهن ويهه شاگردن
تي مشتمل ٽيم سان ويسٽ پاڪستان جي ٽوئر تي روانا ٿياسين. پنهنجي گروپ جا چار ميمبر
محمد يوسف شيخ، عبد السميع سومرو، غلام سرور شيخ ۽ مان شامل هئاسين. روهڙيءَ کان
روانا ٿياسين. روهڙي کان روانگيءَ وقت مون سان هڪ واقعو پيش آيو. گاڏيءَ ۾ سامان
رکڻ بعد ڪجهه دوست اُتي ئي ويهي رهيا ۽ اسان مان ڪجهه دوستن پليٽ فارم تي لهي پسار
پئي ڪيو ته اوچتو گاڏي وسل هنئيو. هر ڪو گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ لڳو. اسان
واري گاڏي جي دروازي تي به ڀيڙ ٿي وئي. پنهنجا دوست چڙهندا ويا، گاڏي پليٽ فارم
تان رفتار وٺڻ لڳي، جڏهن مان چڙهڻ جي ڪئي ته دروازي جي اندران ويٺل مسافرن غير
ارادي طور دروازو بند ڪري ڇڏيو. منهنجا هٿَ دروازي جي سيخن ۾ جڪڙيل هئا. گاڏي اسپيڊ
وٺندي وئي. منهنجي دوستن جڏهن مون کي نه ڏٺو ته پريشان ٿي ويا. کڙڪيءَ مان نظر ڪيائون
ته مون کي لڙڪيل بيٺل ڏٺائون، تڪڙ ۾ دروازي طرف آيا ۽ مسافرن کي هٽائي دروازو
کولي، مون کي سهارو ڏئي ڇڪي اندر ڪيائون. ان دوران مان موت کي ايترو قريب ڏٺو جو
بيان نه ٿو ڪري سگھان. آئوٽر سگنل جي موت مار خوف کان علاوه گاڏيءَ جي رفتار سبب سٽيندڙ
هوا، مطلب ته ڏاڍو خطرناڪ منظر هو. اندر پهچڻ کان پوءِ مسلم شميم صاحب جا زبردست دڙڪا
الڳ مليا.
روهڙي کان پهرين
منزل ملتان هئي. ملتان ولين جو شهر آهي. اسان مان ڪن شاگردن انهن درگاهن جي ديدار
لاءِ پروگرام پئي جوڙيو، پر مسلم شميم صاحب هڪڙي ئي لت سان انهن جو پروگرام خاڪ ۾
ملائي ڇڏيو ۽ چيائين ”اي ابهي تک تم پير پرستي ڪي چکر مين خوار هو رهي هو. کوئي
نهين جائي گا.“ مسلم شميم صاحب ان دور کان ئي نظرياتي طور ترقي پسند سوچ وارو ماڻهو
هو. هو زندگيءَ جو وڏ عرصو ترقي پسند مصنفين جي نالي واري تنظيم سان پڻ سلهاڙيل
رهيو آهي. ملتان کان پوءِ فيصل آباد پهتاسين جتي ڪپڙي جي مختلف فيڪٽرين کي گھمي ڏٺو
سين، هر هڪ فيڪٽريءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ مزدور ڪم ڪري رهيا هئا. خصوصاً ڪامرس جي
شاگردن ان ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ۽ معلومات پڻ ورتي. فيصل آباد کان پوءِ لاهور آياسين
۽ اُتي دل کولي گھمياسين. جتان وري راولپنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، پشاور ۽ لنڊي ڪوتل
تائين وياسين. وارسڪ ڊيم به ڏٺو سين. مطلب ته ڏاڍو مزو آيو. شاگردن ۾ گھڻائي انهن
جي هئي، جيڪي پهريون ڀيرو اهڙي ٽوئر تي نڪتا هئا. انهن مان اسان پڻ هئاسين.
انهن سالن ۾ ڪامرس ڪاليج
غير نصابي سرگرمين ۾ سڀ کان اڳري هئي. اسٽيج ڊراما، ميوزيڪل پروگرام، ڊبيٽ، فينسي ڊريس
۽ رانديون وغيره. مطلب ته بهترين پڙهائيءَ سان گڏ انهن سرگرمين سبب شاگرد ڏاڍو خوش
نظر ايندا هئا. محمد اسحاق ابڙي جي ڪاوشن سبب لاهور کان ان دور جا ڪجهه مصروف اداڪار
جن ۾ اسلم پرويز، ياسمين، ساقي ۽ ٻيا ڪاليج آيا ۽ انهن اسٽيج تي پرفارم ڪيو. انهن
جي رهائش جو انتظام ڪيهر صاحب جي بنگلي تي ڪيو ويو هو.
ڪاليج ۾ ضلعي سطح
جو ميوزيڪل ڪامپٽيشن رکيو ويو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي کوڙ سارن شاگردن حصو ورتو.
منهنجو پڻ ان دور ۾ چڱن سُريلن ۾ شمار ٿيندو هو، سو مان به ڪامپٽيشن ۾ حصو ورتو.
پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ڪافي ڏينهن تائين ريهرسل ڪندا رهياسين. ان وقت بندر روڊ
تي هندوءَ جو پکن وارو هوٽل هوندو هو، جنهن جي هڪ ڪمري ۾ ميوزڪ ڪلب قائم هئي، جنهن
جو روح روان استاد ميهر فقير هو. اسان کي ڪاليج ۾ ريهرسل به ان ئي ڪرائي. ٽانگا اسٽينڊ
جي ڀرسان سندس گھر هو. استاد ميهر جي گھرواري اونهاري ۾ ٻاهر کٽوليءَ تي ويٺي
هوندي هئي، جيڪا عمر رسيده عورت هئي.
پروگرام ۾ ووڪل ۽
انسٽومينٽ، ٻنهي جو مقابلو هو. سڄي ڪاليج مان انسٽومينٽ ۾ شاگرد اقتدار علي ۽ ووڪل
۾ مون کي چونڊيو ويو، اقتدار بانسريءَ تي خوبصورت سُرَ وکيريا ۽ مون اردو غزل
”پريشان حال هون مين خود، ميري زلفين نه برهم کر“ ڳايو. اصل واهه واهه ٿي وئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ميوزڪل پروگرام ٽنڊي ڄام ايگريڪلچر ڪاليج ۾ ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ
لاءِ اسان ٻنهي کي موڪليو ويو. اُتي به اسان سٺو پاڻ ملهايو ۽ انعام حاصل ڪيو. ان
مقابلي ۾ جج جي حيثيت ۾ ٻين سان گڏ روبينه قريشي به موجود هئي، جيڪا ان وقت جي مڃيل
ڳائڻي هئي.
اسان جي سنگت جي
دوستن فينسي ڊريس ۾ حصو ورتو. محمد يوسف شيخ ٻڍڙي فقير جو گيٽ اپ ڪيو، غلام رسول
سومرو شڪاريءَ جي لباس ۾ آيو. منهنجي حصي ۾ عرب شهزادي جو گيٽ اپ هو. عبد السميع
سومرو ڊاڪٽر بڻيو، باقي حصو وٺندڙن ۾ ڪو سوئيپر ته ڪو بوٽ پالش وارو موچي ته ڪو ٽپالي
ٿيو. ڏاڍو ڪامياب شو هيو. آيل مهمان ڏاڍا متاثر ٿيا. ان کان علاوه غير نصابي
سرگرمين ۾ فوٽوگرافي سڪن ۽ ٽڪلين گڏ ڪرڻ جو مقابلو پڻ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگرد
حصو ورتو. فوٽوگرافي منهنجو پراڻو شوق رهيو آهي، ان ڪري مون پنهنجا مختلف لينڊ اسڪيپ
وارا بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽوگراف نمائش ۾ رکيا ۽ مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو، ان
طرح سِڪن ۽ ٽڪلين جي ڪليڪشن جي مقابلي ۾ جيئل راءِ اوڏ پهرين نمبر تي آيو.
ڪامرس ڪاليج شام جو
هلندو هو ۽ مان صبح جو سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪندو هيس. اها منهنجي
زندگيءَ جي پهرين نوڪري هئي ۽ تڏهن منهنجي عمر رڳو ايڪويهه ٻاويهه سال هئي. ٻن
مهينن کان پوءِ منهنجي رتيديري هيلٿ سينٽر ۾ بدلي ٿي، جنهن ڪري شام جو ڪاليج وڃڻ ڏکيو
ٿي پيو. هيلٿ سينٽر جو ڊاڪٽر صاحب مون تي ايڏو مهربان ٿي پيو، جو مجبوراً مون کي
پورو هفتو اُتي رهڻو ٿي پيو. ڊسمبر جنوري جا ڏينهن هيا. سيءُ به چوٽن تي هو. مان
سينٽر جي هڪڙي ڪوارٽر ۾ تن تنها سمهيو پيو پاسا ورائيندو هوس. بسترو گرم ٿيڻ جو
نانءُ ئي نه وٺي. ٻئي طرف ڪوارٽر جي پٺيان قبرستان هو، جتان ڪتن ۽ گدڙن جو اونايون
ننڊ ڦٽائڻ ۽ ڀوءُ وڌائڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. بهرحال مان اُتي هڪ مهيني کان وڌيڪ ٽڪاءُ
ڪري ڪو نه سگھيس ۽ واپس اچي گھر ڀيڙو ٿيس ۽ نوڪري کي خيرباد چئي ڇڏيم.
هم مڪتب دوست ۽
ساٿي
مئٽرڪ تائين هم ڪلاس
دوستن ۾ محمد يوسف شيخ، محمد ايوب سولنگي، حمزه علي ٽڳڙ، جيئل راءِ اوڏ، عاشق حسين
سانگي، مولا بخش ڀٽو، الله بخش جوکيو، محمد حيات قاضي، محمد عثمان جمالي ذڪر لائق
آهن. ڪجهه دوست جيڪي ٻئي ڪلاس ۾ سائين امير بخش کوکر وٽ پڙهندا هئا پر اسان جي ڪمپنيءَ
جا ساٿي هئا، تن ۾ محمد يوسف لغاري، غلام مصفى مڱڻهار ۽ رسول بخش شيخ جا نالا
نمايان آهن. ان کان سواءِ غلام رسول سومرو، عبدالسميع سومرو، فضل الله تونيو،
عبدالمالڪ آرائين، انجم توحيد جن مان ڪي اسان کان جونيئر هئا ته ڪي سينئر پر اسان
جي ئي سٿ جا ساٿي هئا. هتي جن دوستن جو ذڪر ڪندس انهن مان ڪي ڪاليج تائين به گڏ پڙهيا
۽ ساڻن زندگيءَ ڀر جو ساٿ رهيو.
پنهنجا يارَ ته ڇا
هئا، بس سمجهو خوشبودار گلن جو گلدستو هو. هر هڪ ۾ پنهنجي خوشبو هئي. انهن مان هڪڙن
سان ته ازل ابد جو رشتو قائم ٿي ويو، ڪجهه يار وڇوڙي جو وڍُ ڏئي ملڪ عدم ۾ آرامي ٿا.
ڪن کي قسمت ڪاڏي کڻي وئي ته ڪن کي ڪاڏي.حال حيات دوستن سان محبت جو رشتو اڃا تائين
قائم دائم آهي. انهن دوستن جي ذڪر کان سواءِ منهنجي آتم ڪٿا مڪمل ٿي ئي نه ٿي
سگھي. انهن دوستن تي سوچيان ٿو ته اردو جو هڪ شعر ٿو ياد اچي.....
جن سے مل کر زندگی سے عشق هو جائے وه لوگ
آپ نے شايد نه ديکھے هوں مگر ايسے بھی هيں
سو انهن دوستن کي
ياد ڪرڻ لاءِ متان مان پورو انصاف نه به ڪري سگھان جو هن عمر ۾ ياداشت به اُها نه
رهي آهي پر دوستن جون ڪي ڳالهيون اڻ وسرندڙ هونديون ئي آهن. هتي مان پنهنجي اسڪول
يا ڪاليج ۾ پڙهندڙ اهڙن دوستن جو ذڪر ڪريان ٿو، جن مان ڪن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ به
وري وري ايندو.
محمد يوسف شيخ
جگري دوست ۽ ڀائرن
جهڙو ڀاءُ جيڪو پنهنجن دوستن سان منهنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو ته ’هي منهنجو وڏو
ڀاءُ ڊاڪٽر بشير احمد شاد آهي.‘ ابتدائي ڪلاسن کان گڏ پڙهياسين، کيڏياسين، گھمياسين،
ڦرياسين، رٺاسين پرتاسين. اسان جو ملڻ روز جو معمول هوندو هو، جنهن ڏينهن تي اسان
مان ڪو بنان اطلاع گُسائيندو هو ته اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي هُئي ته يار اڄ الائي ڇو
ڪو نه آيو آهي. مٿي رُسڻ پرچڻ جي ڳالهه ڪيم. ها ننڍين ننڍين ڳالهين تي اسان رُسندا
پرچندا هئاسين. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ٻئي کي پرچائيندي سُڏڪن ۾ پئجي ويندا هئاسين.
ڇا ته دور هو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۶۴ ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪرڻ کان
پوءِ محمد يوسف ايگري ڪلچر ڪاليج ٽنڊوڄام ويو پر پوءِ ترت واپس موٽي آيو . بعد ۾
هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي اي آنرس ۾ وڃي داخلا ورتي، جتان هن آنرس ڪرڻ کان بعد اڪانامڪس
۾ ايم اي ڪئي. ان عرصي دوران پنهنجون يونيورسٽيءَ ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون، کيس سِڪ
لڳندي هُئي ته مون کي گھرائي وٺندو هو، پوءِ مان وٽس ڏهه ڏهه ڏينهن وڃي رهي پوندو
هيس، وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي محمد يوسف جي معرفت سندس ڪلاس جي دوستن
اعجاز قريشي، گل محمد ڦل، عنايت الله ميمڻ ۽ ٻين سان ڀرپور ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون،
جنهن ڪري ساڻن به دوستيءَ جو ناتو ڳنڍجي ويو. انهن ڏينهن ۾ مان به ايم اي سنڌي جي
تياري ڪري رهيو هوس ۽ ڏينهن جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ وڃي مطالعو ڪندو
هوس. ايم اي ڪرڻ بعد محمد يوسف حيدرآباد جي غزالي ڪاليج ۾ اڪانامڪس جي ليڪچرار طور
مقرر ٿيو ۽ پوءِ جلد ئي يعني سن ۱۹۷۰ ڌاري آرمي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ايڊيوڪيشن ڪور
۾ چونڊجي ويو. پوءِ ته پاڪستان آرمي جي مختلف هيڊڪواٽرن ۾ ڊيوٽيون ڪندو رهيو. ٽريننگ
جا احوال خط و ڪتابت ذريعي ڏيندو رهندو هو، آرمي جي ٽريننگ تمام سخت ٿيندي آهي،
اونهاري توڙي سياري ۾ سخت تڪليفن کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ آفيسر ڪيڊر وارن کي به
ٽريننگ دوران اهڙا ئي گهڪا ملندا آهن، جيڪي عام فوجي سپاهيءَ کي ٽريننگ دوران ڏنا
ويندا آهن. آخر اهو ڏينهن به آيو جو پاسننگ آئوٽ پئريڊ جي تاريخ مقرر ٿي. مان ۽
محمد يوسف جو ننڍو ڀاءُ عبدالخالق ائبٽ آباد لڳ ڪاڪول اڪيڊمي ۾ وڃي پهتاسين ۽ محمد
يوسف کي پيريڊ دوران ورديءَ ۾ ڏسي ڏاڍا خوش ٿياسين، پوءِ اسلام آباد، مري ۽ آس پاس
جا تفريحي ماڳ به گڏجي گھمياسين. محمد يوسف پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ گروپ ليڊر واري حيثيت
رکندو هو. ڪجهه عرصو سرحد ۽ پنجاب جي پهاڙي علائقن ۾ اپر ٽوپا ۽ ڪشمير جي وادين ۾ پوٽنگ
بعد سندس حيدرآباد هيڊڪواٽر ۾ بدلي ٿي.
۱۹۷۳ ۾ محمد يوسف جي هندوستان جي سرحد ويجھو نئون ڇوڙ ڪئمپ ۾ ڊيوٽي لڳي. ان وقت
مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ ليڪچرار طور ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو هوس. محمد
يوسف مون کي نئون ڇوڙ اچڻ جي دعوت ڏني پوءِ مان ميرپور خاص اسٽيشن تان کوکرا پار
واري ڇوٽي لائين واري گاڏيءَ تي چڙهي پيس. واهه جو گاڏي هئي، سوڙها بند، ننڍا گاڏا،
دونهي واري انجڻ رفتار تمام گھٽ، ننڍين اسٽيشنن تي گاڏي بيٺي ٿي ته ويجھي هڪ ڳوٺ
جا ماڻهو، گھاگھريون، مَٽ ۽ دلا جيڪي اڳواٽ قطارن ۾ رکيل هئا سي انجڻ مان نڪرندڙ
گرم پاڻيءَ سان واري وٽيءَ ڀريندا رهيا، جنهن مان محسوس ٿيو ته انهن مسڪينن کي پاڻيءَ
جي اڻاٺ آهي. ائين ڪجهه هنڌن تي گاڏي بيٺي ۽ ماڻهن پنهنجا ٿانوَ ٿپا ڀري پئي ورتا.
آخر نئون ڇوڙ ريلوي اسٽيشن تي گاڏي بيٺي ته مان لهي پيس ۽ پڇا ڪيم ته ڇانوڻي ڪهڙي
پاسي آهي. ڏَس تي ان طرف روانو ٿيس. گھاٽو جھنگ هو، وڏا وڻ، عجيب ماحول هو. مان اڪيلو
فوجي ڇانوڻيءَ ڏانهن پئي ويس، ڊپُ به ٿيو پئي. اڳيان چوڪي آئي ته مان محمد يوسف جو
پڇيم، محسوس ٿيو جيئن هو منهنجو انتظار ڪندا هجن. هڪ جوان مون کي پاڻَ سان هلڻ
لاءِ چيو. آخر ڪئمپ ۾ پهتس، محمد يوسف سان ملاقات ٿي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. ڪئمپ ۾ ته
جھنگل ۾ منگل لڳو پيو هو. پنهنجن فوجي دوستن سان ملاقات ڪرايائين، جن وڏو مانُ ڏنو.
شام ٿي چڪي هئي رات جي ماني نهايت لذيذ ۽ پُر تڪلف کائي، ڪچهري ڪري ٽينٽ ۾ سمهي
رهياسين.
صبح جو ناشتي بعد
محمد يوسف مون کي چيو ته ”ادا اچو ته مان هاڻي توهان کي پاڪستان جي سرحد کوکڙا پار
جو سير ڪرايان.“ پوءِ فوجي جيپ وسيلي وارياسن پيچرن تان گذرندي ڪجهه وقت بعد اُتي
پهتاسين، جتان به جيپ ٿي گذري ته ڀر وارن ڳوٺن مان ماڻهو ٻاهر نڪري ٿي آيا. محمد يوسف
ٻڌايو ته ۱۹۷۰ واري هندو پاڪ واري جنگ جا اثرات اڃا تائين هنن ماڻهن تي طاري آهن، جنهن ڪري
هي هميشه ڊنل رهندا آهن. واٽ تي فوجن جون مشقون پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو. شام جو موڪلائي
مان واپس ٿيس. اهڙو سفر منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ايڊوينچر کان گھٽ ڪو نه هو. ڇوڙ پوسٽنگ
بعد کيس نئين پوسٽنگ ملٽري اڪيڊمي گجرانوالا ۾ ملي جتي هو ۱۹۷۵ کان ۱۹۷۷ تائين رهيو، جتي ايڊيوڪيشن ڪور ۾ تدريسي
عمل ۾ مشغول رهيو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ
ساڳي سال يعني ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ گورنمينٽ محمد يوسف جي ايڊيوڪيشن ڪور ۾ ڪارڪردگي سبب سندس خدمتون
فوج کان گھري ورتيون. اختيارين سنڌ گورنمينٽ جي اهڙي گھُر کي قبول ڪيو پوءِ محمد
يوسف شيخ کي سنڌ گورنمينٽ سکر جي پبلڪ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو. جتي هو ۱۹۸۳ تائين خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ان وقت هو
فوج ۾ ڪيپٽن جي رينڪ تي ڪم ڪري رهيو هو. پبلڪ اسڪول ۾ نوڪريءَ دوران هن هڪ ٻيو ڊپارٽمينٽل
امتحان پاس ڪري ورتو ۽ ميجر جي عهدي تي پهتو، پر سندس سروس پبلڪ اسڪول ۾ ئي جاري
رهي. محمد يوسف شيخ هڪ ڪامياب انسان واري زندگي گذاري، ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ سنڌ
مدرسته الاسلام ڪراچي سميت وڏن وڏن ادارن جو سربراهه رهيو، آخر هڪ نگران حڪومت ۾
تعليم ۽ مذهبي امور جو وفاقي وزير به بڻيو. هو منهنجو محبوب ۽ جگري دوست هو، ان ڪري
سندس بابت اڃا کوڙ ساريون ڳالهيون هن آتم ڪٿا ۾ اڳتي به اينديون.
محمد يوسف لغاري
سچي ڳالهه ته اها
آهي ته لغاري صاحب جو تعارف لکندي مون سان لفظ ساٿ ئي نه ٿا ڏين. ڇا ته عجيب شخص
هو، جنهن پنهنجي سموري حياتي پنهنجا ڏک سور وساري، ٻين کي خوشيون ارپيون. حقيقت ۾
هو هر محفل جو مور هوندو هو. اهڙو کلڻو ملڻو ماڻهو جو ساڻس ملندي ماڻهوءَ جا ڏک ئي
ڏور ٿي وڃن. هو تمام سٺو مطالعو ڪندڙ ۽ ڄاڻ رکندڙ دوست هو. جڏهن ڪنهن سنجيده موضوع
تي ڳالهائيندو هو ته سندس گفتگو ۾ دليل هوندو هو. اسڪول واري دور ۾ ڪرڪيٽ جو آڙيڪاپ
رانديگر رهيو. اول پرائمري استاد ٿيو، جنهن کان پوءِ گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾
ايڇ ايس ٽي طور رٽائرمينٽ تائين خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو، ان دوران هو ماهوٽا
اسڪول جو هيڊ ماسٽر پڻ رهيو. خاص طور پائليٽ اسڪول جي ٻارن کي ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ
تائين ٽوئر ڪرائڻ جو آخري وقت تائين انچارج رهيو. لغاري صاحب هڪ قابل استاد هو،
تنهن ڪري هر خاص و عام ۾ مقبول رهيو. ان دور جي هيڊ ماسٽر ڪريم بخش کهڙي صاحب جو
ساڄو هٿ ۽ سندس سهڻو صلاحڪار رهيو. ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هو.
خاص طور پنهنجي محلي جي شيخ برادري سان هن وڏا هڏ ڳن ڏنا. ٻارن جي فين معاف ڪرائڻ
کان ويندي بيمارن سان تيماردار طور ڪراچيءَ تائين ويندو هو.
محمد يوسف لغاري
جواني ۾ سٻر مڙس هو. ان ڪري ڪي دوست کيس استاد جبل به چوندا هئا. انهيءَ عنوان سان
مون سندس خاڪو به لکيو هو، جيڪو ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن اخبار ۾ ڇپيو هو. هن کي ننڊ
گھڻي ايندي هئي. محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ته ٺهيو هڪ ڀيري رائيس ڪئنال جي ڪناري سان سائيڪل
هلائيندي هلائيندي کيس ننڊ وٺي وئي، پر سائيڪل جا پيڊل ڦرندا رهيا.
سنگت واري سٿ ۾
محمد يوسف لغاري هر مرحلي تي معاون ۽ مددگار رهيو. سچل ادبي مرڪز جي تعمير لاءِ هن
جون خدمتون وساري نه ٿيون سگھجن. ان دور ۾ لغاري صاحب اداري جي تعمير جي سلسلي ۾
سرڪار کان سورنهن پگھارون وٺي ٻانونجاهه هزار قرض کنئيو جيڪو سچل مرڪز کي قرضه
حسنا طور ڏنو ويو، جيڪو اداري بعد ۾ ادا ڪيو. عمر جي آخري سالن ۾ سندس طبيعت خراب ٿي
پئي. شگر ۽ بلڊ پريشر جي حملي کيس بيمار ۽ بي حال ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري بستر ڀيڙو ٿي
پيو ۽ ويل چيئر جي حوالي ٿي ويو. هن جو مون سان بي انتها پيار هو ۽ اهو ئي پيار ۽
سِڪَ اڪثر کيس ستائيندي هئي ته پنهنجن ٻچن کي چوندو هو ته مون کي ويل چيئر تي بشير
احمد ڏانهن سچل ادبي مرڪز تي وٺي هلو. اهڙي حالت ۾ ائين ڪافي ڀيرا هن مون تي
مهرباني ڪئي. مان به پنهنجن پُٽن سان وٽس ويندو رهندو هوس. آخري ڏينهن ۾ اسان سڀني
کي کلائيندڙ ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو مڙس فالج جي حملي سبب ڳالهائڻ جي صلاحيت کان به
محروم ٿي ويو. کيس ان حالت ۾ ڏسي دل ڀرجي ايندي هئي پر هو اشارن ۽ ڳراٺين ۾ به
پنهنجي محبت جا مَڻ اوتي ملندو هو. آخر ڳچ سال اڳ وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو
۽ اسان کي غم جي سمنڊ ۾ ٻوڙي ويو. هن جي وڇوڙي جي صدمي جيءُ جھوري وڌو. هن نيڪ نيت
انسان جون روح کي راحت ڏيندڙ ڪچهريون ڪڏهن ڪو نه وسرنديون.
مولا بخش ڀٽو
يارن جو يار ۽
محبوب شخصيت جو مالڪ. خوش طبعي سندس رَڳَ رَڳ ۾ رچيل هئي، سندس والد کيس ننڍپڻ ۾
ئي جدائيءَ جو داغُ ڏئي ويو هو، تنهن ڪري هن جي پالنا ۽ پرورش جو بار سندس امڙ جي
مٿان اچي ويو. غربت وارو گذارو هو، تنهن ڪري هي دوست اسڪول مان موڪل بعد پنهنجي پاڙي
مراد واهڻ ۾ ٻارن جون شيون کپائي امڙ جو هٿ ونڊائيندو هو. اسڪول ۾ شام جو راندين
لاءِ ضرور اچڻو پوندو هو، پر هي دوست غير حاضر رهندو هو، جنهن ڪري کيس اُٿي بيهڻ
جي سزا ملندي هئي. اسان جي سنگت جي خاص ساٿين مان هو. هن باهمت نوجوان آخر اهڙين
حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي تعليم پوري ڪئي. ان دوران اول کيس پرائمري
استاد، بعد ۾ سنڌي ليڪچرار جي نوڪري ملي. ڪجهه وقت ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ گھڻو
وقت ڪراچي جي مختلف ڪاليجن ۾ گذاريائين. جيري لاءِ ٻڪري ڪُهڻ وارو دوست هو. پاڻ کي
ڏکيو رکي ٻچن کي گھڻو سُکيو رکيائين. سنگت کي اڪثر مانيءَ جي دعوت ۾ گھرائيندو هو
۽ پُر تڪلف قسم جي طعام جو اهتمام ڪندو هو. مطلب ته دل جو امير مڙس هو. لاڙڪاڻي جي
باقراڻي روڊ تي ڀائو مولا بخش ڀٽيءَ جي ڪاٺين جي مڏيءَ تي هو شام جو اڪثر ويهندو
هو، جتي سندس چانهن جو لنگر جاري رهندو هو ۽ هوٽل واري کي پگھار تي حسابُ ڪري پئسا
ڏيندو هو.
اسڪول واري دور ۾ مولا
بخش زندگيءَ جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائيندو هو ته ”امان چيو ته ڇيلو وٺي اچُ.“ مان
بازار مان ڇيلو وٺي آيس. رات جو ڇيلي جي رڙ پئي پوي، سو سڄي رات سڀني جي ننڊ حرام ٿي
وئي. صبح جو امان چيو ته ابا ڇيلو واپس ڏئي پئسا وٺي آ. ڇيلو مارڪيٽ ۾ واپس کڻي
آيس، ڪاسائين ان جي اڌ قيمت يعني سو رپيه ملهه پئي ڪيو. سوچيم ته سو رپين ۾ ڇيلو وڪڻي
ايندس ته امڙ وڙهندي. ڪاسائين کي ايلاز ڪيم ته پئسا وڌائي ڏيو پر ڪاسائي ته هئا ئي
ڪاسائي، سو ڪجهه ڪو نه ٿيو. ڏاڍو تنگ ٿيس. آخر ڇيلو واپس کڻي ڳوٺ ٿي آيس ته ڇيلي
وري ٻرڙاٽ شروع ڪيا. مان ڏاڍو تنگ ٿيس، سو ڇيلو هڪ گھرَ جي دڪيءَ تي بيهاري وٺي ڀڳس
۽ امڙ ته منهنجي مٿان ڏاڍو ڪاوڙي پر پوءِ کيس آهستي آهستي پئسا ڀري ڏنم. هو ڳالهين
جو ڳهير ۽ محفل جو مور هو. سندس گفتگو ڏاڍي دلچسپ هوندي هئي ۽ هن سان ويهندي ڪڏهن
به بوريت جو احساس نه ٿيندو هو. اهڙو دلبر دوست رٽارمينٽ کان گھڻو اڳ اچانڪ دل جي
بيهڻ سبب اسان کان جدا ٿي ويو. هن جي جدائيءَ کي اڃا تائين قبول ئي ڪو نه ڪيو آهي.
هي ٻهڳڻو دوست اسان جي دل جي ڪئنواس تي سدائين موجود آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول
سومرو
زندگيءَ ۾ ڀائرن جهڙن
جن محبوب دوستن سان هن وقت تائين اٽوٽ محبت ۽ احترام جو رستو قائم دائم آهي، غلام
رسول سومرو انهن مان سر فهرست آهي. منهنجو پرين پيارو دوست منهنجو پراڻو پاڙيسري
به رهيو آهي. غلام رسول اسڪول ۾ اسان کان جونيئر هو پر ويجھن دوستن جي سٿ ۾ شامل رهيو.
هن جو ۽ منهنجو ننڍي لاءِ کان ئي پيار ۽ محبت وارو رشتو رهيو. هو منڍ کان وٺي
نهايت محنتي، هڏ ڏوکي ۽ ذهين هو. ننڍي وهيءَ ۾ ئي والد صاحب جي شفقت کان محروم ٿيڻ
سبب سمورو بار سندس سر تي اچي پيو. هن پڙهائيءَ سان گڏ و گڏ محنت مزدوري ڪري گھر
جو گاڏو هلايو ۽ همت ڪانه هاري. لاڙڪاڻي جي سمال انڊسٽريز ۾ به ڪم ڪيائين. غلام
رسول جا هڪڙا دوست سندس ڏکين ڏينهن وارا هئا، جن ۾ صاحب خان شيخ ۽ ٻيا ڪجهه بروهي
دوست هئا، جن سان سندس اڪثر ملڻ ٿيندو هو. صاحب خان سندس جھُٽ يار هو. مل ۾ گڏجي ڪم
ڪندا هئا. بعد ۾ صاحب خان نئون ديرو شگر مل ۾ ملازمت اختيار ڪئي. غلام رسول مون کي
پنهنجن انهن مسڪين يارن ڏانهن ڪڏهن ڪڏهن وٺي ويندو هو.
دوستن جي سٿ ۾
شموليت غلام رسول کي علم ادب ڏانهن به راغب ڪيو. ڪامرس ڪاليج ۾ گڏ رهياسين جتي هن
مختلف نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو ورتو. هڪ ڀيري ڪامرس ڪاليج ۾
موسيقي جي مقابلي کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ غلام رسول سومري خيال ڏيکاريو ته؛ ”ڀلا سڀاڻي
مان به طبع آزمائي ڪري ڏسان.“ چوندا آهن ته ڳائڻ ۽ روئڻ هر ڪنهن کي ايندو آهي. جيڪي
ٻاهر يا اسٽيج تي نه ڳائي سگھندا آهن، اُهي ٻيو نه باٿ روم ۾ ئي ڳائڻ جي ڪوشش ضرور
ڪندا آهن، جن کي باٿ روم سنگر چيو ويندو آهي، سو يار به ريهرسل واري ڏينهن سنبري
اچي اسان سان ان ڪلاس روم ۾ ويٺو، جتي استاد ميهر فقير، شاگردن کي فنڪشن ۾ ڳائڻ جي
پريڪٽس ڪرائي رهيو هو، مون استاد ميهر کي چيو ته ”استاد منهنجو هي دوست به ڳائڻ جي
مقابلي ۾ حصو وٺندو.“ استاد، غلام رسول ڏي ڏسي چيو؛ ”ها بابا ڇا ٻڌائيندين؟“ غلام
رسول نڙي صاف ڪرڻ لاءِ کنگھڪر ڪئي. استاد وري چيس؛ ”ها بابا“ غلام رسول ٻيهر به
کنگھيو. استاد هارمونيم تي هٿَ ڦيريا ته غلام رسول ٽيهر به کنگھڪر ڪئي. جنهن تي
استاد ميهر کيس چيو؛ ”بابا رڳو پيو کنگهندين يا ڪجهه ڳائيندين به؟“ سو نيٺ وڃي هن
هڪ هندوستاني گاني جا آلاپَ ڪڍيا.... اصل ۾ يار سُر تال کان صفا نڪتل هو، سو استاد
ميهر جي هارمونيم جا سُرَ هڪ پاسي ته غلام رسول ٻئي پاسي پئي ويو. ٻه ٽي ڀيرا ڪوشش
بعد استاد ميهر تنگ ٿيندي چيس ته؛ ”پُٽ راڳ تو کان زور آ، کڙو ٿي ٻين کي وارو ڏي.“
غلام رسول راڳ ته
نه ڳائي سگھيو البته اڳتي هلي ليکڪ ۽ محقق بڻجي ويو. ان ڳالهه ۾ ذري برابر وڌاءُ
نه آهي ته هن کي لکڻ لاءِ مون گھڻو همٿائيو. سڀ کان پهريان پنهنجي سنڌي ايم اي
وارا نوٽس کيس ڏئي سندس همت افزائي ڪئي ۽ چيو ته تون به سنڌي ۾ ايم اي ڪر. هن ائين
ئي ڪيو. ايم اي ڪرڻ بعد غلام رسول کي ڪراچيءَ ۾ ليڪچررشپ ملي ۽ پوءِ هو مستقل طور ڪراچيءَ
جو ئي ٿي ويو.
غلام رسول سان
دوستي ۽ محبت جو ناتو ايتري قدر هو، جو هو جڏهن ليڪچرار طور ڪراچي وڃي رهيو، ته
آئون اڪثر وٽس ويندو رهندو هيس ۽ اُتي محمد يوسف شيخ ۽ مولا بخش ڀُٽي سان گڏجي
گھمندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ غلام رسول انچولي سوسائٽيءَ ۾ رهندو هو. غلام رسول
سان ڪراچيءَ جا ڏاڍا سير ڪياسين. مختلف تاريخي عمارتون ڏسڻ جو موقعو مليو. کوڙ
سارين پڪنڪ پوائنٽس تي گڏ گھمياسين. جيئن ته منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ ڇهين ٻارهين مهيني
ٿيندو هو پر غلام رسول ته ڪراچيءَ جي چپي چپي کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هو مون
کي گھمائيندو رهندو هو.
غلام رسول پنهنجي
اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. کيس ٽن پٽن امجد، فرحان ۽ عمير ۽ ٻن نياڻين
جو اولاد آهي. جن مان هڪ پُٽَ امجد سعودي عرب ۾ انجنيئر آهي، ٻيو ڊاڪٽر فرحان ڊينٽسٽ
آهي، جيڪو ڪجهه عرصي کان ڪيناڊا ۾ پنهنجي فيملي سان رهي پيو ۽ اتان جو شهري به بڻجي
چڪو آهي. غلام رسول گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻه ڀيرا ڪيناڊا وڃي چڪو آهي. ٻئي ڀيري هو چڱو
عرصو ڪيناڊا ۾ ترسي پيو. هن ان فرصت جو فاعدو وٺندي ٽي ڪتابَ لکي ورتا، جن مان هڪ ڪيناڊا
جي سير سفر تي مشتمل آهي، جيڪو تازو ئي ”ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون ڳالهيون“ نالي سان
ڇپيو آهي. ٻيو ڪتاب سندس زندگيءَ جي يادگيرين تي مشتمل آهي جيڪو ”سنڌو ڪناري ساروڻيون“
جي عنوان سان ان کان اڳ شايع ٿي داد وٺي چڪو آهي، جڏهن ته ٽيون هن ئي سال ”جيءُ
جياريو جن“ عنوان سان پڌرو ٿيو آهي. ٽنهي ڪتابن ۾ هن جي سرل ٻولي ۽ واقعن جي پيرائتي
بيان ۽ منظرنگاري کي ادبي حلقن ۾ گھڻو ساراهيو ويو آهي. غلام رسول جي پي ايڇ ڊي جي
ٿيسز به ۲۰۱۹ع ۾ ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ: ورهاڱي کان اڳ“ عنوان سان پڌري ٿي آهي ۽ اها ٿيسز
لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.
غلام رسول کي
تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ جو هميشه کان وڏو شوق رهيو آهي، جڏهن به گڏجي شڪارپور ويا
آهيون ته هو هندن جي جاين ۽ حويلين کي وڏي دلچسپيءَ سان ڏسندو آهي ۽ انهن بابت
معلومات حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي. هڪ ڀيري مون کي ياد آهي ته مان هن کي پنڌ
ئي پنڌ شڪارپور جي انهن پاڙن، گھٽين ۽ بازارن ۾ گھمايو هو، جتي منهنجو ٻال-پڻو
گذريو هو. هو به ڄڻ ته مون سان گڏ منهنجي ماضي ۾ گم ٿي ويو هو.
غلام رسول ڪراچيءَ
۾ نوڪري ڪرڻ دوران مختلف ڪاليجن ۾ تدريسي خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ پنهنجي تعليم کي
وڌائيندي سال ۱۹۹۲ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي سربراهيءَ هيٺ ”لاڙڪاڻي
جي ادبي تاريخ ــ ورهاڱي کان اڳ“ موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪيائين. هن جي ٿيسز سنڌي ادب
جي دنيا جو سرمايو آهي، جيڪا ڪجهه سال اڳ ڇپجي پڌري ٿي چُڪي آهي. ڊاڪٽر غلام رسول
سومري عمر جا سٺ سال پورا ڪري ڪراچي جي دهلي ڪاليج مان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ
بعد هو وڏين بيمارين ۾ به وچڙي ويو ۽ باءِ پاس پڻ ڪرائي، منهنجي دعا آهي ڌڻي
منهنجي هن پياري ڀاءُ کي سٺي صحت عطا ڪري ۽ سدائين اسان جون محفلون ۽ ملاقاتون
جاري رهن.
محمد ايوب سولنگي
محمد ايوب سولنگي
دلبر دوست اسڪول واري دور کان ويندي ڪامرس ڪاليج ۾ پڙهڻ تائين پاڇي وانگر هڪ ٻئي
سان گڏ گڏ رهياسين. سولنگي صاحب يارن جو يار هو. قاسميه مسجد عيد گاهه جي ڀرسان
سندس گھر هو. هن جي سنڌي توڙي انگريزي جي هينڊ رائيٽنگ تمام خوبصورت هوندي هئي،
سندس شخصيت پُر ڪشش هُئي. ان دور جا فوٽو ڏسي هن وقت به مان ٿڌو ساهه ڀري وٺندو
آهيان. باذوق ۽ عاشق جيئڙو رهيو. هن جو نالو پائليٽ اسڪول جي بهترين استادن ۾ شمار
ٿيندو هو. خاص طور انگريزي ۽ ميٿميٽڪس تي کيس عبور حاصل هو. هن جا لائق شاگرد اڄ
به سندس تعريف جا ڍُڪَ ڀريندا آهن. محمد ايوب اسان جي ڪمپنيءَ جو هيرو ۽ هر حال ۾
ساٿ نڀائيندڙ ساٿي رهيو آهي. اسان ورهين جا ورهيه روزانو ملڻ وارا دوست رهياسين.
هينئر سولنگي صاحب رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو آهي.
جيئل راءِ اوڏ
جيئل راءِ اسان جي ڪلاس
۾ پنهنجي قد بتَ سبب سمورن شاگردن کان ننڍڙو ۽ مختصر لڳندو هو. ان وقت کان ئي هو
زيرڪ ۽ ذهين هو. پڇڻا نه منجھڻا جي اصول جو پابند هو. اوڏ فيمليءَ مان ان وقت ڪي آڱرين
تي ڳڻڻ جيترا پڙهي لکي ڪنهن منصب تي مَسَ پهتا هوندا. جيئل راءِ جا وڏا گڏهن تي مٽي
ڍوئڻ ۽ اوڏڪيون ڀتيون اَڏڻ جو ڪم ڪندا هئا. جيئل راءِ جو گھر شاهي بازار جي اندران
هڪ سنهي گھٽيءَ ۾ هوندو هو. ان دور ۾ ئي هن کي سِڪن ۽ ٽِڪلين گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق
هو، جيڪو ڪاليج پهچڻ تائين قائم رهيو. هن ڪامرس ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران سڪن ۽ ٽڪلين
جي نمائش ڪرائي انعام کٽيو هو. اسان سان گھمڻ گهتڻ وارن پروگرامن ۾ گڏ هوندو هو.
جيئل راءِ اوڏ کي قلمي دوستيءَ جو به وڏو شوق هوندو هو، جنهن ڪري هو وڏن وڏن
دانشورن ۽ ليکڪن سان به رابطي ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري هن ٻڌايو هو ته ان خط ڪتابت
دوران هن جو اينيمري شمل سان به رابطو ٿيو ۽ سندس خطَ اڄ به وٽس محفوظ آهن. پڙهي پڄائڻ
بعد فيملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ اول ڪلارڪ ٿيو، بعد ۾ ترقي ڪري اڪائونٽنٽ جي عهدي تي
پهتو. ان دوران هن لکڻ جي شروعات به ڪئي ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي
سندس ڪتابَ به ڇپجي پڌرا ٿيا. خاص طور اوڏڪين رسمن رواجن بابت به هن گھڻو ڪجهه
لکيو آهي.
حمزه علي ٽڳڙ
اسڪول واري زماني ۾
پوري ڪلاس ۾ حمزه علي ٽڳڙ Cute لڳندو هو. ٻهراڙيءَ جو ٻارُ هو، تنهن ڪري ڏاڍو
ڊنل ۽ محتاط طبيعت رکندو هو. وڏو پڙهاڪو ۽ محنتي نوجوان هو. ڀوڳ چرچا به ٻهراڙيءَ
وارا ڪندو هو. سندس ڳوٺ ٽڳڙ ماهوٽن ڀرسان آهي. هڪ ٻه ڀيرو اسان سندس ڳوٺ به ويا
سين، وڏو مهمان نواز ۽ مخلص يار هو. پڙهائيءَ جون منزلون ڪاميابيءَ سان طئي ڪندي
آخر انجنيئر جي عهدي تي پهتو. نئون ديرو شگرمل ۾ سندس انجنيئر طور پوسٽنگ ٿي، جتي ڪڏهن
ڪڏهن دوستن کي ڪوٺ ڏئي گھرائيندو هو. شگرمل ۾ کنڊ ٺهڻ جا مرحلا ڏيکاريندو هو ۽
واپسيءَ تي هر هڪ دوست کي رنگين کنڊُ جي سيمپلن وارا پيڪيٽ تحفي ۾ ڏيندو هو. ڦوهه
جوانيءَ ۾ اچانڪ دل جي تڪليف سبب اسان کي جدائيءَ جو داغ ڏئي وڃي پنهنجي مالڪ سان
مليو، سندس اڻ مندائتي موت تي سمورا دوست اشڪبار هئا.
عاشق حسين سانگي
عاشق حسين سانگي
اسان جو هم ڪلاس هجڻ سان گڏ سفر جو به ساٿي رهيو. نهايت پُر خلوص ۽ مخلص انسان
آهي. پڙهي پُڄائڻ کان بعد روزگار سانگي اسلام آباد وڃي رهيو ۽ ڪنهن سرڪاري کاتي ۾
اهم عهدو ماڻيائين. هينئر جڏهن اسلام آباد وڃڻ ٿيندو آهي ۽ ساڻس ملاقات ٿيندي آهي
ته لک قربَ ڏيندو آهي ۽ ماضيءَ جون يادون تازيون ٿي وينديون آهن. سندس ٻه شاديون
آهن، سو پنهنجي متعلق ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. مطلب ته هي دوست انهن
يارن مان آهي جن لاءِ شاهه سائين چيو آهي ته ”ويٺي جنين وٽِ، ڏکندو ڏور ٿئي.“
محمد عثمان جمالي
لاڙڪاڻي کان عاقل
ويندي وچ تي جمالين جو ڳوٺ آهي، محمد عثمان جمالي ان ڳوٺ جو رهاڪو هو. قداور ۽
خوبصورت جوان هو. ڪلاس جو مانيٽر پڻ هو. شايد ڇهين درجي انگريزيءَ ۾ هئا سين، ان
وقت لاڙڪاڻي ۾ تفريح جو ذريعو رڳو سينيما ئي هو. آس پاس جي ڳوٺن جا نوجوان آخري شو
کي ڏسڻ کان پوءِ به آرام سان ڳوٺ هليا ويندا هئا. هر طرف امن امان هوندو هو. محمد
عثمان جمالي به آخري شو ڏسي، ڳوٺ جي هڪ نوجوان سان واپس وڃي رهيو هو ته دڳ تي کيس
قضاءِ حاجت جو خيال ٿيو. دوست کان وٿيرڪو ٿي وڃي ٻوڙن ۾ ويٺو. ڪجهه مفاصلي تي ڪو پاڳل
ڪُتو سمهيو پيو هو، جيڪو چُر پُر تي اُٿي پيو ۽ محمد عثمان جي مٿان خوخوار حملو ڪيائين
۽ کيس چڪي رکيائين. نوجوان هو، اُٿي کڙو ٿيو. دوست کي چيائين ته ڳوٺ ڳالهه نه ڪجانءِ
نه ته آئينده اسان کي فلم ڏسڻ جي موڪل ڪانه ملندي. دوست کي هم راز بڻائي ڳوٺ پهتا.
هن کي اهو خيال ئي نه آيو ته متان ڪُتو ڇتو هجي يا وري سُين جي خوف کان هن واقعي
کي آيو ويو ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته محمد عثمان کي ڪتي جي چڪَ
سبب دورا پئجي رهيا آهن، کيس رسن سان ٻڌي ڇڏيو اٿن ۽ تُرت ئي وري ٻي دردناڪ خبر
اها پئي ته محمد عمثان الله کي پيارو ٿي ويو. دوست جي جوانيءَ واري موت تي هر اک
آلي هئي.
الله بخش جوکيو
شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ
ڊکڻ ڀرسان ڪاڪي پوٽي جو ويٺل الله بخش جوکيو، اسان جي تمام ويجھن دوستن مان هڪ هو.
هن جي وڏن جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار هو. هو هڪ تمام ذهين، کل مُک ۽ همدرد دل رکڻ
وارو نوجوان هو. هن پنهنجي ڳوٺ جي غريب نوجوانن کي پنهنجي خرچ تي پڙهايو ۽ انهن مان
ڪيترائي سٺين نوڪرين سان وڃي لڳا. ڪچهري جو ڪوڏيو هو. گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول
مان سينئر استاد طور رٽائرمينٽ ورتائين. دل جو به صاف هوندو هو. اسان جي سير سفر
جو ساٿي رهيو. رٽائرمينٽ کان ستت پوءِ هو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو.
قاضي محمد حيات
شڪارپور جي قاضي
فيملي جو فرد آهي. سندس والد محمد باقر وٽنَ ڪانٽن واري ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻي ۾ انسپيڪٽر
هو. شاهي بازار جي منڍ ۾ رهندو هو. قاضي محمد حيات اسان جو ڪلاس فيلو هو. صحتمند ۽
ڳڀرو جوان هو. سمورن پروگرامن ۾ گڏ هوندا هئا سين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل
ڪري پي آءِ اي ۾ نوڪري ورتائين جتان ترقي ڪندي پروينٽو آفيسر طور رٽائرمينٽ
ورتائين. هن وقت بلوچ ڪالوني ڪراچيءَ ۾ مقيم آهي. ساڻس محبت جو رستو اڃا تائين
قائم آهي.
غلام مصطفى سمون
(بولاڻي)
غلام مصطفى اسان جو
ڪلاسي ته نه هو پر اسان جي ڪمپنيءَ سان سلهاڙيل ضرور هو، هن جا سنڌي توڙي
انگريزيءَ جا اکر ڏاڍا سهڻا هوندا هئا. هو هر وقت اکرن سڌارڻ لاءِ اشهد آڱر ذريعي
هوا ۾ به پيو اکر لکندو هو. هو هڪ نيڪ ۽ بي ضرر انسان هو. يتيم ڇوڪرو هيو، تنهن ڪري
پڙهڻ کان علاوه مختلف ڌنڌا ڪري وڃي پنهنجي پيرن تي بيٺو. ڪاليج مان فارغ ٿي، ريلوي
ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. گھڻو وقت خانپور ڪٽورو (پنجاب) ۾ رهيو. رٽائرمينٽ
کان ٿورو اڳ سکر بدلي ڪرائي آيو. صوم و صلوات جو پابند هو. مٿس مذهبي رنگ گھڻو چڙهيل
هو. آخري عمر ۾ مختلف مذهبي تقريبن ۽ جلسن جا خوبصورت اکرن ۾ پوسٽر ٺاهيندو هو.
مطالعي جو به گهڻو شوقين هو. اسان جي سنگت جي پروگرامن ۾ اڪثر شرڪت ڪندو رهندو هو.
ڪجهه سال اڳ اسان سڀني کان وڇڙي ويو.
رسول بخش شيخ
رسول بخش شيخ اسان
جي سٿ جي انهن ساٿين مان هڪ هو، جن سان پڙهائيءَ ۾ پنهنجي هوڏ هوندي هُئي. چوندو
هو ته فلاڻي سبجيڪٽ ۾ توکان گھڻيون مارڪون کڻندس. يار جي ياداشت ڪمال جي هوندي
هئي. امتحان جي گڏ تياري ڪندا هئا سون. شروع ۾ مختلف اسڪولن ۾ پهريان پرائمري ۽
پوءِ سيڪنڊري استاد طور خدمتون انجام ڏنائين، جتان وري حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم
ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيائين ۽ گڏ و گڏ سنڌي ادب ۾ ايم اي به امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين.
مون کانئس اڳ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ وڏي محنت سان نوٽس ٺاهيا هئا، جڏهن رسول
بخش ايم اي ڪئي ته هن مون کان کوڙ رهنمائي حاصل ڪئي ۽ منهنجا نوٽس کيس گھڻو ڪم
آيا. جنهن کان پوءِ هو ڪميشن پاس ڪري گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي
جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هو چوندو هو ته کيس منهنجا نوٽس نه رڳو ايم اي دوران پر ڪميشن
جي امتحان پاس ڪرڻ ۾ به ڏاڍا ڪم آيا. هو هڪ اورچ انسان هو. نوڪري دوران سائيڊ ۾
بزنس جاري رکندو آيو. هو ڪجهه ئي سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو.
فضل الله تونيو
هن جذباتي ۽ جوشيلي
جوان جو تعلق لاڙڪاڻي جي تعلقي ميروخان سان هو. اسان جي سنگت جو سهڻو ساٿي هو.
سندس والد شاهه محمد تونيو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري رهيو. هو هڪ جهانديد
انسان هو. هن ملڪ جو ماحول ڏسي پنهنجن پُٽن کي ملڪ ڇڏي وڃڻ جي صلاح ڏني. هن جو هڪ
پُٽ ايم بي بي ايس ڪري انگلينڊ هليو ويو. فضل الله ايگريڪلچر ٽنڊي ڄام مان ايم ايس
سي جي ڊگري ورتي. وڌيڪ تعليم لاءِ بيروت ويو جتي جنگ واري دور ۾ به وڏي همت ۽ جرئت
سان پنهنجي تعليم کي تڪميل تي رسائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ڊگري وٺي آيو ته کيس ايگريڪلچر
ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي، جتان ترقي ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي رسيو ۽ رٽارمينٽ
ورتائين.
فضل الله تونيو هڪ
متحرڪ نوجوان هو. هو سائنسي سوچ رکندڙ ماڻهو هو. دليلن ۾ هن کان ڪو گھٽ کٽي سگھندو
هو. ملڪ جي حالتن تي سندس گھري نگاهه هئي. چوندو هو ته جيڪر والد صاحب جو چوڻ مڃان
ها ته ملڪ جون هي حالتون ته نه ڏسي سگھان ها.سچل ادبي مرڪز جي تعمير ۾ سندس وڏو هٿ
رهيو. ۲۰۱۶ ۾ وفات ڪري ويو.
عبدالمالڪ آرائين
آرائين صاحب اسان
جي سنگت واري سٿ ۾ مستقل ميمبر ته ڪو نه هو پر اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهنديون
هيون. اسڪول ۾ اسان کان سينئر هو. وڏو محنتي ۽ اورچ انسان هو. مطالعي جو شوقين،
انگريزي ۽ اڪانامڪس ۾ ايم اي ڪيائين. پڙهائيءَ دوران گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج
۾ گڏ رهيا سين. اسان جي ڪن پڪنڪ پروگرامن ۾ پنهنجي پياري دوست انجم توحيد سان گڏ
شريڪ رهيو. هڪ ڀيري اسان کي پنهنجي زيتونن جي باغن ڏانهن ماهوٽن ڀرسان گوڪل پور وٺي
ويو هو، جتي وڏو مزو آيو هو. عبدالمالڪ آخري ڪجهه سال ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جي
پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنيون. رٽائرمينٽ کان پوءِ مستقل طور ڪراچيءَ هليو
ويو، جتي هن سن ۲۰۱۷ع ۾ وفات ڪئي.
پرائمري استاد جي
چونڊ
پبلڪ هيلٿ رتيديري
سينٽر ۾ ڪلارڪي واري نوڪري ڇڏڻ کان ڇهن مهينن بعد پرائمري استادن جي چونڊ ۾ مان به
پنهنجن ٻين ڪجهه ساٿين سان گڏ چونڊجي ويس. پنهنجي ڪمپنيءَ مان جن دوستن کي آرڊر
مليا انهن ۾ محمد يوسف شيخ، محمد ايوب سولنگي، محمد يوسف لغاري، مولا بخش ڀٽو ۽
عبدالسميع سومرو شامل هئا. ڪن کي اولهه رکيائون ته ڪن کي اوڀر. ڪن وڃي جوائن ڪيو
ته ڪي ويا ئي ڪونه. محمد يوسف شيخ به ڪو نه ويو. مون کي ڦل روڊ تي ڳوٺ وسايو ڀٽو
گھاڙي ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻيا اسڪول به گھمايائون. جن ۾ مهر وڏا، لعل
بخش بگٽي، رشيد وڳڻ ۽ پي وي اسڪول لاڙڪاڻو شامل هئا. جن مان ٻه اسڪول يادگار آهن.
پهريون لعل بخش بگٽي، جنهن جو هيڊ ماسٽر مون تي مهربان رهيو ۽ مون کي اسڪول ٽائيم
ختم ٿيڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ موڪل ڏيندو هو ته جيئن وڃي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ آخري
پيرڊ اٽينڊ ڪريان. ان وچ ۾ انٽر پاس ڪرڻ بعد مون ڊگري ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڇڏي هئي.
ان دور ۾ مون وٽ شاهي سواري سائيڪل جي صورت ۾ هوندي هئي. اسڪول کان نڪري لانگ
ورائي چڙهندو هوس ۽ وچون پنڌ ڏئي اچي ڪاليج پهچندو هوس. ان پنڌ ۾ وچ تي رائيس ڪئنال
ڪراس ڪرڻي پوندي هئي. قمبر شهدادڪوٽ واري ريل جو لنگهه به اهو ئي هو. ڪئنال جي مٿان
پُل تي پيل سليپرن جي وچ ۾ تقريباً نوَن ڏهن انچن جيتري وٿي هوندي هئي. هيٺان پاڻي
وهندو هو. مون کي ڏاڍو سنڀالي سائيڪل هٿ ۾ ڪري گذرڻو پوندو هو. ڊپُ به ٿيندو هو پر
پوءِ هري ويس. هڪ ڀيري جيئن ئي پُل تي پهتس ته پريان قمبر واري ريل ايندي ڏٺم.
ساهه ئي سُڪي ويو. شايد ريل جو روز وارو ٽائيم منهنجي گذرڻ کان اڳ يا پوءِ جو هو،
ان ڪري اڳ ۾ ڪڏهن اهڙو واقعو ڪو نه ٿيو. ريل قريب ايندي وئي. مان پُل جي وچ تي.هڪ
اڻ تارو ٻيو پُل جي تختن واري وٿي، وچ تي مَس پهتو هيم جو ريل کي ڊرائيور پُل جي
پَرينءَ ڀر بريڪ هڻي بيهاريو. مان الله الله ڪري پُل ڪراس ڪيم. بس مولا بچايم،
پوءِ ٽرين جي ڊرائيور جا ٻولَ به ٻڌڻا پيم.
پرائمري اسڪول ۾ نوڪري
ڪرڻ دوران مون ايم اي سنڌي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ورتو. ان وقت مون کي
رشيد وڳڻ بدلي ڪيو ويو هو. اسڪول وڃڻ لاءِ صبح جو سوير اٿڻو پوندو هو، جو ريل ڪار
سوير نڪرندي هئي. تڪڙ تڪڙ ۾ ناشتو ڪري وڃي اسٽيشن جو پاسو وٺندو هيس. ريل ڪار ذريعي
باقراڻي اسٽيشن تي لهي، ٽانگي ۾ چڙهي، چئن پنجن ڪلوميٽرن تي اچي رشيد وڳڻ پهچندو
هيس، جتي سيد بادشاهه ڪرم علي شاهه هيڊ ماسٽر هوندو هو. پوءِ ٻه ٽي ٻه ٽي ڏينهن
اُتي رهي پوندو هيس، ڇالاءِ ته لاڙڪاڻي کان روزانو اچڻ ڏکيو لڳندو هو. شاهه صاحب ڏاڍو
قدردان شخص هو، ڳوٺ ۾ به سندس مڃتا هئي. مون کي چوندو هو ته شاد صاحب توهان اسان
جا مهمان آهيو. توهان وٽ وڏي ڊگري آهي. ڪڏهن اسان جا صاحب به بڻجي سگھون ٿا. هن جا
پُٽَ به لائق هئا. رات جو ڪچهريون ٿينديون هيون. مطلب ته اهي يادگار ڏينهن وساري
نه ٿا سگھجن.
رشيد وڳڻ جي حوالي
سان هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪندو هلان ته هڪ ڀيري ريل ڪار مان لهي جيئن باقراڻي اسٽيشن
تي پهتس ته هڪڙو به ٽانگو ڪو نه هو اصل ڪاريءَ وارا ڪکَ. ٻئي پاسي هلڪي هلڪي بوندا
باندي شروع ٿي وئي. اسڪول به ضرور وڃڻو هو. واپسيءَ جي ٻي ڪا واٽ به ڪانه هئي. ٿوري
دير شيڊ هيٺان بيهي، برسات بند ٿيڻ جو انتظار ڪيم. جيئن ئي برسات بند ٿي ته هاڻي
گوڏي تي وهائڻ جو سوچيم. الله جو آسرو ڪري نڪري پيس. رشيد وڳڻ واري رستي سان هڪ وڏو
ڳوٺ ڀنگئي ڪلهوڙن جو ايندو هو. چون ٿا ته ان ڳوٺ تي اهو نالو ان ڪري پيو جو ڪنهن
دور ۾ اتان جا ڪي رهواسي ڀنگ ڀٽاريءَ جا پيئاڪ هئا ۽ مڙئي اوطاقن ۽ مڪانن مان گھرڙ
گھوٽ جا آواز ايندا هئا. مفت خور پياڪن کي ’آپڻي گھوٽ تي نشا هوئي‘ جا طعنا به ٻڌڻا
پوندا هئا، ان ڳوٺ جا گڏهن جيڏا قداور ڪُتا ٽانگي ۾ هجڻ باوجود ڳپل تائين ڀونڪندا
پٺيان ايندا هئا. هينئر ته مان پيدل هيس، سو دل ڌڙڪي رهي هئي. ڀلا اسان نجُ شهري
ماڻهو ڪُتن جي ڪرتبن کي ڇا ڄاڻون....؟ سوچيم ته ڪو ڳوٺاڻو واٽهڙو ملي ته ساڻس گڏجي
وڃان پر نهاريم ته آس پاس ته ڪوبه ڪو نه هو، پوءِ مان جيئن ئي ڳوٺ جي قريب پهتس ته
توقع مطابق چوڌاري ٽي چار ڪُتا وري آيا. منهنجو ساههُ سُڪي وڃي پيرن ۾ پيو. ڪُتن
جي ڀونڪَ تي وڏيري جي اوطاق تي ويٺل ماڻهن مان ٻه همراهه نڪري آيا ۽ ڪُتن کي هڪل ڏئي
پري ڪيائون. چيائون ’ماستر اڄ ڪيئن پنڌ نڪري پيو آن؟‘ پوءِ انهن مان هڪڙي منهنجو
ساٿ ڏنو ۽ ڳوٺ ٽپائي آيو. خير سان اچي رشيد وڳڻ پهتس ۽ ڌڻي جو شڪر ادا ڪيم.....
رشيد وڳڻ مان بدلي ڪري لاڙڪاڻي جي پي وي اسڪول ۾ رکيائون ته مون مس وڃي ڪو سُک جو
ساهه کنئيو. اهو ۱۹۷۲ع وارو سال هو. انهيءَ وچ ۾ مون پي ٽي سي ۽ بي ايڊ جا امتحان به پاس ڪري
ورتا هئا ۽ هاڻي مان ايم اي بي ايڊ هيس.
ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ
جي تلاش ۽ پيش ايندڙ واقعا
نامياري ليکڪ زيب
سنڌي جي والد صاحب جو خط کڻي وڃي سنڌ مدرسي جي گذدر صاحب سان مليس.
اندر ۾ آنڌ مانڌ
هوندي هئي ته ايڏين ڊگرين هوندي مان پرائمري ٽيچر بڻيو ويٺو آهيان. ڪو هٿ پير هڻجي.
آخر پختو ارادو ڪيم ته ڪراچي وڃي قسمت آزمائجي، مَن ڪو ڪلياڻ ٿي پوي. ان ارادي کي
عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪراچيءَ لاءِ نڪري پيس. هاڻي مون وٽ هڪ خط جو سهارو هو، جيڪو
منهنجي دوست عبدالخالق شيخ جي سهري ۽ نامياري ليکڪ زيب سنڌي جي والد حاجي
عبدالستار شيخ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن لکي ڏنو هو، جيڪو هڪ رٽائرڊ ڪامورو هو. ان خط ۾
مون کي نوڪري تي لڳائڻ جي سفارش ڪيل هئي. خط کڻي ڪراچي پهتس. نرسريءَ واري علائقي
۾ شيخ صاحب کي ڳولي ڦولي وڃي لڌم. سائينءَ وڏو مانُ ڏنو ڪجهه دير ڪچهريءَ بعد هن هڪ
سفارشي چٺي ڏيندي چيو ته ”توهان سنڌ مدرسته الاسلام جي سيڪريٽري محمد هاشم گزدر
سان وڃي ملو. هو منهنجو گھرو دوست آهي، مان کيس ٽيليفون به ڪريان ٿو. توهان پڙهيا ڳڙهيا
۽ ذهين نوجوان آهيو، اميد ته توهان جو ڪم ٿي ويندو.“ شيخ صاحب جا ٿورا مڃي، واپس ٿيس
۽ ٻئي ڏينهن تي صبح جو سنڌ مدرسي پهتس. خبر پئي ته گزدر صاحب ٻاهر ويل آهي ۽ هفتي
کن ۾ واپس ايندو. سوچيم ته جيسيتائين هو صاحب واپس موٽي، تيسيتائين ڪو ٻيو به هٿ
پير هڻجي.
ان وقت گورنمينٽ
پائليٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مانوارو واحد بخش شيخ صاحب ڊائريڪٽر اسڪولس لڳل
هو، سندس فرزندن محمد يوسف ۽ نصر الله سان دوستيءَ سبب هو مون کي شخصي طور سڃاڻيندو
هو. ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي اين جي وي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾ سندس آفيس هئي. ٻئي ڏينهن
تي سائين جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيس ۽ کيس ٻڌايم ته مان ايم اي، بي ايڊ آهيان ۽ ڪنهن
اسڪول ۾ انگريزي ماستريءَ جو خواهشمند آهيان، جيڪڏهن اهڙي مهرباني ڪندا ته لک
احسان ڀائيندس. شيخ صاحب جيتوڻيڪ پنهنجي مزاج ۾ تمام سخت ۽ با اصول ماڻهو هو پر هن
مون سان ڪجهه وقت ڪيل ڪچهريءَ مان ئي شايد سمجھي ورتو ته مان ان نوڪري جي لاءِ اهل
آهيان، سو شيخ صاحب ڏاڍي مانائتي موٽ ڏني ۽ چيو ته ”چنيسر هالٽ جي انگريزي اسڪول ۾
جونئر اسڪول ٽيچر جي جاءِ خالي آهي، مان چاهيان ٿو ته توهان جهڙي برجستي ۽ ذهين
نوجوان کي اتي جوائن ڪرڻ کپي، پر ٿوري پگھار ۾ ڪراچي ۾ ڪيئن رهندو؟ پگھار رڳو هڪ
سو پنجهتر رپيا ٿيندي. دل من پڇيو پوءِ سڀاڻي اچي ٻڌائجو.“ مان ٻڏ تر جي ڪيفيت ۾
شيخ صاحب کان موڪلائي ساڳي بندر روڊ تي سنڌ زميندار هوٽل جي ڪمري ۾ اچي ليٽيس.
سوچيم ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ سو ويهه رپيا پگھار ته ملي ٿي ۽ گھر ۾ رهان ۽ کاوان ٿو. هتي
۱۷۵ روپين ۾ گذارو ڪيئن ٿيندو؟ تنهن ڪري ارادو ملتوي ڪري ڇڏيم ۽ ٻئي ڏينهن تي
شيخ صاحب جا ٿورا مڃي معذرت ڪيم.
مان گزدر صاحب جي
انتظار ۾ هٿُ هٿَ تي رکي ويهي نه رهيس پر تيسيتائين مان ڪراچيءَ جي وڏين وڏين سرڪاري
۽ پرائيويٽ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيس. ڪيترين آفيسن جي ٻاهران NO Vacancy جا بورڊ پڙهي
مايوس ٿي موٽڻو پيو. مطلب ته انيڪ آفيسن جا ڌڪا کائڻ باوجود ناڪامي ٿي. آخر هفتو
به گذريو ۽ وڏيون اميدون کڻي سنڌ مدرسي پهتس. گزدر صاحب واپس اچي چڪو هو. مون کيس
شيخ صاحب جي حوالي سان نياپو موڪليو ته هڪ دم گھرايائين. مون کيس پنهنجي درخواست
پيش ڪئي. گزدر صاحب نهايت مشفقانه انداز ۾ چيو ”نوجوان منهنجي قريبي دوست جي معرفت
مون ڏي آيو آهين، پر اسان وٽ انگريزي ماستريءَ جي ته جاءِ هن وقت ڪانهي، باقي آرٽ ٽيچر
(ڊرائينگ ٽيچر) جي جاءِ خالي آهي. اوهان جيڪڏهن انٽر ڊرائينگ پاس آهيو ته مان
توهان جو آرڊر ڪري سگھان ٿو.“ خوش قسمتيءَ سان منهنجو انٽر ڊرائينگ جو امتحان سٺن
نمبرن سان پاس ڪيل هو، سو سرٽيفڪيٽ کڻي کيس ڏيکاريم. گزدر صاحب فرمايو ته؛ ”پوءِ سڀاڻي
ئي اچي پنهنجو آرڊر وٺي وڃجو ۽ ٻن ٽن ڏينهن اندر اچي جوائن ڪريو.“ منهنجي خوشيءَ
جي ڪا حد ئي نه رهي، سڄي رات انتظار ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن تي سنڌ مدرسي پهتس ته پٽيوالي
پري کان ئي ڏسي چيو ”صاحب آپ کا
آرڈر نکل گيا هے، آفيس سے وصول کريں.“ مون آرڊر وصول ڪيو ۽ لاڙڪاڻي واپسيءَ جون تياريون ڪرڻ لڳس.
هوٽل تي آيس آرڊر
کولي پڙهيم. پگھار ٻه هزار روپيه هئي. پوءِ ته دل کڻي ٻڌم ته ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻي
آهي. ڪپڙا بيگ ۾ وجهي، ڪائونٽر تي حساب ڪتاب چڪتو ڪري مينيجر کي سامان موٽي اچي کڻڻ
لاءِ چئي هيٺ لهي آيس. ان دور ۾ بندر روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون. هاڻي پري جي مائٽن
کان موڪلائڻ لاءِ ٽرام تي چڙهي، امپريس مارڪيٽ صدر پهتس. بسن وارن جا هوڪرا پيا
پون. هڪ ٻئي جي ڪڍ هلنديون پئي آيون. مان به ڪورنگي واري بس ۾ چڙهڻ لاءِ وڌيس. ڪافي
رش هئي. مون جيئن ئي پائدان تي پير رکي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاسي واري کيسي
مان ڪجهه سُرڪندي محسوس ٿيو. بس آهستي آهستي هلندي پئي رهي. مان پائدان تان چڙهي،
جيئن بس ۾ اندر داخل ٿيس ۽ کيسي جو جائزو ورتم ته ڪاريءَ وارا ڪکَ. منهنجو بَٽو نڪري
چڪو هو. مون ڊرائيور کي بس بيهارڻ لاءِ رڙيون ڪيم. ويٺلن پڇيو؛ ”بھئی کيا هوا؟“ مون کين چيو ”ميری جيب کٹ گئی هے“ بس اسٽاپ کان چڱي
اڳتي نڪري آئي هئي. بس بيٺي ۽ مان تڪڙ ۾ لهي پيس. هاڻي ڇا ڪريان. ڪرائي جا پئسا ۽
آرڊر بٽوءَ ۾ هئا. منهنجي پريشاني ڏسي هڪڙي ماڻهوءَ پڇيو. مون کيس احوال ٻڌايو.
چيائين؛ پوليس وارن کي ٻڌاءِ انهن کي جيب ڪترن جي خبر هوندي آهي. مون اها به ڪوشش ڪئي
پر ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو. کيسي ۾ ڪجهه ريزگاري بچي هئي، جيڪا ايتري هئي جو مائٽن
تائين پهچي ٿي سگھيس. پوءِ ساڳي ئي روٽ جي بس تي چڙهي. اچي مائٽن وٽ پهتس ۽ احوال
اوري کانئن ڀاڙي جيترا پئسا اوڌارا وٺي هوٽل تان سامان کڻي اچي لاڙڪاڻي واري گاڏيءَ
تي چڙهيس. شڪر ڪيم جو هوٽل جو ڪرايو اڳواٽ ڏئي آيو هيس. غلطي منهنجي ئي هئي. نه
پاسي وارو پهراڻ پايان ها نه کيسو ڪٽجي ها.... پر ڪراچيءَ ۾ نوڪري شايد منهنجي
نصيب ۾ ڪانه هئي، ڇو ته جيئن ئي مان لاڙڪاڻي پهتس ته ٻئي ڏينهن تي منهنجو نانو
اختر محمد قريشي وڃي الله کي پيارو ٿي ويو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪرما باغ ۾ سيڌي جو
دوڪان هلائيندو هو. سندس تدفين به ڪرما باغ ڀرسان هڪ پير جي مقبري جي ڀر ۾ ڪئي
وئي. منهنجي مائٽن به ايتري ٿوري پگھار تي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ڏينهن
ويا گذرندا، نيٺ جوائننگ جا سڀ جواز ختم ٿي ويا.
ساڳي ئي سال هڪ ٻيو
اميد جو ڪرڻو نظر آيو. اوستو در محمد تعليم جو وزير ٿيو، جيڪو اسان جي عزيز محمد
سالم چانڊيي جو شاگرد رهيو هو. چانڊيي صاحب مون کي ڏانهس سفارشي خط ڏيندي وڏو يقين
ڏياريو ته توهان جو ڪم ٿي ويندو. ڪراچي باٿ آءِ لينڊ ۾ سندس بنگلي تي وڃي ساڻس
ملو. ڪمر ڪشي هڪ ڀيرو ٻيهر وڃي ڪراچي نڪتس. باٿ آءِ لينڊ پڇائيندي وزير صاحب جي
بنگلي تي پهتس. ان وقت وزير صاحب لان ۾ چند ماڻهن سان گفتگو ۾ مصروف هو. مان به وڃي
بيٺس. اچانڪ بونداباندي شروع ٿي ۽ ڪپڙا پُسڻ لڳا پر وزير صاحب کي مينهن جي ڪا ڪَلَ
ئي ڪا نه پئي. آخر سندس هڪ نوڪر ادب وچان کيس چيو ته ”سائين مينهن شروع ٿي ويو
آهي....“ هن صاحب غصي ۾ ايندي کيس چيو؛ ”ڀيٽو اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايئي؟“ خير، صاحب اندر
وڃي ويٺو ۽ واري واري سان انتظار ۾ بيٺل ماڻهن کي گھرائڻ لڳو. آخر منهنجو به وارو
آيو. سلام ڪري وڃي سندس ڀر ۾ بيٺس ۽ کيس عرض ڪيم؛ ”سائين لاڙڪاڻي مان محمد سالم
چانڊيي موڪليو آهي ۽ هي خط به اوهان لاءِ ڏنو اٿس. مان فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي سنڌي ۾
آهيان ۽ بي ايڊ به ڪئي اٿم. ايڊهاڪ تي ليڪچرارشپ لاءِ عرضدار آهيان.“ اوستي صاحب
مون کان خط وٺي کولي هڪ نظر مان ڪڍي ان جا چار ٽڪرا ڪيا ۽ ڀر واري گُلن جي ڪونڊيءَ
۾ ڦٽا ڪيا ۽ فرمايو. ”بابا مون وٽ ليڪچراريون رکيون آهن ڇا، هر ڪو ڀڳو ٿو اچي.
توهان وڃي سگھون ٿا.“ ان دور ۾ هن جيڪب آباد ضلعي جي ڪافي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون
هيون. ڏکُ ٿيم ته پنهنجي استاد کي مانُ ڪو نه ڏنائين. آسرو پلي وري اچي اسڪول
وسايم. ان کان پوءِ وري اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار جي جاءِ لاءِ قسمت آزمايم، پر
اُتي به مون سان فراڊ ٿي ويو، جيڪو پڻ منهنجي زندگيءَ جو هڪ هڪ تلخ تجربو هيو.
ليڪچررشپ ۽ سانگھڙ
وارو دور
چند مهينن بعد
اخبار ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرارشپ جون جايون آيون، جنهن ۾ سنڌي جي ليڪچرار
جون جايون ڏسي دل ٻهڪي پئي، جنهن ۾ مون وڏي اميد سان اپلاءِ ڪرڻ پئي چاهيو. اهو ڀٽي
صاحب جو دور هو، پارٽيءَ جي وفادار جيالن کي هڪ ئي وقت ٻه ٻه نوڪريون ٿي مليون. وري
جيالن جا نخرا جدا ته هن کاتي ۾ نه پر هُن کاتي ۾ آرڊر ڏيو ۽ سندن خواهشون به پئي
پوريون ٿيون. هر هڪ سفارشيءَ کي سڻڀا کاتا کپندا هئا. اهڙا به جوان هئا جن کي کيسي
۾ آرڊر اڳ ۾ پيا هوندا هئا ۽ انٽرويو ۾ رڳو خانه پوريءَ لاءِ شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي
ماحول ۾ مان به ڀڳل دل سان ڪميشن جو فارم کڻي ڀريو ۽ ڪميشن جي امتحان ۾ جڏهن انٽرويو
لاءِ ويس ته ان وقت تائين منهنجا کوڙ سارا مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي
چڪا هئا. مان ان سموري مواد جو هڪ چڱو خاصو ڀريل فائيل به انٽرويو ۾ کڻي ويو هوس،
جيڪو بورڊ اڳيان پيش ڪيم ته هنن دادا ڏنو. ائين مالڪ جي مهربانيءَ سان مان پنهنجي
اهليت تي چونڊجي آيس. خوشيءَ جي انتها نه هئي. پهريون آرڊر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
سانگھڙ ۾ ٿيو. گھر کان ٻاهر نڪتو ئي ڪو نه هيس، پر دل پئي چيو ته ملڪ جي ڪهڙيءَ به
ڪُنڊ ۾ آرڊر ملي ها ته به ضرور وڃان ها. ان وقت ليڪچرار جي پگھار ساڍا چار سو
روپيه هئي. سانگھڙ پير سائين پاڳاري جي مريدن ۽ عقيدتمندن جو ترُ آهي. لاڙڪاڻي کان
سانگھڙ جو رستو، مشڪل ضرور هو ، پر نوڪريءَ جي خوشيءَ مون کان سڀ فاصلا وساري ڇڏيا
هئا. رات جو بولان ميل ذريعي ڄامشوري وڃي لهندو هوس، جتان حيدرآباد جي پٺاڻ ڪالوني
پهچي، فورڊ ويگن ۾ سيٽ وٺي ويگن ڀرجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو. دعا گھرندو هوس ته
ويگن جلدي ڀرجي، جيئن ڪاليج وقت سان پهچي سگھان. آخر ويگن اڏيرو لعل، ٽنڊو آدم،
شهدادپور ۽ جھول کان ٿيندي، ٽن ڪلاڪن ۾ سانگھڙ پهچندي هئي.
ان وقت ڊگري ڪاليج
سانگھڙ جو پرنسپال ڊاڪٽر ذاڪر حسين صاحب هو، جيڪو ڏاڍو مهربان ۽ مکڻ ماڻهو هو.
پهرين پوسٽنگ هئي ان ڪري مون کي پنهنجي سبجيڪٽ ۾ سخت محنت ڪرڻي پئي. جنهن ڪري ان
محنت جو فاعدو مون کي نوڪريءَ جي آخري ڏينهن تائين ملندو رهيو. ٿوري وقت ۾ منهنجو
شمار محنتي ۽ جاکوڙي استادن ۾ ٿيڻ لڳو. جوانيءَ جا جوهر هئا ان ڪري پاڻ مڃائڻ لاءِ
هر ڪم ۾ ڪُڏي پوندو هيس جو پنهنجي صلاحيتن تي به اعتبار هو. ڪاليج ۾ هم نصابي
سرگرميون ڪرائڻ ۾ به مان سڀني کان اڳرو هوندو هيس، ان ڪري شاگرد به تمام گھڻو پسند
ڪندا هئا. ڪاليج جي استادن واري هاسٽل ۾ جيڪي دوست گڏ رهندا هئا، انهن ۾ فضل حق
خورشيد، عبدالله جاويد، انعام الحق بهاري، محراب خان ٻرڙو، اشفاق احمد، تصدق صاحب
شامل هئا. جڏهن ته محمود هڱورو ۽ سائين بخش لغاري مقامي هئا. سچي ڳالهه اها آهي ته
سانگھڙ ۾ گذاريل وقت منهنجي زندگيءَ جو سونهري دور هو. مذڪوره سمورا دوست پنهنجي
پنهنجي منفرد طبيعت ۽ مزاج، خوبين ۽ خامين سبب هن وقت تائين مون کان وسري ڪو نه سگھيا
آهن.
مٿي مون جن استادن
جو ذڪر ڪيو، انهن مان هر هڪ نه فقط پنهنجي سبجيڪٽ ۾ هوشيار هو پر طبيعت جي لحاظ
کان به منفرد هو. چاهيان ٿو ته پنهنجن انهن پوڻن ٻن سالن تائين گڏ گذاريندڙ يارن
جو به فردن فردن ٿورو ذڪر ڪريان.
فضل حق خورشيد
اردو جو استاد فضل
حق وڏو محنتي ماڻهو هو. حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ رهندو هو. دل جو سخي
۽ دلبر مڙس هو. سندس دل، رنگَ، نسل، ٻوليءَ ۽ قوميت جي تعصب کان پاڪ هئي. هو ان
دور ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان وٽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. خاص طور مون سان سندس جيءُ
جڙي ويو هو. فضلِ حق مون کي پڻ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهندو هو ۽ ٻه ڀيرا
مون سان سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ساڻ هليو، جتي هن ڊاڪٽر
غلام علي الانا ۽ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب سان ملايو. ان حوالي سان تفصيلي ذڪر
اڳتي ايندو. جَسُ هجي ڊاڪٽر غلام مصطفى خان کي جيڪو تقريباً مهيني ۾ ٻه ڀيرا فضل
حق ڏانهن ريسرچ ورڪ کي ڇڪي رکڻ لاءِ کيس خط لکندو هو، جنهن ۾ ڇينڀ به شامل هوندي
هئي. فضل حق اسان جي هاسٽل وارن استادن جو سرواڻ هو. سڀ ڪم سندس سهڻي صلاح سان ٿيندا
هئا. هاسٽل جي زندگي منهنجي لاءِ نئون تجربو هو، پر سچ پچ ته جيڪو وقت اتي رهيس ته
ڏاڍو مزو به آيو ته گھڻو ڪجهه حاصل به ڪيم. سال کان پوءِ فضل حق پي ايڇ ڊي جي ڊگري
وٺي ڊاڪٽر بڻيو ته بيحد خوشي ٿي. حياتي جي آخري ساهه تائين اسان سان محبت جو تعلق
قائم رکيون آيو. اسان جي شادين ۾ پنهنجن عزيزن وانگر شريڪ ٿيندو رهيو. منهنجي ٻچن
کي به وڏو مانُ ڏيندو هو. منهنجي وڏي فرزند جو نالو احسان الحق پڻ هن ئي تجويز ڪيو
هو. آخري سالن ۾ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ حيدرآباد جو چيئرمين به ٿيو. پنهنجي حيدرآباد
واري گھر ۾ اسان کي پنهنجن ٻچن ۾ وٺي وڃي ويهاريندو هو، سندس اولاد به نهايت لائق
فائق هئي.
انعام الحق
انعام الحق صاحب
منفرد طبيعت جو مالڪ هو. ماڻهو ڀلو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس بُلٽ ڦرندو هو ته پوءِ
الامان. پنڌرنهين ڏينهن لاڙڪاڻي جو ڦيرو ڏئي جڏهن واپس ٿيندو هيس ته مون سان اڪثر ڪري
گھوٽڪيءَ جي پيڙن جهڙو هڪ مٺڙو دوست محراب ٻرڙو، جيڪو زولاجي جو ليڪچرار هيو، پڻ ويگن
۾ گڏ هلندو هو. لاڙڪاڻي توڙي گھوٽڪيءَ جو پنڌ سانگھڙ تائين گھڻو هو. وري ويگن جي ڀرجڻ
جي انتظار سبب اڪثر ڪاليج پڄندي، اڌ مُنو ڪلاڪ دير ٿي ويندي هئي. بس اسان جيئن ئي
مسٽر رول تي صحي ڪرڻ لاءِ پرنسيپال جي آفيس ۾ داخل ٿيندا هئا سين ته گھڻو ڪري
انعام الحق صاحب اُتي موجود هوندو هو، سو هو مسٽررول جلديءَ ۾ کڻي پرنسيپال جي ٽيبل
تي سٽيندي پرنسيپال کي چوندو هو. ”پرنسيپال
صاحب يه بشير اور محراب بوررو اس وقت نازل هوئے هيئں آپ کوئي ايکشن کيوں نهيں
ليتے؟“ ذاڪر صاحب فقير طبع هو. جواب ۾ چوندو هوس ”انعام صاحب ديکھو تو يه لوگ کتني دور سي
آتي هيں. اتني رعايت ان کا حق هے.“
هونءَ انعام صاحب
منَ جو ميرو ڪو نه هوندو هو. بس عادت کان مجبور هو. اهڙا رمارڪ سڀني دير سان ايندڙ
استادن لاءِ ڏيندو رهندو هو. عام طور ڪچهريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. شروع وارن ڏينهن
۾ ماني هاسٽل ۾ کائيندا هئا سين، پوءِ خاص طور رات جي ماني کائڻ لاءِ گڏجي شهر ڏانهن
ويندا هئا سين. جن استادن جو تعلق ڪراچيءَ سان هو، سي گھڻو ڪري ڏاڍا محتاط ۽ ڊڄڻا
هوندا هئا. هنن کي نانگن جو گھڻو خطرو هوندو هو، جيڪي رات جو اڪثر روڊن تي نڪري
ايندا هئا ۽ رات وچ ۾ گاڏين جي هيٺان به اچي ويندا ۽ صبح جو روڊن تي مئا پيل ڏسندا
هئا سين. اهڙن منظرن کين ڊيڄاري ڇڏيو هو، جنهن ڪري هو رات جو مانيءَ لاءِ نڪرڻ وقت
طاقتور قسم جون ٽارچون پاڻ سان گڏ کڻندا هئا. انهن مان هڪڙو انعام الحق صاحب به
هوندو هو. وٽس جمبو سائيز جي ٽارچ هوندي هئي. ائين ئي وري هڪ ٻيو ڪراچيءَ جو تصدق
صاحب جيڪو ٻن ٽارچن کي ملائي هڪ وڏي ٽارچ ٺاهي تمام محتاط قدم کڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
روڊن تي نانگ نظر به ايندا هئا تصدق صاحب جي رڙ نڪري ويندي هئي ”سانپ ري سانپ.“
هڪڙا دوست انعام
صاحب جي چيڙاڪ طبيعت جو مزو به وٺندا هئا ۽ کيس پاڻيءَ مان ڪڍڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون
ڪندا هئا، جيئن سندس پارو چڙهي وڃي. اسان هاسٽل جي ڪمرن ۾ ٻه ٻه ڄڻا ٿي رهندا هئا
سين، پر انعام صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ڪنهن ٻئي کي رهائڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، تنهن ڪري
تنها ئي رهندو هو. هڪ ڀيرو دوستن کي شرارت سُجھي، سو ٻاهران روڊ تان گاڏيءَ هيٺان
آيل نانگ کڻي رات جو سندس ڪمري جي دروازي جي وٿيءَ مان اندر ٽپائي ڇڏيو. هو صبح جو
سوير اٿڻ جو عادي هو، جو ڪمري کان ٻاهر نڪري واڪ ڪندو هو. صبح جو جيئن ئي بستري
تان اُٿي دروازي ڏي وڌيو ته سندس نگاهه نانگ تي پئي، پوءِ ته هاٽل ۾ هوڪارو هجي
”سانپ سانپ“ ڪمري جي دري کولي رڙيون ڪندو رهيو. ”ارے کوئي هے، فضل حق، بشير، محراب.... سانپ سانپ.“ اسان دريءَ مان ڏٺو ته جوان کٽ تي
بيٺو رڙيون پيو ڪري. فضل حق کيس چيو ”انعام صاحب گھبرائو نهيں سانپ کي طرف جوتا پھينکو، بھاگ جائے گا.“ انعام صاحب صلاح
ورتي ۽ جوتي کڻي نانگ ڏانهن اڇلائي چوڻ لڳو ”ارے يه تو هل هي نهيں رها.“ فضل حق چيو ”تو پھر مر گيا هوگا.“ جڏهن هن کي اها پڪ ٿي ته نانگ مري
ويو آهي ته ڊڄندي ڊڄندي دروازو کوليائين ۽ چيائين ”مرا هوا سانپ ميري کمرے ميں کيسے آيا سالے..... يه محمود هنگورو کي شرارت
هوگي.“ اسان کان کلَ نڪري وئي. پوءِ ته اچي مَتو ”يه کيا شرافت هے.... تم لوگوں کو شرم نهيں
آتي. ميں مر جاتا تو....“ آخر اها دانهن پرنسيپال
تائين به پهتي.
تصدق حسين
ڪراچيءَ جو هڪڙو
رياضيءَ جو ماهر استاد تصدق صاحب به اسان جي يارن ۾ شامل هو. هيو ته ڪراچي جو پر
ائين لڳندو هو ڄڻ جھٽ پٽ کان آيو هجي. پنهنجي ڪراچيءَ جي ئي ڪيترن مشهور روڊن رستن
توڙي معروف جاين کان صفا اڻ ڄاڻ ۽ بي خبر هو. هڪ ڀيري ٻه ٽن ڏينهن جي موڪل ۾ دوستن
ڪراچيءَ جو ٽرڙو چڪر هڻڻ جو پروگرام جوڙيو. تصدق صاحب سان صدر ۾ ريگل چوڪ جي قريب
جبيز هوٽل جي ڪافي هائوس تي ملڻ جو طئي ڪيو سين. ان دور ۾ جبيز جي ڪافي توڙي چانهن
مشهور هوندي هئي، ۽ شهر جي وچ وارو علائقو به هو، جنهن ڪري ملڻ جو پروگرام گھڻو ڪري
اُتي ئي ٻڌو ويندو هو. ان موقعي تي تصدق صاحب نهايت معصوميت سان چيو ”يار ميں نے تو جبيز هوٹل ديکھا هي نهيں.
امپريس مارکٹ ميں مليں گے.“ وڏا ڏسَ پتا ٻڌائڻ
بعد مسَ وڃي يار جي دماغ ۾ ڪافي هائوس جو نقشو چٽو ٿيو. هڪ ڀيري اسان جي هڪ ساٿي
محمود هنڱوري جڏهن بسري کائڻ جو ذڪر ڪندي پنهنجي گھر جي خالص مکڻ جي ڳالهه ڪئي ته
يارن جو وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ تصدق صاحب محمود کي چيو ”يار ميں نے خالص مکھن کبھي نهيں چکھا. اب
کے گائوں سے ميرے ليے تھوڑا سا مکھن ضرور لانا..... مهرباني هوگي.“ محمود صاحب سومر تي جيئن پنهنجي ڳوٺَ کپري کان موٽيو ته
پاءُ کن مکڻ تصدق لاءِ کڻي آيو. همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. آڱر تي مکڻ جو ذرو رکي،
ذائقو چکڻ بعد اچي تعريفن ۾ پيو. ”يار
واه کيا عجب شے هے، هم تو وهاں ايسي چيزوں کو ترستے هيں. يه مکھن ميں گھر والوں کے
ليے لے جائوں گا. هميں تو وهاں بليوبينڈ ملتا هے، جس ميں اس طرح کا کوئي ذائقه هي
نهيں هوتا.“ محمود هنڱورو انگيزيءَ جو
استاد هو ۽ پير سائين پاڳاري جو مريد هو. مون سان سندس تمام گھڻي لڳندي هئي. يارن
جو يار ۽ عاشق مزاج شخص هو. هڪ ڀيري اسان کي کپري جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ دعوت ڏئي وٺي
هليو. نيرن ۾ خالص مکڻ جي بسري، منجھند جو پنهنجي مڇيءَ جي کڏَ مان ڄنگھه جيڏو ڪُرڙو
ڪڍائي رَڄ ڪرايائين.
محراب علي ٻرڙو
محراب علي نج ٻهراڙيءَ جو سادو نوجوان هو. جيڪي
دل تي سا زبان تي. مون اهڙا محبتي ماڻهو گھٽ ڏٺا آهن. زولاجي جو هوشيار استاد هو،
سندس اکر به ڏاڍا سهڻا هوندا هئا.هن جو گھر گھوٽڪي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ هو. اسان ڪاليج
مان پنهنجي گھر موٽڻ لاءِ گڏ موڪل وٺي نڪرندا هئا سين. هو شهدادپور مان ٽرين پڪڙيندو
هو ۽ مان ڄامشوري مان ريل ۾ چڙهندو هوس. موٽندا به تقريباً گڏ گڏ هئا سين. هو
واپسيءَ تي لاڙڪاڻي وارو روٽ اختيار ڪندو هو. يونيورسٽي ۾ پڙهڻ باوجود چالاڪي ڪو
نه سکيو هو. هن جي اردو وري ڇهين بور واري هئي. هڪ ڀيري جڏهن واپسيءَ تي دير ٿيڻ
سبب پرنسيپال ڊاڪٽر ذاڪر حسين کانئس دير اچڻ جو سبب پڇندي چيو ”محراب صاحب! خيريت
آج زياده دير هوگئي کيا؟“ ته محراب کيس اردو ۾ جواب ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو
”سر بيگن نے بجا ديا.“ هن سنڌي ٻوليءَ ۾چيل جملي ”سائين ويگن وڄائي ڇڏيو.“
جو پنهنجي وس ۾ آسان اردو ترجمو ڪيو هو. پرنسيپال صاحب آهستي ڳالهائيندو هو، تنهن ڪري
جڏهن به ڪنهن ڪم سانگي محراب کي آفيس گھرائيندو هو ته هو مون کي ساڻ ضرور وٺي
ويندو هو. جيئن مان پرنسيپال جي گفتگو کي غور سان ٻڌي کيس مطلب سمجھائي سگھان.
دراصل هو گفتگو نه سمجھڻ سبب پرنسيپال جي سوال جو جواب الٽو ڏيندو هو. جتي ’ها‘ ڪرڻ
کپي اُتي نهڪر ۾ جواب ڏيندو هو ۽ جتي ’نه‘ ڪرڻي هجي اُتي ’ها‘ ڪري ويهندو هو. تنهن
ڪري هو منهنجي ڪمپني ضروري سمجھندو هو. آخري گھڙيءَ تائين لاڙڪاڻي ڪچهري لاءِ يا ڪمين
ڪارين ايندو رهندو هو ته خوب روح رهاڻيون ٿينديون هيو. جو جڏهن به ايندو هو ته گھوٽڪيءَ
جا مشهور پيڙا ضرور کڻي ايندو هو. ڳچ سال اڳ لاولد راهه رباني اختيار ڪري ويو. هن
جي سادگي ۽ خلوص سدائين ياد رهندو.
سائين بخش لغاري
سائين بخش لغاري فزڪس
جو سينئر استاد ۽ محبوب شخصيت جو مالڪ هو. سٺو زميندار هو پر غرور ۽ گھمنڊ وٽانئس ڪڏهن
گَسي به نه گذريو هو. صاف يارويس. شهر ۾ سندس سهڻي جاءِ هئي. جتي گھڻو تڻو هو اڪيلو
رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن علاج معالجي خاطر هڪ ٻن ڏينهن لاءِ ٻارن کي ڳوٺان وٺي ايندو
هو، باقي سندس گھر سنگت جي اوطاق طور استعمال ٿيندو هو. هو شام جو چانهن جي چُسڪيءَ
سان گڏ حالاتِ حاضره معلوم ڪرڻ لاءِ ٽي وي تي خبرون توڙي ٻيا پروگرام اسان سان گڏ
ويهي ڏسندو هو.
اسان جو پرنسپال ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو ڄاڻ جي کاڻ هو
ڪاليج جي هاسٽل
سانگھڙ شهر کان ٻاهر هئي ان ڪري اسان مان ڪجهه دوستَن رات جو شهر اچڻ جي تڪليف کان
بچڻ لاءِ شهر ۾ ڪرايي تي جاءِ ورتي ۽ هاڻي اسان اُتي رهڻ لڳا سين. سانگھڙ جي موسم
جي ڇا ڳالهه ڪجي. سانوڻ ۾ تيز هوا تي گھرن جا در پيا ڀڄندا هئا. موسم جو مزو وٺڻ
لاءِ ٻئي سال يعني ۱۹۷۴ع ۾ مون اُتي ڪرايي تي گھر وٺي گھرڀاتين کي گھرائي ورتم. پورا ٻه مهينا ڏاڍي
سُڪون سان گذاريا. ان وقت مِٽ مائٽ ۽ دوست دڙا به چڪر چاڙيءَ تي ايندا ويندا رهيا.
سائين بخش لغاري صاحب پنهنجي فراخ دليءَ جو ثبوت ڏيندي پنهنجي گھر جون چاٻيون مون
کي ڏيندي چيو هو. ”بشير صاحب توهان ٻارَ گھرائي، منهنجي گھر ۾ ئي رهو.“ پر مون کي
اهو مناسب نه لڳو، تنهن ڪري مان ڪرايي جي جاءِ کي ئي ترجيح ڏني. پوءِ به چاٻيون
مون وٽ ئي رهيون. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سميت لغاري صاحب واري جاءِ ۾ اچي ٽي وي ڏسندا
هئاسين.
منهنجي سانگھڙ مان
بدلي ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳ پروفيسر عبدالباسط صاحب پرنسيپال مقرر ٿي آيو، جيڪو ڏاڍو
پيارو ماڻهو هو. سٺو تعليمدان. گھڻو ڪري ٽيچنگ اسٽاف کي پنهنجي قريب رکندو هو.
چانهن جي وقفي ۾ ڪامن روم ۾ ضرور اچي گڏجي چانهن پيئندو هو. جلدي رَلي ملي ويندو
هو. دنيا جهان جي ڳالهين سان گڏ، خوبصورت لطيفا به ٻڌائيندو هو. عمر رسيده شخص هو،
تنهن ڪري وٽس زندگيءَ جي تجربن ۽ معلومات جو وڏو زخيرو موجود هو.
اهو منهنجي لاءِ
مبارڪ ڏينهن هو جڏهن علي محمد ڀٽي صاحب پنهنجي ٽرانسفر جو آرڊر کڻي سانگھڙ اچي
پهتو. آرڊر ۾ ميچئل ٽرانسفر جو لکيل هو، جنهن ۾ ڪنهن به سبب ڪري ڀٽي صاحب کي ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي مان سانگھڙ موڪليو ويو هو ۽ مون کي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جوائن ڪرڻ
جو حڪم هو. چوندا آهن ته انڌو گھُري هڪ اک پر جي ٻئي ملي وڃن ته سندس خوشيءَ جو ڇا
عالم هوندو. مان ته ان وچ ۾ فقط ان تي ئي راضي هيس ته جيڪڏهن منهنجي بدلي شهدادپور
۾ ئي ٿئي ته به سونُ، جيئن حيدرآباد واري وڪڙ کان بچي وڃان. شهدادپور مان ريل
ذريعي مان آسانيءَ سان گھر اچي وڃي پئي سگھيس، پر هي ته مولا جا ڪرم ٿي ويا. سانگھڙ
جي دوستن کي ڇڏيندي به دل نه پئي چاهيو پر پنهنجي شهر ۾ وڃڻ جو تصور به گھٽ ڪو نه هو،
تنهن ڪري واپسيءَ لاءِ سنبت شروع ڪري ڇڏيم. دوست دلگير ٿيا، پر بدلي منهنجي مفاد ۾
هئي، تنهن ڪري سهائي ويا.
سانگھڙ ۾ گذريل اهي
لااباليءَ جا پوڻا ٻه سال منهنجي زندگيءَ جا حسين ۽ يادگار ڏينهن آهن. هر مهيني جي
ٻئي آچر تي فلم ڏسڻ لاءِ حيدرآباد ويندا هئا سين. مهيني ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي ڳوٺ جي
ياترا جو پروگرام جُڙندو هو. شام جو هاسٽل ۾ بيڊمنٽن کيڏندا هئا سين. ڪاليج ۾ ميوزيڪل
پروگرام ڪرايو، جنهن ۾ انور حسين وسطڙي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. غير نصابي
سرگرمين جي سلسلي ۾ کوڙ سارا يادگار پروگرام ڪرايا. اهي سموريون حسين يادون سهيڙي
۽ سميٽي اچي لاڙڪاڻي پهتس.
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻو
آڪٽوبر ۱۹۷۴ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي
آيس ته تمام گھڻي خوشي ٿي. اسڪول واري نوڪريءَ کان وٺي، پنهنجي شهر ۾ رڳو ٻه سال
ئي پي وي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ رهيس، باقي مختلف ڳوٺن جي اسڪولن ۾ ۽ پوڻا ٻه سال وري
گھر کن ٻاهر سانگھڙ ۾ گذاريم. مان جنهن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جوائن ڪيو، ان
وقت پرنسيپال ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب هو. ساڳي سال منهنجي جوائن ڪرڻ کان ڪجهه
عرصو اڳ ڪاليج جي پرنسيپال ڊاڪٽر شبيح حيدر رضوي کي گوليءَ جو نشانو بڻايو ويو هو.
رضوي صاحب جي قابليت جي وڏي هاڪ هُئي. هو سائنس جو استاد هو ۽پنهنجي آفيس جي هڪ ڪُنڊ
۾ پنهنجي لاءِ لئبارٽري پڻ ٺهرائي هئائين، جتي وقت ڪڍي تجربا ڪندو رهندو هو. سندس
بي گناهه قتل تي سڄو ماحول سوڳوار هو ۽ مون جڏهن ڪاليج جوائن ڪيو ته هڪ خوف ۽ هراس
واري صورتحال هئي. بعد ۾ ماحول ڪجهه بهتر ٿيو. مون جڏهن ڪاليج ۾ آيس ته ڪافي اُهي
سينئر استاد به مليا، جيڪي منهنجي طالب علمي واري دور ۾ به ڪاليج ۾ استاد هئا. جن
۾ محمد شريف صاحب، عزيز صاحب، ولي محمد ڀٽي صاحب، ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽو صاحب، محمود
شاهه بخاري صاحب شامل هئا. ٻين استادن ۾ زين العابدين مهيسر صاحب، ارشاد حسين
قريشي صاحب، حسين بخش کوکر صاحب، ا.ب.ت ميروخاني، ارشاد علي سولنگي، شاهنواز سوڍر،
عطا محمد شيخ، علي محمد شيخ، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، قربان علي راڄپر، هدايت الله
تونيو ۽ ڪجهه ٻيا شامل هئا.
ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي صاحب مون کي انٽر سائنس، پري ميڊيڪل جو ڪلاس ڏنو. سانگھڙ ۾ رهڻ دوران مون سٺي
محنت ڪري سبجيڪٽ تي گرفت حاصل ڪري ورتي هئي، تنهن ڪري هن وڏي ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ
دوران مون کي ڪابه گھٻراهٽ ڪانه ٿي رهي هئي. ان وقت ڪاليج ۾ اردوءَ جو فقط هڪ
استاد پروفيسر منظور احمد هو، جيڪو بعد ۾ سپلا ڪراچي جو سرگرم اڳواڻ به بڻيو.
سنديلي صاحب ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ مون کي اردوءَ جو ڪلاس به وٺڻ لاءِ چيو.
پوءِ ٻن ٽن سالن تائين مان اردو جا ڪلاس به وٺندو رهيس. تنهن کان پوءِ هڪ اردو جو
استاد ڊاڪٽر عبدالمقيط آيو ته پوءِ مون کي سنڌيءَ جا ٻه پيرڊ مليا، جڏهن ته ان کان
اڳ مان ٽي ڪلاس سنڌيءَ جا ۽ هڪ اردو جو وٺندو هئس. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب،
تنهن وقت به سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل عالم ۽ ٻوليءَ جو ماهر هو. لوڪ ادب ۽ لغت سندس
خاص موضوع هئا. منهنجو ته استاد به رهيو هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته منهنجي به ادب
سان خاص دلچسپي رهي آهي ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ منهنجا شعر ۽ مضمون به ڇپجندا رهندا
آهن. ڊگري ڪاليج ۾ بي. اي ۾ پڙهڻ دوران سائين سنديلي صاحب جي رهبريءَ ۾ هڪ ادبي
تنظيم ”سنڌي سڄڻن سٿ“ به قائم ڪئي هئي، ۽ ان جو سيڪريٽري مون کي بڻايو ويو هو، سو
سائين منڍ کان مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي آيس ته سنديلو صاحب
جيترو عرصو ڪاليج ۾ رهيو ته ڪاليج ٽائيم ختم ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا پيدل گڏ نڪرندا هئا
سين ۽ رستي ۾ سائين سان علم ادب، خاص طور لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي گفتگو
هلندي رهندي هئي. سنديلو صاحب ته ڄاڻ جي کاڻ هو. جيترو هن ان عرصي دوران مون کي
علم ڏنو شايد مان ان جو صحيح معنى ۾ مڪمل فاعدو حاصل ڪري نه سگھيس، ۽ ان ۾ منهنجي
پنهنجي نالائقيءَ جو ئي دخل هو. ڪاليج ٽائيم پورو ٿيڻ وقت استادن توڙي دوستن جي گاڏي
۾ هلڻ واري آڇ کي به سائين مهرباني چئي ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو ته پٺاڻ صاحب ۽ مان
رستي سان ڳالهائيندا ويندا آهيون. ڪاليج ۾ مون کي سيرت پروگرامن، يوم لطيف، جشن پاڪستان،
توڙي الڳ الڳ موقعن تي ٿيندڙ تقريري مقابلن ۽ اين سي سي جي اختتامي تقريبن جو انچارج
بڻايو ويو ۽ ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر ننڍي وڏي پروگرام جي ڪمپيئرنگ مون کان ڪرائي ويندي
هئي. ان کان علاوه دوستن جي اسرار ۱۳ سالن تائين ٽيچنگ اسٽاف ڪامن رومن جي سيڪريٽري طور به
خدمتون انجام ڏنم. جوانيءَ جا ڏينهن هئا، جذبا به جوان هئا ته جسم ۾ به سگھه هئي،
ان ڪري هر ڪم ڦڙتيءَ سان ڪبو هو. بهرحال مان ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران سمورو وقت تمام
گھڻو ايڪٽو رهيس.
اهم پرنسپال
ڪاليج ۾ گذاريل ساڍن
اٺاويهه سالن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ايندو رهندو. هتي سڀ کان پهريان مان ڪجهه اهم
پرنسپالن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان.
پروفيسر
عبدالرسول شيخ
پروفيسر عبدالرسول
شيخ صاحب ڪاليج ۾ سن ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۳ع تائين پرنسيپال رهيو. سبجيڪٽ جي لحاظ کان هو عربيءَ جو استاد هو. هن جي
ايامڪاريءَ ۾ ڪاليج ۾ شاگرد سياست جو زور هو. شيخ صاحب پنهنجي طرفان ڪاليج جي
ماحول کي معمول تي آڻڻ لاءِ سٺيون ڪوششون ڪيون. ڪاليج ۾ هم نصابي سرگرميون به ٿينديون
هيون. خاص طور سيرت النبي جا پروگرام هر سال منعقد ٿيندا هئا، جنهن ۾ ڪوئيز ڪامپٽيشن،
تقريرون، مضمون نويسي وغيره شامل هوندا هئا. ان کان علاوه غير نصابي سرگرمين ۾
اسپورٽس ويڪ پڻ ملهايا ويندا هئا. پروفيسر عبدالرسول صاحب پاڻ به والي بال جو سٺو
رانديگر هو.
شيخ صاحب هڪ دلبر
انسان هو. هڪ ڀيري ڪجهه شرير شاگردن جي جڏهن من مستي وڌي وئي ته هن اول انهن کي
اخلاق جي دائري ۾ رهندي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ڪي شاگرد سرڪشي ڪندا رهيا.
هڪ ڀيري ڪنهن شاگرد ليڊر ساڻس مُنهن ماري ڪئي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائيندو سندس آفيس کان ٻاهر
نڪتو ته شيخ صاحب کي غصو اچي ويو ۽ نڪري وڃي کيس ورانڊي ۾ دسيائين. هڪ دفعي ته مٿس
خوني حملو به ڪيو ويو. هڪ شاگردُ لَٺ کڻي گندا لفظَ ڳالهائيندو آفيس ۾ داخل ٿيو ۽
پرنسيپال تي لٺِ سان حملو ڪيائين. لٺ وڃي ٽيبل جي شيشي تي لڳي. پرنسيپال صاحب بچي
ويو ۽ ٽيبل جو شيشو چڪناچور ٿي ويو. پوءِ ڇوڪرو ڀڄي ويو. بهرحال عبدالرسول شيخ
صاحب انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪاليج کي سنڀالڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن جو مون سان ۽
حافظ عبدالرزاق سومري صاحب سان گھڻو ڳانڍاپو هو. صلاحن مصلحتن ۾ گھڻو ڪري اسان کي
ساڻ رکندو هو. کيس فلاحي ڪمن جو به گھڻو اونو هوندو هو. غريب شاگردن جي مالي مدد پڻ
ڪندو هو.
پروفيسر رحيم بخش
ميمڻ
پروفيسر رحيم بخش
ميمڻ صاحب سن ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۷ع تائين ڪاليج جو پرنسيپال رهيو، سندس دور ۾ ڪاليج ۾ ريگيولر ڪلاس هلندا
هئا. ڪاليج جي تدريسي عمل کان سواءِ تعميري حوالي سان به ميمڻ صاحب سٺو ڪم ڪيو.
منهنجي خيال ۾ هو پهريون پرنسيپال هو، جنهن ڪاليج جي تعمير ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ هڪ
ميٽنگ ۾ اسٽاف آڏو اعلان ڪيو ته ”ڪاليج جي عمارت توڙي ڊپارٽمينٽس کي سنوارڻ سينگارڻ
لاءِ جيڪو گھرڻو هجي ته گھرو، توهان کي خبر ٻڌايان ته ڪاليج مان تيل نڪتو آهي ۽ ڪاليج
ڪروڙپتي ٿي وئي آهي.“ هن واقعي هٿ جي ڪُشادگيءَ جو عملي ثبوت ڏنو ۽ سندس وقت ۾ استادن
پنهنجن ڊپارٽمينٽس لاءِ ضرورت جون شيون دل کولي خريد ڪيون. ڪاليج جي بلڊنگن ۽ باغن
جو به رنگ روپ مَٽجي ويو. هو محنتي ۽ ريگيولر استادن جو وڏو قدر ڪندو هو. وقتاً
فوقتاً ڪاليج جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ هو مون کان به صلاح مشورو وٺندو هو. هن جي
خدمتن کي ياد رکندي سندس پرنسيپالشپ واري دور ختم ٿيڻ بعد ڪاليج جي هڪ باغ جو نالو
سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو.
ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽو
ڪي ماڻهو ٻاهر هڪڙا
نظر ايندا آهن ته اندر ٻيا هوندا آهن. ڊاڪٽر ڀٽو صاحب به اهڙي طبيعت جو ماڻهو
هوندو هو. ظاهري ڏيل ۾ پهرين ملاقات ۾ ماڻهو اهو محسوس ڪندو ته هو ڪو وڏو سخت مزاج
ماڻهو آهي، سندس گفتگو ۾ کهرائي هوندي هئي، پر اصل ۾ دل جو سچو ۽ صاف انسان هو.
صوم و صلوات جو پابند ۽ اصولن وارو انسان هو. اڳ ۾ ڀٽو صاحب ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
ئي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو هو ۽ پنهنجي سبجيڪٽ جو به مثالي استاد هو ۽ هن
پنهنجي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي هئي. شاگردن کي به کريون کريون ٻڌائيندو هو. ڪنهن
جي به ٽڻ پش ڪو نه سهندو هو. تنهن ڪري شاگرد کانئس ڪوءُ کائيندا هئا.
ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽو
صاحب ڪاليج جي پرنسيپال طور سن ۱۹۸۷ع کان ۱۹۹۰ع تائين رهيو. هو ڏاڍو بردبار ۽ معامله فهم انسان هو، هن
جي رعبدار شخصيت کان رڳو شاگرد ئي نه پر خود استاد به مرعوب هوندا هئا. ڀٽي صاحب
جي ايامڪاريءَ ۾ ڪاليج اندر ڪيترن ئي مسئلن پڻ ڪَر کنيون پر انهن مسئلن کي هن
انتهائي حڪمت عملي سان حل ڪيو. هو ڪاليج جي محنتي استادن جو قدر ڪندو هو. دوستن جي
ڪچهري ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. ڀٽي صاحب جو مون سان جِنُ ريڌل هو، ڇالاءِ ته مان
انهن محنتي استادن مان هيس جن کي هو پسند ڪندو هو.
پروفيسر رسول بخش
سولنگي
۹۸ ــ ۱۹۹۷ ۾ جڏهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر زين العابدين جي پرنسيپال
واري عرصي مڪمل ڪرڻ بعد شرير شاگردن جو زور هو. تڏهن ڪو به سينئر پروفيسر پرنسيپال
ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. ان وقت پروفيسرن مان هڪ نوجوان پروفيسر رسول بخش سولنگي
محسوس ڪيو ته بنان پرنسيپال جي ڪاليج ڪيئن هلندو، تڏهن هن اهو بارُ پنهنجي ڪمزور ڪُلهن
تي کڻڻ لاءِ حامي ڀري.
پروفيسر رسول بخش
صاحب الله جو آسرو ڪري پرنسيپال جي چارج سنڀالي. هي اهو دور هو، جو هر شاگرد تنظيم
جو اڳواڻ مختلف حربن سان پرنسيپال کان ونڊ وٺندو هو ۽ انڪار جي صورت ۾ هر قسم جي
بدتميزي تي لهي ايندو هو ۽ ان پرنسيپال جي مخالفت ۾ ڪاليج جي ديوارن کي گندن نعرن
سان چٽي ڇڏيو ويندو هو. اهڙين حالتن ۾ سولنگي صاحب پنهنجو دليرانه موقف رکيو ته اهڙن
شاگردن کي ڪجهه به ڪو نه ڏنو ويندو. ٽيچنگ اسٽاف جو ڪاليج اندر ساڻس وڏو ساٿ هو.
هر وقت چند استاد آفيس ۾ ساڻس ويٺا هوندا هئا. خطري جي پيش نظر سولنگي صاحب پنهنجي
قوم جا چند هٿياربند گارڊ آفيس ٻاهران ويهاري ڇڏيا هئا، جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن تائين
ته ٺاپر رهي پر پوءِ هڪ ڏينهن جيئن ڪاليج پهتاسين ته ڏکوئيندڙ خبر پئي ته سولنگي
صاحب تي موڪل ۾ گھر ويندي رستي تي ايگريڪلچر آفيس وٽ چند شرير شاگردن حملو ڪيو ڪيو.
پاڻُ بچائيندي سولنگي صاحب جيئن سندن وارُ گسائڻ لاءِ ٻانهون مٿي کنئيون ته غنڊن
سندس ٻانهن کي لٺين سان زخمي ڪري وڌو ۽ ڀڄي ويا ۽ هن وقت هو اسپتال ۾ زير علاج
آهي. اصل ۾ هونءَ سولنگي صاحب آفيس ٽائيم کان پوءِ ٻن گارڊن سان گھر ويندو هو، پر
جيئن ته انهن ڏينهن ۾ معاملو ڪافي ٺريل ٿي نظر آيو ۽ اهڙا شاگرد گرفتارين جي ڊپَ
کان ڪاليج کان ٻاهر هئا، تنهن ڪري هو اڪيلو ئي نڪري پيو هو. اسپتال پهتا سين. مزاج
پُرسي بعد سولنگي صاحب ٻڌايو ته ”ڪجهه عرصو اڳ مون کي اهي به ڌمڪيون مليون هيون ته
اسان تنهنجي ڪراچيءَ ۾ پڙهندڙ ٻارن کي اغوا ڪنداسين.“
بهرحال جَسُ هجي
سولنگي صاحب کي، جنهن ايڏي ڏکيي وقت ۾ ڪاليج سان ساٿ نڀايو. هو ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽي
صاحب جو گھاٽو دوست هو. پروفيسر ڀُٽي به شاگردن جو چوڳو پاڻي بند ڪري ڇڏيو هو ۽
سولنگي صاحب به ڀٽي صاحب جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. بهرحال ڌڻي کيس
پنهنجي امانَ ۾ رکيو، پر جلد ئي هن پرنسيپالشپ ڇڏي ڏني.
استادن جو استاد
سائين پروفيسر عبدالمنان چانڊيو
ڳالهه نڪتي ڪاليج
جي پرنسيپالن جي ته ڇونه ڪاليج جي ڪجهه قابل استادن جو به ذڪر ڪندو هلان..... پر ڊگري
ڪاليج جي استادن کان به اڳ استادن جي استاد پروفيسر عبدالمنان چانڊيي جو ذڪر ضروري
ٿو سمجھان، جنهن جون تعليمي خدمتون اَملهه آهن.
پروفيسر عبدالمنان
چانڊيو، هڪ انتهائي سچو ۽ کرو انسان هو. ميونسپل اسڪول ۾ منهنجو استاد رهيو.
انگريزيءَ جو ماهر استاد هو. سندس شخصيت باڪمال هئي. پڙهائڻ جي اصولن کان باخبر
هو، تنهن ڪري سندس سمجھاڻي ايتري عام فهم هوندي هئي جو. ڏَ ڏَ شاگرد به مطلب سمجھي
ويندا هئا. هن کي عالمي معلومات تي عبور حاصل هو. استاد غلام الله، عبدالحڪيم
هليو، هدايت الله قريشي جي ڪمپنيءَ جو فرد هو. ان دور ۾ جڏهن اهي اڪابر گڏجي ويهي
گفتگو ڪندا هئا ته اسان جيئن ته سائين غلام الله شيخ صاحب جا ٻالڪا هئا سين سو ڪڏهن
ڪڏهن انهن جي گفتگو ويهي ٻڌندا هئا سين. ڏاڍو مزو ايندو هو. سائين عبدالمنان چانڊيو
انتهائي ذهين ۽ زيرڪ انسان هو. سندس گفتگو ۾ علم ۽ عقل جا گفتا ظاهر ٿيندا هئا.
مطالعو، سائين
عبدالمنان چانڊيي جِي وڏي ڪمزوري رهيو. اسان جڏهن به سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا سين ته
سندس سيرانديءَ کان ڪتابَ ضرور ڏٺا سين. سائين پاڻ چوندو هو ته رات جو سمهڻ کان اڳ
جيستائين ڪتاب نه پڙهان تيسيتائين ننڊ ئي نه ايندي آهي. سائين سان تمام گھڻا ڀيرا
علمي ۽ ادبي ڪچهريون ٿيون. اهڙي دليل ۽ دلائل سان گفتگو ڪندو هو ۽ ان ۾ ايڏي ته
گھرائي ۽ گيرائي سان گڏ مفيد ۽ وسيع معلومات هوندي هئي جو دل چوندي هئي ته ويٺي
سندس گفتگو ٻڌجي. مذهب، فلسفو ۽ تاريخ سائين جا من پسند موضوع هئا.
ڪامرس ڪاليج ۾
پرنسيپال ٿيڻ دوران به اسان سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا رهندا هئا سين. اسان جي ڪمپنيءَ
کان هو ڪافي متاثر هو، جن ۾ محمد يوسف شيخ، غلام رسول سومرو ۽ مان شامل هوندا هئا
سين. ۱۹۷۲ع ۾ سائين منان صاحب، محمد موسا آرٽس ڪاليج ۾ پرنسيپال مقرر ٿيو. اسٽاف جي
کوٽ هئي. سنڌيءَ جو استاد نه هئڻ سبب مون کي حڪم فرمايائون ته مسٽر بشير اچي
منهنجي ڪاليج ۾ اعزازي ڪلاس وٺُ. مون سائين جو حڪم اکين تي رکيو ۽ وڃي حاضر ٿيس. ڪجهه
مهينن تائين ڪاليج ۾ سنڌيءَ جا ڪلاس ورتا. ان دوران سائين جن هڪ شفيق پيءُ وانگر
دعائن سان اڏي ڇڏيو. چيائين ”بابا الله ڪندو تون جلد پروفيسر ٿيندين.“ پوءِ مان
واقعي ئي جلد ۱۹۷۳ع ۾ ليڪچرار ٿي ويس. منهنجو ايمان آهي ته والدين ۽ مائٽن جي دعائن سان گڏ
شفيق استادن جون دعائون به ضرور اگھامن ٿيون.
سائين عبدالمنان جا
شائسته قسم جا لطيفا اڃا تائين ياد آهن. هڪ ڀيري ٻڌايائين ته مان ڪاليج وڃڻ لاءِ
جنهن ٽانگي تي چڙهيس سو ٽونگو صفا آهستي هلي رهيو هو. مان ٽانگي واري کي چيم ”چاچا
تڪڙو هل، مون کي ٽائيم تي ڪاليج پهچڻو آهي. ڀلا گھوڙي ۾ دم ڪونهيي ڇا، ڏٻرو ٿو لڳي.“
جواب ۾ چيائين ” ڏٻرڙو ضرور آهي پر سائين هن ۾ غيرت گھڻي آهي، بس ڪجهه همٿ جي گھٽتائي
اٿس.“
سائين عبدالمنان
صاحب جي تقريباً هر سال لا ڪاليج جي امتحان ۾ ايڪسٽرنل سپريٽنڊنٽ طور ڊيوٽي لڳندي
هئي. هڪ ڀيري مون کي چيائين ”مسٽر بشير هن سال مون سان لا ڪاليج هلجانءِ.“ امتحان
شروع ٿيا. مان سائين سان مددگار طور لا ڪاليج وڃڻ لڳس. ٻئي ڏينهن تي امتحان شروع ٿيڻ
کان ڪلاڪ سوا پوءِ مون کي چيائين ”اچو ته بلاڪن جو رائونڊ هڻي اچون، ڏسون ته ڇورا ڪهڙا
ٿا ڦاڙها مارن.“ گڏجي نڪتا سين. بلاڪن ۾ گھمندي سائين هڪ ٻن شاگردن جي مٿان اچي بيٺو
۽ کانئن جوابي ڪاپي وٺي ڪجهه پڙهڻ لڳو. پوءِ کين ڪاپيون واپس ڪندي چيائين ته ”اڙي
هي ڇاٿا لکو. سمجھايو ته.“ شاگرد خاموش رهيا. سائين چَين ”جيڪو نه هي لکو ٿا،
انهيءَ آسري ڪنهن جو ڪورٽ ۾ ڪيس هلايوَ ته ٽيپَ پاڻ کي ڏياري ڇڏيندو........ بابا
قانوندان ٿيڻ لاءِ وڏي محنت درڪار آهي.“
سائين عبدالمنان
صاحب جي علم ادب سان غير معمولي دلچسپي جي ڇا ڳالهه ڪجي. پاڻ بهترين پڙهاڪو هو ۽ پڙهاڪن
سان پيار ڪندو هو. ۱۹۸۲ع ۾ منهنجو لطيفيات تي پهريون ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ شايع ٿيو ته اعزازي ڪاپي
کڻي سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. ڪتاب پيش ڪندي گذارش ڪيم ته ”سائين ڪتاب جي مطالعي
بعد پنهنجي قيمتي راءِ سان ضرور نوازيندا.“ سائين چند ڏينهن کان پوءِ ٻي ملاقات ۾ ڪتاب
جي مطالعي بعد مون کي وڏي گرم جوشيءَ سان مبارڪون ڏيندي فرمايو ”مسٽر بشير مبارڪ
هجئي، مون کي ڪتاب ڏاڍو پسند آيو ۽ مون اهو وڏي شوق سان پڙهيو. لطيف سائين متعلق
ايڏي سولي ۽ خوبصورت سمجھاڻيءَ وارو هن کان اڳ مون ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو. بابا مون
کي فخر آهي جو تون منهنجو شاگرد آهين.“ مون سندس لک ٿورا مڃيا ۽ ان وقت مون کي
ائين محسوس ٿيو، جيئن منهنجا سڀ لايا سجايا ٿيا.
سائين منان صاحب لاڙڪاڻي
هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو چيئرمين ۽ مان سيڪريٽري هيس. سائين انتهائي شفقت سان مون کي
گائيڊ ڪندو رهندو هو. هڪ ٻه ڀيرا اهڙيون حالتون پيدا ٿيون جو مان سيڪريٽريشپ تان
استعفا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويس. مون سائين سان اهڙو اظهار ڪيو. پنهنجي مخصوص مشفقانه
لهجي ۾ ڇينڀ پَٽيندي چيائين ”نه بابا نه. متان ائين ڪيو اٿئي. ٻيو وري ڪير سيڪريٽري
ڪندا سين.“ ۽ ان طرح مان پنهنجو ارادو مَٽائي ڇڏيو.
اسان جي سچل ادبي
مرڪز کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين کي اسان پنهنجن ادبي پروگرامن ۾ جيترا ڀيرا
به شريڪ ٿيڻ لاءِ گذارش ڪئي ته پاڻ هڪ ڀيرو به نا اميد نه ڪيائين ۽ جڏهن به لطيف،
سچل توڙي ٻين سيمينارن ۾ خاص مهمان طور يا صدارتي تقرير ڪندو هو ته سندس علمي عظمت
جي اعتراف ۾ حاضرين جون تاڙيون بند ئي ڪو نه ٿينديون هيون.
پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي
۾ ۱۹۹۸ع ڌاري جڏهن احسان دانش اردو جي ليڪچرار طور چونڊجي ويو ته مان سائين جي
خدمت ۾ حاضر ٿيس. ڳالهين ڪندي مون چيو. ”سائين تاريخ جو تسلسل ته ڏسو، ڪيڏو نه
حسين اتفاق آهي، جو ٽيهه سال اڳ مان اوهان جو شاگرد هيس ۽ اڄ ٽيهن سالن کان پوءِ
منهنجو پُٽ توهان جي ماتحتيءَ ۾ اوهان جي رهبريءَ جو طالب آهي. ان کي چونڊڻ لاءِ
مان اوهان جو ٿورائتو به آهيان.“ سائين کلي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ”ها بابا
واقعي حسين اتفاق آهي، پر احسان کي پنهنجي مئرٽ تي چونڊيو ويو آهي، ان ۾ منهنجي هر
ڀرو جي ڪابه حمايت ۽ سفارش شامل نه هئي، هن بورڊ جي اڳيان سٺو پرفارم ڪيو ۽ ان کان
اڳ رٽن ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر آيو هو. ڏاڍو محنتي ۽ سلڇڻو نوجوان آهي، منهنجون هن
لاءِ به دعائون آهن، هڪ ڏينهن توهان وانگر ڊاڪٽر ٿيندو.“
سائين منان صاحب
پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي جو فائونڊر پرنسيپال هو. هن آخري دم تائين اسڪول جي اصلاح ۽
ترقيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪيو. اسڪول ڄڻ ته سائين جو ٻيو گھر هو. ايڊمنسٽريشن
توڙي اڪيڊمڪ سائيڊ تي، عمر رسيدگيءَ باوجود جوانن کان وڌيڪ جوش ۽ جولان سان ڪم ڪيائين.
آخري ڏينهن ۾ جڏهن
سائين کي علالت واري حالت ۾ لاڙڪاڻي کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو ته مان اُتي انڪل
سريا اسپتال ۾ کانئن مزاج پُرسيءَ لاءِ حاضر ٿيو هوس. نحيف حالت ۾ به وڏي اتساهه ۽
محبت سان خير عافيت معلوم ڪيائين ۽ دعائون ڏيندو رهيو.
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي
۾ نوڪري جي عرصي دوران ڪيترن محبوب دوستن ۽ قابل احترام شخصيتن ۽ بهترين استادن
سان محبت ۽ نيازمنديءَ جو رستو قائم ٿي ويو، جن مان ڪي ويچارا ته راهه رباني وٺي
ويا پر جيڪي حال حيات آهن، انهن مان اڪثر سان سان تا حال احترام وارا تعلقات قائم
آهن. اهڙن مهربان دوستن مان هيٺ ڪن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان.
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي
جا ڪي استاد ڪي دوست
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي
۾ نوڪري جي عرصي دوران ڪيترن محبوب دوستن ۽ قابل احترام شخصيتن ۽ بهترين استادن
سان محبت ۽ نيازمنديءَ جو رستو قائم ٿي ويو، جن مان ڪي ويچارا ته راهه رباني وٺي
ويا پر جيڪي حال حيات آهن، انهن مان اڪثر سان سان تا حال احترام وارا تعلقات قائم
آهن. اهڙن مهربان دوستن مان هيٺ ڪن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان.
پروفيسر
عبدالقادر شيخ
ڪاليج ۾ منهنجِي سٺن
۽ محنتي استادن سان گھڻي لڳندي هئي. اهڙو ئي هڪ استاد فزڪس جو پروفيسر عبدالقادر
شيخ هو، جيڪو جسماني طور ڪجهه معزور هو، جو سندس ٻئي پير ڦريل هئا، جنهن ڪري کيس
گھمڻ تڪليف ٿيندي هئي. هن پنهنجي جسماني خامي کي شخصيت جي ٺاهه ٺوهه ۾ مَٽائي ڇڏيو
هو. هونءَ هو ڏاڍو پُر ڪشش نوجوان هو. سندس ڊريسنگ لاجواب هوندي هئي. گھڻو ڪري پينٽ
تي بش ڪوٽ پائيندو هو. هو ڊريس جي ڪلر تي ئي ميچنگ ۾ جورابا، بوٽ، ٽاءِ ۽ کيسي ۾
ساڳي رنگ جو رومال رکندو هو. هو پنهنجا بوٽ الڳ حساب سان آرڊر تي ٺهرائيندو هو. وڪيل
ڪالوني ۾ پنهنجي هڪ خوبصورت بنگلي ۾ اڪيلو رهندو هو، کيس نوان بنگلا جوڙائي وري
کپائڻ جو وڏو هنر هٿ اچي ويو هو. ڪجهه سالن بعد هو ڪراچي بدلي ڪرائي ويو. بظاهر هو
الڳ ٿلڳ رهڻ جو عادي هو ۽ گھڻن سان لهه وچڙ ڪو نه ڪندو هو، پر مون سان سندس طبيعت
ريڌل هئي، چوندو هو ”بشير صاحب توهان جي طبيعت مون کي ڏاڍي وڻندي آهي.“ مان ڪڏهن ڪڏهن
سندس فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ وڃي ساڻس ڪچهري ڪندو هوس.
پروفيسر محمد علي
قاضي
پروفيسر محمد علي
قاضي انگريزيءَ جو ماهر استاد هو. مون سان سندس گھڻي لڳندي هئي. اسان ٻنهي جا ڊپارٽمينٽ
هڪ ٻئي جي سامهون هئا. واندي وقت ۾ خوب رهاڻيون ڪندا هئا سين. قاضي صاحب هڪ کل مُک
۽ خوش طبع شخص هو. پوشاڪ جي معاملي ۾ سندس معيار مثالي هو. علم جي کوجنا سندس اهم
مشغلو هو. مان ڪنهن به معاملي ۾ انگريزيءَ جي ڊرافٽنگ اڪثر قاضي صاحب کان ئي ڪرائيندو
هوس. عام طور انگريزيءَ جا استاد خشڪ هوندا آهن، پر قاضي صاحب منفرد شخصيت جو مالڪ
هو. هو هر ڪنهن سان مرڪندڙ مُک سان پيش ايندو هو. وقت ۽ اصولن جو انتهائي پابند هو
۽ پنهنجي سبجيڪٽيٽ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. شاگرد هن جا عاشق هوندا هئا ۽ کيس تمام
گھڻو چاهيندا هئا ۽ هن جي ڪلاس ۾ ويهڻ جي جڳهه نه هوندي هئي، هر ڪو شاگرد محمد علي
قاضي صاحب جو ئي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ چاهيندو هو.
پروفيسر حسين بخش
کوکر
پروفيسر حسين بخش کوکر صاحب زولاجي ڊپارٽمينٽ جو
انتهائي ذهين استاد هيو، هو پنهنجي سبجيڪٽ تي وڏي مهارت رکندو هو. دوستن جو دوست ۽
دلبر انسان هو. هن جي رائيٽنگ به تمام سهڻي هوندي هئي. مون سان سندس جِنُ ريڌل
هوندو هو، جنهن جو سبب هڪ ته طبيعت جو ميل هو ۽ ٻيو کوکر صاحب کي ڳائڻ جو وڏو شوق
هوندو هو، جيڪا لوري مون کي به لڳل هئي. بريڪ ۾ ڪامن روم ۾ اچي سُر وکيريندو هو ۽
گڏ گڏ ٽيبل به وڄائيندو هو. مان سندس قدردانن مان هڪ هوس، تنهن ڪري مون سان سندس
گھڻي لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳائڻ دوران روئي ويهندو هو.
کوکر صاحب جي خوش
مزاجي جو هڪڙو واقعو ڏاڍو دلچسپ آهي. هڪ ڏينهن بريڪ ۾ ڪامن روم ۾ آيو ته سندس ڪجهه
موڊ آف هو ۽ اسان کانئس پڇيو ته ”کوکر صاحب خير ته آهي؟ اڄ توهان ڪجهه سنجيده ٿا لڳا.“
جواب ۾ چيائين ”يار ڏسو نه ڪم به اسان ڪريون ۽ جُٺيون به اسان سهون. خير انهن ماڻهن
کي مان ڏسي رهندس، ڪڏهن نه ڊُلُ ڏنائون ته مان به نه ڇڏيندومان.“ اتي ڪامن روم ۾
اردو جو پروفيسر محمد اسحاق شيخ ويٺو هو، جنهن پڇيس ته ”کوکر صاحب يه ڈل کيا هوتا هے؟“ کوکر صاحب جي مزاح واري رڳ ڦڙڪي پئي ۽ اٿي بيهي پُٺي ڏئي
ويهڪ واري جاءِ تي هٿ رکي چيائينس ”اسحاق صاحب يه ڈل هے.“ سموري ڪامن روم ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. مطلب ته هو اهڙن انسانن مان هو، جن سان
رهاڻ ڪندي ڏکندو ڏور ٿي ويندو آهي. ڪجهه وقت گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪري جو پرنسپال پڻ
رهيو پر پوءِ جلد ئي مالڪ کيس پاڻ ڏي گھرائي ورتو ۽ کيس نوڪريءَ جو عرصو پورو ڪرڻ
جو موقعو به نه مليو.
پروفيسر غلام
حسين سومرو
ڪاليج ۾ جن
پروفيسرن سان منهنجو دوستيءَ وارو پيچ پڪو ٿي ويو هو، انهن ۾ پروفيسر غلام حسين
سومرو صاحب به هڪ هو. رياضيءَ جو استاد هو ۽ پنهنجي سبجيڪٽ تي کيس عبور حاصل هو.
عام طور رياضيءَ جا استاد خشڪ هوندا آهن پر سومرو صاحب منفرد مزاج جو مالڪ هو. هر
وقت سندس چهري تي مسڪراهٽ هوندي هئي. ڪچهريءَ ۾ ڀوڳ چرچا ۽ تاڙا لڳا پيا هوندا
هئا. مطلب ته محفل جو مور هو. ڪاليج کان سواءِ شهر ۾ به ملاقاتون ٿينديون هيون.
غلام حسين صاحب هڪ ڀيري
ڪنهن ڪم سانگي سکر ٿي ويو، ويگن ۾ کيس آڏو ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ ملي ته هن
درَ واري پاسي ڏانهن ويٺل شخص کي گذارش ڪئي ته ”توهان سُري منهنجي سيٽ تي ويهو، جو
مان ٻيڙي پيئندو آهيان، تنهن ڪري درَ واري پاسي ڏانهن ويهڻ چاهيان ٿو.“ ان ڀلي ماڻهوءَ
به سندس گذارش کي مانُ ڏنو ۽ وچ ۾ ٿي ويٺو. گاڏي جڏهن لَکيءَ واري موڙ تي پهتي ته ڊرائيور
جي غفلت سبب وين ڊائيور جي ڪنٽرول کان نڪري وئي ۽ سومري صاحب وارو دروازو کُلي وڃڻ
سبب هو هيٺ روڊ تي رهڙبو ويو، جنهن ڪري سخت زخمي ٿي پيو ۽ لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ دم
ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. مون کي سندس اهڙي اوچتي وڇوڙي سبب ايڏو ڏک ٿيو، جيئن ڪو قريبي
عزيز گذاري ويو هجي. پاڻ کي روڪي نه سگھيم ۽ اوڇنگارون ڏئي سندس ميت تي رنو هيس.
ڊاڪٽر حافظ
عبدالرزاق سومرو
ڊاڪٽر عبدالرزاق
سومرو منهنجن محبوب دوستن مان هڪ آهي، جنهن سان ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڄاڻ سڃاڻ ٿي
۽ اهو ساٿ هن وقت تائين قائم ۽ دائم آهي. هو اسلاميات جو پروفيسر رهيو. حافظ صاحب
خلوص جو پيڪر شخص آهي، سندس طبيعت ۾ عجيب قسم جي معصوميت ۽ سادگي آهي. سالن تائين
پنهنجي موٽر سائيڪل تي حافظ صاحب مون کي ڪاليج کان گھر جي ويجھو ڇڏڻ جي مهرباني ڪندو
رهيو. هن جي سادگيءَ واري هڪ ادا تي رشڪ ايندو هو. ڪاليج کان نڪرندا هئا سين ته
سائين پڇندو هو ته ”ڀلا ڪهڙي پاسي کان هلون؟“ هڪڙي رستي ۾ ريلوي ڦاٽڪ ايندو هو، سو
ڪڏهن ڪڏهن ريل جي اچڻ کان اڳ بند ٿي ويندو هو ۽ گھڻي دير تائين بند رهندو هو ۽ ٻئي
پاسي ڏانهن ريلوي ڦاٽڪ بدران سُڪ پل هوندي هئي، جيڪا سر ڪٽي واري پل جي نالي سان
مشهور آهي. ڦاٽڪ بند هجڻ جي صورت ۾ ان پُل جي هيٺان گذري وڃي سگھبو هو. مان ڊاڪٽر
صاحب کي چوندو هيم ته ”سائين جنهن پاسي کان به هلو.“ چوندو هو متان ڦاٽڪ بند هجي.
سائين وري ساڳي ڦاٽڪ واري رستي سان هلندو هو. اتفاق سان جي ڦاٽڪ واقعي بند هوندو
هو ته حافظ صاحب زبان سان ”ڄُه“ ڪري چوندو هو ته ”سائين مان ته اڳ ئي توهان کي چيو
هو ته ڦاٽڪ بند هوندو.“ سائين جي اهڙي ادا تي مون کي کِلَ ايندي هئي.
ڊاڪٽر عبدالزاق
صاحب سان گڏ مون ڪجهه سير سفر به ڪيا. سائين جو ڀائٽيو عبدالرئوف سومرو جن ڏينهن ۾
ڏهرڪي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته اسان کي گھمڻ لاءِ قربَ واري ڪوٺ ڏنائين ۽ چيائين ته
”اچو ته اوهان کي ڀُنگ واري مسجد ۽ ڏهرڪي فرٽيلائيزر ڪمپني ڏيکاريان.“ هڪ ڏينهن
حافظ صاحب ۽ مان ان سفر تي نڪري پيا سين. روهڙيءَ مان ٽرين ذريعي ڏهرڪي پهتا سين.
عبدالرئوف صاحب اسان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. ٻن ڏينهن جي قيام دوران، هڪ ڏينهن ڏهرڪي
فرٽيلائيزر ڪمپني ڏيکاريائين. اندر هڪ شهر نظر آيو ۽ ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ اسان ڪنهن
ٻاهرين ملڪ ۾ اچي نڪتا آهيون. صفائي ۽ نظم ضبط ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. دل چيو ڪاش اسان
جي ملڪ جي شهرن کي به اهڙو اجرو بڻايو وڃي.
ٻئي ڏينهن تي صادق
آباد پنجاب جي ڀرسان ڀُنگ واري مسجد ڏسڻ لاءِ روانا ٿيا سين. پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيڻ
سان محسوس ٿيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي زرخيزيءَ ۾ ڪيڏو فرق آهي، جو پنجاب ۾ آباد ۽
زرخير زمين گھر کان قدم ٻاهر ڪڍڻ کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته عام طور اسان جون
زمينون گھرن کان ڪجهه پنڌ تائين ته غير آباد ئي هونديون آهن. هُتي زمين جي چپي چپي
جو قدر محسوس ٿيو. سنڌ ۽ پنجاب جي هرَ ۾ به واضح فرق نظر آيو. اسان جي زمين ۾ هر ڪاهڻ
کان پوءِ به ٿٻيون ۽ وڏا ڀينڊ نظر ايندا، جڏهن ته پجاب جي زمين ۾ هر ڪاهي، ڀينڊ ڀتر
ڀڃي زمين کي صفا اٽو ڪري ڇڏيو هئائون. ان کان علاوه اتي ناليون، ڪَسون، ايتري
تائين جو واهه وڪڙا به سِرن سان پڪا جوڙيل نظر آيا. اسان انهيءَ نتيجي تي پهتا سين
ته پنجاب جي هاري کي حڪومت طرفان وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، جن ڪري اها زمين به
وڌيڪ زرخيز رهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جو هاري ان حوالي سان گھڻو ڏتڙيل آهي، جنهن کي حڪومت
طرفان بنيادي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن. ڀُنگ واري مسجد تائين پهتا سين جتي مسجد
جي اڏاوت جو ڪم ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. مسجد جي تزعين جي جيتري تعريف ٻڌي هئي، واقعي
ايتري ئي خوبصورت هئي. ڪاريگر ان وقت به ڪم ۾ رُڌل هئا. سهڻن نقش و نگار وارو
محراب توڙي ڀتيون ۽ ڇتيون خوبصورت سنگِ مر مر سان جُڙيل ڏاڍيون سهڻيون ٿي لڳيون.
چون پيا ته هتي ٻارنهن ئي مهينا مسجد جي سينگار جو ڪم هلندو رهندو آهي. جَسُ هجي
انهن ماڻهن کي جيڪي الله جي گھر کي ٺاهيو پيا ٺاهين.
مون جڏهن پي ايڇ ڊي
مڪمل ڪئي ته صحبت جي اثر سبب حافظ عبد الرزاق صاحب کي به ساڳيو شوق پيدا ٿيو. هن
کي علم جي سُتي ته اڳ ئي پيل هئي پر پي ايڇ ڊي جي معاملي ۾ کيس ڪجهه همٿائڻ جي
ضرورت هئي ۽ کيس همٿائڻ لاءِ وٽس مون جهڙو دوست موجود هو. نيٺ هن پنهنجي سبجيڪٽ جي
مناسبت سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل لاءِ رجسٽريشن ڪرائي، پر منهنجو ساڻس هر قدم
تي ساٿ رهيو. مزاق ۾ مان کيس چوندو هيس ته ”حافظ صاحب توهان جو ڪم به ائين آهي
جيئن چوندا آهن ته ادي ساڻ هلي ته آئون اڪيلي ئي هلي وڃان.“ بهرحال هن وڏي محنت ۽
جفاڪشي سان ٿيسز مڪمل ڪئي ۽ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ملڪ جي اعلى ترين سَند حاصل ڪئي. ڊاڪٽر
صاحب انتهائي پيارو انسان آهي ۽ زندگيءَ جي هر ڏک سُک ۾ اسان هڪ ٻئي سان گڏ گڏ
رهيا آهيون.
ڪاليج ۾ شاگرد
سياست وارو دور
مان جڏهن گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو هوس تڏهن ڀُٽي صاحب جي حڪومت هئي. شاگردن جون الڳ الڳ
سياسي تنظيمون گھڻيون متحرڪ هيون. ڀُٽي صاحب پيپلز پارٽي جي شاگرد ونگ طور سنڌ
پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سپاف) جي نالي سان هڪ نئين تنظيم قائم ڪئي هئي، جيڪا جلد
ئي ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڪافي متحرڪ ٿي وئي هئي. انهن ڏينهن ۾ سپاف کان اڳ
سنڌ جي ڪاليجن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن پنھنجي عروج تي هئي ۽ قوم پرست شاگرد اڳواڻ
ڪاليجن تي راڄ ڪندا هئا. ان کان علاوه سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس. ايس. ٽي) ۽ ڪجهه ٻيون
تنظيمون به سرگرم ٿيون هيون. ڀُٽي صاحب جي عدالتي قتل کان پوءِ جڏهن ضيا جي آمريت
۽ مارشلا جو دور آيو ته ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن ۽ شاگرد اڳواڻن کي سوين صعوبتون به
سَهڻيون پيون سندن قربانين جي تاريخ ڪتابن ۾ لکي پئي آهي، پر خاص طور ايم آر ڊي
تحريڪ واري دور ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، اديبن ۽ دانشورن
جڏهن مزاحمت جو جھهنڊو هٿ ۾ کنئيون ته شاگرد سياسي اڳواڻن به پنهنجو خوب ڪردار ادا
ڪيو. حقيقت ۾ ان دور ۾ سنڌ اندر سياسي جاڳرتا جي هڪ نئين لهر اڀري هئي. هيءَ تحريڪ
۱۹۸۱ع ۾ آمر ضيا تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي وئي هئي ته جيئن هو ۱۹۷۳ع واري آئين مطابق غير جانبدار چونڊون ڪرائي.
سنڌ ۾ ان تحريڪ ۱۹۸۳ع ڌاري زور ورتو . ان سلسلي ۾ مختلف سياسي تنظيمن طرفان مظاهرا به ٿيا ته
گرفتاريون به عمل ۾ آيون ڪيترائي ڪاليجي شاگرد اڳواڻ به گرفتار ٿيا ۽ انهن جاني
قربانيون به ڏنيون.
مان جن ڏينهن جي ڳالهه
ڪريان ٿو تن ڏينهن ۾ شاگردن جي هر هڪ تنظيم ڪاليج ۾ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هئي،
جيئن چوندا آهن ته هڪ گھر ۾ ٻه ٿانوَ به ٺهڪندا آهن تئين انهيءَ دور ۾ ڪاليج ۾
مختلف تنظيمن جي شاگردن وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءُ به ٿيندو هو ۽ ننڍي پيماني تي هڪ ٻئي
سان جھيڙا جھٽا به ڪندا هئا. انهن جهيڙن جا ڪيترائي سبب هوندا. هڪ وقت اهڙو به
آيو، جو نه ڄاڻ ڪهڙي معاملي تي اُهي تنظيمون هڪ ٻئي جون شديد مخالف بڻجي ويون.
نعري بازيءَ کان علاوه شاگرد هڪ ٻئي سان دست و گريبان به ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته ڳالهه هڪ ٻئي کي رتو رت ڪرڻ تائين به پهچندي هئي.
۱۹۸۱ع ۾ جڏهن پروفيسر شير محمد بلوچ ڪاليج جو پرنسپال بڻجي آيو ته ان وقت ڪاليج
۾ تمام وڏي ٽينٽش وارو ماحول هو. ڪجهه شاگرد تنظيمن جا هڪ ٻئي سان اختلاف ايتري
قدر وڌيل هئا، جو هڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻجي ويا هئا. هڪ تنظيم ڪاليج جي هاسٽل کي
مورچو بڻائي ويهي رهي ته ٻي وري ڪاليج جي بلڊنگ جي ڇت تي موجود هئي. رات جو هاسٽل
مان هوائي فائرنگ ذريعي هراس ڦهلايو ويندو هو ته ٻئي ڏينهن تي وري ڪاليج وارو گروپ
سرگرم ٿي ويندو هو ۽ جوابي هوائي فائرنگ ذريعي پنھنجي طاقت جو مظاهرو ڪندو هو. ان
صورتحال ۾ جڏهن ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي تي هوائي فائرنگ ٿي رهي هئي ته پرنسيپال
صاحب پنھنجي آفيس ۾ ويٺل استادن کي اعتماد ۾ وٺي کين شاگردن سان مذاڪري لاءِ تيار ڪيو،
ٻين ڪيترن ئي استادن سان گڏ ان وفد ۾ مان پڻ شامل هيس. اسان آفيس مان نڪري هاسٽل
طرف هليا سين، جتي پرنسيپال صاحب شاگرد ليڊرن کي ڳالهين لاءِ آماده ڪندي چيو ته
”استادَ پيءُ جي برابر هوندا آهن، اسان توهان وٽ اهڙي حيثيت ۾ آيا آهيون، هاڻي
گوليون هلائڻيون اٿوَ ته اسان جا سينا حاضر آهن. اڳ ۾ اسان کي ماريو، پوءِ اڳتي وڌو.“
شاگرد استادن جي تمام گھڻي عزت ڪندا هئا، تنهن ڪري ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويا. ساڳي ريت
ڪاليج واري ڌر جي اڳواڻن سان پڻ ڳالهايوسين ۽ ائين خوني فساد امن ۾ تبديل ٿي ويو.
شير محمد بلوچ صاحب جي اهڙي دليري ۽ حڪمت عمليءَ تي هر ڪو کيس جَسُ ڏيئي رهيو هو.
کوڙ وقت ڪاليج جو ماحول پرسڪون ۽ پُر امن هو. ڪجهه شاگرد تنظيمون شاگردن جي فلاح
لاءِ به ڪم ڪنديون هيون ۽ ايڊميشن، سلپ، رزلٽ جهڙن مسئلن ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿينديون
هيون. ڪافي عرصي بعد ڪاليج جو وري ماحول بگڙيو ۽ ڳالهه خون ريزيءَ تائين وڃي پهتي.
نوي واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ جبل سنڌي جو ڪاليج جي اندر ئي ڪنهن معاملي
تان قتل پڻ ٿيو. ان سڄي ماحول باوجود ڪاليج ۾ تدريسي سلسلو به جاري هو. پڙهڻ وارا
شاگرد هر حالت ۾ ڪاليج ايندا هئا.
ڪاليج ۾ تدريسي
ماحول
ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي
۾ بدلي ٿيڻ بعد مون کي انٽر سائنس پري ميڊيڪل ۽ انٽر پري انجنيئرنگ جا ڪلاس ڏنا
ويا. ان کان علاوه فرسٽ ايئر وارن کي اردو پڙهائڻ جو ذمو به مون تي هو، يعني
روزانه جملي ٽي پيرڊ وٺندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهائي زورن تي هوندي هئي.
انٽر سائنس جي ڪلاسن ۾ ٻن سون شاگردن کان ڪوبه ڪلاس گھٽ ڪو نه هو. مون گورنمينٽ ڪاليج
سانگھڙ ۾ پڙهائڻ دوران سخت محنت ڪئي هئي، جنهن ڪري ايترن ڀرپور ڪلاسن ۾ مان پوري
اعتماد ۽ ڀرپور تياريءَ سان پڙهائڻ لڳو هوس. منهنجي ليڪچر کان متاثر ٿي شاگردن سٺو
اثر قبول ڪيو ۽ ٻين ڪلاسن جي شاگردن کي پڻ ٻڌايو ته سائين بشير احمد اسان کي ڏاڍو
سٺو ٿو پڙهائي. نتيجي ۾ انٽر جي ٻين ڪلاسن جا شاگرد به منهنجي ڪلاس ۾ اچي ويهڻ لڳا.
ڪلاس فل ٿيڻ کان پوءِ ڪي شاگرد دروازي کان ته ڪي وري درين کان بيهي به ليڪچر ٻڌندا
هئا. استادن ۾ پڻ منهنجي پڙهائڻ جو چرچو ٿي ويو، جو مون تمام محنت ۽ جذبي سان پئي
پڙهايو. مون انتهائي محنت سان نوٽس پڻ ٺاهيا هئا ۽ ضرورتمند شاگردن کي اهي نوٽس پڻ
ڏيندو هوس. ڪافي ذهين شاگرد تمام گھڻي دلچسپي وٺندا هئا ۽ انهن ڏينهن ۾ شاگردن ۾
اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي هئي ته ’جيڪڏهن سائين بشير احمد جا نوٽس پڙهي امتحان ڏيندئو
ته امتحان ۾ فل مارڪون کڻندئو. ‘
ڊاڪٽر سنديلي صاحب
جي پرنسيپالشپ واري دور ۾ بي اي فائينل جو ڪلاس هڪ سينئر پروفيسر وٺندو هو. هڪ ڀيري
پروفيسر صاحب چند ڏينهن جي موڪل تي ويو ته سنديلي صاحب مون کي گھرائي حڪم ڪيو ته
”بي اي فائينل جو ڪلاس تيسيتائين توهان وٺو جيسيتائين شاهه صاحب موڪل تان موٽي
اچي.“ مان ڪلاس وٺڻ شروع ڪيو. منهنجي پڙهائڻ جو انداز شايد شاگردن کي پسند اچي
ويو. اُهي ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳا. پروفيسر صاحب منهنجو سينئر هو ۽ مان سندس بيحد عزت
ڪندو هوس، پاڻ موڪل تان واپس آيو ته مان وري پنهنجا ساڳيا ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا. ٻن ڏينهن
بعد سنديلي صاحب مون کي آفيس ۾ گھرايو. ان وقت آفيس ۾ ٻيو ڪو به پروفيسر ڪو نه ويٺو
هو. سنديلي صاحب مُکَ تي مُرڪَ آڻي مون کي چيو ”پٺاڻ صاحب توهان بي اي جي شاگردن
تي ڪهڙو جادو ڪري آيا آهيو؟ ڪلاس جا ڪافي ڇوڪرا مون وٽ گڏجي آيا هئا، جن درخواست ڪئي
ته مهرباني ڪري سائين شاد صاحب کي چئو ته آئنده اسان جو ڪلاس اُهو وٺي، سو سڀاڻي
کان بي اي فائينل جو ڪلاس اوهان وٺو. مون پروفيسر صاحب کي انٽر آرٽس جو ڪلاس پڙهائڻ
لاءِ چئي ڇڏيو آهي.“ پوءِ بي اي فائينل جي ڪلاس کي به مان ئي پڙهائڻ لڳس. ان طرح
مون کي روزانو چار ڪلاس وٺڻا پيا.
اهڙي ڀرپور پڙهائيءَ
واري ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن مختلف شاگرد تنظيمن جا ليڊر پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪڏهن
ڪڏهن ڪلاسن جو بائڪاٽ به ڪرائيندا هئا. شاگرد اڳواڻن جا پرنسپلن سان مختلف معاملن
تي تڪرار رهندا هئا پر اُهي استادن جو بيحد احترام ڪندا هئا. اهڙا ليڊر ڪلاس جي در
تي بيهي نهايت سليقي ۽ ادب سان استاد کي مخاطب ٿي چوندا هئا ته ”سر اسان پنهنجن
مطالبن جي مڃتا لاءِ بائڪاٽ پيا ڪرايون، مهرباني ڪري شاگردن کي موڪل ڏيو.“ پوءِ
نعرا هڻندا ڪلاسن مان شاگردن کي ڪڍي ويندا هئا. ڪلاسن مان ڪڍل شاگردن کي ڪاليج مان
ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ڊگري ڪاليج رڳو هڪ ئي بلڊنگ
تي مشتمل هو، جنهن کي هاڻي اولڊ بلڊنگ سڏيو ويندو آهي، سو ان اولڊ بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ
۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ ٻه گيٽون هونديون هيون، احتجاج وقت ٻئي گيٽيون بند ڪيون وينديون
هيون ۽ سمورن شاگردن کي آڊيٽوريم هال ڀرسان جمع ڪري، شاگرد اڳواڻ مٿي زولاجي ڊپارٽمينٽ
ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ کي اسٽيج بڻائي جوشيلا خطاب ڪندا هئا.
ڪاليج جو سنڌي ڊپارٽمينٽ
جتي اديب ۽ عالم استادَ رهيا
هونءَ ته ڊگري ڪاليج
جو هر ڊپارٽمنٽ پنهنجو مثال پاڻ هو ۽ الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيترا ئي ذهين ۽ ڏاها
استاد موجود هئا پر سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ڳالهه ئي ٻي هئي، جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي، استاد بخاري ۽ ڊاڪٽر محمود شاهه جهڙا اڪابر به رهيا، هڪ وقت اهڙو
به آيو جو اهو ڊپارٽمينٽ علمي لحاظ کان ڪاليج جو سڀ کان شاهوڪار (Rich) ڊپارٽمينٽ
بڻجي ويو هو. هڪ ئي وقت چار پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽر) سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ موجود هئاسين. جن
۾ مون کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالغفو ميمڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
شامل هئا. سڀئي پڙهاڪو ۽ سنڌ جا مڃيل ليکڪ هئا. ڪو پل خالي ڪو نه هوندو هو، جو ڪوئي
ڊاڪٽر واندو ويٺو هجي. هر ڪو پنھنجي علمي، ادبي پورهيي، لکڻ يا پڙهڻ ۾ مصروف ڏسبو
هو. ڊپارٽمينٽ ۾ اهڙي خاموشي هوندي هئي، جيئن ڪو ويٺو ئي ڪو نه هجي. ٻين ڊپارٽمينٽس
جا استاد اسان جي ڊپارٽمينٽ جو مثال ڏيندا هئا ۽ کين رشڪ ٿيندو هو، پر ائين به ڪو
نه هو ته سدائين اهڙي خاموشي ۽ پڙهائي وارو ماحول هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ته علمي ۽
ادبي بحث مباحثا ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي تجزيا ۽ تبصرا به هلندا هئا جو سنڌي ڊپارٽمينٽ
هڪ ادبي ڪلاس جو منظر پيش ڪندو هو. سکڻ ۽ سيکارڻ جا معاملا ڪڏهن به جهڪا نه ٿيا ۽
علم جو ونڊُ هلندو رهيو. ڪن ادبي معاملن تي هڪ ٻئي سان اختلاف به رکندا هئاسين پر
سڀني جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ احترام قائم هوندو هو.
اسان چئن کان علاوه
ٻه ٻيا استاد، رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ هوندا هئا. سي پڻ سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا
ليکڪ هئا ۽ ادب جي دنيا ۾ سندن وڏو نالو هو. رزاق مهر ۹۰ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ پي ٽي وي لاءِ ڊرامو
”جياپو“ لکيو ته ٿرٿلو مچي ويو. اهو نجي جيلن جي موضوع تي پهريون ڊرامو هو، جنهن
کي وڏي پذيرائي ملي. ان کان پوءِ هو مسلسل شاندار ڊراما لکندو رهيو ۽ ادب جي دنيا
۾ پاڻ مڃايو، ائين ئي محمد علي پٺاڻ، جنهن نثري نظمن کان لکڻ جي شروعات ڪئي هئي ۽
پهريون ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“ ڇپايو هو، سو به ادبي دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪو هو. ڪهاڻي،
ڪالم، مضمون ۽ شاعري گڏ گڏ ڪري رهيو هو ۽ ادبي کيتر پنهنجي جدا سڃاڻپ ڪرائي چڪو
هو. اڄ ته محمد علي پٺاڻ پنهنجو ادبي سفر طئي ڪندي سنڌ جي ناميارن ۽ گھڻو لکندڙ
اديبن ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ئي وقت افسانوي ۽ غير افسانوي ادب سان گڏ شاعري جي
ميدان ۾ به وڏو نالو ڪمائي چڪو آهي ۽ هن جا مختلف موضوعن تي ٻه ڊزن ڪتاب ڇپجي چڪا
آهن. ڪجهه عرصي بعد هڪ ٻيو نوجوان عبدالرئوف جوش ابڙو به سنڌي ڊپارٽمينٽ جو حصو بڻيو
جيڪو پڻ سهڻو شاعر ۽ نثر نويس هو. منهنجي رٽائرمينٽ کان ٻه سال اڳ هڪ ٻيو برجستو
نوجوان علي ڏنو شر به ڪاليج جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ اچي پهتو، جيڪو منهنجي بيحد عزت ڪندو
هو، هن کي شاهه سان والهانه محبت هئي ۽ کيس ڀٽائي جو کوڙ سارو ڪلام ياد هو، اڳتي
هلي هن شاعري به ڪئي ته ڪالم به لکيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جي اردو ڊپارٽمينٽ ۾
استادن جي اڻاٺ هوندي هئي ۽ ڪلاس گھڻا هوندا هئا تنهن ڪري مون سميت محمد علي پٺاڻ
۽ رزاق مهر به اردو جا ڪلاس وٺندا هئا. اڳتي هلي مون کي ته اردو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ
به بڻايو ويو ۽ انهن ڏينهن ۾ ان حيثيت سبب مون کي ڪاليج جي سالياني مئگزين ”هالار“
جي اردو سيڪشن جو ايڊيٽر به بڻايو ويو هو.
اين سي سي
مان اڳ ۾ ذڪر ڪري
آيو آهيان ته مون کي اين سي سي جو انچارج به ڪيو ويو هو، سو شاگردن سان لهه وچڙ ۾
اڪثر مان ئي هوندو هوس. شاگردن کي شوٽنگ ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي گولي مار واري
علائقي ۾ فوجن سان گڏ شاگردن کي ڪاليج بس ۾ مان ئي وٺي ويندو هوس. اين سي سي ڪرائڻ
جو بنيادي مقصد شاگردن کي دشمن خلاف ويڙهه لاءِ ٽرييڊ ڪرڻ هيو. جڏهن مون ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻو جوائن ڪيو هو ته ان کان رڳو ٻه سال اڳ هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي هئي،
تنهن ڪري ان وقت جي گورنمينٽ جو خيال هو ته آئينده لاءِ نوجوان شاگردن جا ٽرينڊ جٿا
تيار ڪرڻا آهن، جيڪي اهڙي مشڪل گھڙيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگھن. سو اهڙا ٽريننگ
پروگرام ڪاليجن ۾ عام جام شروع ڪيا ويا هئا. حڪومت جو خيال هوندو هو ته ڏکيي وقت ۾
انهن کي حساس جڳهن جيئن اسپتالن، ريلوي اسٽيشنن، آبپاشي جي پُلن، اسڪولن، ڪاليجن
وغيره تي مقرر ڪري سگھجي ٿو.
اين سي سي ڪرڻ جو
شاگردن کي ٻيو فائدو امتحان ۾ ۱۰ مارڪون ملڻ هو، باضابطه طور کين اهڙو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيو
ويندو هو، اهي مارڪون سالياني امتحانن ۾ ٻارن لاءِ مددگار ثابت ٿينديون هيون، تنهن
ڪري شاگرد وڏي شوق سان اين سي سي ۾ دلچسپي وٺندا هئا. ٽريننگ جو سلسلو سالن جا سال
جاري رهيو. شاگرد پاسنگ آئوٽ پئريڊ ڪندا رهيا. پيريڊ لاءِ ڪاليج جي گرائونڊ تي وڏو
پنڊال سجايو ويندو هو، جنهن ۾ استادن کان سواءِ شاگردن جي والدين* کي به مدعو ڪيو
ويندو هو. انهن پروگرامن ۾ ڪنهن نه ڪنهن اهم شخصيت کي گھرائي خاص مهمان بڻايو
ويندو هو، جنهن جي هٿان نمايان شاگردن کي سرٽيفيڪيٽ ڏنا ويندا هئا. اهڙن سمورن آئوٽ
ڊور پروگرامن جي ڪمپيئرنگ منهنجي ذمي هوندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ محڪمي
طرفان هڪ آرڊر نڪتو ته استادن کي به اين سي سي ڪرائي وڃي، ڇا ڪجي سرڪاري حڪم هو سو
مڃڻ بنان ٻيو ڪو چارو ئي نه هو. پوءِ استاد به ٽريننگ وٺڻ لاءِ گولي مار جا چڪر ڪاٽڻ
لڳا. پهرين ڀيري جڏهن فقط استادن کي شوٽنگ لاءِ وٺي هليا ته واري واري سان هر ڪنهن
پنهنجا جوهر ڏيکاريا. مون کي ياد آهي ته هڪ استاد کي فوجي جوان رائيفل ڪنڌ تي ٽِڪائي
رکڻ لاءِ هدايتون ڏئي رهيو هو، پر هو صفا ڏڪي رهيو هو ته متان مون کي نه گولي لڳي
پئي. فوجي کيس بار بار پئي سمجھايو پوءِ آخر سخت لهجي ۾ چيائينس؛ ”صاحب گولی کبھی پيچھے نهيں آتی، آگے هی جاتی هے، آپ اتنا کيوں کانپ رهے هيں.“
مڪاني ادارن جي
چونڊن جي يادگار ڊيوٽي
جڏهن بيگم نصرت ڀٽو
۽ محترمه بينظير ڀٽو ووٽ ڏيڻ آيون...
هونءَ ته مان
پنهنجي سروس دوران مختلف وقتن تي اليڪشن جون ڊيوٽيون ڪيون پر منهنجي پهرين ڊيوٽي
يادگار هئي. اها ضيا جي آمراڻي دور کان پوءِ ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊ هئي، جنهن ۾
منهنجي پرزائيڊنگ آفيسر طور ڊيوٽي لڳي هئي. اڳ ۾ اهڙو ڪو تجربو نه هو، مٿان خبر
پئي ته منهنجي پولنگ اسٽيشن به تمام وڏي آهي. پرزائيڊنگ آفيسر جي پاور جي ته خبر
هئي پر اڳيان ماڻهن جو هجوم به پئي سُجهيو. هونءَ به هڪ ڏينهن جي سلطاني ڪهڙي ڪم
جي. خير جتي منهنجي ڊيوٽي هئي اها پولنگ اسٽيشن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس لاڙڪاڻي ۾
قائم ڪئي وئي هئي. منهنجي خيال ۾ اها لاڙڪاڻي جي وڏي ۾ وڏي پولنگ اسٽيشن هئي، جنهن
جون حدون ڀٽي صاحب جي بنگلي المرتضى هائوس کان شروع پئي ٿيون ۽ پوليس هيڊ ڪوارٽر،
گاسليٽ ڊيپو ، رحمت پور، نظر محلو، ڀينس ڪالوني ويندي بازيگرن جي ڳوٺ تائين سمورن
ووٽرن کي انهيءَ پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪرڻا هئا. ٻين لفظن ۾ لاڙڪاڻي ريلوي جو اولهه
وارو ذري گھٽ سڄو پاسو اچي ٿي ويو.
پولنگ اسٽيشن تي
چار بوٿ مَردن لاءِ ۽ چار عورتن لاءِ يعني ڪُل اَٺَ بوٿ هئا. اسٽاف ۾ عورتن مَردن
سميت اَٺَ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ سورنهن پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا. مردن جي
پولنگ وارن ڪمرن ۾ ووٽرن جو قطارو پولنگ آفيسر جي ٽيبل کان شروع پئي ٿيون ۽ هر هڪ
قطار چُنگي ناڪي واري ڪُنڊ تائين موجود هئي. محترمه بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو صاحبه
جا ووٽ به ان ئي پولنگ اسٽيشن تي داخل هئا. مان سندن نالن ۽ نمبرن جون پَرچون اڳواٽ
ئي تيار ڪرائي ڇڏيون هيون. سوچيو هئم ته سندن اچڻ تي کين هڪدم ووٽ ڪرائي وٺندس.
پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار جي مقابلي ۾ هڪ آزار اميدوار بيٺو هو. وقت مطابق پولننگ
شروع ڪرايم. اڌ ڪلاڪ مَسَ گذريو ته آزاد اميدوار تڪڙو تڪڙو آيو ۽ چيائين ”صاحب ليڊيز
بوٿن تي ڌانڌلي پئي ٿئي. هلو هلو، هڪدم هلو.“ مان ساڻس گڏجي ويس. ڏٺم ته اهڙو ڪوبه
مسئلو ڪو نه هو ۽ جڏهن هو ڌانڌلي ثابت ڪري نه سگهيو ته چيائين ”ڀلا سائين علي وارث
آهي، پاڻ ئي ڀلائي ڪندو، کٽندا سي ته اسان ئي.“ پوءِ هر ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري
اچي چئي ته ”سائين ڌانڌلي.“ پوءِ وري جڏهن وڃي کيس مطمئن ڪريان ته ساڳيا ئي جملا
دهرائي ”سائين علي وارث آ.......“ اصل ۾ اهو سرائيءَ جو تڪيو ڪلام هو. سمورو وقت ڪافي
ڀيرا ڌانڌلي جي شڪايت کڻي آيو. آخر هڪ ڀيري مان تنگ ٿي کيس چيو ”سرائي صاحب تون هڪ
ڀيرو به ڌانڌلي ثابت ڪو نه ڪري سگهيو آهين. هاڻي گهڻو تنگ ڪندين ته مان ان بوٿ جي
ووٽنگ بند ڪرائي ڇڏيندم.“ ان ڌمڪيءَ تي جهڪو ٿي ويو ۽ چيائين ”چڱو سائين علي وارث
آ.... بس بوٿ بند نه ڪرائجو، اسان هونءَ ئي کٽي رهيا آهيون.“ پوءِ وڃي هن شڪايت
بند ڪئي.
پولنگ شروع ٿِئي اٽڪل
ٻه اڍائي ڪلاڪ گذريا هئا جو ٻاهر جيئي ڀٽو جا نعرا لڳي ويا. ٻاهر محترمه بنظير ڀٽو
صاحبه ۽ ميڊم نصرت ڀٽو صاحبه پنهنجن حمايتين سان اچي پهتيون هيون. مون کين ويلڪم ڪيو
۽ کين متعلقه بوٿ تي ووٽ ڏياريو. ووٽ ڏيڻ بعد صحافي کين وڪوڙي ويا ۽ کانئن سوال ڪرڻ
لڳا انهيءَ دوران هڪ پولنگ ايجنٽ محترمه بينظير ڀٽو کي چيو ته ”محترمه ليڊيز بوٿ
جي وري به وزٽ ڪيو، اتي مسئلو آهي.“ پوءِ ٻئي انهن ڪمرن ڏانهن هليون ويون. غير
معمولي رش سبب مان ڪجهه معاملن کي سنڀالڻ لاءِ مردن واري هڪ بوٿ ڏانهن رخ ڪيو. ڪجهه
دير بعد هڪ پوليس آفيسر تڪڙو تڪڙو آيو ۽ مون کي چيائين ”سائين اوهان کي بيگم صاحبه
پئي سڏي....“ مان ويس ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه مون کان پڇيو ”پرزائيڊنگ آفيسر آپ
هين؟“ مون ها ڪئي ته جواب ۾ چيائين ”يه کيا هو رها هي، يهان ڌانڌلي هو رهي هي. ان
عورتون کو ووٽ نهين دلا رهي هين.“ مان ان پولنگ بوٿ جي پولنگ آفيسر کان ماجرا
معلوم ڪئي، جنهن ٻڌايو ته ”سائين هي ٻه عورتون آهن، جيڪي چون ٿيون ته اسان هڪڙي ئي
بوٿ ۾ ووٽ ڪنديون سي، جڏهن ته هڪڙيءَ جو ووٽ اسان جي بوٿ ۾ داخل ئي نه آهي.“ مون
بيگم صاحبه کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ هوءَ مطمئن ٿي وئي. چيائين ”اڇا يه بات
هي.“ بعد ۾ مون ٻنهي عورتن کي سمجهائي پنهنجي پنهنجي بوٿ تي ووٽ ڪرايو. بيگم نصرت ڀٽو
صاحبه ۽ محترمه بينظر ڀٽو صاحب نعرن جي گونج ۾ روانيون ٿي ويون. آخر ووٽنگ جو
سلسلو پڄاڻيءَ تي پهتو پر ووٽن جي ڳڻپ رات جو ٽي وڳين تائين هلي. پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو اميدوار کٽي ويو. فائينل نتيجي تي اميدوارن ۽ ايجنٽن جون صحيون وٺبيون
آهن. ان وقت ڏٺم ته سرائي صاحب لڀي نه ٺهي..... الائي ڪاڏي هليو ويو. اصل ۾ ووٽن
جي ڳڻپ وقت کيس اندازو ٿي ويو هو ته مان بُري طرح هارايان ٿو. سو شايد انهيءَ ڪري
مهل سان کُڙيءَ تي زور ڏنائين. اميدوار کان صحي وٺڻ ضروري هئي، تنهن ڪري ان وقت
رات جو ٽي وڳين پوليس عملي سان گڏ بازيگر جي ڳوٺ ڀرسان سرائي جي ڳوٺِ وڃي پهتا
سين. گهر وارن جواب ڏنو ته ”سرائي شهر ويو آهي.“ گھڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺم، رات جا چار ٿيا
هئا. پوءِ پوليس کين پنهنجي اندز سان چيو سرائي صاحب گهران نڪري آيو، کانئس نتيجي
تي صحيون ورتيون ۽ پوءِ موٽي اچي اسٽاف ۽ سامان سميت اليڪشن آفيس ۾ رزلٽ جمع ڪرائي
صبح جو پنجين بجي گهر پهتس.
منهنجي ادبي سفر
جو آغاز
لاڙڪاڻي کي
اوائلي دور کان شاعرن جو آکيرو سڏيو ويندو هو
مون لکڻ جو آغاز ۱۹۶۰ع ڌاري شاعريءَ کان ڪيو. سال کن رڳو ويجهن
دوستن کي ئي پنهنجا شعر ٻڌائيندو رهيس ۱۹۶۱ع جي هڪ سانوڻ جي شام سيد خادم حسين شاهه جي پڌر تي مون
زندگيءَ جو پهريون مشاعرو اٽينڊ ڪيو، جنهن ۾ پيش ڪيل ڪچي ڦڪي شعر تي ان مشاعري ۾
موجود سينئر شاعرن جڏهن واهه واهه ڪئي ته منهنجي دل وڏي ٿي وئي ۽ همت وڌي. دل ۾
سمجهيم ته مان به شاعري ڪري سگھان ٿو. ان مشاعري جو احوال اڳتي ايندو. اهڙي طرح ساڳي
سال دوران اسڪول جي مئگزين ”الميزان“ ۾ نه رڳو منهنجو پهريون شعر پر پهريون مضمون
به شايع ٿيو ته ڏاڍي خوشي ٿي. ان طرح شاعريءَ سان گڏ نثر لکڻ جي شروعات به ٿي وئي.
ادب جي دنيا جو چَسڪو
به عجيب آهي، مون کي اهو چسڪو لاشعوري طور تڏهن لڳو جڏهن مان ميونسپل هاءِ اسڪول ۾
پڙهيس پئي. استاد غلام الله شيخ جو ذڪر اڳ ۾ به ڪري چُڪو آهيان، اصل ۾ اهو ئي اسان
جو ادبي گُرو هو، سندس چارج ۾ اسڪول جي لائبريري به هوندي هئي، اسان فري پيرڊ ۾
اُتي وڃي ويهندا هئاسين. سائين جو مطالعو وسيع هو ۽ سندس پسنديده موضوعَ ادب سان گڏ
فلاسافي، نفسيات ۽ تاريخ هئا. گفتگو دوران هو اسان کي سقراط، افلاطون، ارسطو ۽
خليل جبران جو فلسفو سمجهائيندو هو. شيڪسپيئر، گوئٽي، ڪيٽس، وليم ورڊس ورٿ، وليم
بليڪ کان وٺي رومي، خيام، مير، غالب اقبال ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سمجھاڻي ڏيندو
هو ۽ انهن جا ڪتابَ چونڊي پڙهڻ لاءِ اسان کي ڏيندو هو. ننڍي عمر ۾ ئي انهن شخصيتن
جي فڪر ۽ فلسفي سان تعارف اسان جي علمي اُڃَ وڌائڻ لاءِ ڪافي هو. ائين آهستي آهستي
پڙهڻ سان گڏ پُرجھڻ جي عادت به پوندي وئي. انهيءَ دور ۾ شام جو اسان جي بيٺڪ جناح
باغ ۾ بنا ناغي ٿيندي هئي، جتي هڪڙو پيرسن مهاجر ڪُلهي تي ڪتابن جي بَڊَ کڻي ايندو
هو، جنهن کان پڙهڻ لاءِ ڪرائي تي ڪتابَ وٺندا هئاسين. مون گھڻا ئي ڪتابَ ادب، ٻولي،
تاريخ ۽ جاسوسي ادب جيڪي اڪثر اردوءَ ۾ هئا، ايم اسلم ۽ نسيم حجازيءَ جا ”اور
تلوار ٽوٽ گئي“، ”آخري معرڪه“، ”بهادر شاهه ظفر اور اس کا عهد“ ۽ اهڙيءَ طرح ابن
صفي جا جاسوسي ناول به شوق سان پڙهيا. انهيءَ دور ۾ دوست رضوان عمراڻي (جيڪو هن
وقت سنڌ جو وڏو آرٽسٽ آهي) مون کي خليل جبران جا کوڙ ڪتابَ پڙهايا. دوستو وسڪي، پريم
چند ۽ ڪشن چندر جا ناول به مون انهن ئي ڏينهن ۾ پڙهيا.
اسڪول ۾ پڙهڻ دوران
ئي اسان ڪجهه دوستن گڏجي سنڌ اسٽڊي سرڪل ۽ سنڌي سڄڻن سٿ جي نالن سان ادبي تنظيمون
قائم ڪيون سين. ان حوالي سان به اسان جي اڳواڻي سائين غلام الله شيخ ڪئي. اهڙيءَ
طرح تنظيم سازيءَ جي چُوسَ پئجي وئي، پوءِ هر هفتي دوستَ ڪو نه ڪو ادبي اسم مضمون
يا شاعري لکي کڻي ايندا هئا، جنهن جي اصلاح سائين غلام الله صاحب ڪندو هو.
لاڙڪاڻي جو ادبي
ماحول
لاڙڪاڻي کي اوائلي
دور کان شاعرن جو آکيرو سڏيو ويندو هو. هتي جميعت الشعراءَ سنڌ، بزم سچل ۽ سنڌي
ادبي سنگت جهڙيون ادبي تنظيمون موجود هيون، جن جي طرفان ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا ٿيندا
هئا. اهو لاڙڪاڻي ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي،
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي ۽ پروفيسر الھه بخش تونيي جهڙين شخصيتن جو دور هو. جن سان ڪجهه
عرصو بعد منهنجي به سلام دعا ۽ ڪن سان ادبي تعلق ۽ دوستيءَ جو ناتو جُڙيو. لاڙڪاڻي
جو ادبي ماحول ڏسي منهنجي به همٿ وڌي هئي ۽ مان، هيڪڙ ٻيڪڙ مختلف ادبي تنظيمن جي
مشاعرن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو هوس. ان وقت جن سينئر توڙي هم عصر شاعرن سان عليڪ
سليڪ وڌي تن ۾ محمد علي جوهر، اياز قادري، خادم حسين شاهه، حاجي علي بخش جمالي،
زيب عاقلي، لقمان حڪيم، عبدالله اثر، ناظم چانڊيو، قلندر بخش بدوي، سرڪش سنڌي،
مولا بخش مولائي، امير علي چانڊيو، غلام مصطفى مشتاق، مولوي نور الدين نور، سيد
مدد علي شاهه منظر، جمال الدين جمال، احقر جمالي، نياز محمد نياز شيخ، ڊاڪٽر امان
الله راز سومرو شامل هئا. ڊاڪٽر امان الله راز وڏو باذوق انسان هو. هو پنھنجي گھر
۾ به مشاعرا ڪرائيندو هو، جتي پردي پويان عورتن جي شرڪت به ٿيندي هئي.
خادم حسين شاهه جي
آڳر واري ميدان تي منعقد ڪيل مشاعري ۾ ۱۹۶۱ع ڌاري مون پنهنجو پهريون شعر پڙهڻ جي همت ڪئي. ان محفل
جي صدارت سينئر شاعر عبد عاقلي پئي ڪئي. جڏهن ته خادم حسين شاهه ميزبان هو. مشاعري
۾ محمد علي جوهر، اياز قادري، زيب عاقلي، لقمان حڪيم، قلندر بدوي، عبدالله اثر،
محسن چنو ۽ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جا ٻيا به ڪيئي مشهور شاعر موجود هئا. جنهن ۾ جڏهن
مون پنهنجو ڪچو ڦڪو غزل پيش ڪيو ته منهنجي همت افزائي ڪئي وئي ۽ وڏو داد ڏنو ويو،
مونکي پنھنجي ان غزل جون سٽون هن وقت تائين ياد آهن:
منهنجي حياتي، اهڙي حياتي، جهڙو پاڇولو ڪو
تنهنجي جواني اهڙي جواني جهڙو کير اڇو ڪو
جمعت الشعراءَ
طرفان ڪُل چويهه ڪُل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ٿيون، جن مان ڏهه فقط لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيون
ويون. ان ڳالهه مان به لاڙڪاڻي جي علمي ادبي اهميت اجاگر ٿئي ٿي. مشاعرن ۾ عام طور
طرحي مشاعرا ٿيندا هئا. ڪنهن وڏي شاعر جي ڪلام مان مصرعِ طرح ڏني ويندي هئي، جنهن
تي سڀ شاعر لکي ايندا هئا. ڪجهه مشاعرا غير طرحي پڻ ٿيا. ۱۹۶۴ع ۾ ڪُل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ طرحي مشاعرو ٿيو،
جنهن جي مصرع طرح هئي ”چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو“ ان مشاعري لاءِ مون پڻ
طرحي غزل لکيو هو ۽ وڏن وڏن شاعرن جي سامهون ان مشاعري ۾ پنهنجو غزل پڙهڻ کي اعزاز
سمجھيو هو. ان وقت منهنجي عمر ٻاويهه سال هئي ۽ منهنجي شعر ۾ اڃا اها پختگي ڪانه
آئي هئي. بهرحال محمد علي جوهر صاحب جي مهربانيءَ سان مون کي ان مشاعري ۾ شعر پڙهڻ
جو موقعو ڏنو ويو هو. منهنجي خيال ۾ هيءَ ڪانفرنس پنھنجي معيار جي لحاظ کان تمام
شاندار هئي، جنهن ۾ سموري سنڌ مان چونڊ اديبن شرڪت ڪئي هئي، ان موقعي تي ٿيل
يادگار مشاعري جي صدارت مخدوم طالب المولى ڪئي هئي، جڏهن ته مشاعري ۾ شريڪ شاعرن ۾
عبدالفتاح عبد عاقلي، محمد علي جوهر، محمد ڇتل فدا، امير بخش قريشي اسير، محمد جمن
هالو، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، احسن الهاشمي، اظهر گيلاني، اياز قادري،
صوفي جھامنداس عاشق، مولوي غلام مصطفى دادوي، نشتر ناٿن شاهي، محمد حسن ساز، آثم
ناٿن شاهي، محمد عظيم شيدا، مرشد گيلاني ۽ ٻيا شامل هئا.
اردو مشاعرا
اردو مشاعرن جي
حوالي سان سٺ ۽ ستر وارا ڏهاڪا نهايت شاندار هئا. ان وقت هتي اردو جون ٻه ٽي وڏيون
انجمنون / بزمون ڪم ڪري رهيو هيون جن ۾ حلقهءِ ارباب قلم، بزمِ ادب ۽ انجمن ترقي
اردو قابل ذڪر آهن. انهن ادارن طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ سنڌي زبان جا به شاعر
شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ مان به وڏي ذوق شوق سان شريڪ ٿي پنھنجي شاعري پيش ڪندو هوس.
انهن مشاعرن ۾ مون جيڪي اردو غزل ۽ نظم پڙهيا انهن کي وڏي پزيرائي ملي. اردو جا اڪثر
وڏا شاعر به مون کي چوندا هئا ته ”آپ
کا لب و لهجا دوسرے سندھی شعرا سے مختلف هے، اور آپ کے اشعار پڑهتے
هوئے کسی کو يه گمان نه هوگا که يه کسی سندھی شاعر نے کهے هيں. آپ کاتلفظ صاف اور لهجا
اردو زده هے.“ اهي ان زماني ۾ استاد شاعرن طرفان
منهنجي لاءِ اعزاز جهڙا جملا هئا. انهن مشاعرن ۾ اڪثر ملڪ جي مختلف حصن کان اردو
جا وڏا وڏا شاعر ايندا رهندا هئا. اردو جي جن مشهور شاعرن سان منهنجون ملاقاتون ٿيون،
کين اسٽيج تي ٻڌو ۽ انهن مان ڪن سان دوستي ۽ واسطو رهيو تن ۾ جوش مليح آبادي، شبنم
روماني، عرش ڪرتپوري، فيض احمد فيض، حبيب جالب، حمايت علي شاعر، احمد نديم قاسمي،
صحبا لکنوي، غلام مصطفى تبسم، منير نيازي، قتيل شفائي، حسن حميدي، محسن ڀوپالي،
مسلم شميم، بهزاد لکنوي، شان الحق حقي، سحر انصاري، ڊاڪٽر ماني، صبا لکنوي، آفاق
صديقي، رمز شاهجهان پوري، جاذب قريشي، ڪيف رضواني، طاهر فهيم، عبدالصمد ساز رضوي،
حماد اثر، مولانا اشفاق، احمد مهدي، محمود شرف، مسعود فاروقي، ظاهر نوري، عمران
سحر، عثمان آذر، رشيد تبسم وغيره شامل هئا. انهن اردو تنظيمن طرفان ڪُل پاڪستان ۽ ڪُل
سنڌ مشاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا به وڏا وڏا شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيندا هئا.
جناح باغ جي ٽائون
هال ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري هڪ تمثيلي مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ اردو جي مختلف
شاعرن، اردو جي معروف شاعرن جا گيٽ اپ ڪيا ۽ انهن جي ئي لهجي ۾ انهن جا شعر پرفارم
ڪيا. جن کي ڏسي ڏاڍو مزو آيو. انهن ئي ڏينهن ۾ اردو جو وڏ شاعر جوش مليح آبادي به
لاڙڪاڻي آيو هو ۽ جناح باغ جي لان ۾ شاندار پنڊال لڳايو ويو هو. جوش صاحب پنھنجي
مخصوص لهجي ۾ شاعري ٻڌائي هئي، سندس هڪڙي شعر جي وراڻي ۾ ”گلبدني، گلبدني“ جو
ورجاءُ هو، مصرعي جي ٻئي حصي ۾ جڏهن ”گلبدني گلبدني“ ٿي آيو ته پوري پنڊال مان
گلبدني جا آواز شروع ٿي ويا اسان به دوستن سان گڏ گلبدني ۾ سٺو حصو ورتو. اهڙي طرح
اردو حلقه احباب طرفان لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ هڪ
ماهتابي مشاعرو پڻ ٿيو هو، جيڪو پڻ ناقابل فراموش آهي. ائين ٻيون به ڪيئي گڏجاڻيون
۽ مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ مون شرڪت ڪئي انهن جو رڪارڊ تاريخ جي ورقن مان ڳولي
سگھجي ٿو.
بزمِ سچل ۽ سنڌي
ادبي سنگت
لاڙڪاڻي ۾ بزمِ سچل
۱۹۴۶ع کان قائم هئي ۽ ان بزم جي پروگرامن ۾ نه رڳو لاڙڪاڻي پر سڄي سنڌ جا شاعر
۽ اديب ايندا هئا، جن ۾ استاد بخاري، نشر ناٿن شاهي، اظهر گيلاني، اميد خيرپوري،
پيرل قمبر، گل حسن گوپانگ شاد، فيض بخشاپوري، قطب الدين تاب، احمد خان مدهوش، نثار
بزمي، عبدالله اثر، سرڪش سنڌي، سرمد چانڊيو، مقصود گل، ناظم چانڊيو، مختيار گھمرو
وغيره شامل هوندا هئا. ان بزم جو روح روان سينئر شاعر لقمان حڪيم هو، جنهن جو قائم
شاهه بخاري روڊ تي جلد سازيءَ جو دڪان هوندو هو. اهو عروضي شاعريءَ جي عروج وارو
دور هو ۽ روايتي شاعريءَ تي گھڻو زور هوندو هو. شاعريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته فن کي فڪر
تي به ترجيح ڏني ويندي هئي. اهو ئي سبب هو جو ان وقت ۾ قافيه پيمائي ۽ تڪ ڀائي
لفظَ جوڙيندڙ وڏا ڪاريگر موجود هوندا هئا. اصلاحي ۽ اخلاقي شاعريءَ سان گڏ طنز و
مزاح جو رنگ به نظر ايندو هو. مذهبي شاعريءَ کي به خاص اهميت ڏني ويندي هئي. ٻين
صنفن سان گڏ حمد، نعت، قصيدو ۽ منقبت لکندڙ شاعر جام هئا. ادب ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر
وارو معاملو به عروج تي هو، اديب هڪ ٻئي سان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف رکندا هئا، هڪ ٻئي
ڏي ڊگھا ڊگھا خط لکندا هئا، جن ۾ نظرياتي ٽڪراءُ حاوي موضوع هوندو هو. اهڙا
اختلافي ليک اخبارن ۽ رسالن ۾ به جام ڇپبا هئا، پر مون انهن مان هڪ ٻئي جي ڪيترن
ئي فڪري مخالفن کي هڪ ئي اسٽيج تي به ڏٺو. ڪيئي اديبَ سخت اختلافن باجود هڪ ٻئي جي
عزت به ڪندا هئا. لقمان حڪيم ۽ سندس سٿ جا ساٿي ساڄي ڌر واري ادبي لڏي ۾ هوندا
هئا. شروعات ۾ مان به انهن ئي دوستن جي سٿ ۾ شامل ٿيس، بزمِ سچل جو ميمبر ته نه بڻيس،
پر بزم جي مشاعرن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو رهندو هيس، جيڪي اڪثر ڪري حاجي علي بخش
جمالي جي خالي پيل جاءِ تي ٿيندا هئا.
بعد ۾ مان ادبي
سنگت لاڙڪاڻي جي ادبي گڏجاڻين ۾ به اچڻ وڃڻ شروع ڪيو. اُتي تنقيدي ڪلاس ٿيندا هئا.
سينئر اديبن سان گڏ جونئر به شريڪ ٿيندا هئا. سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو قيام ته محترم
جمال ابڙي ۽ محترم تاج محمد ابڙي جي ڪوششن سان ۱۹۵۶ع ڌاري پيو هو ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري تاج
محمد ابڙو صاحب ئي هو پر شاخ ڪجهه عرصو سرگرم رهڻ بعد غير فعال ٿي وئي هئي، جنهن
کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي دوست اختر علي جانوري ۱۹۶۷ع ڌاري سرگرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مرڪز سان لک
پڙهه ڪئي پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ڊاڪٽر ادل سومري پنھنجي ٿيسز ”سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ“
۾ لکيو آهي ته ”نومبر ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ سندس ساٿين نئين سر سنگت طرفان ادبي گڏجاڻيون
شروع ڪيون.“ اهو لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جو ٻيو جنم هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مان به ادبي
سنگت جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو. انهن گڏجاڻين ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، انيس
انصاري، سرڪش سنڌي، ذوالفقار راشدي، عبدالحميد ابڙي ۽ ٻين سينئر ۽ همعصر اديبن سان
ڪچهريون ٿينديون هيون. لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي انهيءَ ٻئي دور يعني ستر واري ڏهاڪي
جي وچ ڌارا مان سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڪافي سرگرم رهيس، جنهن جو ذڪر تڏهوڪي سيڪريٽري /
ڪنوينر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنھنجي هڪ ليک ۾ هن طرح ڪيو آهي ته ”هي انهن ڏينهن جي ڳالهه
آهي، جڏهن سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ٻيهر جنم ٿيو. رشيد ڀٽي سڪريٽري جنرل هيو.
مان لاڙڪاڻي مان ڪنوينر مقرر ٿيس. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ پيڙهي وڇوٽيءَ جو تضاد زوران
زور هيو. ان ڪري ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته لاڙڪاڻي جا مشهور ۽ ڪهنه مشق شاعر پاڻ
سان ملائجن. لاڙڪاڻي جي نيشنل سينٽر هال ۾ ادبي گڏجاڻيون شروع ٿيون. انهن گڏجاڻين
۾ گهڻن سان گڏ ٻن شخصيتن نه صرف پنهنجو پاڻ ملهايو پر نوجوانن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾
ملائي ادبي سنگت سان ڀرپور ساٿ ڏنو. انهن ۾ هڪ مرحوم قلندر بخش بدوي ۽ ٻيو بشير
احمد شاد هيو.“ ساڳي تاثر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ منهنجي شرڪت
واري عرصي کي ساريندي اهو به لکيو آهي ته ”بشير احمد شاد جا نظم، گيت ۽ غزل پنھنجي
اوج ۽ جوڀن سان هوندا هيا. انهن ئي ڏينهن ۾ بشير احمد شاد جا غزل ۽ گيت نوجوانن ۾
مقبول ٿيندا ويا.“ تازو مون کي احسان ٻڌايو ته ۲۲ مئي ۲۰۲۲ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي طرفان ڪوٺايل
پروگرام ”سرجڻهار صدين جا ۲“ ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ”۱۹۷۴ع ۾ مان به ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي گڏجاڻين ۾
ويندو هيس ۽ ان وقت ادبي سنگت ذوالفقار سيال، بشير احمد شاد ۽ محسن چني وارا
هلائيندا هئا.“ انهيءَ دور ۾ نئين ٽهي جا کوڙ سارا ترقي پسند ليکڪ سليم ڪورائي،
رزاق مهر، زيب سنڌي، عنايت ميمڻ، ممتاز ابڙو، محمد علي پٺاڻ، ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت،
واجد، سڪندر مغل، منظور ظفر، افضل قادري ۽ ٻيا به گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مون
انهن گڏجاڻين ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به پيش ڪيون، جن کي ساراهيو ويندو هو.
مجموعي طور تي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول هوندو هو . تخليقن تي تنقيد به غضب جي ٿيندي
هئي، پوءِ ڪي دوست سهندا هئا ته ڪي چڙي به ويندا هئا. بهرحال انهن گڏجاڻين مان سکڻ
۽ سمجھڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ملندو هو. انهن ڏينهن ۾ نين شعري صنفن تي لکڻ جو رواج به
پيو هو ۽ جاپاني شعري صنف هائڪو لکڻ جا پهريان تجربا تنوير عباسي ڪيا، ۱۹۷۳ع ڌاري ”نيون طرزون“ نالي سنڌيءَ ۾ لکيل
منهنجا هائيڪا ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا.
۱۹۷۰ وارو ڏهاڪو منهنجي ادبي اوسر ۽ عروج وارو دور هو
جڏهن مون جديد ادب
جو مطالعو وڌايو، دنيا جو ڪلاسيڪل لٽريچر پڙهڻ شروع ڪيو، ذاتي لائبريريءَ جا ڪتابَ
سوَن مان هزارن ۾ ٽپي ويا. گھڻ موضوعي ڪتابن جي مطالعي ذهن جا ڪپاٽَ کوليا ته
شاعريءَ سان گڏ نثر لکڻ ڏانهن به ڌيان وڌيو. مون پنھنجي لکڻ جي ڏهن سالن اندر لاڙڪاڻي
کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڪ نامياري شاعر طور پاڻ مڃائي ورتو هو ۽ وڏن وڏن
مشاعرن مان داد وٺي چڪو هوس.
ستر واري ڏهاڪي جي
منڍ ۾ ئي مون پهرين ڪهاڻي لکي، جيڪا ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي گڏجاڻيءَ ۾ پڙهي. ان کان
پوءِ مسلسل ڪهاڻيون لکندو رهيس جيڪي ان دور جي معروف رسالن ۾ ڇپيون. ان کان علاوه
تن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جي تجر بلڊنگ ۾ لوڪل براڊڪاسٽنگ هائوس موجود هو، جنهن جي طرفان
مختلف پروگرام نشر ٿيندا هئا ۽ شهر جي مختلف چوڪن ۽ چوگانن، باغن ۽ باغيچن جي آس
پاس لائوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا جن وسيلي سڄو شهر اها نشريات ٻڌي سگھندو هو. براڊڪاسٽنگ
هائوس تي ان زماني جي لوڪ فنڪارن عابده پروين، استاد ميهر فقير، استاد گلزار علي
خان، استاد انور علي سانگي ۽ ٻين جا ڪلام لائيو هلايا ويندا هئا. گڏ و گڏ گيتن ڀريون
ڪهاڻيون به نشر ٿينديون هيون. ان نشريات ۾ منهنجون به ڪيئي گيتن ڀريون ڪهاڻيون نشر
ٿيون، جن کي گھڻو پسند ڪيو ويو.
نثر ڏانهن لاڙي بعد
نه رڳو ڪهاڻيون پر مضمون ۽ ڪالم به لکيا، اهڙي طرح مختلف ادبي شاهپارن جا ترجما به
جام ڪيا. انهن ڏينهن ۾ ”نئين زندگي“ ۽ ”اديون“ جهڙن رسالن ۾ منهنجا ڪجهه مضمون
بشير احمد مغل جي نالي سان به شايع ٿيا. ستر وارو ڏهاڪو منهنجي ادبي اوسر جي عروج
وارو دور هو.
شاهه لطيف کي
گھرائيءَ سان پڙهڻ جو شوق به انهن ئي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو ۽ لطيف جي رسالي کي نه رڳو
روح سان پڙهيو پر پنھنجي سمجھه ۽ ان دور جي مروج فڪري ڌارا مطابق شاهه جي شاعريءَ
جي شرح به لکي. بعد ۾ ۱۹۸۰ع کي جڏهن ساهت سال طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته مان ان سڄي سال کي
هلال پاڪستان اخبار ۾ مسلسل شاهه لطيف جي سُرن تي مضمون لکي ڄڻ پنھنجي طرفان شاهه
لطيف جي سال طور ملهايو. بعد ۾ انهن مضمونن کي سهيڙي ۽ سميٽي ڪتاب ”عرفانِ لطيف“ ڇپايو،
جنهن کي ايڏي پزيرائي ملي جو اڄ تائين ان ڪتاب جا اٺَ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ڀٽائيءَ
سان عشق جي چڻگ چولي ۾ ڇا پئي، ڄڻ منهنجو سڄو وجود ئي کورو بڻجي پيو، پوءِ ته
پنھنجي دانست مطابق لطيف جي شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي تي مسلسل لکندو رهيس ۽ ڪتابن
پويان ڪتابَ ايندا رهيا. ڪجهه ڪتاب سهيڙيا ته ڪي طبعزاد ۽ ان سلسلي ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيل ڪتابَ ”شاهه لطيف ــ هر دور جو
شاعر“ تي وڃي دنگ ڪيو.
۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ نثر جي حوالي سان مون هڪ روزاني اخبار ۾ ڪالم ڪهاڻيون لکڻ
شروع ڪيون، جيڪي هر هفتي پابنديءَ سان شايع ٿينديون هيون. انهن ڪالم ڪهاڻين ۾ هڪ ڪردار
هو ندو هو ”واٽهڙو“ سو واٽهڙو جيڪو سماجي انياءُ پنهنجي ارد گرد ڏسندو هو. ان کي
بيان ڪندو هو ۽ ائين ڪالم ڪهاڻي جُڙي پوندي هئي. وڏي عرصي تائين منهنجو اهي ڪالم ڪهاڻيون
شايع ٿينديون رهيون، جن کي دوست بيحد پسند ڪندا هئا.
اهڙي طرح ۱۹۶۰ع کان لکڻ جو جيڪو سلسلو شاعريءَ کان شروع ٿيو
اهو نثرنگاريءَ ۾ ڪهاڻي، مضمون نويسي، ڪالم ڪهاڻي ۽ ترجمي کان ٿيندو نيٺ آخر تحقيق
۽ تنقيد طرف به وڌيو ۽ سنڌ جي وڏين وڏين ادبي ڪانفرنسن ۾ مون کي هڪ محقق طور مدعو ڪرڻ
جو سلسلو شروع ٿيو. منهنجو محنت ۾ ايمان آهي ان ڪري مان پنھنجي عملي زندگيءَ کان وٺي
پنھنجي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم تائين مسلسل محنت ڪئي آهي ۽ مالڪ مون کي ان جو اجورو ڏنو
آهي.
تنظيم سازي ۽
مختلف ادارن سان وابستگي
مون پنهنجن ڪجهه
دوستن سان گڏجي اسڪول واري زماني ۾ ئي سنڌ اسٽڊي سرڪل ۽ سنڌي سڄڻن سٿ نالي ادبي
تنظيمون ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ متحرڪ رهيس. اهڙي طرح ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران به تنظيم
سازي وارو ڪم جاري رهيو ۽ اتي به سنڌي سڄڻن سٿ نالي ئي اسڪول ۾ جوڙيل تنظيم کي وري
فعال ڪري ننڍي پيماني تي سرگرميون شروع ڪيون هيون، پر اها سٿ گھڻو وقت قائم رهي نه
سگھي.۸۰ واري ڏهاڪي جي شروع ۾ محمد يوسف شيخ جي پبلڪ اسڪول سکر جي پرنسيپال شپ
واري عرصي ۾ منهنجو ڏانهس گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اُتي آفيس ۾ هڪ ڏينهن گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج سکر جي هڪ پروفيسر اسد الله ڀٽو سان مون کي يوسف صاحب ملاقات ڪرائي، جنهن جي
متعلق بعد ۾ مون کي خبر پئي ته هو اصل ۾ جماعت اسلامي حيدرآباد مرڪز جو رڪن هو.
انهن ڏينهن ۾ غير معلوم اختلافن سبب جماعت اسلاميءَ مان سندس رڪنيت منسوخ ڪئي وئي
هئي. هو هڪ نئين اداري جي نالي بابت کانئس صلاح وٺڻ آيو هو، پوءِ پروفيسر ان جي
ميمبر سازي پڻ ڪندو رهيو. تنظيم فڪر و نظر جي اغراض ۽ مقاصد ۾ لکيو ويو هو ته
تنظيم جو مقصد ادب جي خدمت ڪرڻ هوندو ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپائي سان گڏ علمي، ادبي
تقريبون پڻ منعقد ڪيون وينديون.
ڪجهه وقت کان پوءِ
يوسف صاحب مون کي پڻ زور ڀريو ته مان به ان تنظيم جو ميمبر ٿيان. ڇالاءِ ته ان دور
۾ مان هڪ متحرڪ اديب طور اڀري چڪو هئس. ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ منهنجا مضمون ۽
شاعري باقاعدي شايع ٿيندي هئي. ٻئي طرف محمد يوسف جي حڪم کي به مانُ ڏيڻو هو، سو
مون بنان ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جي ميمبرشپ فارم ڀريو. اها ۸۰ واري ڏهاڪي جي شروعات هئي. ان وقت تنظيم جي
آفيس سکر جي لاري اڏي ڀرسان هڪ فليٽ ۾ قائم هئي، جتي ڪجهه وقت تائين تنظيم طرفان
علمي، ادبي ڪم جاري رهيو. ان دوران اسد الله ڀُٽي تنظيم جي آفيس لاءِ ڪو جوڳو
بندوبست ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجا ذاتي تعلقات ڪم آڻڻ شروع ڪيا. ان وقت جو ڊڪٽيٽر
ضياءُ الحق ملڪ جو صدر هو. اسد الله لاهور ۽ اسلام آباد تائين پهچي سکر ۾ بولس باغ
جي ڀرسان تنظيم جي آفيس لاءِ سرڪار کان هڪ پلي گرائونڊ هٿ ڪيو، سندس ارادو هو ته
اُتي آفيس سان گڏ آڊيٽوريم ۽ پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪئي ويندي، جتي ادارو پاڻ ڪتاب ڇپائيندو.
ڪجهه وقت علمي،
ادبي ڪم به ٿيندو رهيو. ڪجهه ادبي ڪتاب پڻ ڇپيا جن ۾ منهنجا ٽي ڪتاب پڻ شايع ٿيا
هئا ۽ ڪجهه ادبي تقريبون پڻ ٿيون، هڪ وقت اهڙو به آيو جو مان تنظيم ۾ سرگرم ٿي ويس
۽ تنظيمي ڍانچي ۾ رهندي چاهيندي يا نه چاهيندي ڪن غلط فيصلن ۾ به ساڻن گڏ رهيس، جن
جو بعد ۾ مون کي پڇتاءُ به ٿيو ۽ هن وقت تائين آهي..... پوءِ جلد ئي اهو محسوس ٿيڻ
لڳو ته تنظيم کي خالص ادبي اداري بجاءِ مذهبي ۽ نظرياتي بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون
پيون وڃن. پلاٽ تي آڊيٽوريم ۽ پرنٽنگ پريس يا آفيس بجاءِ مدرسو ۽ اسڪول تعمير ٿيڻ
لڳو. هاڻي مون پنهنجا هٿ ڍلا ڪيا ۽ ساڻن اختلاف رکندي تنظيم جي بنيادي ميمبرشپ توڙي
عهدي تان استعفا ڏئي ڇڏي، جنهن جي خبر ان دور جي اخبارن ۾ شايع ٿي. بهرحال تنظيم ۾
شموليت منهنجي زندگيءَ جو غلط فيصلو هو.
سچل ادبي مرڪز جو
قيام ۽ ڪارڪردگي
هڪ ادبي ڏيئو
روشن آهي
مون کي منڍ کان ڪنهن
اهڙي ادبي اداري جو خوابُ اکين ۾ سمايل هو، جنهن وسيلي اهڙو ڪم ڪري سگھجي، جنهن ۾
نه ڪنهن جي محتاجي هجي ۽ نه ڊڪٽيشن. اهڙو خواب ۱۰ آگسٽ ۱۹۸۲ع تي تڏهن پورو ٿيندي محسوس ٿيو، جڏهن لاڙڪاڻي
۾ هڪ نئين ادبي اداري سچل ادبي مرڪز جو قيام عمل ۾ آيو. ان سلسلي ۾ پهرين گڏجاڻيءَ
۾ اداري جي نالي تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪجهه دوستن جو خيال هو ته نئون ادارو شاهه
جي نالي سان هجڻ کپي پر اڪثر دوستن جي راءِ هئي ته شاهه جي نالي سان اڻ ڳڻيا ادبي
ادارا، بزمون ۽ سنگتون آهن، تنهن ڪري گڏيل طور راءِ اها بيٺي ته اداري جو نالو سچل
سائين سان منسوب ڪرڻ کپي. پهرين تجويز اها آئي ته اداري جو نالو سچل ادبي سنگت هجڻ
کپي پر پوءِ گڏيل طور سڀ دوست سچل ادبي مرڪز نالي تي متفق ٿيا. سنڌ ۾ کوڙ ساريون،
بزمون، سنگتون ۽ تنظيمون اڳي ئي موجود هيون تنهن ڪري نالي کي يونيڪ ڪرڻ ۽ اداري کي
ادبي طور مرڪز واري حيثيت ڏيڻ جي خيال کان ان جو مٿيون نالو طئي ڪيو ويو. هڪ اهڙو
مرڪز جتي اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿين. ان سلسلي ۾ اداري جي جوڙجڪ ۾ ابتدائي طور جن
دوستن جون ڪاوشون شامل آهن، انهن ۾ ان وقت جو نوجوان شاعر انيس گل عباسي ۽ ڪي ٻيا
دوست شامل هئا.
مان پنهنجي هن آتم ڪٿا
۾ سچل ادبي مرڪز جو ذڪر ۽ ان اداري جي حاصلات بابت ان ڪري لکي رهيو آهيان جو اصل ۾
سچل ادبي مرڪز جي ڪارڪردگي ۽ سرگرمي منهنجي ادبي زندگيءَ جو نهايت اهم حصو آهي،
جنهن کي مان پنهنجين ڪاميابين مان هڪ ڪاميابي سمجھان ٿو. سچل ادبي مرڪز جي قيام،
جدوجهد، ادبي ڪارڪردگي ۽ اشاعتي ڪم توڙي ابتدائي ۲۰ سالن ۾ ڪيل ادبي پروگرامن جي وچور کان وٺي،
پروگرامن ۾ شامل ٿيندڙ اديبن ۽ شاعرن جي نالن تائين سن ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل ڪتابَ ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“
۾ ڊاڪٽر احسان دانش تفصيل سان لکيو آهي، جنهن کي ورجائڻ کان سواءِ مان مرڪز بابت
هتي ڪي بنيادي ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو، جن کي ڏسندي اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته
هن ادبي اداري پوين چاليهه سالن ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول کي ڪيترو سرگرم رکيو آهي
۽ ڪيتريون ڪاميابيون ماڻيون آهن.
احسان دانش پنھنجي
مقالي ۾ سچل ادبي مرڪز جي تاريخ کي ٻن دورن ۾ هن ريت ورهايو آهي. ”پهريون دور ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۹ع ۽ ٻيو دور ۱۹۹۰ع کان ۲۰۰۲ع“ جڏهن ته ۲۰۰۲ع کان ۲۰۲۲ع (اڄ) تائين مرڪز جو ٽيون دور شمار ڪري
سگھجي ٿو. انهن گذريل چاليهه سالن ۾ سچل ادبي مرڪز، لاڙڪاڻي ۾ ناقابل فراموش ڪم ڪيو
آهي. ڪل سنڌ شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز ڪانفرنسن کان علاوه هن اداري طرفان ڪهاڻي
ڪانفرنسون، الڳ الڳ موضوعن تي سنڌ سطح جا سيمينار، ڪالم ڪچهريون، مذاڪرا، ليڪچر،
مشاعرا، اديبن سان رهاڻيون، تنقيدي ڪلاس ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه هن اداري جي ڪريڊٽ تي
آهي. سال ۱۹۹۷ع کي سچل ادبي مرڪز طرفان ساهت سال طور ملهايو ويو هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هر
هفتي الڳ الڳ نوعيت جا پروگرام ڪوٺائي هڪ رڪارڊ ٺاهيو ويو. هتي سچل ادبي مرڪز جو
سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ مقصد ناهي پر هن اداري جي ڪم جي معياري ۽ مقداري ڪٿ ڪبي لاڙڪاڻي
۾ شايد ئي ڪو ٻيو ادارو ان طرح سرگرم نظر اچي. مان ان جو رڳو هڪ ننڍڙو مثال ڏيڻ
چاهيان ٿو. سچل مرڪز جي ڪارگردگي رپورٽ تي نظر وجھندي معلوم ٿئي ٿو ته هن اداري
طرفان ٻين سمورن پروگرامن سان گڏ سن ۱۹۹۰ع کان ۲۰۰۲ع تائين رڳو ٻارنهن سالن ۾ تنقيدي ڪلاسن اندر مختلف ڪهاڻيڪارن
جيڪي تخليقي ڪهاڻيون پڙهيون آهن انهن جو انگ ۵۰۰ کان مٿي آهي. جنهن ۾ اياز قادري، انيس
انصاري، بشير احمد شاد، منظور ڪوهيار، رزاق مهر، انيس گل عباسي، محمد علي پٺاڻ،
محمد هاشم حامي، ممتاز عباسي، ممتاز لوهار، احسان دانش، رياضت ٻرڙي، جهانگير
عباسي، رضوان گل، سڪندر عباسي، وفا اسلم، حفيظ فائز، فيروز عباسي، ممتاز جويي،
اعجاز سولنگي ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن پنهنجون نيون نڪور ڪهاڻيون پيش ڪيون. اداري جو شاعري
۽ تنقيد سان گڏ ڪهاڻي تي هونءَ ئي جھجھو ڪم آهي. ان سلسلي ۾ ٻه ڪهاڻي ڪانفرنسون ۽ ڪهاڻي
ايوارڊ تقريبون اداري جي ڪريڊٽ تي آهن. هڪ ڪهاڻي ڪچهريءَ جي صدارت سنڌي ڪهاڻي جي ٽه
مورتيءَ جي هڪ مورت اياز قادري ڪئي ۽ ان موقعي تي هن پنھنجي لکيل نڪور ڪهاڻي، ”ڪهاڻي
هر دور جي“ پڻ ٻڌائي ۽ ٻي ڪهاڻي ڪانفرنس جي صدارت سينئر ڪهاڻيڪار انيس انصاري ڪئي،
ان موقعي تي ٽن بهترين ڪهاڻين تي جيڪي ٽي ايوارڊ ڏنا ويا هئا، انهن مان هڪ ايوارڊ
انيس انصاري جي نالي سان پڻ ڏنو ويو هو. ان کان علاوه مرڪز جي طرفان سن ۱۹۹۹ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڇٽيهه ڪهاڻيڪارن جون شاهڪار ڪهاڻيون
سندن مختصر تعارف ۽ فوٽو سميت ڪتابي شڪل ۾ ”جيون، پيڙا پيار“ جي نالي سان ڇپائي پڌريون
ڪيون ويون. ان ڪتاب کي مون ترتيب ڏنو هو. ڪتاب جي مهورت ۾ ناميارا ڪهاڻيڪار اختر
جانوري، ملڪ آگاڻي ۽ منظور ڪوهيار به شامل هئا. ڪتاب کي وڏي پزيرائي ملي ۽ ان ڪتاب
مان نامياري مترجم شاهد حنائي ست ڪهاڻيون منهنجي اجازت سان اردو ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي
سندس مشهور ڪتاب ”شاهڪار سنڌي افساني“ ۾ شامل آهن.
ٿلهي ليکي هن وقت
تائين سچل ادبي مرڪز طرفان ڪيل پروگرامن جا انگ اکر ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن
اداري طرفان سراسري طور هر سال ۲۴ کان ۲۸ پروگرام منعقد ڪيا ويندا رهيا آهن، ان حساب سان هن وقت
تائين اداري طرفان ننڍي توڙي وڏي پيماني جا هڪ هزار کان به مٿي پروگرام ٿي چڪا
آهن، انهن پروگرامن جون خبرون ۽ رپورٽون اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڇپبيون رهيون آهن.
انهن انگن اکرن مان مرڪز جي ادبي تحرڪ جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگھجي ٿو. وڏي ڳالهه
اها آهي ته ايڏو وڏو ادبي ڪم ڪنهن به سرڪاري گرانٽ ۽ مدد کان سواءِ پنھنجي مدد پاڻ
تحت ڪيو ويو آهي. ان ڪري مان سدائين چوندو آهيان ته اصل ۾ ماڻهو کي جذبو ڪم ڪرائيندو
آهي. سو سچل ادبي مرڪز به هن وقت تائين پنھنجي مدد پاڻ تحت سمورا پروگرام ڪرائيندو
رهيو آهي.
سچل ادبي مرڪز تي سڄي
سنڌ مان ڪهي آيل هر مڪتبه فڪر جي اديبن جِي مختلف پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت رهي
آهي. اهڙن اديبن جي هونءَ ته ڊگھي لسٽ آهي پر انهن مان ڪن جا نالا جيڪي مون کي هن
وقت ذهن تي تري اچن ٿا سي ڏيڻ مناسب سمجھان ٿو. اهڙن اديبن، عالمن، محققن، دانشورن،
ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد
سنڌي، پروفيسر محمد فاضل شيخ، غلام احمد بدوي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، انيس انصاري،
مسلم شميم، مظهر جميل، عبدالرزاق سومرو، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر
غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، غلام نبي مغل، بادل جمالي، اختر جانوري، نثار
بزمي، اميد خيرپوري، سرڪش سنڌي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي، افضال
احمد، ثروت زهره، عزره عباس، مقصود گل، مختيار گھمرو، سرمد چانڊيو، احمد خان
مدهوش، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، پروفيسر سرور سيف، ڊاڪٽر
مشتاق ڦل، مختيار سمون، ذوالفقار علي قادري، پروفيسر قلندر لڪياري، مختيار جانوري،
ڊاڪٽر صاحب خان چنو، محمد بچل تونيو، پروفيسر الطاف اثيم، ڊاڪٽر ظفر پيرزادو، اياز
گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ، واجد، عبدالغفار تبسم، اڪبر لغاري، ڪوثر ٻرڙو، اختر
درگاهي، اشتاق انصاري، انور موج، لياقت راڄپر، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو،
پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سليم ڪورائي، رزاق
مهر، اخلاق انصاري، زيب سنڌي، ملڪ آگاڻي، هدايت منگي، منظور ڪوهيار، اسحاق انصاري،
زخمي چانڊيو، ايوب گاد، محمد علي پٺاڻ، عرفانه ملاح، امر سنڌو، روبينه ابڙو،
رخسانه پريت، ڊاڪٽر حسين مسرت، پرهه سڪينه، ناياب سرڪش، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، ڊاڪٽر
فياض لطيف، احمد سلطان کوسو، غلام نبي گل، تاج جويو، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، احمد
سولنگي، سعيد ميمڻ، استاد خالد چانڊيو، علي زاهد، عادل عباسي، ڀائو در محمد ٻرڙو،
عابد عباس ڪاظمي، امام راشدي، رئوف عباسي، عزيز قاسماڻي، عيسا ميمڻ، ستار هليو،
استاد گل دايو، راج راڄپر، بخشل باغي، ستار سندر، گوهر شيخ، احمد آزاد، شهمير
سومرو، منور سولنگي ۽ زاهد ڄامڙو شامل آهن. نالن جي لسٽ اتي ختم نه ٿي ٿئي شايد ان
کان گھڻا وڌيڪ ادبي ساٿي اسان وٽ اچي اسان جي عزت افزائي ڪندا رهيا آهن، جن جا
اسين سدائين مشڪور رهيا آهيون. سچل ادبي مرڪز کي مون ۽ منهنجن دوستن گذريل چاليهه
سالن کان پنهنجو رت ست ڏنو آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اڄ تائين اهو ادبي ڏيئو روشن آهي ۽ جوت
جڳمڳائيندو رهي ٿو.
محمد هاشم ميمڻ
جي ڪوششن سان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ٺھي
لاڙڪاڻي جي تاريخ ۽
تهذيب جا پيرا کڻبا ته مُهين جي دڙي تائين وڃي پهچبو. لاڙڪاڻو ضلعو نه رڳو قديم
آثارن جي حوالي سان سنڌ جو هڪ اهم ضلعو آهي پر اهو تاريخي، سياسي، سماجي ۽ ادبي
حوالي سان به نهايت اهم آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي
حوالي سان ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۸۵ع تي لاڙڪاڻي جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر محمد هاشم ميمڻ جي ڪوششن سان ضلعي جي ڪجهه
اهم عالمن ۽ اديبن اختر علي قاضي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر اياز قادري، مهتاب اڪبر
راشدي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، انيس انصاري، عبدالحق زيب
عاقلي، قربان بگٽي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر سيد محمود شاهه ۽ خالد محمود کهڙو جي
هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو قيام عمل ۾ آيو، ان گڏجاڻيءَ
۾ طئي ڪيو ويو ته هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان لاڙڪاڻي جي تاريخ، جاگرافي، ماڳ مڪانن ۽
شخصيت بابت گهڻ رخو ڪم ڪيو ويندو ۽ ان طرح لاڙڪاڻي جي گهڻ رُخي تاريخ کي محفوظ ڪيو
ويندو. مان ان پهرين گڏجاڻيءَ ۾ ته شريڪ نه هوس پر ستت ئي پوءِ مان سائين
عبدالمنان چانڊيي جي توسط سان سوسائٽيءَ جو ميمبر بڻيس ۽ مستقل طور گڏجاڻين ۾ شريڪ
ٿيندو رهيس. ان پهرين گڏجاڻيءَ ۾ سوسائٽي جي پهرين چيئرمين طور محمد هاشم ميمڻ ۽
پهرين سيڪريٽري طور الهه بخش انيس انصاري کي متفقه طور چونڊيو ويو ۽ طئي ڪيو ويو
ته آئينده به سوسائٽي جو چيئرمين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ئي رهندو.
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل
سوسائٽي جي ابتدائي ڏينهن ۾ سوسائٽي جي ميمبرن لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم ماڳن مڪانن جا
دورا ڪيا ۽ پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏنيون. اڳتي هلي پروگرامن جو سلسلو به شروع ٿيو.
محترم انيس انصاري انتهائي محنتي ماڻهو هو، هن رٽائرمينٽ بعد به سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري
طور جنهن جذبي ۽ تحرڪ سان ڪم ڪيو، ان جو جواب ناهي. نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾
انيس انصاري صاحب علالت سبب سڪريٽري شپ واري ذميداري نڀائڻ کان معذرت ڪئي ته سمورن
ميمبرن جي مشترڪه صلاح سان سوسائٽي جي سيڪريٽري شپ جو ذمو مون کي ڏنو ويو، جنهن کي
مون پنهنجي وت آهر نڀائڻ جي خوب ڪوشش ڪئي. سڀني ميمبرن جي اعتماد سبب سوسائٽي جي
سيڪريٽري طور مان ڊگهي ۾ ڊگهو وقت گذاريو. ان دوران ڪيئي ڊي سي آيا ۽ ويا. ڪن جي
سوسائٽي جي معاملن ۾ دلچسپي هوندي هئي ته ڪن کي لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ ان
اداري جي ڪا ڳڻتي ئي نه هوندي هئي. منهنجي بيوروڪريٽس سان سڌي وابستگي انهيءَ دور
۾ ٿي ۽ مان ڪيئي سبق سکيا. سن ۱۹۹۴ع ۾ محترم شمس جعفراڻي ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو، خبر پئي ته هو
سجاول جي نامياري اديب عزيز جعفراڻي جو ڀاءُ آهي، جنهن سان نه رڳو منهنجون
ملاقاتون هيون پر سندس ڪم کان به واقف هئس. شمس جعفراڻي منهنجي سيڪريٽريشپ واري
سموري دور ۾ سڀ کان متحرڪ چيئرمين هو، جيڪو سنجيدگيءَ سان لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت ڪم
چاهي پيو. انهيءَ جي چيئرمين شپ واري عرصي ۾ ۱۹۹۵ع ڌاري سوسائٽي طرفان پهريون ڪتاب ”لاڙڪاڻو
صدين کان“ پڌرو ٿيو، جنهن کي مون وڏي محنت سان سهيڙيو هو. ان ڪتاب وڏي پزيرائي ماڻي
۽ ماڻهن کي خبر پئي ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ اهڙو ادارو به آهي، جيڪو تاريخ بابت ڪم ڪري
رهيو آهي. جعفراڻي صاحب سان منهنجي سٺي دوستي ٿي وئي ۽ ساڻس تڪڙيون تڪڙيون
ملاقاتون ٿينديون هيون. جلد ئي سوسائٽي جي بورڊ آف گورنرس جي صلاح تي سر شاهنواز ڀٽو
لائبريري جي آڊيٽوريم ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ بابت هڪ شاندار ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي،
جنهن ۾ عالمن ۽ اديبن مقالا پڙهيا. اهو سلسلو تيسيتائين هليو جيسيتائين جعفراڻي
صاحب لاڙڪاڻي جو ڊي سي ۽ سوسائٽيءَ جو چيئرمين هو، بعد ۾ سوسائٽي جي تحرڪ جو سلسلو
وقتي طور ماٺو ٿي ويو، جنهن جي بنيادي وجه چيئرمينن جو غير فعال هجڻ هو.
سن ۲۰۰۱ع تي سوسائٽي جي بورڊ جي ميمبرن جي گڏيل
فيصلي سان سوسائٽي جي سرڪاري سرپرستي ختم ڪئي وئي ۽ چيئرمين جي عهدي لاءِ ڊي سي
بدران سوسائٽي جي ڪنهن به ميمبر کي اليڪشن وسيلي چونڊڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان نئين
دور ۾ پهرين چونڊ ۾ چيئرمين پروفيسر محمد يوسف شيخ، وائس چيئرمين ڊاڪٽر بشير احمد
شاد، سيڪريٽري پروفيسر مختيار سمون، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش ۽ فناس سيڪريٽري
جاويد علي کوکر کي چونڊيو ويو. حقيقت اها آهي ته ڪنهن به سرڪاري سهڪار کان سواءِ
ان چونڊيل باڊي اڳي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڪم ڪيو. ميمبر مالي مشڪلاتن جي ڳالهه ڪندا
هئا ته سوسائٽيءَ جو چيئرمين چوندو هو، ان جي ڳڻتي نه ڪيو بس اسان کي ڪم ڪرڻو آهي
۽ واقعي ان دور ۾ ڪم ٿيو ۽ مالي معاملن کي چيئرمين پنهنجي سر تي کنئيون.
هونءَ ته ۲۰۰۱ع کان سوسائٽيءَ طرفان ڪيئي پروگرام ٿيا جهڙوڪه
ورثو (لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڳن مڪان بابت پروگرامن جو سلسلو)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي
ضلعي جي مختلف شعبن جي اهم تاريخي شخصيتن بابت پروگرامن جو سلسلو) وغيره پر سوسائٽي
کي سرڪاري سرپرستيءَ کان آجو ڪرائڻ واري سال يعني ۲۰۰۱ع ۾ ئي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
طرفان ضلعي لاڙڪاڻي کي ۱۰۰ سال پورا ٿيڻ جي حوالي سان هڪ قومي ڪانفرنس ”لاڙڪاڻو سو ساله تاريخ ڪانفرنس“
شاهنواز ڀٽو لائبريري آڊيٽوريم ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ڪئي هئي ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان آيل عالمن ۽ اديبن پنهنجا مقالا پڙهيا هئا.
هونءَ ته ۲۰۰۱ع کان سوسائٽيءَ طرفان ڪيئي پروگرام ٿيا جهڙوڪه
ورثو (لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڳن مڪان بابت پروگرامن جو سلسلو)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي
ضلعي جي مختلف شعبن جي اهم تاريخي شخصيتن بابت پروگرامن جو سلسلو) وغيره پر سوسائٽي
کي سرڪاري سرپرستيءَ کان آجو ڪرائڻ واري سال يعني ۲۰۰۱ع ۾ ئي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
طرفان ضلعي لاڙڪاڻي کي ۱۰۰ سال پورا ٿيڻ جي حوالي سان هڪ قومي ڪانفرنس ”لاڙڪاڻو سو ساله تاريخ ڪانفرنس“
شاهنواز ڀٽو لائبريري آڊيٽوريم ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ڪئي هئي ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان آيل عالمن ۽ اديبن پنهنجا مقالا پڙهيا هئا.
اها هڪ يادگار ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، عبدالغفور ڀرڳڙي، واحد
بخش شيخ، استاد انور علي سانگي، رضوان عمراڻي سميت لاڙڪاڻي جي ۱۵ اهم شخصيتن کي لائيف اچيوومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنا
ويا هئا ۽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ تڏهوڪي ناظم خورشيد احمد جوڻيجي کي ضلعي کي سو سال
پورا ٿيڻ تي اڳواٽ ’لاڙڪاڻو مينار‘ لاءِ هڪ پروپوزل ڏنو ويو هو، جنهن جي منظوريءَ
بعد ڪانفرنس جي موقعي تي طئي ٿيل جاءِ تي ڊاڪٽر بلوچ جي هٿان پيڙهه جو پٿي به
رکرايو ويو هو، سوسائٽيءَ طرفان مينار جو ماڊل پنهنجي خرچ تي ٺهرايو ويو هو ۽
انهيءَ ماڊل کي ايوارڊ جي وچ تي رکي شيشي ۾ بند ڪرائي خوبصورت نموني لائيف اچيومينٽ
اوارڊ طور پيش ڪيو ويو هو. افسوس جو پوئواري ڪرڻ باوجود لاڙڪاڻو مينار سرڪاري بي
توجهي جو شڪار ٿي ويو ۽ هن وقت تائين نه ٺهي سگهيو.
ڪي بهتان ۽
منھنجي هڪڙي ادبي ڀُلَ
لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل
سوسائٽي طرفان سرگرمين جو جيڪو سلسلو ۲۰۰۱ع ۾ شروع ٿيو، اهو هن وقت تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾
جاري آهي. سوسائٽيءَ جي اليڪشنن ۾ پروفيسر محمد يوسف کي وقفي وقفي سان چار ڀيرا
چيئرمين طور ۽ پروفيسر مختيار سمي کي ساڳي طرح سيڪريٽري طور چونڊيو ويو. ٻنهي
باهمت ۽ متحرڪ ماڻهن پنهنجي عهديدارن ۽ ميمبر سان گڏجي سوسائٽي جي پليٽ فارم تان
لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سهيڙ توڙي عملي طور ڪم جي حوالي سان واهه جو پاڻ ملهايو. اسان
هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان مختلف وقتن تي جيڪي پروگرام پئي ڪيا آهن انهن ۾ اڪثر
پنهنجي هڙان خرچ ڪيو آهي. اها سوسائٽي جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي پنهنجي تاريخ سان
پيار جي گواهي آهي. اسان هن وقت تائين هن اداري طرفان الڳ الڳ وقتن تي ذڪر هيٺ آيل
مٿين پروگرامن سان گڏ ناميارين ۽ عوامي شخصيتن کان انٽرويو ۽ مطالعاتي دورا پڻ ڪيا
آهن ۽ گڏ و گڏ سوسائٽي طرفان لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سهيڙ جي سلسلي ۾ ستَ ڪتابَ پڻ
شايع ڪرايا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻو ڪرانيڪل جا به مختلف شمارا شايع ٿيندا رهيا آهن.
اداري طرفان ڪتابن جون مهورتون ۽ لاڙڪاڻي جي جداجدا تعلقن تي سيمينارن جو سلسلو به
جاري آهي، جڏهن ته هر سال لاڙڪاڻي جي ڪنهن نه ڪنهن آڊيٽوريم ۾ سالياني تاريخ ڪانفرنس
جو انعقاد پڻ ڪرايو ويندو آهي ۽ ان موقعي تي مختلف شخصيتن کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ
پڻ ڏنا ويندا آهن. ان حوالي سان اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته سال ۲۰۱۶ ۾ منعقد ڪيل ڇهين ”لاڙڪاڻو تاريخ ڪانفرنس“
۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ هردل عزيز شخصيت محترم جاويد علي جاگيراڻي جي
خاص تعاون سان سالياني تاريخ ڪانفرنس ٿي ۽ اردو ۽ سنڌي ۾ ٻه ڪتاب پڻ شايع ٿيا. سنڌي
ڪتاب ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جڏهن ته اردو ڪتاب پروفيسر مختيار سمي سهيڙيو هو. ان کان
علاوه تعلقي سطح تي ٿيندڙ سيمينارن ۾ تڏهوڪي ايڊيشل ڪمشنر ۽ نامور اديب محترم احمد
سلطان کوسي جو ساٿ ۽ سهڪار پڻ رهيو. اسان ۲۰۰۲ع کان لائيف اچيومينٽ ايوارڊن ڏيڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو
هو، ان حوالي سان هن وقت تائين ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالغفور ڀرڳڙي، واحد بخش
شيخ، استاد انور علي سانگي، عابده پروين، صلاح الدين تونيو، عبدالماجد ڀرڳڙي،
عبدالغفار تبسم، رضوان عمراڻي، اشتياق انصاري، مولا بخش ڪلهوڙو، قلندر بخش ڪلو،
محمد ايوب لطيفي سميت ٻين به ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي مڃتا طور اهي ايوارڊ ڏئي چُڪا
آهيون. مان هن وقت سوسائٽي جي بورڊ آف گورنررس جو ميمبر آهيان ۽ موجوده عهديدارن ۾
چيئرمين پروفيسر مختيار سمون، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر فياض لطيف، سيڪريٽري ڊاڪٽر
رياضت ٻرڙو، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر رضوان گل، فنانس سيڪريٽري احمد علي صابر
چانديو ۽ انفارميشن سيڪريٽري پروفيسر غلام حسين ڪٽپر پنهنجون ذميداريون احسن نموني
نڀائي رهيا آهن. سوسائٽي جون گهڻي ۾ گهڻيون گڏجاڻيون پروفيسر مختيار سمي جي ناليج
سينٽر تي ئي ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ هن ڀلي مانس سدائين کُلي دل سان دوستن جي
ميزباني پئي ڪئي آهي.
مختلف وقتن تي حتاڪه
ڪڏهن ڪڏهن هن وقت تائين به مون تي اهو الزام مڙهيو ويندو آهي ته بشير احمد شاد جو
تعلق جماعت اسلامي سان رهيو آهي. جيڪو منهنجي مٿان سراسر بهتان آهي، منهنجو ڪنهن
به سياسي ۽ مذهبي جماعت يا تنظيم سان ڪڏهن به ڪو تعلق نه رهيو آهي، اهڙو رڪارڊ انهن
تنظيمن وٽان به معلوم ڪري سگھجي ٿو. منهنجي ڪجهه دوستن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪنهن
تنظيم يا جماعت سان تعلق هجي ته هجي، جي هوندو به ته اهو سندن ذاتي فعل ۽ فيصلو
هوندو، جنهن سان مون کي به زبردستي جوڙي هڪ مخصوص اسٽيمپ لڳائڻ زيادتي آهي. اهڙن
ادبي پنڊتن جي فتوائن کي ٻڌي مون کي ڏُک ٿيندو آهي. ٻيو ته ڇڏيو منهنجِي ڪنهن به
سياسي ۽ مذهبي تنظيم سان وابستگي ڏيکاري منهنجن پُٽن تي به اها ڇاپَ مڙهي ويندي
آهي، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. مون حمد، نعت، منقبت ۽ قصيدي جهڙن شعري صنفن تي به
طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي ترقي پسند شاعرن سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي وي کان علاوه
مختلف ادارن ۾ ٿيندڙ اهڙا ڪيترائي مشاعرا پڻ اٽينڊ ڪيا اٿم. مان اهو به مڃان ٿو ته
ابتدائي ڏينهن ۾ منهنجو ادب ۾ ساڄي ڌر وارن ليکڪن سان واسطو وڌيڪ رهيو، جنهن جو
آءٌ مٿي ذڪر به ڪري آيو آهيان پر ستت ئي پوءِ مان ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ به سرگرم
رهيس، جيڪا هڪ ترقي پسند ادبي تنظيم آهي، ان سان وابستگيءَ بابت مٿي لکي چڪو
آهيان، ان وچ ۾ تنظيم فڪر و نظر ۾ شموليت منهنجي ادبي ڀُل هئي جنهن جو اظهار به مٿي
ڪيو اٿم پر ان کان پوءِ منهنجي سنڌ جي سمورن ترقي پسند اديبن سان گهري وابستگي ۽ هٿ
جوڙ رهي آهي. جنهن جي گواهي سچل ادبي مرڪز جا اهي پروگرام آهن، جن جو مٿي ذڪر ڪري
آيو آهيان، انهن مان ڪي پروگرام لاڙڪاڻي جي ادبي سنگت جي شاخ ۽ سچل مرڪز گڏجي پڻ ڪيا
آهن. انهن پروگرامن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مختلف دورن ۾ مرڪزي سيڪريٽري رهندڙ اَٺَ
اديبن سميت سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال اديبن ڪيترائي ڀيرا شرڪت ڪري اسان جو
مانُ مٿاهون ڪيو آهي. اهڙي طرح ۲۰۰۹ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان حيدرآباد ۾ منهنجي ڪتاب
”شاهه لطيف هر دور جو شاعر“ تي مون کي شاهه لطيف ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جيڪڏهن مان
ترقي پسند اديبن کي قابلِ قبول نه هجان ها ته مون کي اهڙو ايوارڊ ڪيئن ملي ها.
هاڻي ادب مان ساڄي
۽ کاٻي ڌر جي ادب وارا اصطلاح ۽ بحث ختم ٿي چُڪا آهن پر پوءِ به ڪي آهن جيڪي پراڻيون
قبرون کوٽيندا رهندا آهن. مون پنهنجي قائم ڪيل ادبي اداري سچل ادبي مرڪز طرفان جيڪي
پروگرام ڪرايا آهن. اهي پنهنجي معيار جي لحاظ کان تمام وڏي اهميت رکن ٿا ۽ انهن ۾
ادب جي جديد تحريڪن ۽ لاڙن تي ڳالهايو وڃي ٿو. ۲۰۱۱ع ۾ اسان سچل ادبي مرڪز جي ئي هڪ گڏجاڻيءَ ۾
اهي طئي ڪري اٿيا هئا سين ته ۲۰۱۱ع کي شيخ اياز جو سال ڪري ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي
جي ڪجهه نوجوان اديبن فياض لطيف، عادل عباسي، مختيار سمي، احسان دانش، رياضت ٻرڙي،
عابد عباس ڪاظمي، عزيز منگي، رضوان گل، ڀائو در محمد ٻرڙي، احمد علي صابر ۽ ٻين گڏجي
”شيخ اياز سال ڪاميٽي ۲۰۱۱ع“ ٺاهي، ۽ فياض لطيف کي ان ڪاميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. ان ڪاميٽيءَ ۾ پڻ
مان ساڻن گڏ رهيس. دوستن گڏجي سڄي سنڌ ۾ اياز تي سيمينار، ڪانفرنسون، مذاڪرا ۽ ليڪچر
ڪرايا، ڪتابَ ڇپايا ۽ رسالن جا شيخ اياز نمبر ڪڍرايا. ان سلسلي ۾ هڪ پروگرام اياز
جي سالگرهه جي حوالي سان شيخ اياز جي مزار تي ڀٽ شاهه ۾ ڪيو ويو، جنهن جي صدارت
محمد ابراهيم جويي ڪئي، جڏهن ته ان سلسلي جو پهريون پروگرام پريس ڪلب لاڙڪاڻي ۾
منعقد ڪيو ويو هو، جنهن جي صدارت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪئي هئي. ان کان اڳ به ۱۹۹۹ع ۾ سچل ادبي مرڪز طرفان لاڙڪاڻي جي ليبر
هال ۾ ”شيخ اياز سيمينار“ ڪرايو ويو هو، جنهن جي صدارت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪئي
هئي جڏهن ته خاص مهمان ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ اياز گل هئا.
هاڻي لاڙڪاڻي کان
ٻاهر ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳس.
ڪامرس ڪاليج ۾ پڙهڻ
واري دور ۾ آهستي آهستي لاڙڪاڻي کان ٻاهرين شهرن جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي
جي سينئر شاعر دوستن سان گڏجي وڃڻ لڳس. ڪڏهن دادو ۽ ڪڏهن جيڪب آباد. ڪڏهن سکر ته ڪڏهن
ريڊيو پاڪستان خيرپور. ڪافي سالن تائين سنگت جي ساٿ ۽ سنگ جو اهو سلسلو برقرار
رهيو. اڳتي هلي اسان جي ان نوجوان شاعر انيس گل عباسي به شامل ٿي ويو. ان سٿ جو
سرواڻ سائين علي بخش جمالي ۽ لقمان حڪيم هوندا هئا. ٻئي في البديع ۽ استاد شاعر
هئا. ابتدا ۾ مان پنھنجي شعر جي تصحيح انهن کان ئي ڪرائيندو هئس.
زندگيءَ جي چند
يادگار ادبي پروگرامن ۾ شرڪت جي ڳالهه ڪندو هلان. جن مان مون وڏو حظ حاصل ڪيو ۽ ڪافي
ڪجهه پرايو. سال ۱۹۸۰ع ۾ پهريون ڀيرو. اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد طرفان ڪُل پاڪستان اهلِ قلم ڪانفرنس
۾ شرڪت جي ڪوٺ آئي. ڪراچيءَ مان سنڌ جي اديبن جو وفد روانو ٿيو. ايڏي وڏي ادبي ڪانفرنس
۾ منهنجي پهريون ڀيرو شرڪت هئي. راولپنڊي ايئرپورٽ تي لٿاسين ته اڪيڊميءَ جي
نمائندن استقبال ڪيو ۽ اسان کي اسلام آباد هوٽل تائين پهچايو. ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس
۾ هر هڪ سيشن ڀرپور هو. نهايت پُر مغز مقالا ٻڌڻ جو موقعو مليو. پوري مُلڪ مان اديب
شريڪ ٿيا هئا. جن مان ڪيترن جا مون رڳو نالا ٻڌا هئا، انهن سان روبرو ملڻ جو موقعو
مليو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شريڪ ٿيندڙ اديبن لاءِ اسلام آباد جي آس پاس وارن
تاريخي ماڳن کان علاوه ڪوهه مري جي سير جو به جوڳو بندوبست ڪيل هو. رهائش شاهاڻي
هئي. چوندا آهن ته کاڌي جي ميز تي ماڻهوءَ جي مزاج توڙي شخصيت جي خبر پوندي آهي.
سو هن موقعي تي اهڙا منظر به ڏسڻ ۾ آيا. ڪن ناميارن اديبن پيٽ پنهنجو سمجھي کاڌي
سان واهه جو انصاف ڪيو. جيڪي ڏسڻ ۾ ته سنها سيپڪڙا هئا، پر ماني کي واهه جو مارَ ٿي
ڏنائون. ان موقعي تي پهريون ڀيرو چيئر لفٽ تي چڙهڻ جو اتفاق ٿيو. بهرحال هن ادبي
سفر مان منهنجي خود اعتمادي ۾ اضافو آيو. ڪانفرنس ۾ ٽي ڏينهن خوب لطف اندوز ٿياسين
۽ چوٿين ڏينهن ڪوهه مري جو سير ڪري جمبو جيٽ وسيلي ڪراچي واپس ٿيا سين. ايڏي وڏي
جهاز ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو به پهريون ڀيرو مليو هو، جنهن ۾ ساڍا چار سو مسافرن جي
گنجائش هئي. ۱۹۸۱، ۱۹۸۵ ۽ ۱۹۸۷ ۾ پڻ ساڳي نوعيت جي ڪانفرنسن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن مان هڪ ڀيري ڪامريڊ
سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ واري سيٽ تي پڻ سفر ڪيم. ٻن اڍائي ڪلاڪن جي سفر ۾ ڪامريڊ
سان خوبُ ڪچهري ٿي. ڪامريڊ سوڀي تي لکيل پنھنجي مضمون ۾ ان ڪچهريءَ جو تفصيل به
بيان ڪيو اٿم.
۱۹۸۱ع ۾ شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچي طرفان سنڌي ساهت سال ڪانفرنس منعقد
ڪئي وئي، جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. ڪانفرنس ۾ سنڌي ساهت جي ترقيءَ لاءِ
نهايت اثرائتا ويچار ونڊيا ويا. سموري سنڌ مان ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. جتي مون پڻ
شاهه لطيف جي شاعري بابت پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو. ساڳي سال اداره فڪرِ جديد لاڙڪاڻي
طرفان ماهتابي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو. چوڏهينءَ رات جي چانڊوڪيءَ ۾ مشاعري جو
رنگ ئي اور هو. ڏاڍو لطف آيو. اڪثر شاعرن چانڊوڪي جي حوالي سان پنهنجا شعر پيش ڪيا.
ان موقعي تي مون پڻ چانڊوڪيءَ جي موضوع تي پنهنجو هي نظم پڙهيو هو.
چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ پيو اڄ چاهت کي چمڪائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ گلشن پنھنجي گلڙن سان مهڪائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ ڪنهن کي ڪوئي پيرين پئي پرچائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ ڪوئي مرڪي مکڙيءَ کي شرمائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ دل جا اڌما ويٺو ڪو ورجائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ ڪنهن جو جوڀن هر هر پيو هرکائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ گھائل جو مَنُ ڪيڏو اڄ گھٻرائي ٿو.
چانڊوڪيءَ جي چاهت ۾ ڪو اوچو پاڻُ اڏائي ٿو.
چانڊوڪيءَ ۾ شاد پيو اڄ گيت خوشيءَ جا ڳائي ٿو.
۱۹۸۷ع ۾ شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ طرفان ڪُل سنڌ سنڌي ادبي ڪانفرنس
۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پوري سنڌ مان آيل لطيف جي پارکن لطيف سائين جي فن ۽ فڪر تي
پنهنجا پُر مغز مقالا پڙهيا ۽ مون به پنهنجو هڪ مقالو پيش ڪيو. ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران بين
الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي اديبن ۽
دانشورن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مون پنهنجو مقالو ”سنڌي ڪهاڻيءَ جا ۳۲ سال“ پيش ڪيو، جنهن کي تمام گھڻو ساراهيو
ويو. ۱۹۹۰ع ۾ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر طرفان شاهه لطيف جي ۲۴۶ هين عرس مبارڪ جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس
جو دعوت نامو مليو، جتي مون پنهنجو مقالو ”سُر سامونڊيءَ جو مطالعو“ پيش ڪيو. ان
بعد مون کي تقريباً هر سال ان ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيو ويندو هو، جتي مان پنهنجو نئون
مقالو پيش ڪندو هوس.
۱۹۹۲ع ۾ مٺيءَ جي تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر ۽ محبوب شخصيت جي مالڪ عبدالقادر منگي جي ڪوششن
سان ٿر سيمينار آرگنائيزنگ ڪميٽي طرفان ٿر سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو. اهو ٽن ڏينهن
وارو شاندار پروگرام هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مون سان لاڙڪاڻي جا ٻه ناليوارا اديب ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پڻ گڏ هئا. اهو منهنجو ٿر جو پهريون سفر
هو. نهايت ڪامياب پروگرام ٿيا.مون سيمينار ۾ پنهنجو مقالو ”سُر سارنگ ۾ ماروئڙن جي
معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي منظر ڪشي“ پيش ڪيو. مٺي ۽ ڪارونجهر جي ڪور ڏسڻ جو موقعو
مليو. مورن جا ٽهوڪڙا به ٻڌا، ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ تجلا به پَسيا ته مهمان
نوازيءَ جا رنگ به ڏٺا. سلام ڪوٽ ۾ هڪ هندو راڻي طرفان منجھند جي ويلي تي مهمانن
لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ طعام تيار ڪرايا ويا هئا، جن مان ڪجهه ته اسان نه اڳ ٻڌا ۽
نه ڏٺا هئا، پر اُتي کائڻ جو موقعو مليو. مثال طور ٻاجھري ۽ ٿوهر جي ماني، مِتيرن،
چِڀڙن ۽ ٻين ٿري شين جو ٻوڙ. اَڪَ جي ماکي، خالص ڳاهو مکڻ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا هو.
ان مانيءَ ۾ سڄي سنڌ مان ڪهي آيل تقريبن چار سو اديبن کي ڪوٺ ڏني وئي هئي. ٿر جا
کوهه به ڏٺاسين ۽ ٿر ٻاٻيهي تي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان بحث به ٿيا. گڊي ڀٽ تان رات
جو مٺي شهر جو حسين نظارو به ڪيو. جيئن ته ٿر ۾ ان وقت ان موسم ۾ وسڪارا ٿي چُڪا
هئا، تنهن ڪري بَرَ ۾ بستان لڳا پيا هئا. هر طرف ساوڪ ۽ سبزي ڏسي صفا اکيون ٺري
پيون هيون. مطلب هي هڪ يادگار سفر هو.
ساڳئي سال اڪيڊمي
ادبيات پاڪستان، ڪراچي شاخ پاران شامِ ملاقات جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ سان رهاڻ رچائي وئي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، لوڪ ادب ۽ شاهه
لطيف جي حوالي سان نهايت ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
علمي ادبي خدمتن تي کيس اديبن طرفان زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. هن اهو به ٻڌايو
ته هو ڊگھي عرصي کان شاهه لطيف جي رسالي تي ڪم ڪري رهيو آهيان، اهو هڪ ڏکيو ڪم
آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي رسالن کي ڀيٽي صحيح ۽ نج ڪلام کي الڳ ڪرڻ ۽ رسالي مان ڌاريي ڪلام
کي الڳ ڪرڻو ٿو پوي. رسالي جي لفظن جي صورت ۽ معنا کي به ڏسڻو ٿو پوي. ان ڪم مڪمل ٿيڻ
۾ اڃا ڪيئي سال لڳي سگھن ٿا. ان طرح ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي نه رڳو روبرو ٻڌڻ جو موقعو
مليو پر تقريب جي اختتام تي ساڻس مختصر ڪچهري به ٿي.
۱۹۹۳ع ۾ فيض اڪيڊمي جيڪب آباد طرفان فيض بخشاپوري جي پهرين ورسي جي موقعي تي جيڪب
آباد ۾ ڪُل پاڪستان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌيءَ کان علاوه اردو ٻوليءَ
جي معروف شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مون پنهنجو مقالو ۽ شاعري پيش ڪئي. ڪانفرنس
۾ ڪيترن ئي اردو اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ ۽ انهن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. نهايت شاندار
۽ يادگار ڪانفرنس هئي. ان کان پوءِ فيض بخشاپوري متعلق اڪيڊمي طرفان منعقد ٿيندڙ
پروگرامن ۾ مان مسلسل شرڪت ڪندو رهيس، جن ۾ احمد نديم قاسمي، عطاءُ الحق قاسمي،
احمد فراز، ناصر زيدي، امجد اسلام امجد، راغب مرادآبادي، محسن ڀوپالي، آفاق احمد ۽
انور شعور جهڙن معروف اردو شاعرن سان به يادگار ڪچهريون ٿيون. ساڳي سال بزمِ بيدل
بيڪس روهڙي طرفان بيدل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو شرڪت جو موقعو
مليو. ڏاڍو لطف آيو. ان تقريب ۾ مون کي خاص مهمان طور عزت ڏني وئي.
۱۹۹۴ع ۾ محبوب شاعر احمد خاص مدهوش جي شعري مجموعي ”دل جون ڳالهيون“ جو مهورت
سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو طرفان رکيو ويو، جنهن ۾ مدهوش جي شعري مجموعي تي مختلف
اديبن ڳالهايو ۽ مون کي مهمانن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ مون پنهنجو لکيل اڀياس پيش ڪيو.
مون کي ياد آهي ته ان موقعي تي مدهوش دل کولي پنهنجو ڪلام ٻڌاي واهه جو داد ورتو
هو. مدهوش سان پنهنجو دلي ڳانڍاپو هو. هو جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته اچي منهنجو
مهمان ٿيندو هو. پوءِ جام ڪچهريون ٿينديون هيون. ۱۹۹۵ع ۾ اسان سچل ادبي مرڪز تي ساڻس ادبي رهاڻ
رچائي هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ناميارن اديبن شرڪت ڪئي هئي. ساڳئي سال سنڌ هارس
اينڊ ڪيٽل شو ڪميٽي پاران ڪُل پاڪستان سنڌي اردو مشاعري ۾ شرڪت جو موقعو مليو،
جنهن ۾ مُلڪ جي ناميارن سنڌي ۽ اردو شاعرن مهمانن جي سٿ ۾ جاءِ ڏني وئي ۽ پنھنجي
شاعري پيش ڪئي.
ان طرح شاهه لطيف
جي ميڙي جي موقعي ٿيندڙ ڪانفرنسون هجن، قلندر لعل شهباز جي نگريءَ ۾ ٿيندڙ ميڙاڪا،
محفلون ۽ ڪانفرنسون هجن يا سچل يادگار ڪاميٽي طرفان سچل آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسون
۽ مشاعرا، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪلاسيڪي شاعرن تي ٿيندڙ ڪانفرنسون ۽ سيمينار هجن يا ڪهاڻي
ڪانفرنسون، ڪتابن جون مهورتي تقريبون هجن يا ادبي رهاڻيون مطلب هر قسم جي ادبي
پروگرامن ۾ مسلسل شرڪت ڪندو رهيو آهيان ۽ اڪثر جڳهن تي ميزبانن مانُ ڏيندي صدارتي
نشتون ۽ خاص مهمانن واريون حيثيتون به ڏنيون آهن. هن وقت مان عمر جا سٺ سال لکڻ کي
ڏئي چڪو آهيان. ڪڏهن به واندو نه ويٺو آهيان، ڪانه ڪا ادبي سرگرمي يا لکڻ پڙهڻ جو ڪم
رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه سالن کان طبيعت جي ناسازي سبب ادبي ميڙن ۽ ڪانفرنسن کان
پاسيرو آهيان.
قصو منهنجي پي ايڇ
ڊي ڪرڻ جو....
پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي
سلسلي ۾ شيخ اياز سان ملاقات نه ٿي سگهي!
مون سٺ سال جيڪو
ادبي پورهيو ڪيو آهي ۽ متحرڪ رهيو آهيان. مون کي ان جو سِلو محبتن، ايوارڊن ۽
اعزازن جي شڪل ۾ به ملندو رهيو آهي. پوين چاليهن سالن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن وڏن
ادارن، آرگنائيزيشنس، سرڪاري نيم سرڪاري ۽ نجي تنظيمن ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن
ئي ادبي ادارن طرفان مون کي کوڙ سارا ايوارڊ به ارپيا ويا آهن، جن جو انگ ٽيهن کان
مٿي ٿيندو. تازو گذريل سال ۲۰۲۱ع ۾ مون کي شاهه لطيف تي ڪيل ڪم جي مڃتا طور سنڌ حڪومت
جي ثقافت کاتي طرفان سنڌ صوبي جو وڏي ۾ وڏو ادبي ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ به ڏنو
ويو آهي. جڏهن مون کي اهو ايوارڊ مليو ته سوشل ميڊيا تي کوڙ ماڻهو اهو لکيو ته
اوهان کي اهو اوارڊ گھٽ ۾ گھٽ ويهه پنجويهه سال اڳ ملڻ کپندو هو، پر جيئن ته مون ڪڏهن
به ايوارڊن ۽ اعزازن جي لالچ نه رکي آهي ۽ سدائين پنھنجي ڪم تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن
ڪري مون دوستن کي رڳو اهو ئي چيو ته ”دير آيد درست آيد.“
تعليمي اهليت وڌائڻ
لاءِ ڪيل ڪوششون
۱۹۴۷ کان ويندي ۱۹۷۰ تائين بنا ناغي منهنجي تعليم جاري رهي. ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان، ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ، ۱۹۶۴ع ۾ انٽر آرٽس، ۱۹۶۶ع ۾ بي اي، ۱۹۶۸ ۾ ايم اي (سنڌي) ۽ ۱۹۷۰ع ۾ بي ايڊ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيا.ان
وقت لاڙڪاڻي ۾ ناميارو اديب ۽ معروف استاد ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هتان جي
نوجوانن لاءِ علمي حوالي سان ڇپر ڇانوَ هو. هو صاحب ڏاڍو مهربان ماڻهو هو. مان ايم
اي ڪرڻ دوران جڏهن ڪن سوالن ۾ منجھندو هوس ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لاهوري محلي ۾ هليو
ويندو هوس. سائين نهايت فراخدلي ۽ مشفقانه انداز ۾ ليڪچر ڏئي سمجھائيندو هو. قلم
قبيلي سان تعلق هئڻ سبب ڊاڪٽر صاحب اڪثر اسان جي سچل ادبي مرڪز جي پروگرامن ۾ به
شرڪت ڪندو رهندو هو.
۱۹۷۲ع ۾ پنھنجي علمي لياقت وڌائڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جو خيال آيو ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. هو مون کي نه رڳو هڪ ليکڪ طور سڃاڻيندو
هو پر کيس منهنجي اهليت جو به اندازو هو، جنهن جو اظهار به هو ڪندو رهندو هو.
منهنجي پي ايڇ ڊي واري خواهش تي ڊاڪٽر صاحب نه فقط خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر بيحد
همت افزائي ڪيائين ۽ رهبر ٿيڻ لاءِ آمادگي به ڏيکاريائين. مختلف موضوعن تي ڳالهيون
ٿيون، آخر هڪ موضوع تي متفق ٿيا سين، اهو موضوع هو ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ تاريخي اهڃاڻ“
منهنجي لاءِ اهو موضوع هونءَ به ڏاڍو اهم ۽ دل گھريو هو. مون کي هر ان ماڳ ۽ مڪان
تي ذاتي طور وڃي تحقيق ڪرڻي هئي، جتي شاهه سائين قدم ڌريا هئا. هڪ ته شاهه لطيف تي
تحقيقي ڪم ڪرڻ جي خواهش پوري ٿيندي پئي ڏٺم ۽ ٻيو وري جهان گشتي منهنجي دل جي پراڻي
تمنا رهي هئي ۽ جڏهن به موقعو مليو ته فطرت جي هنج ۾ وڃي نظارا ڪرڻ ۽ شهر ۽ ڳوٺ
گھمڻ جو شوق پورو ڪندو رهيو هوس. تنهن ڪري مٿيون موضوع منهنجي مزاج وٽان هو، پر
اهو هڪ چيلينج به هو، جنهن کي مون دل سان قبول ڪيو. فارم ڀري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري
موڪليو ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳس. ۸ مهينن جي انتظار کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي طرفان جواب
آيو ته اهو موضوع اڳواٽ هڪ محترمه کي ڏنل آهي، سو توهان ڪو ٻيو موضوع چونڊيو. ڏاڍو
ڏکُ تڏهن ٿيو ۽ ارمانن تي پاڻي ڦيرجي ويو. ان کان به وڏو افسوس اهو ٿيو، جڏهن عرصي
تائين اهڙي موضوع تي ڪنهن جي به ٿيسز نظر مان نه گذري، حتاڪه منهنجي ڄاڻ مطابق هن
وقت تائين به ان موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪو نه ٿي آهي.
۱۹۷۳ع ۾ ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ مقرري ٿي ته ڊاڪٽر فضل حق
خورشيد مون کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ وڏو اتساهيو ۱۹۷۴ع ڌاري ان سلسلي ۾ هڪ ٻه ڀيرا سنڌ يونيورسٽي
به گڏجي هليو پر انهن ڏينهن ۾ الانا صاحب يا قاسمي صاحب سان ملاقات نه ٿي سگھي، ساڳي
سال منهنجي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي ته مصروفيتون ۽ ذميداريون به وڌي ويون ۽
پي ايڇ ڊي جي خيال کي وساري وري ٿڌو ٿي ويس، ۽ تحقيق جو خيال ذهن مان ڪڍي پنھنجي
تخليقي ڪم کي لڳي ويس. فضل حق جو به حيدرآباد ۾ تبادلو ٿيو پر هو جڏهن به ڪو خط
لکندو هو ته ان ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي ڳالهه ضرور ڪندو هو. نيٺ ۱۹۷۶ع ڌاري ڊاڪٽر فضل حق خورشيد جي همت افزائي
تي سندس ساٿ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌالاجي ۾ وڃي ڊاڪٽر غلام علي الانا سان
مليا سين. ڊاڪٽر صاحب وڏي حوصله افزائي ڪئي ۽ مون کي چيائين ته ”شاد صاحب اوهان سٺا
شاعر آهيو، ان ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن صنف تي ڪم ڪيو.“ ڊگھي
ڪچهري ۽ الڳ الڳ موضوعن تي ويچارڻ بعد گڏيل صلاح سان موضوع طئي ڪيو ”جديد سنڌي گيت
جو تحقيقي اڀياس“. فارم ڀري خوشي خوشي واپس ٿيا سين. ٻن مهينن بعد موضوع جي
منظوريءَ جو ليٽر ملي ويو، تمام گھڻي خوشي ٿي ۽ لڳي پيو ته هاڻي منهنجي ڪم ۾ ڪابه
رڪاوٽ نه ايندي. ان طرح مون ڪم شروع ڪري ڏنو. ڊاڪٽر الانا صاحب جي حڪم مطابق پهرين
قسط جيڪا چاليهن صفحن تي مشتمل هئي، کڻي سندس خدمت ۾ پهتس، جنهن ويٺي ويٺي مواد کي
نظر مان ڪڍيو ۽ مون کي ڏاڍو داد ڏنو، ڪجهه ضروري درستگيون ڪيون ۽ موٽائي ڏيڻ وقت
چيائين ته ”توهان انهيءَ محنت سان ڪم جاري رکو، اميد ته هيءَ سنڌي گيت تي لکيل هڪ
سٺي ٿيسز ثابت ٿيندي.“ پر مٿان وري اهو حڪم به ڏنائين ته ”شاد صاحب جڏهن توهان
جديد سنڌي گيت تي ڪم ڪيو ٿا ته ظاهر آهي، ان جو هڪ وڏو باب شيخ اياز جي گيتن جي اڀياس
تي به مشتمل هوندو، تنهن ڪري هي مواد شيخ اياز صاحب جي نظرن مان ضرور گذرڻ گھرجي.“
شيخ اياز صاحب انهن
ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو. سائين الانا صاحب اهو به ٻڌايو ته
”شيخ صاحب سان ملاقات لاءِ اسان کي هفتو هفتو اڳواٽ وقت وٺڻو پوندو آهي. توهان ڏسو
توهان جي شڪارپور جو آهي، متان توهان کي گھرائي وٺي.“ الانا صاحب جي ڳالهه ٻڌي ڪجهه
مايوسي ضرور ٿي. سوچيم ته جيڪو وي سي پنهنجن سينئر پروفيسرن سان هفتي ۾ مسَ ٿو
ملي، سو مون سان وري ڪيئن ملندو. بهرحال فضل حق صاحب جي همت افزائيءَ تي سڌو وائيس
چانسلر جي آفيس پهتا سين. پي اي سان مليا سين، جنهن لسٽ ڏسي چيو. ”ادا توهان جي ته
اپوانٽمينٽ ورتل ئي ڪونهي، توهان ڪيئن ملي سگھندا. نالو لکايو، ڪم ٻڌايو، پوءِ
هفتي کن ۾ معلوم ڪجو.“ پي اي جو اهڙو جواب ٻڌي ڏاڍي مايوسي ٿي. نالو لکرائي
نراسائيءَ سان موٽي آيا سين. ان وچ ۾ شيخ صاحب سان ڪيئي ڀيرا ملڻ جي ڪوشش ڪندو
رهيس مهينن مان سال گذري ويا پر ملاقات ۾ ڪاميابي نه ٿي. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي
ته سنڌ جون حالتون ئي تبديل ٿي ويون. نيٺ اهو دور به آيو، جنهن دور ۾ شيخ اياز
لاءِ سنڌ ۾ وڏو ممڙ متل هو ۽ جيڪي نوجوان سندس گيت جهونگاريندا هئا اهي ئي سندس
مخالف بڻجي ويا. اهڙي وقت ۾ مان ساڻس ملڻ ۾ ڪامياب به وڃا ها ته هو منهنجي ٿيسز ڏسڻ
لاءِ ٽائيم ڪيئن ڪڍي ها.سو نيٺ آخر ٻيو ڀيرو به منهنجي ڪوشش ڪامياب نه ٿي.
مون پنھنجي تعليمي
لياقت وڌائڻ جو پڪو پَههُ ڪيو هو، ان ڪري وري وري ڪوشش ڪندو رهيس ۽ همت ڪانه هاري.
سن ۱۹۸۰ع ڌاري مئي جي مهيني ۾ حيدرآباد اچي شاهه ولي الله اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر
علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب سان اچي مليس. ڊاڪٽر فضل حق مون سان ان وقت به گڏ
هليو. قاسمي صاحب کوڙ عزت ڏني ۽ ملڻ جو سبب پڇيو کيس پنھنجي مدعا ٻڌائيندي چيم ته“
سائين مان لاڙڪاڻي کان آيو آهيان ۽ اُتي ڊگري ڪاليج ۾ پڙهائيندو آهيان، توهان جي
شاگرديءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.“ علامه صاحب ڪجهه لمحا سوچڻ
بعد فرمايو ”ادا مون وٽ گھڻا شاگرد ٿي ويا آهن، پوڙهو مڙس آهيان، پورو نه ٿو پوان،
پر توهان ڳوٺائي به آهيو ۽ توهان ۾ مون کي ڪم ڪرڻ جو جذبو به نظر اچي ٿو، سو هيئن ڪيو
جو توهان جي ئي شهر جو هڪ شيخ صاحب ٻه سال اڳ مون کان موضوع وٺي پاس ڪرائي ويو هو
ته هن وقت تائين مون کي چار صفحا به ڪو نه ڏيکاريا اٿس. هن جو موضوع اهڙو آهي جو
منهنجي دل چاهي ٿي ته ان تي ضرور ڪم ٿيڻ گھرجي. اهو موضوع آهي ”سنڌي ٻوليءَ ۾
نعتيه شاعريءَ جو جائزو“. منهنجي دلي خواهش ته شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي
هئي، پر ڪٿان ڪو ڳِٿو ئي نه ڏسي قاسمي صاحب وٽ اميد ڪري آيو هوس، هن به مون کي رڳو
هڪڙو ئي آپشن ڏسو، سو ٿورو سوچڻ کان پوءِ مون علامه صاحب کان شيخ صاحب جو نالو پڇيو.
اُٿي وڃي فائيل کڻي آيو ۽ ٻڌايائين ته ”اهو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو استاد نياز
محمد نياز شيخ آهي. اوهان هن کان پڇو ته سندس ڇا ارادو آهي، جڪڏهن ڪنهن به سبب ڪري
ڪم نه ٿو ڪري سگھي ته انهيءَ موضوع تان دست بردار ٿئي ۽ اوهان اهو موضوع کڻو.“
لاڙڪاڻي اچي شيخ
نياز محمد سان دڙيءَ ۾ سندس گھر وڃي مليم. منهنجي هن سان ادبي لحاظ کان ڏيٺ ويٺ اڳيئي
هئي، ڇوته هو شاعر هو ۽ ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهنديون
هيون. کيڪر ڀلي کان پوءِ مون کيس علامه صاحب جو نياپو ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ احوال معلوم
ڪرڻ چاهيم. شيخ صاحب ٻڌايو ته ”برابر ٻه سال اڳ مان اهو موضوع پاس ڪرائي آيو هئم،
پر يار منهنجون ڪجهه حالتون اهڙيون رهيون آهن، جو ايتري وقت ۾ ڪجهه به ڪو نه ڪري
سگھيو آهيان، پر هاڻي حالتون سازگار ٿي رهيون آهن، سو مان موضوع هُن مَٿي ڇڏڻ لاءِ
تيار ناهيان، هاڻي مان پاڻ جلد ڪم شروع ڪندس. علامه صاحب کي مان خط لکي کانئس
معافي وٺندس. توهان ڀلي ڪو ٻيو موضوع پنھنجي لاءِ چونڊيو.“ شيخ صاحب جو کُتو جواب ٻڌي
ڪجهه نراسائي ٿي، ڇو جو قاسمي صاحب به منهنجي لاءِ رڳو اهو هڪڙو ئي رستو ڪڍيو هو
ورنه شاگردن جي گھڻائي جو چئي اصل ۾ معذرت ڪئي هئي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته شيخ
نياز صاحب عمر جو سج لهڻ تائين چونڊيل موضوع تي ڪم نه ڪيو سو نه ڪيو.
جڏهن آءٌ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار طور بدلي ٿي آيو هيس ته ڪجهه سالن بعد خبر پئي هئي ته سنڌي ڊپارٽمينٽ
۾ ليڪچرار طور ڪم ڪندڙ منهنجو دوست شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي
رهبريءَ ۾ شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته يار جي ست اٺ
سال اڳ جي رجسٽريشن ٿيل آهي، پر ڪن اڻ ٽر حالتن سبب ڪم اڌ ۾ ڇڏيل اٿس. ۱۹۸۵ع ۾ اسان جو ڪليگ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ تازي
ڊگري وٺي ڊاڪٽر ٿيو، ڊاڪٽر صاحب ٿيسز جي ڪم کي فرهاد وانگر پهاڙ کُٽي کير جي ندي
وهائڻ کان گھٽ مشڪل ڪو نه ٿي ٻڌايو. اهڙي ڊرامائي انداز ۾ ڳالهه ڪندو هو، جو ڪم ڪرڻ
واري جو ارواح ئي کڄي وڃي. چئي ”ميان هي ڪم رُڪَ جا چڻا چٻاڙڻ کان گھٽ ناهي. وقت ۽
پئسي کان علاوه ماڻهوءَ جي صحت تباهه ٿي وڃي ٿي، ذري گھٽ ذهني مريض ٿي وڃي ٿو.
راتين جا اوجاڳا الڳ، دربدرائي جدا، مٿان وري ماڻهن جي طرفان همت شڪني. ڏسو سوڍر
صاحب اٺن سالن ۾ اِتي ئي بيٺو آهي نه. سائين ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان گھيڙ ۾ گھڙي ڏسو
ته خبر پئيوَ.“ سوچيم هي تجربيڪار دوست ئي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن ته چئبو واقعي اهو
ڪم وڏي جوکم وارو آهي. ائين في الحال کڻي ڪئي بس.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
جي رهنمائي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيم
وقت ۽ حالتن منهنجو
انهيءَ ڳالهه ۾ ايمان پختو ڪري ڇڏيو ته بيشڪ هر ڪم لاءِ هڪ وقت مقرر آهي، جيڪو ان
کان اڳ ٿيندو نه پوءِ. بس مقرر وقت تي ڌڻي اهڙيون حالتون ۽ ماحول پيدا ڪري ڏيندو
آهي، جنهن جو انسان کي خواب خيال به ڪو نه هوندو آهي. مون سان به ائين ئي ڀلائي ٿي.
۱۹۸۶ع ۾ ڪراچي وڃڻ ٿيو، جتي اسلاميه ڪاليج ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان ملاقت ٿي
جيڪو اُتي ان وقت سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار هو. ڊاڪٽر صاحب کي منهنجي ادبي ذوق شوق ۽
لياقت جي اڳ ئي خبر هئي، سو حال احوال ڪندي مون سائين کي پي ايڇ ڊي لاءِ اڳواٽ
ورتل ڪوششن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر صاحب منهنجي وڏي همت افزائي ڪئي ۽ چيائين ”شاد صاحب
جلد ئي منهنجو سنڌالاجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرطور آرڊر ٿيڻ وارو آهي، مان ڄامشوري اچي
چارج سنڀاليان ته پوءِ توهان اچجو، منهنجي دلي خواهش آهي ته اوهان جهڙو محنتي اديب
منهنجي رهبري ۾ ملڪ جي اعلى سندَ حاصل ڪري.“ اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ڪافي وقت
کان نيازمندي جو رستو قائم هو، پر خبر ناهي ڇو، منهنجو انهيءَ پاسي ايتري وقت ۾ ڌيان
ئي ڪو نه ويو.
چند ڏينهن بعد ڊاڪٽر
صاحب اچي سنڌالاجي ۾ چارج سنڀالي. ڪجهه ڏينهن بعد مان وڃي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس.
فرمايائين ته مان اوهان جي ايم فل لاءِ موضوع چونڊي رکيو آهي. موضوع اهڙو آهي جو
آرام سان پي ايڇ ڊي ۾ ڪنورٽ ٿي ويندو. مان جيڪي موضوع چونڊي ويو هيم، انهن ۾ گھڻا
موضوع شاهه لطيف جي شاعري جي حوالي سان هئا، جو منهنجي خواهش هئي ته مان شاهه لطيف
جي فڪر تي پي ايڇ ڊي ڪريان پر ڊاڪٽر صاحب اهي سڀ موضوع ڇڏڻ لاءِ چيو ۽ مان به
سائين جي منتخب ڪيل موضوع تي آمنا صدقنا ڪيم. موضوع هو ”مولانا ثناءُ الله ثنائيءَ
جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ ان کان اڳ مان ثنائي جي ڪم کان گھڻو واقف نه هيس
البته ان جو نالو ٻڌو هيو ۽ پراڻي وقت ۾ لاڙڪاڻي ۾ ساڻس ڪجهه ملاقاتون به هيون. هو
هڪ بزگ شاعر هيو ۽ جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ته به هو اندازاً ستر جي پيٽي ۾
هو. اصل ۾ ڇوته ثناءُ الله ثنائي ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب جي تَرَ جو هڪ وڏو شاعر ۽ عالم
هو، تنهن ڪري هن جي خواهش هئي ته ان شاعر جي گھڻ رخي شاعريءَ تي تحقيق ٿيڻ کپي.
ثنائي جو ڳوٺ باقراڻي کان چند ڪلوميٽر پري سيهڙا ڍورائي جي نالي سان هو. مون وڌيڪ ڪجهه
سوچڻ کان سواءِ فارم ڀري موڪليو، جو مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو شوق هو. مون کي وڏي
دلجاءِ ٿي ته ڊاڪٽر صاحب يونيورسٽيءَ وارا سڀ مرحلا پاڻ سَر ڪرائي، موضوع جي منظور
ٿيڻ جي جلد خوشخبري ڏيندو ۽ ٿيو به ائين ئي. موضوع منظور ٿيڻ وارو ليٽر جلد ئي ملي
ويو ۽ مان ڪم ڪرڻ لاءِ باقاعده سندرو ٻَڌو ۽ ان طرح مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ايم
فل ۾ پهريون شاگرد بڻيس. رهبر قابل هو تنهن ڪري مون کي گھڻو فڪر ڪو نه هو، پر تڏهن
به سڄو ڪم ته مون کي ئي ڪرڻو هو، پوءِ ريسرچ ميٿڊلاجي (تحقيقي اصولن) تحت ڪم شروع ڪيم
جنهن ۾ ثنائيءَ جي دور جي عالمن ۽ اديبن، هم عصر شاعرن ۽ معتقدن سان روبرو ملاقتون
۽ خط و ڪتابت،لئبررين، سندس تحرير ڪيل ڪتابن ۽ غير مطبوعه مواد جو مطالعو وغيره
وغيره لاءِ وڏا سير سفر ڪرڻا پيا.
ثنائي جي هڪ معتقد
۽ شاگرد جو ڏسُ مليو، جنهن سان ملاقات لاءِ خيرپورناٿن شاهه کان ڪجهه ڪلوميٽر پري ڳوٺ
گوزو پيڄاهو ٽي ڀيرا پنڌ ڪيم، سندس نالو ڪريم ڏنو ملاح هو ۽ پاڻ به سٺو شاعر هو.
هو ان وقت ۹۰ سالن جي ڄمار ماڻي چڪو هو، پر عجب جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته سندس نظر به
سالم هئي ۽ ڏند به سلامت. سڄي ڄمار شادي ڪانه ڪيائين. هن پنھنجي پلاٽ ۾ اسڪول ۽
لائبريري قائم ڪئي هئي، جنهن مان ڳوٺ جا ٻار ۽ نوجوان فائدو وٺندا هئا. ڪريم ڏني
ملاح جي يادگيري ايڏي ته تيز هئي، جو مولانا ثنائي سان ڪيل سير سفر ۽ ساڻس سالن جا
سال گڏ گھاريل وقت جو احوال توڙي سندس ڪلام بنان وقفي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻڌائيندو رهيو
۽ مان اهي گفتا ٽيپ تي رڪارڊ ڪندو رهيس. ٽن ملاقاتن ۾ ڇهه ڪيسيٽون ڀري آيس. ان کان
علاوه ڪريم ڏني ملاح واعدو ڪيو ته هر هفتي ثنائيءَ جو ڪلام لکي توهان ڏي خط وسيلي
موڪليندس. پوءِ هو پنهنجن هٿ اکرن ۾ هر هفتي چئن فل صفحن تي ثنائي صاحب جو ڪلام
لکي موڪليندو رهيو، جنهن مان مون کي وڏي مدد ملي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ۽ علامه دائودپوٽي سان مولانا جي ٿيل ملاقتن جو احوال حاصل ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ٻه ڀيرا مولانا ثنائي سان ملڻ سندس ڳوٺ آيو هو ۽ کيس پنھنجي طرز جي هڪ وڏي
شاعر طور مڃيندو هو. سنڌ جي مُکُ ذاتي لائبريرين کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل
لائبريري، خيرپور جي سچل سرمست لائبريري، ڳڙي ياسين واري آغا واري لائبريري مان به
استفادو حاصل ڪيم.
تحقيق دوران لکيل
مواد ڊاڪٽر در محمد صاحب ڏانهن موڪليندو رهيس، جنهن ۾ ضروري مشورن ۽ ترميمن بعد ان
کي فائينل ڪندو رهيس. ڪڏهن ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن وڃي پندرنهن پندرنهن ڏينهن به
رهندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڪم اڪلائڻ جو گھڻو موقعو ملندو هو. سائين جي پاڙيسرين ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو ۽ حليم بروهي سان شام جو جام ڪچهريون ٿينديون هيون. ٻئي ماڻهو وڏا
قابل هئا. بروهي صاحب ته ڪنهن ننڍي جملي ۾ به ايڏي گھري ڳالهه ڪري ويندو هو، جو ماڻهو
ان تي ويٺو ويچاري. ان وقت به هو لکندو هو ۽ هن جي لکڻين ۾ ئي رڳو طنز ۽ مزاح نه
هئي پر ساڻس ٿيل ڪچهرين ۾ به مون طنز ۽ مزاح جون لطافتون محسوس ڪيون. گھڻا ماڻهو ڪو
چرچو ٻڌائي پاڻ ٽهڪَ ڏيڻ شروع ڪندا آهن پر هو ڪيڏي به کل جهڙي ڳالهه ڪري پر پاڻ نه
کلندو هو. ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب تڏهن به سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مڃيل عالم هو ۽ مان
سندس تمام گھڻي عزت ڪندو هوس، سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ان وقت به
مشهور هو. منهنجو دوست غلام نبي سڌايو تن ڏينهن ۾ سندس رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز
تي ڪم ڪندو هو.
منهنجو ڪم تيزيءَ
سان هلندو رهيو ۽ مون رات ڏينهن هڪ ڪري وڏي محنت سان ايم فل سطح جو ڪم پورو ڪري
ورتو ۽ ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب جي مدد ۽ ڪوششن سان منهنجو موضوع پي ايڇ ڊي ۾ ڪنورٽ ٿي
ويو. مون کي اڳي ئي گھڻو وقت ضيع ٿين جو احساس هو ان ڪري، هن ڀيري يڪسوئي سان ڪم ڪندو
رهيس ۽ پل به نه وڃايم، ائين ٽي سال ٻن مهينن جي قليل عرصي ۾ ٿيسز مڪمل ڪري
يونيورسٽيءَ ۾ جمع ڪرايم. پروفيسر عبدالرحمان قريشي۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
منهنجا ممتحن مقرر ٿيا هئا، جن منهنجي ٿيسز جو مطالعو ڪري يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي
رپورٽ جمع ڪرائي ۽ مون کان زباني امتحان ورتو. شاهنواز سوڍر منهنجي ڪم جي رفتار ڏسي
ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پنھنجي اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي پوري ڪرڻ جي ارادي سان ٿيسز جي ڪم ۾ جنبي
ويو، ان طرح هن سال ۱۹۸۸ع ۾ پي ايڇ ڊي جي اعلى سندَ حاصل ڪئي، جڏهن ته مان کانئس هڪ سال بعد ۱۹۸۹ع ۾ ڊگري ماڻي ورتي. ٽن سالن جي محدود عرصي
۾ ٿيسز مڪمل ڪري پيش ڪرڻ جو ان کان اڳ يونيورسٽي ۾ ڪو مثال ڪو نه هو. ڊاڪٽر در
محمد صاحب اڃا تائين اهڙي ڳالهه ڪندو رهندو آهي ۽ منهنجي ٿيسز ۾ ڪيل محنت کي پيو
ساراهيندو آهي ۽ جتي ڪٿي چوندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪو به ڪنهن شاعر تي پي
ايڇ ڊي ڪرڻ چاهي ته ان کي ڊاڪٽر شاد جي ٿيسز ضرور ڏسڻ کپي.
شيخ اياز سان
ملاقات ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري
اڳ ۾ آئون ٻڌائي چڪو
آهيان ته ”سنڌي گيت“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ وقت مان شيخ اياز صاحب سان ملڻ جا
وسَ ڪيا، پر هو ان وقت وائيس چانسلر هو ۽ گھڻو مصروف هو، تنهن ڪري ملڻ ممڪن نه ٿيو.
اياز ان وقت به جديد سنڌي شاعريءَ جو مهندار هو ۽ منهنجي دل چاهيندي هئي ته ڪڏهن
نه ڪڏهن ساڻس ملاقات ٿيڻ کپي. منهنجو دوست محمد يوسف شيخ پبلڪ اسڪول سکر جو اَٺَ
سالن تائين پرنسپال رهيو. ان دور ۾ سکر گھڻو وڃڻ ٿيندو هو. اُتي راتين جو دير
تائين اسان جون ڪچهريون هلنديون هيون. مون هڪ ڀيري کيس چيو ته يار اياز صاحب سکر ۾
پيو رهي، منهنجي دل چوي ٿي ته ساڻس ملڻ کپي. ڪجهه ڏينهن گذريا ته هڪ ڏينهن يوسف
اچانڪ ٻڌايو ته اڄ شيخ اياز صاحب سان ملندا سين. مون کي اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي.
پروگرام مطابق اسان
ٻئي ڄڻا بندر روڊ تي اياز صاحب جي آفيس ۾ پهتا سين. شيخ صاحب کي اڳواٽ ئي اطلاع ڪيل
هو. تنهن ڪري هن فوراً گهرائي ورتو. اندر وياسين ته شيخ اياز ورانڊي ۾ ويٺو هو.
اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ تان
فارغ ٿي موٽي سکر اچي ترسيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو ڏاڍو مايوس ۽ ڏکارو هو. ان ملاقات
۾ به اسان کي هو گھڻو ڊسٽرب نظر آيو. انهن ڏينهن ۾ هن لکڻ به گھڻو گھٽائي ڇڏيو هو.
تنهن ڪري رسمي حال احوال بعد مون کانئس اهو سوال ڪيو ته ”اياز صاحب اوهان اڄ ڪلهه
لکڻ ڇو گھٽائي ڇڏيو آهي؟“ جنهن جي جواب ۾ شيخ صاحب نراسائيءَ مان چيو ته ”ادا ڪنهن
جي لاءِ لکان، هن قوم لاءِ لکان جيڪا مون کي سمجهي ئي نه ٿي سگھي. بس مان ڪو نه لکندس....
ها منهنجو دوست يوسف شاهين جڏهن ايندو آ ته کيس سندس چوڻ تي ڪجهه لکي ڏيندو آهيان،
جيڪو منهنجو گھڻ گهرو به آهي. بس اهو ئي مون کي سمجھي سگھيو آهي.“ ساڻس ويهه منٽن
کن ڪچهري ٿي. اهو شايد ساڻس ملڻ جو صحيح وقت نه هو، ڪنهن مناسب وقت تي ٻي ملاقت جي
خواهش ڪندي کانئس موڪلايو سين. بهرحال اها سنڌ جي بيحد وڏي شاعر سان منهنجي پهرين
۽ آخري ملاقات هئي، جيڪا مون کي سدائين ياد رهندي.
ادبي دوستَ ۽ ساٿي
’سچل ادبي مرڪز
جي قيام ۽ مختصر ڪارڪردگي‘ واري عنوان ۾ جن اديبن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۽ اهڙن ٻين
ڪيترن ئي ادبي ساٿين سان منهنجو ادبي ۽ ذاتي واسطو هڪ عرصي کان وٺي رهيو آهي. جن
مان هتي سمورن جو ذڪر ڪرڻ ته ممڪن ئي نه آهي البته ڪجهه قريبي ساٿين ۽ سينئر اديبن
مان چند جو ذڪر ڪرڻ اڻ ٽر آهي.
ڪامريڊ جمال
الدين بخاري
ڪامريڊ جمال الدين
بخاري هڪ ڏاهو ۽ نظرياتي ماڻهو هو، ظاهر ۾ ضعيف ۽ ٻڍڙو پر هن جي دل سدا جوان هئي. ڪامريڊ
جو عڪسُ هن وقت به اسان جي ذهن جي پردي تي آئيني جيان اُجرو بيٺو آهي. هن جي شخصيت
۾ انڊلٺ جهڙا رنگ، آبشار جهڙي رواني، سمنڊ جهڙي گھرائي، آسمان جهڙي وسعت، گلڙن جهڙي
سرهاڻ ۽ ماکي وارو مٺاس موجود هو.
جمال الدين بخاري
جي شخصيت جا ڪي ئي پهلو آهن، ڪيئي دور آهن، ڪي ئي مرحلا آهن. انهن سڀني دورن ۽
مرحلن جو ذڪر ڪبو ته ڪتاب لکجي ويندو، ڇالاءِ ته بخاري صاحب هڪ تحرڪَ ۽ تحريڪ جو
نالو هو، گھمندڙ ڦرندڙ تاريخ جو ڪتاب هو. عزمِ مصمم، مسلسل جدوجهد ۽ اڻ ٿڪ محنت جو
بهترين مثال هو. ڪامريڊ جي شخصيت باڪمال هئي، سندس شخصيت خاص طور کاٻي ڌر جي سياست
جي افق تي سدائين سجَ جيان جرڪندي رهندي. بخاري صاحب جهڙا سُڄاڻ انسان، سچ جي سڃاڻ
۽ الفت جا اهڃاڻ هوندا آهن.
ڪامريڊ جمال الدين،
ننڍي کنڊ جي صحافت جي دنيا جو هڪ اٽل، اڏول ۽ بيباڪ صحافي هو. سراپا ادب ۽ ادب
دوست انسان هو. بخاري صاحب قول جو سچو، اصولن جو پڪو، جوشيلي ۽ جاندار شخصيت جو
مالڪ هو. هن جي خطاب جو انداز نرالو هو، سندس پُر جوش تقريرون جن به ٻڌيون هونديون
انهن جي ڪنن ۾ اڄ تائين گونجنديون هونديون. هن شعله بيان مقرر جي خطابت وقت ائين
محسوس ٿيندو هو، جيئن لفظَ ۽ جملا سندس آڏو ٻانَهنِ وانگر هٿ ٻڌي حاضر هجن. اردو
کان علاوه سنڌي ۽ انگريزي زبانن تي پڻ بخاري صاحب کي مڪمل عبور حاصل هو.
ڪامريڊ جمال الدين
بخاري جي طبيعت ۾ خلوص جا خزانا ڀريل هئا. هو آخري دم تائين پنھنجي نظرياتي مورچي
تان نه هٽيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. معاملات جي تجزيي ۽ تعميري تنقيد ۾
يڪتاءِ هنر هو. فڪر ۽ فلسفي جي گهرائي ۽ معامله فهمي ۾ هو پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. ادب،
سياست، مذهب، تاريخ، فلسفو، سائنس، علم الانسان مطلب ته دنيا جو ڪوبه موضوع اهڙو ڪو
نه هو جنهن تي ڪامريڊ نه ڳالهائي سگھندو هجي. مطلب کيس ڳالهائيندڙ انسائيڪلوپيڊيا ڪوٺجي
ته غلط نه ٿيندو. ڪامريڊ جا جذبا سدا جوان هئا. ادبي ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو
مور شهزور هو. ادبي محفلن ۾ بنان ناغي ۽ وقت جي پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو. ڪڏهن
ته ميزبانن کان به اڳ ۾ پهچي ويندو هو.
ڪامريڊ جمال الدين
بخاري ڪشاده دل ماڻهو ۽ محبت ۽ شفقت واري طبيعت رکندڙ انسان هو. هن وٽ خلوص جا
خزانا هئا. سڀني سان بنان امتياز هڪ جهڙو سلوڪ رکندو هو. هو دريا دل انسان، رنگَ،
نسل ۽ مذهب جي ڀيد ڀاوَ کان گھڻو مٿي سوچيندو هو، ڇوته هو هڪ سچو ڪامريڊ هو. ڪانگريس
واري دور ۾ ئي هو ڪميونسٽ پارٽي سان نظرياتي وابستگي سبب ڪامريڊ ڪوٺجڻ لڳو، جنهن ڪري
آخري عمر تائين سڀ کيس انهيءَ خطاب سان سڏيندا هئا. پهرين ملاقات ۾ ئي ماڻهوءَ جي
جيءَ ۾ جاءِ جوڙي ويهڻ وارو انسان ۽ ملوڪ مڙس هو. منهنجي ساڻس آخري دم تائين تمام
گھڻي نيازمندي رهي. ڪيترن ئي علمي، ادبي پروگرامن ۾ گڏ شرڪت ڪئي، هُن شاهه لطيف
لائبريري جي هال ۾ ٿيندڙ سچل ادبي مرڪز جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري اسان جو
مانُ مٿاهون ڪيو. مون تي سدائين ڪامريڊ جي مهر جي نظر رهي. هو اسان جو وڏو ۽ بزرگ
هو، ان ڪري مان سندس بيحد احترام ڪندو هوس. سچ پچ اهڙا انسان ايامن ۾ پيدا ٿيندا
آهن ۽ صدين تائين پنھنجي ڇاپَ ڇڏي ويندا آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلو
ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي صاحب بابت هتي اڳ به لکي چڪو آهيان. اڄ سندن متعلق ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون لکان ٿو.
ڊاڪٽر سنديلي صاحب سان منهنجو پهريون تعلق هڪ شاگرد ۽ استاد وارو جُڙيو، جڏهن مان ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي ته سائين سنديلو صاحب اتي سنڌي شعبي جو سربراهه هو.
سندن شفيق طبيعت، سهڻي گفتگو ۽ علمي ڳالهه ٻولهه مون کي بيحد متاثر ڪيو. انهن ڏينهن
۾ مون کي به ادب جو چسڪو لڳي چڪو هو سو سائين سنديلي صاحب جي همٿائڻ تي ڪاليج ۾ هڪ
ادبي سرڪل پڻ جوڙي ۽ سنديلي صاحب مون کي ان جو سيڪريٽري بڻايو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب
سان وڌيڪ ويجھو ۽ گھرو تعلق تڏهن پيدا ٿيو جڏهن مان ساڳي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار
ٿي آيس، تن ڏينهن جون يادون ۽ سائين سان ڪيل روح رهاڻيون مٿي بيان ڪري آيو آهيان. ڊاڪٽر
صاحب جي رٽائرمينٽ بعد به ساڻس محبت ۽ خلوص جو تعلق رهيو، جڏهن به ڪنهن علمي ادبي
معاملي ۾ مونجھارو ٿيندو هو ته سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس. سچ ته سنديلو صاحب
علم جي کاڻ هو. ٻولي، لغت ۽ لوڪ ادب تي ايترو عبور هئس جو اهڙو ڪو ٻيو اديب مون کي
نه ٿو سُجھي. لفظن جي ڌاتو، اصطلاحن جي اصليت ۽ پهاڪن جي پاڙ ڳولڻ جو جيڪو هنر ۽
علم سنديلي صاحب وٽ هو، سو سچ ته ڪنهن وٽ به ڪو نه هو.
منهنجي خوش قسمتي
آهي جو مان ڊاڪٽر سنديلي صاحب سان گڏ ڪيئي سير سفر به ڪيا. جڏهن پي ايڇ ڊي ٿيسز
لکي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جمع ڪرايم ته خبر پئي ته منهنجي ٻن ممتحنن مان هڪ سائين
سنديلو صاحب آهي. سچ ته بيحد خوشي ٿي جو مان هن کي سدائين محنت جو قدردان ڏٺو.
سائين پاڻ فون ڪري چيو .”شاد صاحب مان توهان جي ٿيسز پڙهي آهي ۽ توهان وڏي محنت ڪئي
آهي، فلاڻي تاريخ تي توهان جي وائيواس آهي سو يار پاڻ پوڙها مڙس جيستائين ڪو جوان
نه سيڙايون تيسيتائين گھر کان چُرڻ جهڙا نه آهيون، سو هڪ ڏينهن اڳ پاڻ گڏجي ريل تي
هلندا سين.” منهنجي لاءِ ان کان وڏي خوشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگھي پئي. سو اهو
يادگار سفر به گڏ ئي ڪيو. جڏهن ۲ جنوري ۱۹۹۰ تي ڊاڪٽر صاحب جو انتقال ٿيو ته سندس لائق فرزند ۽ سٺي
ليکڪ ڊاڪٽر اسلم سنديلي ٻڌايو ته ”سائين جي مطالعي واري ميز تي جيڪو آخري ڪتاب نظر
آيو، سا اوهان جي ٿيسز هئي.“ جيڪا ڳالهه خود منهنجي لاءِ باعثِ افتخار آهي. مجموعي
طور ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تمام وضعدار ۽ پُر وقار هئي. هو نهايت پُر خلوص، صاف گو،
ملنسار، جهانديد ۽ محبت ڀري دل رکڻ وارو انسان هو. معامله فهمي، دورانديشي، بذله
سنجي ۽ حاضر جوابي ۾ سندس ڪو جواب نه هو.
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سان منهنجو تعلق ۷۰ واري ڏهاڪي کان هو، هن سان مختلف علمي ۽ ادبي معاملن تي خط و ڪتابت وسيلي
لک پڙهه ڪندو رهندو هوس، پر ساڻس ميل ملاقات جو شرف گهڻو بعد ۾ نصيب ٿيو. مان ذاتي
طور ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ ڪم کان تمام گهڻو متاثر هوس. بلڪه ائين چوان ته مان
سندس مداحن مان هڪ هوس. ڊاڪٽر صاحب جي نرم گفتگو ۾ ڏاهپ جا نڪتا هوندا هئا، منهنجي
جڏهن به ساڻس ملاقات ٿي ته کيس ئي گهڻو ٻڌو ۽ پاڻ گهٽ ڳالهايو. منهنجي ذهن ۾ ڪالهه
جيان اڄ تائين اها ڳالهه چٽي آهي ته هڪ عالم جي گفتگو مان ڪيترن ئي ڪتابن جيترو
علم ملي ٿو، تنهن ڪري مان ڪوشش ڪندو هوس ته سندس ڳالهه ۾ مخل نه ٿيان، پر ائين به
نه هو جو مورڳو سندس سامهون ڳالهايو ئي ڪونه. منهنجي جڏهن به ڊاڪٽر صاحب سان سندس
اولڊ ڪيمپس واري گهر ۾ ملاقات ٿي ته کانئس ڪي سوال ضرور ڪيا. خاص طور جن ڏينهن ۾
مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي شرح جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيو هوس ته ڊاڪٽر
بلوچ صاحب سان جام ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ منهنجن سوالن جو محور شاهه لطيف جي
شاعري هوندو هو.
ان حقيقت کان ڪوبه
انڪار نه ڪندو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ بيش بها خدمتون
آهن. هن هڪ ئي وقت سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيبَ، لوڪ ادب، لغات، سنڌ جي ڪلاسيڪي
شاعري ۽ لطيفيات جي شعبن ۾ لازول ڪم ڪيو. لطيف سائين جو مستند رسالو مرتب ڪرڻ لاءِ
هن زندگيءَ جا ۳۲ سال وقف ڪيا. اهڙي طرح پنجن جلدن ۾ جامع لغات وارو ڪم ڪيو، لوڪ ادب اسڪيم
تحت ڪتابَ سهيڙيا ۽ سنڌ جي تاريخ جي الڳ الڳ پهلوئن تي سنڌيءَ کان علاوه انگريزيءَ
۾ به لکيو. ۱۹۹۰ع ڌاري مون کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شاهه لطيف تي لکيل چند مقالن کي سهيڙڻ جو
شرف حاصل ٿيو، جنهن لاءِ جڏهن مون کانئس اجازت ورتي ته هن خوشيءَ سان اجازت ڏني.
اهو ڪتاب ۱۹۹۲ع ڌاري ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي نالي سان مهراڻ اڪيڊمي وارن ڇپايو ۽ هن
وقت تائين ان ڪتاب جا کوڙ ايڊيشن ڇپجي چُڪا آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب
مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ منهنجي مٿان هن جي سدائين مشفقانه نظر رهي. ۱۹۹۷ع ۾ احسان دانش جڏهن ايم اي سنڌي لاءِ مونو
پئي لکڻ چاهيو ته ڊاڪٽر ملڪ نديم کيس منهنجي علمي ادبي خدمتن تي مونو لکڻ لاءِ
چيو. احسان اڍائي سو صفحن تي مونو لکيو، جنهن جي هڪ حصي ۾ منهنجي متعلق سنڌ جي
عالمن ۽ اديبن کان رايا لکرايا. منهنجي لاءِ بيحد خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر
بني بخش خان بلوچ صاحب، احسان دانش جي موڪليل خط جو ترت جواب موڪليو ۽ منهنجي لاءِ
جيڪي لفظ لکيا اهي سچ ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب
علم جو بحر ۽ وڏو تعليمدان هو. هو هڪ عبوري حڪومت دوران سنڌ صوبي جو تعليم جو وزير
به بڻيو ۽ انهيءَ دوران هن سڄي سنڌ ۾ تعليم بابت سيمينار ڪرائي سنڌ جي تعليم جي سڌاري
بابت تجويزون پئي ورتيون. اهڙو هڪ سيمينار لاڙڪاڻي ۾ به ٿيو، جنهن ۾ مون کي به ان
موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ اڳ ئي چيو ويو هو. صدارت ڊاڪٽر بلوچ صاحب پئي ڪئي. ان موقعي
تي مون جيڪي تجويزون پيش ڪيو هيون، انهن مان ٻه مون کي اڃا به ياد آهن. پهرين ”ميڊڪل
۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي ۽ اها انٽري ٽيسٽ
ڪنهن ساک واري اداري کان ڪرائي وڃي.“ ٻي تجويز اها هئي ته ”پرائمري استاد جي تعظيم
جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ کين ڪميشن وسيلي چونڊي ۱۷ هون گريڊ ڏنو وڃي. ان طرح سان سندن احساسِ ڪمتري
ختم ٿيندي ۽ ڪميشن وسيلي چونڊيل استاد پنهنجي قابليت وسيلي آيل هوندا، جنهن ڪري
پرائمري تعليم، جيڪا اسان جي تعليمي نظام لاءِ ريڙهه جي هڏيءَ جيتري اهم آهي اها
بهتر ٿي سگهندي.“ ڪجهه سالن بعد منهنجي پهرين تجويز تي ته عمل ڪيو ويو پر ٻي تجويز
تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي. ان سيمينار ۾ بلوچ صاحب نه رڳو اسٽيج تي پر بعد ۾
چانهن تي ڪيل ڪچهريءَ ۾ به مون کي ڏاڍو داد ڏنو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سان
منهنجو سندس زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين احترام جو رشتو ۽ ملاقاتن جو سلسلو قائم
رهيو.
زندگيءَ جي آخري
گھڙيءَ تائين هن جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب هئا.
ڪجھه ماڻهو پنھنجي
شخصيت ۾ جيئري جاڳندي تاريخ هوندا آهن، ۽ اهڙا ئي ماڻهو تاريخ ساز ڪوٺائيندا آهن.
اهي نه رڳو تاريخ ٺاهيندا آهن پر کين تاريخ کي بدلائڻ جي طاقت به هوندي آهي. اهي
پنھنجي عمل ۽ ڪردار سان صدين جي ڪڌين روايتن کي ميٽي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندا آهن. ڪامريڊ
سوڀي گيانچنداڻي جو شمار اهڙن ئي مها پُرشن ۾ٿئي ٿو. سندس شخصيت نه رڳو سنڌ جي
زنده تاريخ جو اولڙو هئي، پر سندس جدوجهد، مظلوم ماڻهن کي شڪست قبولڻ بداران حوصلي
سان جيئڻ جو ساهس به بخشيو.
ڪامريڊ سوڀي سان
منهنجي نياز منديءَ جو تعلق اڌ صديءَ تي مشتمل رهيو. مون هن کي سدائين هڪ متحرڪ
شخص طور ڏٺو، هو پنھنجي ترقي پسند سوچ ۽ ڪميونسٽ نظريي کان پَل به پري نه ٿيو، روس
جي ٽٽڻ کان پوءِ جتي کاٻي ڌر جا ڪيترا ئي ديوَ ڪري ۽ ڊهي پيا اتي ڪامريڊ ثابت قدم
رهيو.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن
آءٌ لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي
پروگرامن ۾ ڪامريڊ کي ٻُڌڻ جا موقعا ملندا هئا. چوندا هئا ته ’ڪامريڊ سوڀو لِونِگ
ليجنڊ آهي‘، انهن ئي ڏينهن ۾ ٻڌو هو ته بنگال جي ڏاهي رابندرناٿ ٽئگور کيس A Men from Mohen jo Daro
جو لقب ڏنو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪامريڊ سان ملاقاتون ته ٿينديون هيون ۽ سندس سياسي ۽
سماجي ڪردار جي به پروڙ هئي پر اڃا ساڻس ويجھڙائپ ۽ محبت جو رشتو قائم نه ٿيو هيو.
مان مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ اسڪولي شاگرد ۽ ڪامريڊ سنڌ جو ليجينڊ، سو خواهش هوندي هئي ته ان
لِوِنگ ليجينڊ سان روح رچنديون ڪجن ۽ جلد ئي اهڙو موقعو فراهم ٿي ويو. پهرين
ملاقات ۾ ئي ڪامريڊ جي شخصيت اهڙي ته باوقار ۽ رعبدار لڳي هئي جو مان پاڻ تي سندس
احترام واجب سمجھيو. اڳتي هلي جڏهن قلم سان ناتو مضبوط ٿي ويو ته علمي ادبي مشڪل
آسانيءَ لاءِ ساڻس ڪچهريون ڪندو رهيس، مون محسوس ڪيو ته ڪامريڊ کي ادب، سياست،
سماج ۽ تاريخ جي موضوعن تي اڻ کٽ ڄاڻ آهي. اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن سنڌ جي سياسي ۽
سماجي اشوز تي ڪامريڊ شاندار ليڪچر ڪيا، مونکي لڳندو هيو ته هو پنھنجي زبان سان ئي
نه پر روح سان پيو ڳالهائي، سنڌ ان وقت به هن جي عشق جو محور هُئي ۽ مرڻ گھڙيءَ
تائين سندس محور ۽ مرڪز رهي ۽ مون کيس سدائين مظلوم سنڌي ماڻهو جي ڀرجھلي طور ڏٺو.
مان جڏهن به وٽس ڪنهن
علمي ۽ ادبي معاملي جي معلومات لاءِ ويندو رهيس ته مونکي هميشه اهو ئي محسوس ٿيو
ته هن جي دل جا دروازا ئي نه پر سندس ڪتب خاني جا دروازا به علم جي پياسن لاءِ کليل
رهيا. مون سندس لائبريري مان استفادو ڪيو ۽ ڪامريڊ هميشه خنده پيشاني سان ڪتاب ڏنا.
ڪامريڊ، سچل ادبي مرڪز جي به ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ صدارت ڪري اسان کي اعزاز
بخشيو ۽ سواءِ علالت جي هن ڪڏهن انڪار ۾ جواب نه ڏنو . هو سنڌ جي ماڻهن سان پنھنجي
زندگيءَ جا تجربا ۽ تاريخ جا سبق ونڊڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو، زندگيءَ جي آخري
گھڙيءَ تائين هن جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب هئا، هن چاهيو ٿي ته سنڌ ۾
شانتي نڪيتن جهڙو ڪو ادارو جُڙي پوي. مونکي ياد آهي هڪ ڀيري اسين سچل ادبي مرڪز
طرفان شيخ اياز سيمينار جي سلسلي ۾ کيس صدارت جي گذارش ڪرڻ لاءِ ويا سين، انهن ڏينهن
۾ هو تازو ڀارت ياترا تان موٽيو هو. رسمي خير عافيت بعد ڪامريڊ اوطاق مان اٿي گھر
ويو ۽ واپسي تي مون سان گڏ آيل دوست ۽ مونکي هڪڙي ڪتاب جي هڪ هڪ ڪاپي ڏئي چيو ”هي
ضرور پڙهجو، هي مهاڀارت آهي. مان پنھنجي دوستن لاءِ انڊيا مان ان جون کوڙ ڪاپيون کڻي
آيو آهيان.“
مونکي اهو به اعزاز
حاصل آهي ته مون ”ڪُل پاڪستان ادبي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويندي ڪامريڊ
سان هڪ ئي جهاز ۾ ڀر واري سيٽ تي سفر ڪيو. اهو هڪ يادگار سفر هيو. سفر دوران ادب،
سياست، سماج، رياستي ڏاڍ، پيڙيل قومن جي امر ڪردارن، سياسي ۽ سماجي انقلابن ۽ تبديليءَ
لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوڌن جي حوالي سان هڪ نه وسرندڙ ڪچهري ٿي. مون ان ڪچهريءَ ۾
محسوس ڪيو ته ڪامريڊ جي اندر ۾ ڪا جوالا مُکي آهي جا سندس لفظن ۾ ظاهر پئي ٿئي. هن
جڏهن به مظلوم ۽ محڪوم قومن جو ذڪر پئي ڪيو تڏهن سنڌ ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان ٿيل
زياديتن کي به ظاهر پئي ڪيو. اها منهنجي وڌيڪ خوش قسمتي هئي جو اسلام آباد ۾ به
اسان جو هڪ ئي هوٽل ۾ قيام ٿيو ۽ لنچ ۽ ڊنر جي ٽيبلن تي ڪيترن ئي اديبن سان گڏ ڪامريڊ
جي بي باڪ گفتگو مان به گھڻو سکڻ جو موقعو مليو. مون نه رڳو ان ڪانفرنس دوران پر
هر وقت اهو ئي محسوس ڪيو آهي ته ڪامريڊ جي سوچ رنگ، نسل ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان مٿاهين
هئي. هن جي اندر ۾ محبتن جا مڻ هئا. بقول شاعر:
جو بھی پيار سے ملا هم اسی کے هو ليے
محبتن جو مختصر
اظهار
محمد ابراهيم
جويو
شيخ اياز چيو هو ته
”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.....“ سو محمد ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت به سراپا تاريخ
هئي. هن پنھنجي ڏات ۽ ڏاهپ، علم ۽ ذهانت، سياسي ۽ سماجي بصيرت، دورانديشي ۽ دليري
سببان سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. منهنجي ساڻس نيازمندي ادبي بورڊ چيئرميني
واري زماني کان هئي. جويي صاحب سان هونءَ ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون ۽
ساڻس آخري ملاقات ۽ ڪچهري ڀٽ شاهه ۾ ’شيخ اياز سال ڪاميٽي ۲۰۱۱ع‘ طرفان ٿيندڙ شيخ اياز سيمينار ۾ ٿي. ان
وقت سندس عمر اٽڪل ۹۷ سال هئي پر هو جوانن کان وڌيڪ جوان پئي لڳو. سچ پچ هو هڪڙو زنده دل ۽
اتساهه ڏيندڙ انسان هو. اهڙا انسان پنھنجي دور کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن، اُهي
حالتن جا محتاج نه هوندا آهن، بلڪه حالتون سندن محتاج هونديون آهن.
محمد ابراهيم جويي
صاحب جي حسن اخلاق جي باري ۾ ڇا چئجي! جهڙيءَ طرح ميويدار وڻ هميشه نمي بيهندو
آهي، اهڙيءَ ريت هن جي طبيعت ۾ به عجز ۽ انڪساري، حلم ۽ هيٺاهين انتها درجي جي
هئي. هن پنھنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان شروع کان جيڪا نظرياتي ڪمٽمنٽ ڪئي هئي ان تي آخري
دم تائين قائم رهيو ۽ هن جي سياسي شعور ۽ نظريي جو محور سنڌ هو. اسين خوشنصيب
آهيون جو پوري هڪ صديءَ کي پنھنجي اکين سان ڏسڻ وارو هي معمر پر سدا جوان جذبن
وارو انسان پنھنجي مضبوط اعصابي قوت سان اسان جي وچ ۾ موجود رهيو ۽ هن جي اکين ۾
آخري گهڙيءَ تائين سنڌ جي خوشحالي جا خواب هئا.
محمد ابراهيم جويو
صاحب سنڌ جو اثاثو ۽ انمول سرمايو هو. هن جي سيني ۾ اها ئي دل ڌڙڪي رهي هئي، جنهن
کي هميشه سنڌ ڌرتيءَ جي دکن جي دارونءَ جي تلاش هئي. هن پنھنجي علمي، قلمي ۽ ذهني
پورهيي وسيلي سنڌي ماڻهوءَ کي جا سجاڳي ۽ شعور بخشيو ۽ جنهن طرح جاکوڙ لاءِ اتساهيو،
ان لاءِ سچ ته سنڌي قوم سندس ٿورائتي آهي.
ڊاڪٽر اياز قادري
ڊاڪٽر اياز قادري
صاحب جيڏو وڏو ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق ۽ مدبر انسان هو ايڏو ئي بهترين پُرخلوص
انسان. هن اهڙي گھراڻي ۾ جنم ورتو جيڪو علمي ۽ ادبي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور هو،
سندس خاندان ۾ فقير علي محمد قادري، فقير غلام سرور قادري، غلام عباس جوش قادري ۽
الطاف حسين قادري جهڙا عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا. ان کان علاوه سندس محلي جي آس پاس
نواز علي نياز جعفري، ماستر محمد پريل، ڪشن چند بيوس، هري دلگير ۽ رام پنجواڻي جهڙا
شاعر ۽ اديب به رهندا هئا، جنهن ڪري سندس آس پاس جو ماحول به خالص ادبي هو.
ڊاڪٽر اياز حسين
قادري سان منهنجو ۶۰ واري ڏهاڪي کان ئي عزت ۽ احترام جو رستو هو. قادري صاحب گھڻ ڳُڻي شخصيت جو
مالڪ هو. پڙهيل لکيل نوجوان طبقي سان پيار ڪندو هو ۽ سندن هر مرحلي تي مدد، همت
افزائي ۽ رهنمائي ڪندو رهندو هو. مان قادري صاحب جي انهن ويجھن ۽ پيارن مان هڪ
هوس، جن سان سائين جو روح ريڌل رهندو هو. سائين اياز قادري جڏهن به ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي
ايندو هو ته پنهنجي آستاني تي جن ادبي دوستن کي گڏ ڪندو هو انهن ۾ مان به شامل
هوندو هوس. آخري ڏينهن ۾ مون انهن ڪچهرين ۾ لاڙڪاڻي جي اديبن محمد علي پٺاڻ، رزاق
مهر ۽ منظور ڪوهيار کي به شامل ٿيندي ڏٺو. مون سان گھڻو ڪري منهنجو پُٽ احسان دانش
به گڏ هوندو هو. ڊاڪٽر قادري صاحب مون کي انتهائي پيارو ڀائيندو هو، سندس خواهش
هوندي هئي ته مان سنڌ ۾ ٿيندڙ هر مشاعري يا ادبي پروگرام ۾ ضرور شامل ٿيان. ڪراچيءَ
۾ منعقد ٿيندڙ اڪثر ادبي پروگرام جي ڪوٺ موڪليندو هو ۽ شرڪت لاءِ تاڪيد ڪندو هو.
سنڌ مدرسته الاسلام جي سو ساله تقريب ۾ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد ٿيل
يادگار مشاعري ۾ مون کي اچڻ لاءِ تمام گھڻو زور ڀريائين.ان مشاعري جي ڪمپيئرنگ
قادري صاحب پاڻ ڪئي هئي. مان پڻ ان مشاعري ۾ شرڪت کي پنھنجي لاءِ اعزاز سمجھندي
شريڪ ٿيو هوس.
ڊاڪٽر قادري صاحب
منهنجي گذارش تي سچل ادبي مرڪز جي کوڙ سارن پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. انهن ۾ شاهه لطيف
ڪانفرنس، ڪهاڻي ڪچهري ۽ ڪيئي يادگار مشاعرا شامل آهن. هڪ مشاعري ۾ هن پنهنجو غزل
پيش ڪيو، جنهن جو مطلع اڄ تائين مون کي ياد آهي:
سِرُ جي تو تان نثار ٿي پوندو
هلڪو ڪيڏو نه بارُ ٿي پوندو
مشاعري ۾ واهه واهه
ٿي وئي. اتي لاڙڪاڻي جو استاد راڳي استاد انور علي سانگي به ويٺو هو. جيئن مشاعرو
ختم ٿيو ته استادَ، ڊاڪٽر قادري صاحب کان اهو غزل ورتو، جنهن کي بعد ۾ هن ڪيترين
ئي محفل ۾ ڳايو هو. ڊاڪٽر اياز قادري صاحب سان تعلق جي تند آخر تائين برقرار رهي،
حتاڪه هن جي وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ به ڪراچيءَ جي رنگون واله هال ۾ ٿيندڙ شاهه
لطيف ڪانفرنس ۾ به ساڻس ملاقات ٿي، جتي لاڙڪاڻي مان مونکي ۽ منهنجي پُٽ احسان دانش
کي مدعو ڪيو ويو هو. ٻئي ڏينهن صدر جي هوٽل ۾ ئي هئا سين جو ٽي وي تي اياز قادري
جي انتقال جي خبر آئي.
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي
ڊاڪٽر ميمڻ عبد
المجيد سنڌي جي شخصيت گھڻ رخي هئي. هن سان منهنجو تعلق لڳ ڀڳ ٽيهن سالن تائين قائم
رهيو، هڪ ئي شهر ۾ هجڻ ڪري اڪثر ساڻس ميل ملاقات به ٿيندي هئي. هو سنڌ جو هڪ مڃيل
عالم هو، سندس تحرير توڙي تقرير مفصل ۽ مدلل هوندي هئي. جڏهن به ڪنهن تقريب ۾ ڳالهائيندو
هو ته هال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي ۽ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ انتهائي غور سان خطاب ٻڌندا
هئا. ڊاڪٽر صاحب جو مطالعو وسيع هو. هن جي ذاتي لئبريري معيار توڙي مقدار جي حوالي
سان تمام خوبصورت هئي. جتي ڇاپي ڪتابن کان علاوه ڪيئي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود
هئا.
ڊاڪٽر صاحب علم جي
ونڊ ورڇ جي حوالي سان دريا دل شخص هو. اڪثر سندس اوطاق تي ماڻهو موجود هوندا هئا.
سال ۱۹۶۸ ـــ ۱۹۶۷ ۾ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪري رهيو هيس، جڏهن به ڪنهن سوال ۾ منجهندو هيس
ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن هليو ويندو هوس. پاڻ نهايت شفقت ڀريي انداز سان منجھيل سوالن
جا تفصيلي جواب سمجھائيندو هو. سندس سمجھائڻ جو انداز به عالمانه هوندو هو. آخر
مون ۱۹۶۸ ۾ ايم. اي جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو.
۶۰ واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ جيڪي ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽
انهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود جيڪي برک اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا هئا، تن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ
عبد المجيد سنڌي کان علاوه ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو، الف.ب.ت ميروخاني، پروفيسر
عبد المنان چانڊيو، سيد خادم حسين شاھ شامل هوندا هئا. وڏا علمي ادبي بحث ٿيندا
هئا، هر ڪو پنھنجي ڄاڻ جي کاڻ مان علم جي ونڊ ڪندو هو. آءٌ به انهن بحثن مان ڪن ۾
شريڪ رهيس. گھڻو ڪري انهن بحثن جا موضوع سنڌي ٻوليءَ جون نزاڪتون ۽ لطافتون، لوڪ
ادب ۽ ادب جي نون پراڻن رجحانن جي ڇنڊ ڇاڻ وغيره هوندا هئا. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي
مون انهن ڪچهرين ۾ سدائين علمي ثبوت ۽ پختي دليل سان ڳالهائيندي ڏٺو.
سچل ادبي مرڪز
طرفان ڪوٺايل ڪو اهڙو پروگرام ياد نه ٿو اچي جنهن ۾ ڊاڪٽر عبد المجيد صاحب آيو هجي
۽ کيس صدارت يا خاص مهمان جي حيثيت نه ملي هجي. حتاڪه ڪجهه مشاعرن ۾ به سندس ئي
صدارت رهي. مرڪز جي تاريخ ۾ اهڙن مشاعرن جي تمام وڏي اهميت آهي، ڇو ته اهڙن مشاعرن
جي اختتام تي ڊاڪٽر صاحب پنھنجي عالماڻي راءِ سان سڄي مشاعري تي ڀرپور روشني
وجهندو هو ۽ اهڙي طرح سامعين ۽ حاضرين ڄڻ ٿوري ئي وقت ۾ اهڙي شعري گلدستي مان واس
وٺندا هئا جنهن ۾ نه رڳو مختلف احساسن جي خوشبو هوندي هئي پر تنقيدي ۽ عالماڻي
راءِ مان به ڄاڻ حاصل ڪندا هئا.
اهو لکندي سرهائي ٿئي
ٿي ته مون ڊاڪٽر صاحب سان سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي سير سفر پڻ ڪيا. مختلف ادبي ڪانفرنسن
۾ لاڙڪاڻي کان گڏ سفر ڪيو سين. پاڻ اول مونسان ٽيليفون ذريعي پروگرام طئي ڪندو هو،
پوءِ نڪري پوندا هئا سين. حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ لطيف ڪانفرنس هجي، توڙي خيرپور ۾
سچل ڪانفرنس يا وري سيوهڻ ۾ قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس. انهن سمورن سفرن ۾ ڊاڪٽر
صاحب سان منهنجو اٽوٽ ساٿ رهيو. ۱۹۹۲ع ۾ ٿر جي ٽن ڏينهن واري ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ۾ به لاڙڪاڻي
مان گڏ وياسين ۽ گڏ رهيا سين. مٺيءَ کان ڪارونجھر تائين ٿر جي حسن کي گڏ گڏ اکين پسيو
سين. ان خوبصورت ۽ يادگار سفر جون يادگيريون، ساروڻين جو هڪ الڳ باب آهن. انهن
سيرن سفرن ۾ مون ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ۽ مزاج کي وڌيڪ ويجھو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو.
هن بزرگ هوندي ڪڏهن سفر ۾ سُک نه طلبيو، پاڻ کي ڏکيو رکي به پنھنجي دوستن ۽ هم
سفرن کي سکيو ڏسڻ چاهيندو هو، پر آءٌ جڏهن به ساڻس هم سفر رهيس ته اها ئي ڪوشش ڪئي
ته کيس ڪا تڪليف نه اچي، ڇو ته مون وٽ هن لاءِ اٿاھ پيار ۽ عزت هئي. ڪراچيءَ کان
اسلام آباد تائين ادبي پروگرامن ۾ ڪٺي آيا ويا سين. ڪيئي ڀيرا هڪ ئي جهاز ۾ گڏ سفر
ڪيو، هڪ ئي هوٽل ۾ گڏ رهيا سين. عمر جي آخري سالن ۾ ته ڊاڪٽر صاحب مونکي تاڪيد ڪندو
هو ته متان ڪانفرنس ۾ نه هلو. ضرور هلڻو آهي. اسان جي سٿ ۾ اڪثر هڪ ٻيو محقق دوست
۽ محبتي ماڻهو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پڻ شامل هوندو هو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۽ آءٌ ريڊيو
۽ ٽيليويزن جي به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ گڏجي شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبد
المجيد سنڌي هڪ صوفي منش هو. سندس طبيعت ۾ سادگي، خلوص ۽ محبت جائگير هئي. هن جي وڏي
خوبي اها هئي ته پنھنجي علم ۽ منصب تي ڪڏهن به غرور نه ڪندو هو. نوجوانن ۾ علمي
سجاڳي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوششون وٺندو هو. علمي حوالي سان ننڍ وڏائيءَ
جي پرواھ ڪئي بغير ڪيترن ئي ڪمن ۾ ننڍن سان هٿ ونڊائيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي گھڻ
رخي شخصيت تي گهڻو لکي سگھجي ٿو، تنهن ڪري منهنجن هنن ٻه ٽن لفظن کي ساڻس محبت جو
مختصر اظهار سمجھڻ کپي.
عبدالرزاق سومرو:
هڪ زنده تاريخ
عبدالرزاق سومري
صاحب سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ سَٺ واري ڏهاڪي کان رهي. پاڻ ادبي پروگرامن ۾ عام جام
ايندو هو. مان مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ پهتس ته چند دوستن سان گڏجي سائين سومري صاحب
جي گھر ڀرسان سندس آفيس تي ملڻ لاءِ ويندو هوس. هو ان وقت نوجوانن کي محنت لاءِ گھڻو
همٿائيندو هو، بعد ۾ جڏهن مون ادب جي دنيا ۾ باقاعده پير پاتو ته پنهنجا شايع ٿيندڙ
ڪتابَ کڻي سومري صاحب کي اعزازي ڪاپي ڏيڻ لاءِ سندس آفيس ويندو رهندو هئس.
عبدالرزا ق سومرو صاحب مطالعي جو شوقين رهيو آهي، هُن دنيا جهان جي بهترين ڪتابن
جو مطالعو ڪيو آهي. ٻي ملاقات ۾ مون سان پهرين ڏنل ڪتابَ بابت پنهنجون سوچون ۽
ويچارَ ونڊيندو هو، هن جي تجزياتي نظر مان خبر پئجي ويندي هئي ته هُن ڪتاب کي چڱيءَ
طرح پڙهيو آهي. هن جي گفتگو مان ذهانت ۽ علم پيو بکندو آهي. هو ڳالهين جو ڳهير ۽
زنده تاريخ آهي. انهن ڏينهن ۾ هن جو شمار لاڙڪاڻي جي معروف ۽ سينئر وڪيلن ۾ پئي ٿيو.
عبدالرزاق صاحب جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان، پاڪستان بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار
ايسوسيئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل لاڙڪاڻو جو مختلف وقتن تي عهديدار ۽ ميمبر رهيو. تمام
وڏي عرصي کان عمر ۽ جدا جدا مصروفيتن سبب هو وڪالت جي پريڪٽس ته نه پيو ڪري پر
سندس زندگي اڄ به متحرڪ نظر اچي ٿي ۽ هو مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف
نظر اچي ٿو.
عبدالرزاق سومرو
صاحب جو منڍ کان وٺي پيپلز پارٽي سان گھرو تعلق رهيو آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي
سان هن جي ويجهي دوستي هئي، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺهي ته ان جي اسٽيرنگ ڪاميٽي
جو بنيادي ميمبر پڻ بڻيو. بينظير ڀٽو صاحبه جي وزير اعظم رهڻ واري پهرين دور ۾
عبدالرزاق صاحب کي مسقط ۽ اَمانَ جو ايمبيسڊر ۽ محترمه جي ٻئي دور ۾ يونائيٽ عرب
امارات (UAE)
جو سفير بڻايو ويو.
مون ۲۰۰۲ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي ته محترم جاويد علي کوکر
جيڪو ان وقت زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال ۽ منهنجي پُٽ احسان دانش جو ويجهو
دوست هو، تنهن مون کي اهو چئي زيبسٽ جوائن ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ته ’اوهان جو اسان
جي اداري ۾ هجڻ اسان جي لاءِ اعزاز هوندو.‘ مون وڌيڪ ڪجهه به پڇڻ کان سواءِ اُتي
جوائن ڪيو، جتي خبر پيم ته عبدالرزاق سومرو صاحب زيبسٽ بورڊ آف ٽرسٽي جو چيئرمين
آهي. انهن ڏينهن ۾ زيبيسٽ ۾ ساڻس تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ خاص طور ڪاليج
جي فنڪشن ۽ گڏجاڻين ۾ ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ٿيندي رهي. ڪاليج جي پروگرامن ۾ منهنجن
فرزندن ڊاڪٽر احسان دانش ۽ رضوان گل کي پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. سومرو صاحب منهنجي
پُٽ احسان جي علمي ادبي صلاحيتن، تحرير ۽ تقرير کان گھڻو متاثر رهيو آهي ۽ سدائين
سدنس تعريف ڪندو آهي، اهڙي طرح آرٽس ڪائونسل ۾ سرگرم منهنجي ٻئي پُٽ رضوان گل جي ڪمپيئرنگ
جي به گھڻي تعريف ڪندو رهندو آهي، جنهن جي مون کي دلي سرهائي ٿيندي آهي.
مان زيبسٽ ۾ پنج
سال ڪم ڪيو، جنهن بعد ڇڏي ڏنم. عبدالرزاق صاحب سان هن وقت تائين سندس دولت خاني تي
ڪڏهن ڪڏهن ملاقات لاءِ وڃڻ ٿيندو آهي، جتي اڪثر استاد خالد چانڊيو، پروفيسر سڪندر
عباسي، ڊاڪٽر ضمير سومرو، عبدالنبي ساريو، ايم بي سومرو، ڊاڪٽر امان الله جوکيو،
الهه بخش سومرو جو ميڙو متل هوندو آهي. استاد خالد ته وڏي محنت سان عبدالرزاق
سومري جي زندگيءَ جو احوال رڪارڊ ڪري، ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق کان پوءِ سومري صاحب جي آٽوبايوگرافي
پڻ لکي آهي، جيڪا ٻن جلدن ۾ شايع ٿي چُڪي آهي. عبدالرزا ق صاحب جو فرزند آصف رزاق
سومرو به انتهائي ذهين ۽ زيرڪ انسان آهي، هن جو شمار به سنڌ جي برک وڪيلن ۾ ٿئي ٿو
۽ هو پڻ پنهنجي والد جيان مختلف وقتن تي سنڌ بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين، هاءِ ڪورٽ
بار ايسوسيئيشن جو صدر، پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر، بورڊ آف ڊائريڪٽرز لاڪاليج ڪراچي
يونيورسٽي جو ميمبر، جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل لاڙڪاڻو
جو صدر رهي چڪو آهي ۽ اڄ تائين به انهن ادارن سان مختلف حيثيتن ۾ وابسته آهي.
عبدالرزاق سومرو
صاحب هن وقت ضعيف العمري ۾ به سدا جوان لڳندو آهي. هن جو حافظو به ڪمال جو آهي.
سنَ، جايون، شخصيتون واقعا کيس چٽيءَ طرح ياد هوندا آهن. عبدالرزاق سومري صاحب جي
شخصيت اڄ به ڪالهه جيان پُر وقار آهي. مون کي هن سان تعلق تي فخر محسوس ٿيندو آهي.
استاد بخاري
سٺ واري ڏهاڪي جي
وچ ڌاري جڏهن مان آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن هڪ ڏينهن خبر پئي
ته سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ٿي آيو آهي. (ان
وقت پتو نه هو ته ڪجهه سالن بعد مون کي به انهيءَ ڪاليج جي انهيءَ شعبي ۾ ليڪچرار ٿيڻو
آهي.) انهن ڏينهن ۾ شاعريءَ سان ته منهنجي به لونءَ لڳي چُڪي هئي سو دوستن کي چيم
ته استاد سان ملڻو آهي. ڪامرس ڪاليج ۾ ڪلاس شام جو هلندا هئا، تنهن ڪري صبح جي پهر
۾ ڪا ٻي ڪرت ڪري وٺڻ جو وقت به ملندو هو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ وري ڪلاس صبح جو
هلندا هئا. انهيءَ دور ۾ پنهنجي مشغولين ۾ ڪاليج جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، مشاعرن ۾
شرڪت ڪرڻ ۽ نصابي ڪتابن کان علاوه ٻين موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ هوندو هو. انهن ڏينهن ۾
ڪيترن ئي اهم شاعرن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو هو.
استاد بخاري سان ڪاليج
۾ ملڻ جو ارادو ته هو پر انهن ئي ڏينهن ۾ خبر پئي ته فلاڻي تاريخ لاڙڪاڻي جي مشهور
شيوا منڊليءَ جي ميدان تي شاندار مشاعرو ٿيڻو آهي، جنهن جو خاص مهمان استاد بخاري
آهي. استاد انهن ڏينهن ۾ منهنجو پسنديده شاعر ٿي چڪو هو. ان شام جو شدت سان انتظار
پئي ڪيو، جنهن شام اهو مشاعرو هو. هونءَ ته ان مشاعري ۾ ٻين شاعرن سان گڏ مون به
پنهنجو ڪلام پيش ڪيو پر جڏهن استاد شعر پڙهڻ آيو ته مشاعري جو ماحول ئي مَٽجي ويو.
استاد بخاريءَ کي روبرو ٻڌڻ جو اهو منهنجي لاءِ پهريون موقعو هو. مشاعري ۾ استاد
دل کولي پنهنجو ڪلام ٻڌايو، جنهن مان ڪافي شعر پنهنجي خوبصورت ۽ سُريلي آواز ۾ ڳائي
به ٻڌايائين ته ڏاڍو مزو آيو. ان مشاعري ۾ ساڻس پهريون مُکاميل ۽ مختصرتعارف ٿيو. ڪجهه
ئي ڏينهن بعد خبر پئي ته استاد پي سي اسڪول جي ڀرسان هڪ سرڪاري جاءِ ۾ اڪيلو رهندو
آهي. استاد سان تفصيلي ڪچهريءَ جي خواهش ته هئي سو هڪ ڏينهن استاد بخاريءَ سان
روبرو خلاصي ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪجهه دوستن سان گڏ سندس آستان تي اچي پهتس. انهيءَ
اچانڪ آمد تي استاد ذرو به ارهو نه ٿيو. وڏي دل سان ڀليڪار ڪيائين. رسمي تعارف ۽
خير آفيت کان پوءِ شاعريءَ جي اهميت ۽ سنڌي شاعري بابت هڪ ٻئي سان ويچارَ ونڊيا،
پوءِ مون استاد کي گذارش ڪئي ته ’استاد پنهنجي شاعريءَ اسان کي ترنم سان ٻڌايو، جو
ان ڏينهن واري مشاعري ۾ به اسان کي اوهان جي سريلي آواز ۽ انداز موهي وڌو هو.‘
استاد بخاري اسان جي گذارش کي مانُ ڏيندي پنهنجو ڪلام نهايت سُريلي آواز ۾ ٻڌائي
اسان کي خوش ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪلام مان هڪ ڪلام جيڪو بعد ۾ منظور سخيراڻي ڳايو هو
۽ وڏي مقبوليت ماڻي هئي سو استاد انهيءَ ڌن ۾ ماچيس جي دَٻيءَ کي وڄائي اسان کي ٻڌايو
هو، جيڪو هن طرح هو:
تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن،
حياتي جي هوندي ته من لاهبا پيا.
جي طاقت ڏني ربَ ته لاهي ڇڏيندس،
جي لاهي نه سگهبا ته منَ ڳائبا پيا.
سچ پچُ استاد بخاري
جي انداز ۽ شاعريءَ جي سلاست ۽ رواني منهنجو مَنُ موهي وڌو هو. ان يادگار ملاقات
کان پوءِ استاد سان ملڻ جُلڻ ٿيندو هو پر جلد ئي لاڙڪاڻي مان سندس بدلي ٿي وئي.
استاد لاڙڪاڻي مان ته ويو هو پر منهنجي دل ۾ موجود هو، سو جڏهن به جتي به ساڻس
ملاقات ٿيندي هئي ته وڏي اُڪير سان ملندو هو. استاد بخاري ۽ مون ٽي وي جي مشاعرن
کان سواءِ ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ هڪ ئي اسٽيج تي گڏ پڙهيو. عمر جي آخري ڪجهه
سالن ۾ هو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن سبب ئي سندس زندگيءَ ڏيئو
اجهامي ويو. مون کي ساڻس تعلق ۽ ادبي وابستگي تي سدائين خوشي محسوس ٿيندي آهي.
انيس انصاري
الله بخش انيس
انصاري سنڌي ادب جو هڪ سگھارو نانءُ هو. منهنجي ساڻس ڏاڍي لڳندي هئي ۽ سندس گھڻو
احترام ڪندو هيس، مون سان به سندس محبت ۽ شفقت جو رشتو هو. طبيعت ۾ سادو ۽ سٻاجھو،
سنجيده ۽ بردبار انسان هو. ميل ملاقات مان معلوم ٿيندو هو ته وٽس خلوص جا خزانا
آهن. زماني جي ٿڌين ڪوسين انصاري صاحب جي شخصيت کي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو هو. وسيع
مطالعي ۽ اٿاهه علم جي باوجود پاڻ کي ڪجهه نه ڀانئڻ سندس ڪسر نفسي ۽ بردباريءَ جو
عمدو مثال هو. انيس صاحب جي پيدائش لاڙڪاڻي جي جعفري محلي ۾ احمد بخش انصاري جي
گھر ۾ ٿي ۽ اتي ئي سندس ٻالڪ پڻي ۽ جواني جا ڏينهن گذريا. انهن ڏينهن ۾ جعفري محلي
جي آس پاس ڪشنچند بيوس، نواز علي نياز جعفري، هري دلگير، رام پنجواڻي، ماستر محمد
پريل، غلام سرور مغل، فقير علي محمد قادري، فقير غلام سرور قادري، فقير غلام عباس
جوش قادري ۽ ڊاڪٽر اياز قادري جهڙا پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو عالم، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار
۽ راڳي رهندا هئا. انيس انصاري صاحب ننڍي وهيءَ ۾ ئي اهڙي ماحول جو اثر قبوليو ۽
پاڻ به ناميارو ليکڪ بڻجي ويو. گھڻو پوءِ انيس انصاري لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾
رهائش اختيار ڪئي ۽ انهيءَ گھر ۾ سندس انتقال ٿيو.
انيس انصاري صاحب
سان منهنجي نيازمنديءَ جو رستو سٺ واري ڏهاڪي کان هو جڏهن سائين خادم حسين شاهه جي
پڌر تي يا محترم عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي لان تي ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون.تن ڏينهن
۾ مان ادب جي ميدان ۾ تازو تازو پير پاتو هو، انهن گڏجاڻين ۾ پنهنجون ڪچيون ڦڪيون تخليقون
پيش ڪندو هوس ۽ ٻين سينئرن سان گڏ انيس انصاري به واهه جو داد ڏيندو هو. ان طرح
مون ۾ وڌيڪ لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو. انيس صاحب سان سندس پاڙيسري قلندر بخش
بدوي جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهرين، ادبي نشستن ۽ مشاعرن ۾ به جام ملاقاتون ٿينديون
هيون. اڳتي هلي جڏهن سائين جي دولت خاني تي اچڻ وڃڻ ٿيو ته سندس مشفقانه رويي ۽
علمي ڪچهري جو مداح بڻجي ويس، سندس ڪچهريءَ مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي. پر مان
سندس عمر رسيدگي ۽ ٿَڪ جو خيال ڪري موڪلائڻ لاءِ عرض ڪندو هوس ته پاڻ چوندو هو؛
”شاد صاحب هاڻي ته آيا آهيو، ويهو ته سهي.“ اهڙا مکڻَ ماڻهو وري ڪٿي پيدا ٿيندا.
محمد بچل تونيو
علم پروريءَ ۾ جيڪڏهن
لاڙڪاڻي کي شخصيت ساز شهر چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هتي وڏا وڏا، عالم،
اديب، شاعر، وڪيل، سياستدان، محقق ۽ دانشور پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجي فهم ۽ فراست،
علم ۽ ادب جا هر دور ۾ واهڙ وهايا. اهڙن ئي ديده ور دانشورن ۾ سائين محمد بچل
تونيي جو به شمار ٿئي ٿو. تونيي صاحب سان منهنجو تعلق سٺ واري ڏهاڪي کان هو. جڏهن
به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ته من باغ بهار ٿي ويندو هو. هن جي دانشمندانه گفتگو،
نرم لهجو ۽ پنهنجائپ ۽ پيار ڪڏهن نه وسرندو. تونيي صاحب جو تعلق ميروخان سان هو،
جتي هڪ بزرگ ميان حامد حضوري مشهور آهي، سائين جو تعلق به انهيءَ خاندان سان هو.
ميروخان جي تنين سان منهنجو به برادري جو تعلق رهيو آهي. مون ڏٺو آهي ته نياز ۽ نئڙت
تُنين جي خمير ۾ موجود آهي، تنهن ڪري تنيا پاڻ کي فقير سڏائيندا آهن. سائين محمد
بچل جي طبيعت ۾ به مون اها فقيري محسوس ڪئي. مون ته تنيي صاحب جو مَن هر ڪنهن سان
ريڌل محسوس ڪيو. سائين محمد بچل جي دوستن جو حلقو وسيع هو، شايد ان جو بنيادي سبب
به سندس طبيعت ۾ نئڙت ۽ نياز، حلم ۽ هيٺاهين هو. هونءَ به ٿڌو گھڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾
ويهاريندو آهي. وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي سمجھي قدم کڻڻ سالڪن ۽ سياڻن جو ڪم آهي.
تونيي صاحب کي مون به اهڙو ئي ڏاهو محسوس ڪيو. معامله فهميءَ جو کيس وڏو ڏانءُ هو.
هن زندگيءَ ۾ وڏا لاها چاڙها ڏٺا، تنهن ڪري سندس گفتگو ۾ سندس تجربي جي جھلڪ محسوس
ٿيندي هئي. هو سڀني وصفين سهڻو انسان هو.
محمد بچل تونيي
صاحب پنھنجي ڪيريئر جو آغاز تدريس جي پيغمبري پيشي سان ڪيو ۽ محنت سان هڪ ذهين ۽
محنتي استاد طور پاڻ مڃرايو، جنهن بعد هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ جلد ئي هن جو
شمار سنڌ جي نام ڪٺين وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هو سينئر ٿي ايڊيشنل ائڊووڪيٽ
جنرل جي عهدي تي به فائز ٿيو. سنڌيءَ سان گڏ ڳالهائڻ توڙي لکت ۾ هن جي انگريزي ڪمال
جي هوندي هئي. ان ڪري هو نه رڳو هڪ سٺو مقرر پر ليکڪ به هو. خاص طور هن جي ڪتاب Legesy of Shah Latif
ڇپجڻ بعد سندس شاهه شناس واري حيثيت به اڀري
آئي. اسان سچل ادبي مرڪز طرفان ”شاهه جي شاعري ۽ صوفي ازم“ جي موضوع تي هڪ ليڪچر
به ڪرايو هو. مان جڏهن به ساڻس ملندو هوس ته سير ٿي موٽندو هوس.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
منهنجو بيحد پيارو دوست ۽ رهنما آهي. هن سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۶ع ڌاري اسلاميا ڪاليج ڪراچي ۾ ٿي، جتي هو سنڌيءَ
جو ليڪچرار هو. ان ملاقات ۽ ان کان پوءِ پي ايڇ ڊي ۾ رهبري جو احوال هن کان اڳ لکي
چڪو آهيان. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو تعلق رڳو پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري مرحلي تائين ئي نه
رهيو پر اهو تعلق اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي. مان ڊاڪٽر صاحب جو هڪ استاد طور جيترو
احترام ڪندو آهيان سچ ته اها سندس وڏائي آهي جو هو به منهنجو پاڻ کان عمر ۾ وڏو هجڻ
سبب ايترو ئي احترام ڪندو آهي. جيئن مان کيس ”سائين“ چوندو آهيان تئين ئي هن به ڪڏهن
منهنجو نالو نه کنئيون آهي ۽ سدائين ”سائين“ ڪري مخاطب ٿيو آهي.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لائق محقق ۽ عالم آهي. سنڌالاجي کان گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا
تائين هن جو ڪردار هڪ اداره ساز شخصيت وارو رهيو آهي. تاريخ جي سهيڙ ۽ سميٽ جو ڪم ڪو
هن کان سکي. هو سدائين چوندو آهي ته ”مان لئي قينچيءَ سان سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪري
رهيو آهيان.“ مان پاڻ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اکين سان کيس اهو ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ڊاڪٽر
پٺاڻ پاڪستان جي کوڙ سارين يونيورسٽين ۾ ايپرو ٿيل گائيڊ آهي ۽ ان حوالي سان هن ڪيترن
ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جِي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ رهنمائي ڪئي آهي. تحقيق جي دنيا
جو هو گرو آهي. اڄ به سنڌ ۾ ريسرچ ميٿڊالاجي ۾ مهارت رکندڙ جيڪي چند عالم ۽ محقق
آهن، انهن مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو ٽه
رخو تعلق رهيو آهي. پهريون استاد ۽ شاگرد وارو، ٻيو دوستَ وارو ۽ ٽيون ڪليگ وارو. ڊاڪٽر
پٺاڻ صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ وارو عرصو پورو ڪري
گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري جو پرنسيپال ٿيو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هن
آريجن ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي نالن پٺيان گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو هو. بعد ۾
هن جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي ته هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ جو
موقعو به مليو ته روزانو بنياد تي ساڻس علمي ادبي موضوعن تي ڪچهرين جو سلسلو به
شروع ٿيو.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڄ به رديءَ مان تاريخ جوڙڻ جي ڪم ۾ مشغول آهي ۽ روزانو بنياد تي هو ڪاوش اخبار ۾
تاريخ جي دري کولي ٿو. عالمن، اديبن ۽ شاعر جي جنم ڏينهن ۽ وفات جون تاريخون ٻڌائي
ٿو. ڪالم ۽ مضمونَ لکي ٿو ۽ آن لائين مخاطب ٿئي ٿو. هن جو علمي تحرڪ اڃا ختم نه ٿيو
آهي. منهنجو اڪثر سندس جوڙيل اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ملڻ ٿيندو آهي ۽ ساڻس خوب ڪچهريون
ٿينديون آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي واري عرصي ۾ هڪڙن استادن سان منهنجو ڪليگ ۽ ساڳي سبجيڪٽ سان گڏ ادبي
دوستيءَ وارو گهرو رستو رهيو، جن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالغفور، رزاق مهر ۽ محمد علي پٺاڻ جا نالا ڳڻائي سگھان ٿو. ڊاڪٽر سوڍر سڄيءَ
سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن، ميڙاڪن ۽ ڪانفرنسن ۾ منهنجو هم سفر رهيو. سنڌ جي مختلف
ادبي ميڙاڪن ۾ اڪثر گڏ ويندا هئا سين. سيوڻ ۾ قلندر شهباز جي ادبي ڪانفرنس هجي توڙي
سچل سرمست جي عرس جي تقريب، لطيف سائين تي ادبي ڪانفرنس هجي توڙي بيدل، بيڪس ڪانفرنس
۽ ٿر سيمينار پاڻ جتي ڪٿي گڏ ئي رهيا سين. ٿر ياترا دوران هن ٿر واسين کان ٿر ٻاٻيهي
بابت سربستي معلومات وٺڻ لاءِ وڏا وسَ ڪيا.
ڊاڪٽر سوڍر تمام
خوش طبع ماڻهو هو. ڳالهه ڳالهه تي لطيفا ٻڌائيندو هو. لطيفا به اهڙا جيڪي اسان ان
کان اڳ ڪڏهن ڪو نه ٻڌا. منهنجو ۽ هن جو پريت جو ناتو هو. پاڻ ۾ ادبي بحث مباحثا به
ڪندا هئا سين. ٻولي، گرامر ۽ لفظن جي صحت تي به اڪثر ڳالهائيندا هئا سين. هو
سدائين دليل جي گفتگو ڪندو هو ۽ اسان هڪ ٻئي جي راءِ جو به احترام ڪندا هئا سين. هڪ
سانوڻ جي رات سچل ادبي مرڪز جي ڇت تي ويٺا هئا سين. گرما گرم ڪچهري لڳي پئي هئي.
اسان جو جوشيلو دوست ۽ ان وقت ايگريڪلچر آفيسر فضل الله تونيو پنهنجي جوشِ خطابت ۾
مگن هو جو سوڍر صاحب به اچي سلام ڀريو. محفل متل هئي سو پهريان ته عالمي صورتحال
تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي پر پوءِ ڳالهه وڃي پهتي ڪلچر ۽ ايگريڪلچر تي. سوڍر صاحب
جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ڪلچر جي حوالي سان هو ۽ تونيو صاحب ايگريڪلچر جو ماڻهو هو. ٻنهي
جي وچ ۾ انتهائي گرما گرم بحث ٿيو. فضل الله جو چوڻ هو ته ڪلچر جو بنياد ايگريڪلچر
آهي ۽ سوڍر صاحب ان جي نفي ۾ دليل پئي ڏنا. مون به ان ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيو ۽ ويٺل ٻين
دوستن به ويچار ونڊيا پر ٻئي زورآور جوان هئا سو ڪنهن به ڪنهن جي ڳالهه ڪو نه مڃي
۽ رات، اڌ رات ۾ تبديل ٿيندي وئي، سو ٻي ملاقات تائين بحث کي روڪيو ويو. مزيدار ڳالهه
اها آهي ته ان کان پوءِ سوڍر صاحب جڏهن به ايندو هو ته پهريان ڏاڪڻ وٽ لڳل ڄاريءَ
مان جھاتي پائي ڏسندو هو. مون هڪ ڀيري کانئس پڇيو ته پهريان جھاتي پائي ڇوٿا ڏسو
ته چيائين ”يار ڏسان ٿو ته تونيو صاحب ته نه ويٺو آهي.“
هر انسان ۾ ڪانه ڪا
منفرد عادت هوندي آهي، جنهن ڪري اها سندس جبلت جو حصو بڻجي ويندي آهي. ڊاڪٽر سوڍر
صاحب کي بستري تي سمهڻ کان پوءِ جلد ننڊ اچي ويندي هئي ۽ پوءِ غضب جا کونگھرا هڻي
آس پاس وارن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ ننڊ جا خوب مزا وٺندو هو. ادبي پروگرامن
۾ هڪ شهر جا هئڻ سبب اسان کي اڪثر هڪ ئي ڪمري ۾ جاءِ ملندي هئي، جڏهن ته سندس
خواهش هوندي هئي ته کيس الڳ ڪمرو ڏنو وڃي پر منتظمين جي مجبوريءَ سبب اڪثر ڪري
اسان کي هڪ ئي ڪمرو ڏنو ويندو هو ۽ ائين صبح جو سندس پڪي راڳ جو خبرون ٻڌائبيون
هيون. شڪايت ڪرڻ تي چوندو هو ”ادا مان ڇا ڪيان منهنجي ننڊ اهڙي ئي هوندي آهي.“
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
کي ادبي کناکيڙ جي وڏي عادت هوندي هئي. هن ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“ عنوان تي پي
ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي هئي. سوڍر صاحب کي اهو اعزاز حاصل هو جو هن سنڌي ٻوليءَ ۾
شاهه تي پهرين پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. سنڌ ۾ کيس هڪ لطيف شناس واري حيثيت حاصل هئي. سنڌي
ادب جي دنيا ۾ کيس وڏي مڃتا ملي. هن تحقيقي مقالن کان علاوه ٽي ويءَ لاءِ ڪجهه سنڌي
ڊراما پڻ لکيا. مطلب ته هو هڪ محنتي استاد سان گڏ سٺو محقق پڻ هو.
ڊاڪٽر سوڍر سان
منهنجون آخري ملاقاتون به اهڙيون هيون، جيڪي ڪڏهن به وسري نه ٿيون سگھن. ڪاليج جي
بس ۾ ٽيچنگ اسٽاف سان هڪ پروفيسر جي والد جي تعزيت لاءِ وارهه کان موٽندي ڊاڪٽر سوڍر
۽ مان هڪ ئي سيٽ تي ويٺا هئا سي جو هن کي پهريون ڀيرو دل جو دورو پيو هو ۽ هُو
منهنجي جهوليءَ ۾ ڍرڪي پيو هو. دوست مٿان مِڙي ويا هئا. مون سندس مٿي تي پيار مان
هٿ ڦيري کيس دل جاءِ ڏني هئي. رستي تي فرسٽ ايڊ وٺڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ سندس
علاج هليو هو پر هن سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ جلد ئي هيءَ دنيا ڇڏي اسان سڀني کي ڏکارو
ڪري ويو.
پروفيسر قلندر
شاهه لڪياري
پروفيسر قلندر لڪياريءَ
سان پهرين ملاقات ۱۹۶۷ع ڌاري تڏهن ٿي، جڏهن مان ايم اي سنڌيءَ جي تياريءَ لاءِ پنهنجي دوست محمد
يوسف وٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي هاسٽل تي ترسيو هوس. ان
دوران ڪجهه نون دوستن سان مُکا ميل ۽ تعارف ٿيو، جن ۾ عنايت الله ميمڻ، گل محمد ڦل،
نصر الله شيخ، سندس وڏو ڀاءُ محمد يوسف شيخ (باٽني) ۽ اعجاز قريشي شامل هئا، جيڪي
يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽميٽس ۾ پڙهي رهيا هئا. ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي
انگريزي شعبي ۾ هڪڙي نوجوان ليڪچرار جي قابليت جو وڏو چرچو هو، جنهن جو نالو قلندر
شاهه لڪياري هو. دوستن چيو ته اڄ انگريزي ڊپارٽمينٽ هلي ساڻس ملندا سين. لڪياري
صاحب جي شخصيت ۾ اهڙي ته ڪشش هئي، جو ٿوري دير ۾ ئي تڪلفَ ۽ حجابَ جا پردا پري ٿي
ويا، سندس گفتن ۾ ڇا ته علمَ جي پلٽَ هئي. ان کان پوءِ مختلف موقعن تي لڪياري صاحب
سان تفصيلي ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ منهنجو ساڻس تعلق دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
پروفيسر قلندر لڪياري
گهڻ ڳُڻيو انسان هو. هو هڪ شاعر ۽ نثر نويس هجڻ سان گڏ بهترين مقرر به هو. گفتگو ۾
هن جو لهجو نرم ۽ ڳالهه رکڻ جو انداز سليس ۽ قابلِ فهم هوندو هو. لڪياري صاحب ادب
۽ فلسفي جون ڳالهيون به سولائي سان سمجهائي ويندو هو. هو هڪ ئي وقت انگريزي، سنڌي،
اردو، عربي ۽ فارسي ٻوليون ڄاڻيندو هو. هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مان هڪ ايراني
اديب سان کيس فارسي ڳالهائيندي ٻڌو ته حيران ٿي ويس. اسان وٽ عام طور ڪي ماڻهو
فارسي به سنڌي يا اردو لهجي م ڳالهائيندا آهن پر لڪياري صاحب جو لهجو به ايرانين
وارو هو.
اسان سچل ادبي مرڪز
جي ڪنهن به پروگرام ۾ کيس سڏيو ته ڪڏهن وٽانئس نفيءَ ۾ جواب نه آيو. ۱۹۸۵ع ۾ اسان لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن واري پارڪ ۾
هڪ ”ڪُل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ۽ کيس ادب جي هڪ موضوع تي گفتگو لاءِ گذارش ڪئي.
هن هميشه وانگر هاڪار ڪئي. جنهن رات ڪانفرنس هئي، ان رات اچي پهتو ۽ ڏنل موضوع تي
شاندار گفتگو ڪرڻ بعد موڪلائڻ لڳو ته مون کانئس پڇيو ته ”رات وچ ۾ ئي واپس ڇو پيا
وڃو. اسان ته توهان جي رهائش جو بندوبست ڪيو آهي.“ چيائين ”اصل ۾ منهنجي گھر واري
اسپتال داخل آهي، اوهان سان ڪميٽمينٽ هئي، ان ڪري حاضري ڀريم. هاڻي اجازت ڏيو.“
مان سندس ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس. ان حالت ۾ جيڪڏهن هو اسان جي ڪانفرنس ۾ نه به
اچي ها ته به هن تي ڪا ميار نه ٿئي ها، پر هن اها ڳالهه ڪري مون کي ڄڻ زير بار ڪري
ڇڏيو ۽ سندس شڪريو مڃڻ لاءِ لفظَ ننڍڙا ٿي پيا. ائين هو مرڪز جي ڪيترن ئي پروگرامن
۾ آيو. ۱۹۹۵ع جو اهو يادگار سيمينار به نه ٿو وسري جيڪو سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جي آڊيٽوريم
۾ ڪرايو هو. ان سيمنار جي صدارت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪئي هئي ۽ ڊاڪٽر غلام
نبي سڌايو هو. سيمينار جو موضوع هو ”اديب ۽ معاشرو“ ان موقعي تي لڪياري صاحب جيڪا
صدارتي تقرير ڪئي هئي اها اڄ تائين نه ٿي وسري. ائين هڪ ڀيري سچل ادبي مرڪز پاران
لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي تي ليڪچر لاءِ کيس لاڙڪاڻي گھرايو سين. ان موقعي تي هن
ايترو ته مفصل ۽ مدلل ليڪچر ڏنو جو لاڙڪاڻي جا سامعين واهه واهه ڪندا رهيا. قلندر
سائين جو حافظو به ڪمال جو هو شايد اهو ئي سبب هو جو کيس ڪي ٽي اين جي پروگرام
”پروڙ“ ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق سان گڏ ماهر طور مدعو ڪيو ويندو هو ۽ هو عالمن، اديبن
۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن جي ماڻهن جي پڇيل سوالن جا جواب اڪثر ٻڌائي ويندو هو.
هونءَ ته هن جو علمي ادبي پورهيو جهجهو آهي پر زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو علامه
اقبال جي شاعريءَ کي بيت جي فارم ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، جيڪو هڪ مختلف ڪم هو. لڪياري
صاحب سان گذاريل وقت سچ ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ڪي ماڻهو اهڙا
هوندا آهن جن سان اهڙو جيءُ جڙي ويندو آهي، جيڪو حياتي ڀر قائم دائم رهندو آهي. اهڙا
ماڻهو پنھنجي ڪردار ۽ اخلاق سبب من کي باغ بهار ڪري ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
به هڪ اهڙو ئي انسان آهي، جنهن سان منهنجو هڪ عرصي کان محبت جو تعلق رهيو آهي. هن
سان منهنجو نيازمنديءَ جو رستو اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي تي مشتمل آهي. اها ۶۰ واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن ساڻس ڏيٺ ويٺ
ٿي ۽ آهستي آهستي پنهنجائپ ۽ پيار جو تعلق جُڙيو.
ڊاڪٽر سڌايو پنھنجي
سٻاجھي طبيعت، خلوص ۽ محبت سبب پهرين ملاقات ۾ ئي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي ڇڏي هئي. جيڪب
آباد جي هارس اينڊ ڪيٽل ميلي جي ادبي تقريبن ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته ساڻس خوب ڪچهريون ٿينديون
هيون، مان سالن تائين ان ميلي ۾ بنان ناغي شرڪت ڪندو رهيس. سڌايو سائين اسان جي
لاءِ پنھنجي دل جي دروازن وانگر گھر جا دروازا به کولي ڇڏيندو هو. اسان اول سڌو وڃي
سندس رهائش گاهه تي ڊاٻو ڪندا هئا سين ۽ پوءِ پروگرام ۾ گڏجي وڃبو هو. ميلي واري
موقعي تي سنڌ جي ٻين شهرن مان آيل اديب به اول سڌايي صاحب جا سلامي هوندا هئا... ڊاڪٽر
صاحب جي دل ۾ اهو احترام سڀني لاءِ هوندو هو، پر مونسان هن جي خاص محبت هئي. اسان ٻنهي
جون طبيعتون ۽ ويچار ساڳيا هئا. ان ڪري جلد ئي اسان جو تعلق گھري دوستي ۾ تبديل ٿي
ويو. سچ ته ميلي وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر سڌايي جو گھر ڪو ادبستان بڻجي ويندو هيو. اها
سڀ سندس بي لوث محبت ۽ خلوص جي ڪرامت هئي. اڳتي هلي اها ميلي جي روايت ته ختم ٿي
ويئي پر اسان جي ساٿ ۽ محبت ۾ ڪا ڪمي نه آئي بلڪه ڏينهون ڏينهن اهو گھرو ۽ مضبوط ٿيندو
ويو.
۱۹۷۳ واري سال ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو آرٽس ائنڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي
جي ليڪچرار طور تقرر ٿيو، جتي هو ڀريا ڇهه سال تدريسي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ساڳي
ئي سال مان به ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ مقرر ٿيو هوس، جتان ۱۹۷۴ جي آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
بدلي ٿي آيو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر سڌايي سان خوب روح رهاڻيون ٿينديون هيون. ڪامرس
ڪاليج شام جي وقت هلندو هيو ۽ ڊگري ڪاليج صبح جو، تنهن ڪري ڪڏهن سڌايو صاحب اسان
جي ڪاليج اچي سهڙندو هو ۽ ڪڏهن وري شام جي چانهن تي سندس ڪاليج ۾ ڪچهري لاءِ مان
هليو ويندو هوس. اتي اسان جي ڪچهري جو موضوع رڳو ٻولي ۽ ادب ئي نه هوندو هو پر
دنيا جهان جا موضوع انهن ملاقاتن ۾ کُلندا هيا ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ کان پوءِ سير ٿي وڃبو
هو. ڏاڍا سهڻا ڏينهن هيا..... سڌايي صاحب سان گھاريل اهي ڏينهن اڄ به مونکي ڏاڍو
ياد ايندا آهن.
مون جڏهن ۸۷ ــ ۱۹۸۶ ڌاري پي ايڇ. ڊي لاءِ تياري ٿي ڪئي ته ڊاڪٽر
سڌايو صاحب به ساڳي محنت ۾ رڌل هيو. منهنجو گائيڊ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ سندس گائيڊ
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هو. ان وقت جي ملاقاتن ۾ تحقيق جي طريقه ڪار متعلق اسان جي
پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سڌايو صاحب نهايت مفيد مشورا ڏيندو هو، جنهن ڪري
مون کي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي آساني ٿيندي هئي. ان سلسلي ۾ اسان جون ڪڏهن جيڪب آباد ته ڪڏهن
لاڙڪاڻي ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. اسان ٻئي هڪ ٻئي لاءِ اتساهه جو باعث هوندا هئا
سين.
ڊاڪٽر سڌايو ۽ مان
ريڊيو توڙي ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ گڏ گڏ شرڪت ڪندا رهيا آهيون. اهڙي طرح ڀٽ
شاهه تي ٿيندڙ لطيف ڪانفرنس، خيرپور ۽ درازن ۾ ٿيندڙ سچل ڪانفرنس توڙي قلندر شهباز
جي ميلي جي موقعي تي سيوهڻ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ اڪثر گڏ گڏ رهيا آهيون ۽ انهن
موقعن تي خوب ڪچهريون ٿيون آهن. هن جي گفتگو هميشه عقل ۽ دليل تي آڌاريل هوندي
آهي. ڊاڪٽر صاحب جو مطالعو وسيع آهي، مان سندس علمي بصيرت جو سدائين معترف رهيو
آهيان. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي سان دوستيءَ کي مان پنھنجي لاءِ فخر جو باعث سمجھان ٿو.
هو هڪ اهڙو محبوب شخص آهي، جنهن سان رهاڻ ڪندي ٿَڪ لهندا آهن. رڳو مان ئي نه پر جڳ
چوندو ته هو هڪ اعلى درجي جو محقق، لطيف شناس ۽ دانشور آهي.
ادب جا ڪاشيگر
احمد خان مدهوش
سَٺ واري ڏهاڪي ۾
لاڙڪاڻي ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، انهن مان بزمِ سچل طرفان جمالي منزل تي به جام
مشاعرا ٿيا، انهن مشاعرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ؛ حيدرآباد، جيڪب
آباد، شڪارپور، نوابشاهه ۽ دادو مان مشهور ۽ معروف شاعر به ايندا هئا. ضلعي دادو
مان شرڪت ڪندڙ شاعرن مان گهڻو ڪري استاد بخاري، احمد خان مدهوش، اسحاق راهي، نشتر
ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي شرڪت ڪندا هئا. مان مشاعرن ۾ وڏي اتساهه
سان شريڪ ٿيندو هوس. جتي مٿين شاعرن سان سٺي ڏيٺ ويٺ ٿي هئي ۽ پوءِ احمد خان مدهوش
جو ته مون سان ايئن روح ريجھي ويو جو مشاعرن کان علاوه ڪمين ڪارين به جڏهن سندس لاڙڪاڻي
اچڻ ٿيندو هو ته گھڻو ڪري منهنجي غريب خاني تي ڦيرو ضرور ڪندو هو. ڪڏهن ته راتيون
به رهي پوندو هو. مدهوش جي ڪلام جو رنگ ئي نرالو آهي، هو ڪاشيگر وانگر شعر ۾
خوبصورت رنگ ڀرڻ خوب ڄاڻيندو هو، تنهن ڪري مان کيس گهڻو ٻڌندو ۽ پسند ڪندو هوس.
اهو عروضي شاعريءَ ۾ فن جو دور هو، تنهن ڪري شاعر پنهنجي فڪر سان گڏ فن تي گھڻو
زور ڏيندا هئا.مدهوش جو هيٺيون غزل انهن ڏينهن ۾ گھڻو مشهور ٿيو هو، جنهن کي گھڻو
بعد ۾ برڪت علي ڀَٽَ ڳائي امر ڪيو:
جڏهن کان اک لڳي تو سان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪُ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪُ ٿي ناهي.
احمد خان مدهوش
اسان جي سچل ادبي مرڪز جي ڪوٺ تي اڪثر جوهي کان ڪهي ايندو هو. ۱۹۹۴ع ڌاري اسان مرڪز طرفان هڪ شاندار ادبي رهاڻ
رچائي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ڪهي آيل اديبن مدهوش جي شاعريءَ تي اڀياسي
مضمونَ پڙهيا هئا.ان موقعي تي مدهوش پنهنجو ڪلام دل کولي ٻڌايو هو. پاڻ اڻ ڳڻين
مشاعرن ۽ ادبي تقريبن ۾ گڏ گڏ رهيا سين، ريڊيو ۽ ٽي وي جا مشاعرا گڏ اٽينڊ ڪيا، ۽
خوبُ روح رچنديون ڪيون. منهنجي احمد خان مدهوش سان عمر جي آخري حصي تائين محبت ۽
دوستي قائم رهي.
سرڪش سنڌي
سرڪش سنڌي، ادب جي
دنيا جو مشهور نالو آهي. هن سان منهنجو تعلق ۽ دوستي ۶۰ واري ڏهاڪي کان هئي ۽ آخر تائين اهو
دوستيءَ جو تعلق قائم رهيو. هن سان ملاقاتن جو سلسلو استاد لقمان حڪيم جي دڪان کان
شروع ٿيو، جيڪو بزمِ سچل جي مشاعرن کان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ سچل ادبي مرڪز
جي پروگرامن تائين جاري رهيو. هو منڍ کان سائين جي ايم سيد جو شيدائي هو، تنهن ڪري
سنڌ جي قوم پرست سياست خاص طور جيئي سنڌ تحريڪ ۾ عملي طور حصو ورتائين. هن کي سنڌ
جي مزاحمتي شاعر طور سڃاڻپ ملي. تن ڏينهن ۾ هن جو ڪلام ”امنگ دل جي ڏري پئي آ،
زبان رتُ سان ڀري پئي آ“ تمام گھڻو مشهور ٿيو هو.
سرڪش سنڌي پختو
استاد شاعر هو ۽ سندس ڪيترائي شاگرد اڄ تائين ادبي کيتر ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. شڪارپور،
سکر ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت لاءِ گڏ گڏ ويندا هئا سين.
هن اسان جي سچل ادبي مرڪز جي اڻ ڳڻين ادبي نشتن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. صدارتون ڪيون
۽ خاص مهمان رهيو. خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي ريڊيو مشاعرن ۾ به گھڻو ڪري سرڪش ۽ اسان گڏ
ئي هوندا هئا سين. هن جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”امن آب حيات“ آيو ته جن دوستن
کي پهريو ن ڪاپيون ڏنائين انهن مان، مان به هڪ هئس، پوءِ لڳاتار سندس ڪيئي ڪتاب
شايع ٿيا. سرڪش کي منهنجن پُٽن خاص طور احسان دانش ۽ رضوان گل سان ڏاڍو پيار هوندو
هو ۽ مون کي اڪثر چوندو هو ته ”شاد صاحب توهان جا ٻچڙا ڏاڍا سعادتمند آهن ۽ خوشي
آهي ته اهي به سنڌي ادب جي دنيا ۾ پاڻ مڃائي رهيا آهن.“ زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾
سرڪش سنڌي جڏهن ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو ته مان پنهنجن پُٽن سان گڏجي ڪيترائي
ڀيرا عيادت لاءِ سندس گهر ۽ اسپتال ويس، سندس صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گهريون
پر نيٺ هو اسان کان وڇڙي ويو.
قاضي مقصود گل
رتوديرو تعلقو علمي
ادبي توڙي سياسي حوالي سان تمام وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. ادب جي ڏس ۾ وري قاضي
خاندان کي مانائتو مقام حاصل آهي، جنهن سان منهنجو اڌ صديءَ کان وٺي محبت جو رشتو
قائم آهي. ان خاندان ۾ سائين وڏي قاضي عبدالحئي قائل سرشاري کانپوءِ قاضي مقصود گل
سنڌي ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان کڙي بيٺو هو. قائل صاحب مون کي پنهنجن ٻچن
وانگر ڀانئيندو هو ۽ مان مقصود گل جي ٻچڙن ياسر، نائلا، ناصر ۽ روپلي کي پنهنجن ٻچن
جيان ڏسندو رهيو آهيان، ۽ اسان جي خاندان سان وري قاضي صاحب کي والهانه محبت هئي.
منهنجن اولاد کي به هو پنهنجن ٻچن وانگر ڏسندو هو. ان طرح قاضي صاحب ۽ اسان جو
تعلق ٽن پيڙهين تائين قائم رهيو.
قاضي مقصود گلُ
جيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هڪ نهايت ڳُڻائتو انسان هو. هو جڏهن ڀاڪر ۾ ڀري ڳلَ تان مٺي
وٺندو هو ته ان وقت انتهائي پنهنجائپ ۽ محبت جو احساس ٿيندو هو. سائين جو مونسان
ته حجت وارو رستو هو. حامي صاحب جي ورسي ويجهي ايندي هئي ته اڳواٽ پروگرام ۾ هلڻ
جي پَڪَ وٺي ڇڏيندو هو. ڳالهين جو ڳهير هڪ مڻيادار مڙس هو.
قاضي صاحب انهن
انسانن منجھان هو جن سان ويهندي ڏُکندو ڏور ٿيندو آهي. بيشمار مشاعرن ۾ گڏ رهيا
سين، گڏ گڏ سفر ڪيا سين. ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن ۾ گڏ پڙهيو سين. هو پنھنجي گجندڙ
آواز ۾ شعر پڙهڻ وقت محفل تي ڇانئجي ويندو هو. اڪثر پنهنجو شعر پڙهڻ کان اڳ پنهنجي
استاد عطا محمد حامي جا ٻه ٽي چارسٽا پڙهي وٺندو هو، جن سان ئي محفل ۾ واهه واهه ٿي
ويندي هئي. هو هڪ استاد شاعر هو، جنهن رتيديري ۾ ڪيئي شاگرد پيدا ڪيا. اسان جي سچل
ادبي مرڪز جي پروگرامن ۾ بنا ناغي شرڪت ڪندو هو. اسان مرڪز طرفان ۱۹۹۴ع ۾ ساڻس هڪ يادگار رهاڻ به رچائي هئي، جنهن
۾ سنڌ جا ناليوارا اديب شريڪ ٿيا هئا ۽ مقصود گل جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي خوب ڳالهايو
ويو هو. مقصود گل وطن دوست ۽ انسان دوست شاعر هو. هو سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک پن سان محبت
ڪندڙ ماڻهو هيو.
قاضي مقصود گل
زندگيءَ جا ڪيئي نشيب و فراز ڏٺا. هن ڀرپور ۽ با مقصد حياتي گذاري. اولاد جي
بهترين تربيت ڪئي. هن جي شخصيت تنظيم ساز هئي. قاضي صاحب خوش اخلاق، خوش پوش، خوش
خوراڪ ۽ خوش الحان شخص هو. ادبي حوالي سان سندس تمام قداور شخصيت هئي. سموري سنڌ ۾
کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
مختيار سمون
مختيار سمي سان
منهنجو تعلق گذريل چئن ڏهاڪن کان آهي، پر خاص طور نوي واري ڏهاڪي جي منڍ ۾ جڏهن هو
ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ کان زيڊ اي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري ۾ بدلي ٿي آيو ته لاڙڪاڻي
۾ سندس اٿا ويٺي ٿي ۽ علمي ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ لڳو ته ساڻس ويجھڙائي وڌي. هن
جڏهن لاڙڪاڻي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ ناليج سينٽر پئي کوليو ته ان جي نالي
بابت به مون سان صلاح مشورو ڪيو هئائين. هن نه پئي چاهيو ته ٻين انگلش ڪوچنگ سينٽرن
جيان ڪنهن شخص جي نالي پٺيان سينٽر قائم ڪجي. هن جي ذهن ۾ ناليج سينٽر جو خاڪو رڳو
انگريزي ٻولي سيکارڻ جي حد تائين نه پر ڄاڻ جي مرڪز طور هو، تنهن ڪري مون به سينٽر
جي نالي بابت سندس ئي منشا مطابق ناليج سينٽر کي فائينل ڪيو. اڳتي هلي مختيار سمي
ثابت ڪيو ته ناليج سينٽر رڳو انگريزي سکڻ جو مرڪز ناهي پر ادب، ثقافت ۽ فن جي سکيا
جو مرڪز به آهي، انهن ڏينهن ۾ آئي ڏينهن تي ناليج سينٽر ۾ اهڙيون سرگرميون ٿينديون
هيون، جيڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن. هن جي سينٽر مان پڙهي ويل شاگرد ۽ شاگردياڻيون
ملڪ جي مختلف اهم کاتن ۾ هن وقت وڏن وڏن عهدن تي پهچي ويا آهن.
مختيار سمون جدوجهد
۽ جاکوڙ جي علامت آهي. هن جي زندگي ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ مشعلِ راهه آهي. منهنجون
ساڻس اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن. هو ڪچهريءَ جو مور ۽ ڄاڻ جي کاڻ آهي. هڪ
تخليقڪار طور سڄي سنڌ ۾ کيس خوبصورت شاعر ۽ نثرنگار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جي
شاعريءَ جا ٻه ٽي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ڪيترن ئي ايشيائي ۽ يورپي ملڪن جو سير ڪري
آيو آهي ۽ انهيءَ سفر جي روداد به اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو آهي، خاص طور دنيا
جي يونيورسٽين متعلق ججهو لکيو اٿس ۽ ان سلسلي ۾ سندس ٻه ڪتاب به پڌرا ٿي چڪا آهن.
تمام سٺو مقرر آهي. اسان جي سچل ادبي مرڪز جي پروگرامن ۾ بنا ناغي شرڪت ڪندو رهندو
آهي. اسان ناليج سينٽر ۽ سچل ادبي مرڪز ۾ ڪڏهن سَنڌو محسوس نه ڪيو آهي. هو وقتاً
فوقتاً سماجي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيو آهي ۽ هن وقت لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ
جو چيئرمين پڻ آهي. جڏهن هو سوسائٽي جو سيڪريٽري هو تڏهن به ميٽنگس اڪثر ناليج سينٽر
تي ئي ٿينديون هيون. سچ ته هو هڪ غير اختلافي شخص ۽ مٺڙو ۽ محبوب ماڻهو آهي.
احمد سلطان کوسو
احمد سلطان کوسو هڪ
ملنسار ۽ محبتي انسان آهي. ڌڻي هن جي قلم کي به سگھه بخشي آهي. شاعريءَ سان گڏ نثر
۾ به پاڻ ملهايو اٿس. هو بنيادي طور شاعر آهي ۽ موضوعاتي لحاظ کان سندس شاعري
مذهب، تصوف ۽ رومانيت جي دائري ۾ گھمندي رهي ٿي. هن جي شاعري سنڌ جي ناميارن فنڪارن
۽ فنڪارائن ڳائي آهي. منهنجو ساڻس ڪافي پراڻو تعلق آهي. مون کي خوشي ۽ فخر ٿيندو
آهي ته هو منهنجو شاگرد به آهي جو مون کيس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ استاد طور کيس پڙهايو
هو. کوسو صاحب ۾ ادب احترام نياز ۽ نئڙت ايڏي آهي، جنهن جو اڄ ڪلهه مثال ملڻ مشڪل
آهي. اعلى انتظامي عهدن تي هجڻ باوجود غرور ۽ وڏائي جهڙا او گڻ منجهس ڪڏهن پيدا نه
ٿيا آهن. مون کي پنهنجن ڪتابن جي مهورت وارن پروگرامن ۾ مهمان طور گھرائيندو آهي ۽
وڏي عزت ڏيندو آهي. هو اسان جي سچل ادبي مرڪز جي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندو رهيو آهي
۽ ٻين ادبي پروگرامن ۾ به ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. ٻه سال کن اڳ جڏهن
مان وڏيون بيماريون ڪاٽي ۽ اسپتال ڀيڙو ٿيڻ بعد گهر واپس آيس ته پنهنجي ڀاءُ عزيز
احمد ۽ پُٽ رضا مهدي سان گڏ عيادت لاءِ منهنجي غريب خاني تي آيو ۽ محبتن ۽ دعائن
جا گُل ارپيا. ستت ئي پنهنجي گهر ۾ منهنجي مانَ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ پُرتڪلف ڊنر
جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ مون سان گڏ منهنجن پُٽن ڊاڪٽر احسان دانش، رضوان گل ۽ لاڙڪاڻي
جي چند اهم شخصيتن کي به گھرايو. مطلب ته احمد سلطان کوسو هڪ مکڻ ماڻهو آهي، جنهن
سان منهنجي اڻ ڪٿي محبت آهي.
لاڙڪاڻو ــ جيئن مون ڏٺو
لاڙڪاڻو منهنجي جنم
ڀومي ته نه آهي پر مون زندگيءَ جو طويل عرصو انهيءَ شهر ۾ گذاريو آهي، تنهن ڪري لاڙڪاڻو
ئي منهنجي سڃاڻپ جو حوالو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻو هڪ عجيب شهر آهي،
جنهن تاريخي طور تي مهين جي دڙي جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، لاڙڪاڻو، جنهن ۱۹۰۱ع ۾ ضلعي جي حيثيت ماڻي ۽ هن وقت هڪ صديءَ
جو سفر طئي ڪري هڪ جديد شهر طور اڏاوت جي مرحلي ۾ آهي، پر مان هتي جنهن لاڙڪاڻي جو
نقشو چٽيندس، اهو لڳ ڀڳ ستر سال پراڻو شهر هوندو. اهو لاڙڪاڻو، جنهن ۾ چپي چپي تي
باغ هئا، جنهن ۾ روڊن ۽ رستن تي وڻڪار هئي، جيڪو ٽريفڪ جي شور ۽ دونهين کان ڪوهين ڏور
هڪ پُر سُڪون شهر هو. يادگيرين جي ڳڙکيءَ مان ان لاڙڪاڻي کي ڏسان ٿو ته هڪ سحر ۾
گم ٿي وڃان ٿو.
مان زندگيءَ جون
اَسي بهارون ماڻي چڪو آهيان، مان هن شهر کي پنهنجي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو سمجهان ٿو،
جنهن جي ذڪر کان سواءِ منهنجي آتم ڪٿا مڪمل ٿي نه ٿي سگھي، ايندڙ صفحن ۾ ايندڙ ڳالهيون
منهنجي يادگيرين سان سلهاڙيل آهن، جن کي مان پنهنجي زندگيءَ کان ٻاهر نه ٿو ڪري
سگھان. هوش سنڀالڻ کان وٺي مون جيئن هن ساهه سيباڻي شهر کي ڏٺو آهي هتي تيئن ئي
بيان ڪري رهيو آهيان. پنھنجي شهر جي ماضيءَ جي انهن ڳالهين ۽ وِٿُن کي مڪمل طور
بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي تنهن ڪري مون انهن يادن جون چند جھلڪيون الڳ الڳ عنوان ڏئي،
هتي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ دور جي تاريخ سمايل آهي. هتي
رڳو چند عنوانن تحت مختصر طور ڪجهه ساروڻيون بيان ڪري رهيو آهيان ۽ اڄ کان لڳ ڀڳ
مني صدي اڳ واري لاڙڪاڻي جو عڪس چٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. هن تحرير ۾ اهي شيون
جيڪي مون پنھنجي اکين سان ڏٺيون انهن کي قلم بند ڪيو آهي. موجوده لاڙڪاڻو تمام گھڻو
تبديل ٿي چڪو آهي. پراڻيون عمارتون ڊهي اتي نوان پلازه ۽ شاپنگ سينٽر جڙي رهيا
آهن، ائين ڪيترين ئي تاريخي اهميت جي حامل عمارتن جو وجود ختم ٿي رهيو آهي. هي
يادگيريون اڄ جي انهن لاڙڪاڻي واسين لاءِ يقينن حيرت انگيز به ثابت ٿينديون ته ڄاڻ
جو سبب پڻ بڻبيون، جن لاڙڪاڻي جو اهو ماضي نه ڏٺو جيڪو مون ڏٺو.
باغَ:
ڪو زمانو هو جو لاڙڪاڻي
۾ چپي چپي تي باغ هوندا هئا. انهيءَ ڪري ڪنهن وقتَ ۾ لاڙڪاڻي کي’سنڌ جو عدن‘ به سڏيندا
هئا، ڇوته عدن جا باغ به مشهور آهن. پراڻي دور ۾ ريالي باغ، ڪرمان باغ، ڌرمي باغ، ٿانور
باغ، تولاڻي باغ، شاهي باغ، لاهوري باغ وغيره ڪهڙي حالت ۾ هئا انهن جو اوج پاڻ ڪو
نه ڏٺو. باقي تجر باغ، بولس باغ ۽ گيان باغ جو عروج مان پنھنجي اکين سان ڏٺو ۽
جيئن ڏٺو تيئن بيان ڪريان پيو.
تجر باغ:
لاڙڪاڻي ۾ موجود هن
تاريخي باغ جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هن ئي باغ جي وچ ۾ موجود ”تجر بلڊنگ“ جي تاريخ بابت ٻه
ڳالهيون ڪرڻ لازمي ٿو سمجھان جن سان تجر باغ جي تاريخ جڙيل آهي. لاڙڪاڻي جي تاريخي
عمارتن ۾ تجر بلڊنگ کي وڏي اهميت حاصل آهي. نواب ولي محمد لغاري پنھنجي دور ۾ هيءُ
عاليشان باغ تعمير ڪرايو جنهن کي ان وقت ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو ساته خبر
پئجي نه سگھي آهي، پر ۱۸۳۲ ۾ جڏهن نواب صاحب وفات ڪئي ته هن باغ ۾ ئي سندس تدفين ٿي ۽ لاش امانت طور
دفنايو ويو ۽ سندس قبر يعني ”تجر“ مٿان هڪ عمارت اڏي وئي ان کان پوءِ هن باغ جو نالو
”تجر باغ“ مشهور ٿيو. پاڪستان قائم ٿيڻ تائين اهو ئي نالو رهيو. بعد ۾ هن باغ جو
نالو مٽائي ”جناح باغ“ رکيو ويو. چيو وڃي ٿو ته هڪ مهيني بعد، ڪن روايتن مطابق ٽن
هفتن بعد نواب صاحب جو فرزند نواب احمد خان ميت حيدرآباد کڻائي سندس مرشد پير
سرهنديءَ ويجھو دفنايو.
تجر بلڊنگ کي بعد ۾
مختلف حوالن سان استعمال ڪيو ويو. ۱۸۸۲ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر جان جائيلس تجر بلڊنگ ۾ جائيلس
لائبريري قائم ڪئي جيڪا بعد ۾ ٽائون هال ۾ منتقل ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي پهرين
دور ۾ هن عمارت جي اندرئين حصي ۾ گلڪاري پڻ ڪرائي وئي. تفريح جي حوالي سان تجر باغ
جي وچ ۾ اڏيل تجر بلڊنگ ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ پاران ان دور ۾ لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن
قائم ڪئي وئي هئي. جتان خبرن کان علاوه سنڌي اردو فلمي نغما توڙي گيتن ڀريون ڪهاڻيون
پيش ڪيون وينديون هيون. اها ڳالهه لڳ ڀڳ سٺ جي آخر ۽ ستر واري ڏهاڪي جي شروعات جي
آهي. تجر بلڊنگ ۾ هڪ دور ۾ شاليمار هوٽل پڻ قائم ڪيو ويو هو جتي اسان شام جو اچي
ويهندا هئا سون، ان دور ۾ شامي ڪباب ۽ چانهه اٺن آنن ۾ ملندا هئا. تازو ان عمارت
تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم ڪرايو ويو آهي، ۽ سنڌ حڪومت ان ۾ هڪ ميوزم قائم ڪرڻ چاهي ٿي.
تجر بلڊنگ جي چوڌاري
موجود باغ جي ڳالهه ڪبي ته هيءُ باغ به اڪثر واندن جو واهيرو رهيو آهي. واندن جي
ورونهه آهي تاس! سو باغ جي مختلف ڪنڊن ۾ ڏينهن جو ڪنهن پاڇي جي پناهه ۾ ۽ رات جو ڪنهن
بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان مختلف عمرين جا واندا جن ۾ ڪي رٽائرڊ ملازم ته ڪي بي روزگار
نوجوان، رونشي ڪوڏيا چوڪڙين جي صورت ۾ ويٺا هوندا هئا. تاس جا آڙيڪاپ رانديگر کيڏندا
هئا ۽ ٻيا انهن جي چوڌاري ويٺا پتي جي اڇل مان رانديگر جي حرفت پرکيندا هئا.
وقتائتو پتو اڇلائڻ تي وهواهه جا نعرا لڳي ويندا هئا. پر شل نه ڪنهن رانديگر کان ڪا
غلطي ٿئي، بس جيڪا ڌُر هارائيندي ته تبصرن جي يلغار ٿي ويندي. سائين! فلاڻي غلط
پتو اڇلائي کٽيل راند هارائي. ڪڏهن ڪڏهن ته شوقين پاڻ ۾ اٽڪي به پوندا هئا. تجر
باغ کان علاوه اهڙي چوڪڙي ريلوي اسٽيشن واري ڦٽل باغ ۾ به لڳندي هئي. ان راند ۾ ڪا
پئسن جي جُوا ڪو نه هلندي هئي وڌ ۾ وڌ هارايل ڌر کٽيل ڌر کي ڪٽنگ چانهه جا چار ڪوپ
پيئاريندي هئي.
گيان باغ:
پراڻي دور ۾ لاڙڪاڻي
۾ تفريح جو اهم ۽ بهترين هنڌ گيان باغ هو، جنهن جو بعد ۾ نالو مَٽائي باغِ
ذوالفقار نالو رکيو ويو. لڳ ڀڳ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ گيان باغ جيئن مون ڏٺو، تنهن
جو نقشو ڪجهه هن طرح هو. شام جو شهر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. باغ جي اوڀر واري
وڏي ٻاري ۾ بجليءَ جو هڪ ديو قامت پکو لڳل هوندو هو، جنهن جي هوا پري پري تائين
پهچندي هئي، ماڻهو چوڪڙين جي صورت ۾ ويهي گپا شپا هڻندا هئا ۽ رانديون کڏندا هئا.
باغ گلن ٻوٽن سان سينگاريل هوندو هو. وچ ۾ هڪ خوبصورت چؤنرو هو (جيڪو اڄ به موجود
آهي) جنهن جي چوڌاري مختلف رنگ برنگي گلن جون ڪونڊيون سجايل هونديون هيون. هن باغ
جون ٻه خاص شيون هيون جيڪي وقت جي وهڪري ۾ وهي ويون، انهن ۾ هڪ اهو ديوقامت پکو ۽ ٻيو
باغ جي منفرد جاءِ ان جو زيرِ زمين بُهرو هيو. بينڪ اسڪوائر واري رستي کان ايندڙ
باغ جي ڏکڻ واري گيٽ ڀرسان هڪ خوبصورت زير زمين دالان ۽ هڪ ڪمرو ٺهيل هو. دالان ۽ ڪمري
جي چوطرف بينچون ۽ خوبصورت گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون. ماڻهو ڏاڪڻ تان لهي وڃي
انهن بينچن تي ويهندا هئا. جيئن ته دالان کي ڇت ڪانه هوندي هئي تنهن ڪري دالان ۽ ڪمري
۾ هوا ڏاڪڻ کان ڪراس ڪري گهوگھٽ ڪندي پهچندي هئي، جنهن سبب گلن جي خوشبو سان هوا
معطر ٿي ويندي هئي.
باغ ۾ عورتن لاءِ
اتر طرف هڪ وڏو لان مخصوص هو جتي هفتي جي مقرر ڏينهن تي عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيندا
هئا. مختلف علمي ۽ تفريحي پروگرام ٿيندا هئا. ٻاري جي اتر ۾ وچ تي هڪ چبوترو ٺهيل
هوندو هو جنهن تي ٻار چڙهي ويهندا هئا.
رائيس ڪئنال جا ڪپرَ:
تفريح جي ٻين جاين
۾ رائيس ڪئنال جي ڪناري تي جوڙيل ننڍڙا ٻارا جن ۾ گل ٻوٽا گھڻا ته ڪو نه هوندا هئا
البته ڇٻر پوکيل هوندي هئي، جتي شام جو اچي ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، خاص طور جڏهن پاڻي
وهي ايندو هو ۽ رائيس ڪئنال جي دروازن مان تمام تيزيءَ سان سان گڙگاٽ ڪري نڪرندو هو
ته ماڻهو ڪنارن تي بيهي لطف اندوز ٿيندا هئا. هوڏي جوان وهنجڻ خاطر پل تان پاڻيءَ
۾ ٽپو ڏئي وچ ۾ ٺهيل ٽن ٿنڀن مان پهرين تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. جيڪي پهرين ٿنڀي
تائين پهچي ويندا هئا اهي ٿنڀي جي مٿان چڙهي فاتحانه انداز ۾ هٿ مٿي ڪري پنھنجي ڪاميابيءَ
جو اعلان ڪندي ڏسندڙن کان داد حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا. رائيس ڪئنال کان علاوه ان مان
نڪرندڙ واهن گھاڙ واهه ۽ آبڙي واهه تي پڻ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ماڻهو خاص ڪري جمعي يا
آچر تي گڏ ٿيندا هئا. ڪئنال توڙي مذڪوره واهن ۾ هر سال ڪجهه ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ جا
واقعا هن وقت تائين ٿيندا رهن ٿا. ڪيترا ماڻهو وري چهل قدمي جي لحاظ سان ڪئنال جو ڪنارو
ڏئي بروهين واري پُل تائين اوٽ موٽ پسار ڪندا هئا.
گھاڙ واهه:
گھاڙ واهه کي لاڙڪاڻي
جي زراعت ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. هن واهه جو اوج ته پاڻ ڪو نه ڏٺو. ها البته گھاڙ
کي پاڻ وهندي حالت ۾ ضرور ڏٺو. ڪنهن زماني ۾ واپار سانگي وڏا ٻيڙا سندس پيٽ مان
گذري اچي لاڙڪاڻي جي بندرگاهه تي بيهندا هئا. چيو وڃي ٿو ته ان دور ۾ سهانگائي
ايتري هئي جو هڪ آني ۾ ڪوڏر جا ٻه لپا مکڻ ملندو هو. پاڪستان چوڪ کان بينڪ اسڪوائر
طرف ويندڙ روڊ کي ان سبب ئي بندر روڊ سڏيو ويندو آهي جو اتي اهي ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا
هئا.
جائيلس بازار وٽ
گھاڙ تي ونگن واري پُل ٺهيل هوندي هئي جنهن کي بعد ۾ ڊاهي پٽ ڪيو ويو. گھاڙ واهه
تي ڌوٻي گھاٽ هوندو هيو جتي شهر جا ڌوٻي اسر ويل گڏهِن تي ڪپڙا سٿي اچي لاهيندا
هيا. سندن جدا جدا گھاٽ مقرر هوندا هئا. اونهاري جي راتين ۾ پوئين پهر ڪپڙن سٽڻ
سان گڏ سندن زبان مان نڪرندڙ ذڪر فڪر جا مختلف آواز ڪوٺن تي سمهندڙ ماڻهن کي چٽا ٻڌڻ
۾ ايندا هئا. اهڙي طرح اهي محنتي ماڻهو سياري جي ڏڪائيندڙ سرديءَ ۾ پڻ گھاٽ تي ئي ڪپڙا
ڌوئيندا هئا ۽ سندن ٽنگون پنيءَ تائين ٿڌي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هونديون هيون.
پَنِ ۽ ڏيرِ جي وڌڻ
ڪري گھاڙ واهه آهستي آهستي سوڙهو ٿيندو ويو ۽ ائين پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺو. ماڻهن
گھاڙ کي لٽي مٿس جايون جوڙي ڇڏيون آهن. هي اهو ئي گھاڙ هو جنهن کي ڪلهوڙن جي دور ۾
کوٽايو ويو هو، هن واهه ئي لاڙڪاڻي کي وڻج واپار توڙي چهل پهل ۽ بندر بازارين ڪري
ساهه سيباڻو بڻائي ڇڏيو هو ۽ ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ جھڙي چوڻيءَ سان شهرت ڏياري
هئي.
گھاڙ جي صفا تباهه ٿيڻ
کان اڳ اسان گھاڙ جي پرينءَ ڀر بيٺل کجين ۽ ٻين وڻن جي پاڻيءَ ۾ پوندڙ عڪسن جا دل
کولي فوٽو ڪڍيا، ان دور ۾ اسان شام جو چهل قدمي لاءِ گھاڙ جو ڪنارو ڏئي پير شير
تائين نڪري ويندا هئا سون. ڪمپنيءَ ۾ اڪثر محمد يوسف شيخ، محمد ايوب سولنگي، محمد
يوسف لغاري، غلام رسول سومرو وغيره هوندا هئا. گھاڙ جي ڪناري دوستن سان ڪيترائي پڪنڪ
جا پروگرام به ڪياسين جن ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو. ان دور جي ان حسين ماضيءَ کي ڪڏهن
به وساري نه ٿو سگھجي.
شهر ۾ صفائيءَ جو
انتظام:
انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي
شهر ۾ صفائي جو بهترين انتظام هوندو هو. فجر جي اذان کان شهر جي روڊن، رستن ۽ گھٽين
جي صفائي جو ڪم شروع ٿي ويندو هو. نالين جي صفائي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. صبح جو هڪ
سويپر ناليءَ کي وڏي ٻهاري سان صاف ڪندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پخالي ناليءَ جي ڪنارن
تي پاڻي هاريندو ويندو هو ۽ ٽئين شخص وٽ چوني جو بجڪو هوندو هو جيڪو ناليءَ جي ڪنارن
تي چونو ڇڻڪائيندو هو، جيئن جيت جڻيا، جراثيم ۽ مڇر وغيره مري وڃن. اهڙي صفائي جي
عيوض هر گھر کان سال ۾ ٻه رپيه نالِي ٽيڪس ورتي ويندي هئي.
ٽوائليٽ گھڻو ڪري
گھر جي ڪوٺن تي ٺهيل هوندا هئا يا وري آڳر جي ڪنهن حصي ۾، جتان روزانو صبح جو
جمادارڻي صفائي ڪري ويندي هئي ۽ پڪن موريزن کي ڌوئي اجرو ڪندي هئي. ڪوبه موريز گھر
جي حد کان ٻاهر ناليءَ تي ٺهيل ڪو نه هوندو هو. حد دخلي جو تصور به ڪري ڪو نه سگھبو
هو.
اوطاقون:
شهر جي مختلف محلن
۾ معتبرين جون اوطاقون هونديون هيون، جتي شام جو ڇڻڪار ڪري ڪرسيون ۽ موڙا رکيا
ويندا هئا. چڱي مڙس جي ويهڻ لاءِ گھڻو ڪري آرام ڪرسي هوندي هئي. محلي جا سياڻا ۽
سپورنج اتي اچي گڏ ٿيندا هئا پوءِ هلندي هئي ڪچهري. دنيا جهان جا موضوع بحث هيٺ
ايندا هئا. ان کانسواءِ محلي جي مسئلن جو ذڪر به ٿيندو هو. ڪچهري دوران خاطر تواضع
جو دور به هلندو هو. ٽهڪڙا به لڳندا هئا. ڪن اوطاقن ۾ ڊگھي نڙ واري حُقي جي گُڙ گُڙ
به پئي هلندي هئي. پاڙي جو چڱو مڙس گھڻو ڪري ميونسپالٽي يا لوڪل بورڊ جو ميمبر به
هوندو هو تنهن ڪري پاڙي جي مسئلن توڙي مسڪينن جي ڏکن سورن جو علاج به ٿيندو هو.
منهنجي سانڀر مطابق اهڙين اوطاقن ۾ ايمپائر سئنيما ويجھو انڙن جي پاڙي ۾ فقير محمد
انڙ جي اوطاق، لاهوري محلي ۾ نواب امير علي لاهوري جو بنگلو، قادري پاڙي ۾ ميان
غلام عباس جوش جو چوگان، کهڙي جي بنگلي ڀرسان استاد رحم علي جعفري جي ٽڪنڊي اوطاق
شامل آهن. دڙي محلي ۾ وري شام جو شيخ ڪميونٽي جون ڪچهريون لڳنديون هيون جن ۾ ڪچهري
جو موضوع اڪثر واپار وڙو هوندو هو. جتي شين جا اگھه پار، لاها چاڙها ۽ گذريل سال
واپار ۾ نفعي نقصان بابت ڳالهيون ٿينديون هيون. هيٺ مان انهن کان علاوه ڪجهه ٻين
اهم ڪچهري خانن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان جتي به هڪ خاص ماحول ۽ منظر نظر
ايندو هو.
حضور بخش حلوائي
جي محفل
لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ڪچهريءَ
جو ماڳ عين بازار ۾ يعني پاڪستاني چوڪ تي حضور بخش حلوائي جو دوڪان هوندو هو. هو
ذات جو بروهي هو ۽ سندس ڄاڻ سڃاڻ وڏي هئي. دڪان تي ملازم ڪم ڪندا هئس. شام جو دوڪان
جي ٻاهران ٻه ٽي کٽون ۽ ڪرسيون رکائيندو هو، پوءِ سندس يار دوست اچي گڏ ٿيندا هئا.
وڏو مزو لڳو پيو هوندو هو، جڏهن ڏس ته ٽهڪڙا هوندا هئا. ان ڪچهريءَ ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي
اچي گڏ ٿيندي هئي. منهنجو هڪ عزيز ڊاڪٽر عبدالڪريم تونيو، جيڪو رشتي ۾ منهنجو ماسڙ
هو، سو سندس پڳ مَٽ يار هو. ڏينهن جو ڪرمان باغ چوڪ تي پنھنجي ڪلينڪ هلائيندو هو ۽
شام جو حضور بخش حلوائيءَ جي محفل ۾ ضرور ويندو هو. مان تن ڏينهن ۾ ماسڙ جي گھر ۾
رهندو هيس، جڏهن گھران ان لاءِ ڪو ضروري نياپو يا سڏ هوندو هو ته کيس اتان وٺڻ
ويندو هيس، جو پڪ هوندي هئي ته ماسڙ جو شام وارو ٿاڪ حضور بخش حلوائي وارو دڪان ئي
آهي. اهو دڪان لاڙڪاڻي ۾ اعلى مٺائي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مرڪز هوندو هو، تنهن ڪري
جڏهن به مٺائي گھربي هئي مان به اتان ئي وٺي ايندو هوس. گھگھي آواز واري حضور بخش
جو گھر به سندس دوڪان جي سامهون ئي هوندو هو. هن وقت پاڪستاني چوڪ ٽريفڪ ۽ انڪروچميٽ
سبب ايڏو ته ڳُتجي ويو آهي جو اُتي اهڙي ماحول جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. لاڙڪاڻو
شهر گذريل سٺ ستر سالن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان نه رڳو وڌيو ويجھيو آهي پر اهو هڪ ڳُتيل
شهر بڻجي ويو آهي.
حڪيم شمس الدين
چانڊيي جي حڪمت خاني تي ڪچهريءَ جو ماحول
لاڙڪاڻي جي ماضيءَ
کي ياد ڪبو ۽ ڪچهري خانن جو ذڪر ايندو ته حڪيم شمس الدين چانڊيي جي حڪمت خاني کي
به ضرور ياد ڪيو ويندو. شمس الدين لاڙڪاڻي جي معروف حڪيم محمد عالم چانڊيي جو
فرزند هو، جيڪو دهلي جي جڳ مشهور حڪيم اجمل خان جو شاگرد هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس مطب
پاڪستاني چوڪ جي ڀرسان هئي، جتي هينئر شاپنگ سينٽر واري بلڊنگ تعمير ٿي آهي، اهو
مطب ان بلڊنگ جي ڪُنڊ تي هيو، جتان ريشمي گلي واري پاسي رستو لڙي رهيو آهي، اتي ان
وقت هيٺين حصي ۾ سندس دواخانو ۽ مٿين حصي ۾ سندس ملازمن جي رهائش هوندي هئي. حڪيم
شمس الدين جو حڪمت خانو وري پاڪستاني چوڪ جي بلڪل قريب هن وقت موجوده اميت اليڪٽرونڪس
واري دڪان ۾ هوندو هو. موصوف وٽ اڪثر صبح جو بيمار ته ايندا هئا، پر خاص طرح شام
جو سياست ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو ميڙو مچندو هو. طرحين طرحين ماڻهو اچي گڏ ٿيندي
هئي. هڪڙا بحث جا بادشاهه ۽ ڳالهين جا ڳهير ته ٻيا وري رونشي ڪوڏيا ۽ ٻڌڻ وارا.
اهو قاضي فضل الله ۽ کهڙي صاحب جو سياسي دور هو. ان ڪري هڪڙا حمايتي هئا قاضي فضل
الله جا ٻيا وري خانبهادر ايوب کهڙي جا. اهو اهڙو دور هو، جو هڪ گھر جا ٻه فرد به
جدا جدا سياستدانن جا حمايتي هوندا هئا. خود حڪيم محمد عالم چانڊيو کهڙي صاحب جو
ته حڪيم شمس الدين وري قاضي فضل الله جو حمايتي هو. حڪمت خاني تي گڏ ٿيندڙن ۾ محمد
آچر چانڊيو، محمد علي جوهر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، حڪيم محمد عالم چانڊيو، ڪامريڊ
نظير جتوئي ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. گرما گرم سياسي بحث هلندا هئا. مان به انهن ڪچهرين
۾ وڃي شامل ٿيندو هيس، پر انهن سياسي بصيرت رکندڙ اعلى دماغ ماڻهن جو ڳالهيون پيو ٻڌندو
رهندو هيس. مان اڄ ان دور کي ياد ڪريان ٿو ته بيحد سرهائي پئي ٿئي ته مون کي اهڙن
ماڻهن جي ڪچهرين کي ٻڌڻ ۽ کائن سکڻ لاءِ گھڻو ڪجهه مليو.
ترڪ ڀائرن جي ڪچهري
مڇي مارڪيٽ ويجھو
هاڻوڪي داتا سي اين جي واري هنڌ تي محلي علي گوهر آباد جي تُرڪ ذات جي ٻن ڀائرن
عبدالستار ۽ عبدالقادر جي بيٺڪ هوندي هئي، جيڪي اونهاري ۾ آڳر تي ڇڻڪار ڪرائي شام
جو آرام ڪرسيون، موڙا ۽ کٽون ڪڍرائي بالم بڻيا ويٺا هوندا هئا. عبدالستار گھڻو ڪري
ريشمي گوڏ تي سنهڙو ململ جو پهراڻ پائيندو هو. ٻئي ڀائر وڏي حشمت وارا هئا. پاڙي
جا رهواسي اچي سندن ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جتي پاڙي جي مسئلن کان سواءِ گڏيل
دلچسپي واريون ڳالهيون ٿينديون هيون. مان تڏهن اڃا ننڍو هيس پر مان به انهن ڪچهرين
جو ڪڏهن ڪڏهن کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي مزو وٺندو هوس. انهن ڀائرن کي ڀلن گھوڙن
پالڻ جو وڏو شوق هوندو هو. ان ڪري ڪچهريءَ ۾ اهو موضوع پڻ ذڪر هيٺ ايندو رهندو هو.
هوٽلَ:
پاڪستان چوڪ تي ڪيفي
مدينه ۽ جاڙل شاهه بخاريءَ وٽ ڪيفي عزيز، ڪچهري جي حوالي سان مشهور هوٽل هئا. ڪيفي
مدينه تي گھڻو تڻو نوجوان ويهندا هئا. ڪٽنگ چانهه تي ڪچهري ٿيندي هئي. اها ڪٽنگ
چانهه پنھنجي معيار جي حوالي سان اڄ به ياد آهي. هتي خاص طور زبردست قسم جي سيپريٽ
چانهن ملندي هئي، جيڪا شهر جا پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو اچي شوق سان پيئندا هئا. هن هوٽل
کي اسان ريل ڪار به چوندا هئاسين ڇو ته سندس ويڪر مشڪل سان ڏهه ٻارنهن فوٽ هئي ۽ ڊيگهه
پنجاهه فوٽن کان به وڌيڪ هوندي. ٻنهي پاسي ٽيبل ڪرسيون رکڻ بعد وچ ۾ باقي وڃي ٽي
فوٽ پيچرو بچندو هو. هينئر ان هوٽل جي جاءِ تي جنرل اسٽورن جي قطار آهي. بعد ۾ اهو
هوٽل روڊ ٻي پاسي شفٽ ڪيو ويو جنهن جاءِ تي اڄ ڪلهه بوٽن جو تمام وڏو دڪان آهي.
اهڙي طرح ان دور ۾
لاڙڪاڻي جو هڪ ٻيو مشهور هوٽل هو ”ڪيفي عزيز“. ڪيفي عزيز جي چانهن به سُٺي هئي پر
کاڌن ۾ خاص طور مڇيءَ جي شامي ڪبابن جي لذت اڄ به نه ٿي وسري. ان ڪيفي ۾ اديبن،
شاعرن ۽ دانشورن لاءِ الڳ ڪارنر هوندو هو، جتي هڪ وڏي گول ٽيبل پيل هوندي هئي،
جنهن جي چوڌاري ڏهاڪو کن ڪرسيون رکيل هونديون هيون. مغرب کان پوءِ يار اچي گڏ ٿيندا
هئا پوءِ هلندي هئي هوڏ. مختلف موضوع ادب، سياست، فلمون، نفسيات، فلاسافي، تاريخ،
حالاتِ حاضره، مطلب ته چرندو موضوع ڪو نه ڇڏيندا هئا. اديبن کي انهيءَ ڪچهري جي جھڙوڪ
ٻاڙ لڳل هوندي هئي. هيڏانهن سج لٿو هوڏانهن يار اچي گول ميز تي ڪڙڪيا. پوءِ جيڪو اڳي
سو تڳي جي مثل جيڪو گروپ اڳ ۾ پهچندو انهيءَ جو ٽيبل تي قبضو ٿي ويندو. هوٽل جو
مالڪ عزيز به وڏو باذوق ماڻهو هوندو هو. گول ميز تي ڪچهري شروع ٿي ته پوءِ وقت جي
خبر ئي ڪا نه پوندي هئي. آخر بيرو اچي ادب سان چوندو هو ”سائين! يارنهن ٿي ويا
آهن!“ پوءِ جوان اٿڻ شروع ڪندا هئا.
کاڌي پيتي جي سلسلي
۾ سنگت وٽ امريڪن سسٽم هلندو هو، ان ڪري ڪنهن هڪ يا ٻن جي مٿان بار نه پوندو هو.
ان دور جون ٻه شخصيتون پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ يڪتاءِ هنر هيون. هڪ مرحوم قربان علي
بگٽي، ٻيو فيروز احمد کرل. قربان علي بگٽي جيڪو هيو ته ساڄي ڌر جو اديب پر مڃڻ
مراد آهي ته هو هڪ زيرڪ ۽ ذهين انسان هو، تاريخ ۽ تنقيد سندس خاص موضوع هئا. هو هر
موضوع تي مدلّل ۽ مفصل ڳالهائي سگھندو ھو. سندس يادداشت جو اهو عالم هو جو حوالن
طور ڪتابن جا صفحا نمبر ۽ سن به کيس ياد هوندا هئا. جنهن ڪري کيس انسائيڪلوپيڊيا
به سڏيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح فيروز احمد کرل هڪ ذهين، ٽِرِڪي، نفسيات جو ماهر ۽
رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. خوش پوشيءَ ۽ خوش اخلاقيءَ ۾ مشهور هو. فيروز کرل لاءِ
مشهور هو ته هن کان دليلن ۾ ڪوئي کٽي ڪو نه سگھندو. مذڪوره ٻئي صاحب ٻنهي هوٽلن تي
عام ايندا رهندا هئا. سندن ڪچهري ۾ جيڪي ٻيا فرد شريڪ ٿيندا هئا اهي پڻ علم جي
حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. جنهن سبب ڊگها ڊگھا بحث پڻ ٿيندا هئا جن کي ٻيا
ويٺل دلچسپيءَ سان ٻڌي پنھنجي ڄاڻ جي کاڻ ۾ اضافو ڪندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ سنڌي ۽
اردو ڳالهائيندڙ ليکڪ هڪ ئي وقت شامل هوندا هئا.
لائبريريون:
پڙهڻ لاءِ اتساهه
پيدا ڪرڻ ۾ لائبريرين جو وڏو حصو رهيو آهي. پراڻي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ فقط هڪ سرڪاري
لائبريري هوندي هئي، جيڪا ميونسپل لائبريري جي نالي سان سڏبي هئي. اها لائبريري ان
وقت جي ٽائون هال واري بلڊنگ جي اترئين ڪمري ۾ هوندي هئي. (ٽائون هال کي بعد ۾
نيشنل سينٽر بڻايو ويو ۽ ڪجهه وقت اڳ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ اسيمبلي هال طور پڻ استعمال ڪيو
ويو). ان وقت ٽائون هال ۾ مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ ثقافتي پروگرام ٿيندا هئا.
لائبريري واري ڪمري ۾ گئلري به هوندي هئي، جنهن جي چوڌاري به ڪتابن جا ڪٻٽ ٺهيل
هوندا هئا. هن لائبريري ۾ تمام سٺا ۽ قيمتي ڪتاب موجود هئا. قلمي نسخا ۽ ناياب ڪتاب
لائبريري جي سونهن هئا. شهرين جو پڙهيل لکيل طبقو هن لائبريري مان خاطر خواه فائدو
وٺندو هو. ان وقت جو لائبريرين مشتاق احمد گاد ملنسار ۽ محبتي ماڻهو هو، سندس ڪوشش
هوندي هئي ته شهر جا ماڻهو گھڻي کان گھڻو فائدو حاصل ڪن. ان کان پوءِ گل محمد گاد
لائبريري جي چارج سنڀالي جيڪو پڻ مکڻ ماڻهو ثابت ٿيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ پڙهندڙن
جي تعداد ۾ خاصو اضافو ٿيو. اڳتي هلي گل محمد گاد لاڙڪاڻي جي تاريخ تي هڪ ضخيم ڪتاب
”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ پڻ مرتب ڪيو، جيڪو لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سهيڙ جي سلسلي جي هڪ
بنيادي ڪڙي بڻيو.
مٿين سرڪاري
لائبريرين کان علاوه پاڪستان چوڪ تي چوڌري جي لائبريري به مشهور هئي، جتي اردو
ناولن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب گھڻا موجود هوندا هئا. هو ڪتاب ڪرائي تي هلائيندو هو. ان
کان سواءِ سندس لائبريري ۾ ڪيرم بورڊ کيڏڻ جو به بندوبست هوندو هو، جنهن ڪري هر
وقت نوجوانن جي ڪافي رش هوندي هئي. ان کان علاوه هڪ عمر رسيده شخص ڪتابن جي بڊ کڻي
پبلڪ پليسز تي گھمندو وتندو هو. ماڻهو کانئس پسند جا ڪتاب ڪرائي تي وٺندا هئا.
انهن ڏينهن ۾ اسان دوستَ پڻ شام جو جناح باغ ۾ پريس ڪلب لڳ اترين ٻاري ۾ روزانو
ويهندا هئاسون، هو اتي اچي بڊ لاهيندو هو. اسان پنھنجي پسند جا ڪتاب کانئس ڪرائي
تي کڻي ويندا هئاسين، جن ۾ گھڻائي رومانوي، جاسوسي ۽ تاريخي ناولن جي هوندي هئي. ڪتاب
جي هڪ ڏينهن جو ڪرايو ٻه آنا هوندو هو. اسان هن کي موبائيل لائبريري سڏيندا
هئاسون. مٿين لائبريرين کان علاوه شهر ۾ اديبن ۽ عالمن جون ذاتي لائبريريون پڻ
موجود هيون.
سئنيمائون:
پراڻي دور ۾، شهر ۾
ٽي سئنيمائون هيون هڪ جناح باغ لڳ رائل سئنيما ۽ ٻه محله قافلا سراءِ جي ڀرسان انڙن
جي پاڙي ۾ ايمپائر ۽ نگار سئنيمائون هيون. ان کان پوءِ ٻه ٻيون سئنيمائون پڻ ٺهيون
جن ۾ هڪ ريلوي روڊ سان المنظر سئنيما ۽ ٻي نظر محلي ۾ ڪلوپيٽرا سئنيما جڙيون. سئنيما
تفريح جي حوالي سان تمام گھڻي اهميت رکندي هئي. فلم جا شوقين جام هئا، مئٽني کان
آخري شو تائين سڀني سئنيمائن تي وڏي رونق هوندي هئي. فلم ڏسندڙن جي رش جو دارومدار
فلم جي معيار تي هوندو هيو. عام ماڻهن جي پسند جون فلمون لڙائي واريون هونديون
هيون. ان دور ۾ انڊيا جي فلمن جو زور هو. آواره، بادل، برسات، بيجو باورا، آهه،
ديدار، محل، ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ڀائي ڀائي جھڙين سپر هٽ فلمن تي غير معمولي رش هوندي
هئي. بعد ۾ پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ به فرق آيو ۽ معياري فلمون ٺهڻ لڳيون. فلم سٺي
هوندي هئي ته ٽڪيٽ بليڪ تي به هلندي هئي. نگار سئنيما جا حال پورا سارا هئا جيڪا
آخر وڃي پنجابي ۽ پشتو فلمن تائين محدود ٿي. باقي رائل ۽ ايمپائر سئنيمائن ۾
معياري فلمون هلنديون هيون. هيٺين ڪلاسن جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ماڻهو ڪلاڪَ اڳ ۾ اچي
لائين ۾ بيهندا هئا، ڊگھيون لائينون جڙي وينديون هيون. ٽڪيٽ وٺڻ تي جھيڙا به ٿيندا
هيا، جھيڙن کي ٽارڻ لاءِ پوليس کان علاوه سئنيما مالڪن طرفان مڪراني دادا مقرر ڪيل
هوندا هئا جيڪي لائينون سڌيون ڪرائڻ ۽ جھيڙن ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
فوٽوگرافي:
لاڙڪاڻي ۾ فوٽوگرافر
ٻن قسمن جا هوندا هئا، هڪڙا فوٽ پاٿي فوٽوگرافر جن کي وڏي دٻي واري ڪئميرا هوندي
هئي. اهي ٽانگا اسٽينڊ ويجھو فوٽ پاٿ تي موجود هوندا هئا. فوٽو ڪڍرائيندڙ کي ڪئميرا
جي سامهون ٽين واري ڪرسيءَ تي ويهاري هٿ سڌا گوڏن تي رکرائيندا هئا ۽ اکيون ڇنڀڻ
کان منع ڪندا هئا. سامهون واري ڀت تي ٽنگيل ڪپڙي تي پينٽ ٿيل ڪو منظر هوندو هو جيڪو
فوٽوءَ جي پس منظر ۾ ڏيکاربو هو. فوٽو ڪڍڻ وقت فوٽوگرافر ڪئميرا جي دٻي تي چڙهيل ڪاري
ڪپڙي ۾ منهن وجھي فوٽو ڪڍرائيندڙ کي هدايتون جاري ڪندو هو، ڪئميرا ڏانهن ڏسو، ٿورو
مسڪرايو، چرو پرو نه ۽ هو ويچارو دم ٻوساٽي فوٽو نڪرڻ جو انتظار ڪندو هو، پوءِ ’ريڊي‘
چئي ڪلڪ دٻائي فوٽو ڪڍندو هو. فوٽوءَ جي نيگيٽو جيڪا پڻ ساڳي يعني پازيٽو پيپر
واري هوندي هئي ان کي ڪيميڪلز جي ڊش ۾ وجھي پنجن منٽن ۾ صاف ڪري فوٽو مالڪ جي
حوالي ڪندو هو. فوٽو بليڪ اينڊ وائيٽ هوندا هئا انهن جو رزلٽ اسٽوڊيو واري فوٽوءَ
کان معيار ۾ تمام سادو هوندو هو. ٻهراڙيءَ جا غريب غربا يا تڪڙي ضرورت وارا ماڻهو
فوٽ پاٿ تان فوٽو ڪڍرائيندا هئا.
ٻيا باقائده فوٽو
اسٽوڊيوز هوندا هئا، ان دور ۾ شهر ۾ ڪل ٽي اسٽوڊيو هئا، هڪ سنڌ فوٽو اسٽوڊيو، ٻيو
غوري فوٽو اسٽوڊيو ۽ ٽيون هلال پاڪستان فوٽواسٽوڊيو. ٽئي بندر روڊ تي هئا. غوري ۽
سنڌ وارن جي پاڻ ۾ وڏي چٽا ڀيٽي لڳندي هئي. سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جا مالڪ نواب سڏائيندا
هئا ۽ واقعي هئا به. ڇالاءِ ته اسٽوڊيو ۾ سندن خاندان جا قدِآدم سائيز جا فوٽو لڳل
هوندا هئا جن مان سندن نوابي جھلڪندي هئي. وٽن هڪ فوٽوگرافر اڪرام ڀائي هوندو هو
جيڪو فوٽوگرافيءَ جو وڏو ماهر هو. طبعيت جي حوالي سان به ڏاڍو پيارو انسان هو تنهن
ڪري اسان جي به ساڻس گھڻي لڳندي هئي. اڪرام کي نوابن پُٽيلو ڪري پاليو هو تنهن ڪري
اسٽوڊيو جو سمورو ڪاروبار سندس نظرداري ۽ مرضيءَ مطابق هلندو هو. اسٽوڊيو ۾ ڪافي
شخصيتن جا يادگار فوٽو آويزان هوندا هئا. محمد يوسف ۽ مون کي فوٽوگرافيءَ سان غير
معمولي دلچسپي هوندي هئي سو وقتاً فوقتاً اڪرام کان ڪئميرا گھري رول وجھائي فوٽوگرافيءَ
لاءِ نڪري ويندا هئاسين.
سواريون
شهر ۾ سوارين جي ڪمي
ڪا نه هوندي هئي. ٽانگن جو رواج عام هو. ٽانگن جا به مختلف قسم هئا. پشوري ٽانگو، ڪوئٽه
وارو ٽانگو، شڪارپوري ٽانگو وغيره. پشوري ۽ ڪوئٽه وارا ٽانگا شڪارپوري ٽانگن کان ڪجهه
ڪشاده هوندا هئا. اوهان کي جيڪڏهن اسر واري گاڏيءَ ۾ ڪيڏانهن وڃڻو هوندو ته ٽانگي
واري کي گھران اچي کڻي وڃڻ جو وقت ٻڌائبو ۽ ڀاڙو ٻولائبو ۽ ڀاڙي جي اڌ جيترا پئسا ٽانگي
واري کان وٺبا هئا ته جيئن ڌوڪو نه ڏئي، سندس رقم ڦاٿل هوندي ته هو هر حالت ۾
سواري کڻڻ لاءِ ايندو. ٽانگن کي وڌ کان وڌ سينگارڻ جو رواج هو، ڦيٿن توڙي باڊيءَ
تي گل ٻوٽا ۽ خوبصورت ڊزائينن جي چٽسالي ڪرائي ويندي هئي. ان فن جا خاص ڪاريگر لاڙڪاڻي
کان علاوه شڪارپور ۾ به موجود هوندا هئا. ٽانگي کي باقائده نمبر الاٽ ڪيو ويندو
هو. سال ۾ هڪ ڀيرو ٽانگي وارا پنهنجا ٽانگا سينگاري نوان نمبر وٺڻ لاءِ ايس پي
صاحب جي آفيس آڏو جمع ٿيندا هئا جتي سندن ٽانگي ۽ گھوڙي جو باظابطه معائنو ٿيندو
هو ۽ کين نوان نمبر الاٽ ڪيا ويندا هئا. وڌيڪ سينگاريل ٽانگن کي پهريان نمبر ملندا
هئا ۽ کين انعام به ڏنو ويندو هو.
شهر جا شوقين شام
جو تفريح خاطر ٽانگن تي چڙهي شهر جو چڪر ڏيندا هئا. اهڙن شوقينن ۾ گھڻائي عام ۽
وچولي طبقي جي هوندي هئي، جيڪي ريشمي پوتڙو ۽ پهراڻ پائي ٻانهن ۾ ريشمي رنگين
رومال ويڙهي وڏي رعب تاب سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ٽانگي تي ڪانڀ ڪڍي ويهندا هئا. ٻي
نمبر تي سدا سهاڳڻيون خوب هار سينگار ڪري شوقينن جو توجه ڇڪرائڻ لاءِ ٽانگي تي چڙهي
نمائش ڪنديون هيون.
منهنجي يادگيري
مطابق چئن ڦيٿن واريون ٻِٽيون بَگيون يا وڪٽوريا شهر ۾ فقط ٽن معتبر ماڻهن فقير
محمد انڙ، ميان غلام عباس جوش قادري ۽ ديوان ڪوڙي مل پنساريءَ وٽ هونديون هيون، جن
۾ سوار ٿي جڏهن هو شهر ۾ نڪرندا هئا ته هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويندا هئا.
ان دور ۾ لاڙڪاڻي
شهر ۾ موٽر سائيڪلون به تمام گھٽ هونديون هيون بلڪه نه جھڙيون. هڪڙي موٽر سائيڪل
رحيم بخش چانڊيو برف شاپ جي مالڪ وٽ هوندي هئي ۽ هڪ مڇيءَ جي ٺيڪيدار ميربحر وٽ،
جيڪو بت ۾ ڀريل ۽ رنگ جو سانورو هوندو هو. کيس ڪنن ۾ والا پاتل هوندا هئا. اڪثر
مغرب کان پوءِ ايمپائر سئنيما جي سامهون سرائي جي هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ اچي
ويهندو هو. اهي موٽر سائيڪلون هنڊا ۷۰ يا ۱۲۰ کان وڌيڪ طاقت واريون ڪاري ڪلر ۾ هونديون هيون. اهڙي
ريت شهر ۾ موٽر ڪارون به محدود ۽ مخصوص ماڻهن وٽ هونديون هيون، جن ۾ تڪ وارا شيخ،
لاهوري خاندان، کهڙو خاندان ۽ ٻيا شهر جا شاهوڪار ماڻهو شامل هئا.
لاڙڪاڻي جا چند
منفرد ۽ دلچسپ ڪردار
گذري وَيَل ويلَ کي
ياد ڪرڻ ۾ پنهنجو لطف آهي. مون پنھنجي زندگيءَ جي ۸۰ بهارن مان هن وقت تائين ۶۶ بهارون لاڙڪاڻي ۾ گذاريون آهن. ان دوران
زندگي کي گهڻو قريب کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. بيشمار ماڻهن سان مکاميل ٿيو آهي ۽
ڪيترن منفرد ۽ دلچسپ ڪردار کي قريب کان ڏٺو آهي. مان پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ انهن جو
ذڪر ان ڪري ڪرڻ چاهيان ٿو جو اهي ڪردارَ منهنجي يادگيرين جو سرمايو آهن، جن کي مان
پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ مان ڪڍي ئي نه ٿو سگهان. هونئن ته اهڙن منفرد ماڻهن جو
انگ گهڻو آهي پر مان هتي في الحال چند اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪندس جيڪي پنھنجي ڪردار ۾
يڪتا هئا. هينئر جڏهن ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جھاتي پائي ڏسان ٿو ته ۶۰ واري ڏهاڪي جا شهر جا مشهور آڙيڪاپ استاد
هيئر ڊريسر اچي اڳيان بيٺا آهن. ڇا ته عجب جهڙا انسان هئا! پنھنجي فن ۾ يڪتاءِ هنر
هئڻ سان گڏ ڪيڏا نه ڳالهين جا ڳهير هئا.
هيئر ڊريسر کي عرف
عام ۾ حجم به سڏيو ويندو آهي. حجم جو اسان جي معاشري ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. مرڻي
توڙي پرڻي ۾ هو اسان جي مشڪل آساني جو سبب بڻبو آهي. اوائلي دور کان ٻارن جي طوهر
سنت جو ڪم به حجمَ ئي سر انجام ڏيندا رهيا آهن. ان موقعي تي ٻارن کي جهاز ڏيکارڻ ۽
مصري کارائڻ جي بهاني سندن طوهر ڪري ٻارن واتان ٻاتن ٻولن ۾ گارڙيون به کائيندا
آهن ته ڪڏهن چنبا چپاٽون به جهليندا آهن. وات ۾ مصري ۽ هيٺ زخم تي چُلهه جي خاڪ
وجهي ٻارن جي طوهر جي رسم پوري ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي شهرن ۾ گهڻو ڪري ڊاڪٽرَ
۽ ٽيڪنيشن طوهر وارو ڪم ڪن ٿا پر ٻهراڙين ۾ اڃا به اهو بارُ حجمن جي ڪُلهن تي ئي
آهي.
حجمُ شاديءَ جي
موقعي تي قسم قسم جا طعام تيار ڪري ڏيندو آهي. لذت واري طعام تيار ڪرڻ تي سندس
تعريف ٿيندي آهي ته ماني کاري وجهڻ جي نتيجي ۾ ڦٺ ڦٺ به سهندو آهي. غميءَ جي موقعي
تي لنگهڻ جي ماني به حجم ئي تيار ڪندو آهي. ڪي حجم جراحت جا ماهر به هوندا آهن جيڪي
ڦٽ ڦرڙي جي علاج کان وٺي ننڍڙا آپريشن به ڪندا آهن. ان حوالي سان ماضيءَ ۾ لاڙڪاڻي
جو رمضان حجم سرهيا پڌر جي نزديڪ هڪ عرصي تائين اهو ڪم وڏي مهارت سان ڪندو رهيو. ٻهراڙيءَ
کان علاوه ڪيترا شهر جا ماڻهو به وٽس ايندا هئا.
جيئن ته هيئر ڊريسر
جي سئلون تي هر قسم جا ماڻهو ايندا رهندا آهن جتي گهڻن ئي موضوعن تي ڳالهيون ٻولهيون
ٿينديون آهن تنهن ڪري ڪاريگر جي علم ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. اڳين دور جا هيئر ڊريسر
فيشل، اسڪريپ، مساج، بليچ ۽ ڪليزنگ جا هنر ڪو نه ڄاڻندا هئا، البته اهي گراهڪن کي
مهندي يا ڪيس ضرور ڪندا هئا. غريب غربن لاءِ حجمَ صندلن تي يا ديوارن جي وٽ ۾ ڪرسي
آئينو رکي ويهندا هئا. ٻهراڙي جا ماڻهو گهڻو ڪري انهن جا گراهڪ هوندا هئا جيڪي
وارن، ڏاڙهي سان گڏ حجم کان هٿن پيرن جا ننهن به ڪترائيندا هئا.
استاد سچل
ايمپائر سئنيما جي
نزديڪ فقير محمد انڙ جي اوطاق جي سامهون ڪنڊ تي استاد سچل جي سئلون هوندي هئي. شهر
جي اوڀارين طرف اها سئلون ڏاڍي مشهور هوندي هئي. هر وقت وٽس گراهڪن جي ريل پيل لڳل
هوندي هئي. شهري گراهڪن کان علاوه آسپاس جي ڳوٺن جا جتوئي، سانگي توڙي ٻين ذاتين وارا
به گهڻو تڻو استاد سچل جي سئلون جو رخ ڪندا هئا. هن جي سئلون چوڌاري پوسٽرن سان
سينگاريل هوندي هئي. جن ۾ هر قسم جي هيئر ڪٽنگ جا نمونا نظر ايندا هئا. وارن جي ڪٽنگ
جي نمونن کان علاوه ڏاڙهين، مڇين جي ڪٽنگ جا جدا پوسٽر به لڳل هوندا هئا. ڪٽنگ جي
نمونن وارن اشتهارن کان سواءِ امامن سڳورن جا مختلف خيالي فوٽو جن مان هڪ وڏي فوٽو
۾ حضرت علي عه، بيبي فاطمه عه، حضرت امام حسن عه، حضرت امام حسين عه جن کي هڪ جاءِ
تي ويٺل ڏيکايل هو. استاد سچل مون کي فخر سان ٻڌائيندو هو ته سائين ”اهي فوٽو مون
خاص طور ايران مان گھرايا آهن، ٻئي ڪنهن وٽ اوهان کي نظر نه ايندا.“ پنھنجي ڪاريگريءَ
تي فخر ڪندي چوندو هو. ”مان وارن جي هر ڪا اسٽائيل ٺاهي سگھندو آهيان، انگريزي ڪٽ،
فرينچ ڪٽ، اسلامي ڪٽ وغيره. مون وٽ جيڪا اسپيشل پاڪي ۽ مشين آهي، سا ٻي ڪنهن وٽ
ناهي. سڀ سامانَ ولائتي آهن.“ ٻين ڪاريگرن جي ڪٽنگ تي اڪثر طنز ڪندي چوندو هو
”سائين اسان خانداني حجم آهيون، اهو ڌنڌو اسان کي ورثي ۾ مليل آهي، مان پنھنجي فن
جو مظاهرو ايران ۾ به ڪري چڪو آهيان، اسان بابا لاٽَ جا ڪاريگر آهيون.“
استاد سچل گراهڪ جي
شخصيت ۽ مزاج کي پرکي ساڻس اُهڙي گفتگو ڪندو هو. هن جو شروعاتي جملو هوندو هو ته ”ڀائو
ڪهڙي نموني جي ڪٽنگ ڪرائيندئو؟“ ۽ ائين سندس ڳالهيون شروع ٿي وينديون هيون. ان دور
۾ حجم جو دوڪان ڄڻ لوڪل ليول جي، بي بي سي هوندو هو، استاد سچل به ڳالهين جو ڳهير
هو. گراهڪ آيو ته هٿيڪو. دنيا جهان جون ڳالهيون، سياست، مذهب، فلمون، حالاتِ حاضره
مطلب ته چرندو موضوع نه ڇڏيندو. ڀل گراهڪ ڪيترو به تڪڙو ڇو نه هجي پر استاد سچل
پنھنجي ڳالهه پوري ڪري پوءِ ئي منجهانئس هَٿ ڪڍندو. هن جي زبان قينچيءَ وانگر
هلندي هُئي. ڪتر ڪتر ڪتر ڪتر.... مون کي وڏي عزت ڏيندو هو ۽ استاد چوندو هو. مون
سان اڪثر تعليم ۽ سياست تي ڳالهائيندو هو. ڀٽي صاحب جا احوال، لاڙڪاڻي جي دوري تي
اچڻ جون ڳالهيون، ايمپائر سينيما وٽان ڀٽي صاحب جو گذرڻ ۽ مٺائي کائڻ، ڀٽي صاحب جي
خارجا پاليسي تي پنهنجي سمجهه آهر گفتگو، اسڪولن جي حالت، پرائمري تعليم ۽ استاد
جي ذميداري....... انهن ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي ساڻس کوڙ ڪچهريون ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته
هو ايڏو ڳالهائيندو هو جو دل چوندي هئي ته بس هاڻي چُپِ ڪري.
جمعو فقير
جمعو فقير لاڙڪاڻي
جو انتهائي منفرد ڪردار هو. هو بنيادي طور قمبر جو رهاڪو هو ۽ ذات جو سومرو هو ۽
پيشي جي لحاظ کان حجامڪو ڪم ڪندو هو، پر هو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو نظر آيو ته
هڪ منفرد ڪردار لڳو. گهڻا ماڻهو کيس لاڙڪاڻي جو وتايو به چوندا هئا. هن جي شخصيت ڏسڻ
سان تعلق رکندي هئي. جمعو فقير سياري اونهاري تَن تي الائي جي ڪيڏا ڪپڙا اوڍي، گڏَههِ
تي سوار ٿي سڄي شهر ۾ گهمندو هو. اڪثر کيس هڪ هٿ ۾ ڊگهي لٺ ۽ ٻئي ۾ وڏو ٿانءُ
هوندو هو. ڪُلهي ۾ ميري گودڙي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿي تي ٽوپي به هوندي هئس يا ڪڏهن وري
رومالَ به ٻڌندو هو. بظاهر هن جا حال فقيراڻا هوندا هئا پر هو عام فقيرن وانگر صدا
هڻي ڪنهن کان به نه گهرندو هو. سڄي شهر ۾ مشهور هو ۽ ماڻهو کيس خير خيرات ڏيندا
رهندا هئا. هونءَ ته هو شاهي بازار، لاهوري محلي، ابوبڪر مقام جي آس پاس به نظر
ايندو هو پر گهڻو ڪري مڇي مارڪيٽ ۽ گوشت مارڪيٽ جي آس پاس پنهنجي شاهي سواريءَ تي
پيو ڦيرا ڏيندو هو. مان جڏهن به ڀاڄي ڀُتي يا گوشت وٺڻ ويندو هوس ته هو پنهنجي گَڏههِ
تي سوار نظر ايندو هو. جمعي جي پٺيان ڪُتن جي لوڌ به هوندي هئي، جن لاءِ هو ڪاساين
کان ڇڇڙا وغيره وٺندو هو. مزيدار ڳالهه ته هو پنهنجن ڪُتن سان ائين ڳالهائيندو هو،
جيئن ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائجي. چوندن ”صبر ڪيو صبر سڀني کي ملندو.“ پوءِ هڪ هڪ
کي سڏيندو ۽ کائڻ لاءِ ڏيندو هو. ڪنهن کانئس پڇيو ته جمعا ”ڪتن سان ڪيئن ٿو ڳالهائين؟“
چيائين ”ڇو؟ ماڻهن سان ڳالهايان ٿو ته ڪُتن سان ڇونه ڳالهايان. ابا ڪتا ماڻهن کان
ويل ناهن.“
جمعي فقير جي گفتن
۾ ڏاهپ هوندي هئي، وتائي وانگر هو بي ساخته اهڙا جملا ڳالهائيندو هو، جيڪي ٻڌي چپن
تي مرڪ ته تري ايندي هئي پر سوچبو ته انهن ۾ سمجهه جي ڳالهه به هوندي هئي. جيڪي ماڻهو
صورت جا سهڻا هوندا هئا انهن جي اڳيان هٿُ جهليندو هو، جيڪڏهن انهن مان ڪو چوندو
هوس ته ”فقير معاف ڪر“ ته چوندو هو ”ڪيڏو نه سهڻو آن، جنهن ٺاهيو اٿئي اهو به ڪيڏو
نه سهڻو هوندو. خيرات نه ٿو ڏين.“ اڪثر مشهور هوندو هو ته جمعو ڏوئيءَ سان سرمو
پائيندو آهي. کڻي ائين نه هوندو پر هن جون اکيون واقعي سرمي سان ڀريون پيون
هونديون هيون. ڀٽو صاحب جڏهن وزيرِ اعظم ٿيو ته پنهنجين لاڙڪاڻي ۾ ڪيل تقريرن ۾ لاڙڪاڻي
جي ڪردارن جو به ذڪر ڪندو هو. جيئن منگل بهن وارو يا جمعو فقير. ذوالفقار علي ڀٽو
عوامي ليڊر هو، ان ڪري هو عوام سان گڏ ويهڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو هو. هن جي جمعي
فقير سان به دوستي هئي ۽ اها دوستي تڏهن ٿي هئي جڏهن هو پاڪستان جو وزير خارجه بڻيو
هو. مشهور آهي ته وزيرِ اعظم ٿيڻ بعد هڪ ڀيري ڀٽو صاحب المرتضى هائوس (جنهن کي ان
وقت وزيرِ اعظم هائوس جو درجو مليل هو) ڀرسان وي آءِ پي روڊ تان پنهنجي پروٽوڪول
سان گذري رهيو هو ته هڪ پاسي کان جمعو فقير نظر آيس. ڀُٽي صاحب گاڏي روڪرائي جمعي
کي سڏايو ۽ چيائينس ”جمعا فقير دعا ڪر.“ جمعي امالڪ چئي ڏنس ته ” ڀُٽا صاحب وزير
اعظم بڻيو ويٺو آن، اڃا ڪهڙي دعا ڪريانءِ.“ ڀٽو صاحب کِلي ويٺو. ٻئي ڏينهن تي ڀٽي
صاحب حڪم ڪيو ته ”جمعي کي وٺي اچو مان ساڻس گڏ لنچ ڪندس.“ حڪم جي تعميل لاءِ جمعي
کي لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ ڳوليو ويو، نيٺ هٿ آيو. جمعي فقير کي ڀُٽي صاحب جو پيغام
پهچايو ويو. هن هلڻ کان انڪار ڪيو. کيس وڏي منٿ ميڙ ڪري نيٺ مڃايو ويو. جمعو
پنهنجي گڏههِ تي سوار ٿي اچي ڀٽي صاحب جي بنگلي تي پهتو. ٻاهر سڪيورٽيءَ وارن سندس
گڏههِ ٻاهر بيهارڻ لاءِ چيو. جمعي چيو ته ”گڏههِ منهنجي سواري آهي ۽ سواري کي مان ٻاهر
نه ڇڏيندس. مان پيٽ ڀري کائي اچان ۽ منهنجي گڏههِ نه کائي. جيڪڏهن گڏههِ کي اندر
اچڻ نه ڏيندئو ته مان به نه ايندس.“ اها ڳالهه وڃي ڀُٽي صاحب کي ٻڌايئون. ڀٽي صاحب
چين ته ”بابا جمعي کي گڏهه سميت گهرايو ۽ ان کي به چارو ڏجو.“ جمعو اندر آيو ته ڀُٽي
صاحب چيس ”جمعا تون ته ڏاڍو ڏنگو آن.“ جمعي چيس ”منهنجي دوستي سولي ناهي.“ ۽ ائين
هن ڀٽي صاحب سان گڏ ويهي ماني کاڌي. جمعي فقير جا ٻيا به ڪيئي ٽوٽڪا مشهور آهن. جن
۾ لڪل طنز ۽ مزاح موجود هوندو هو. هاڻي ته جمعي فقير تي هڪ ڪتاب به اچي ويو آهي جيڪو
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي سهيڙيو آهي، ان ڪتاب ۾ سندس ٻيا به دلچسپ قصا موجود آهن.
سِرَ ڪَٽيو
لڳ ڀڳ ۶۰ واري ئي ڏهاڪي ۾ هڪ غير معمولي قدآور شخص
اچانڪ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڏسڻ ۾ آيو، سندس قد ۶ فوٽن کان به مٿي هوندو. ڏاڙهي مڇون وڌيل جسم تي پيرن
تائين وڏو پهراڻ ڍڪيل، گهڻو ڪري پيرين اگهاڙي گهمندو هو. شايد ڪو مجذوب هو. اسان
هن کي ڪڏهن به ڳالهائيندي نه ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن کان خيرات گهرندي. هڪ ٻه ڀيرا ساڻس ڳالهائڻ
جي ڪوشش ڪئي سين، پر هن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ مُنهن تي ڪاوڙ جا تاثرات آڻيندي اڳتي
روانو ٿي ويو. مُنهن مهانڊي مان هو پٺاڻ نسل جو لڳندو هو... ڪي ماڻهو کيس درويش،
الله لوڪ يا مجذوب به چوندا هئا. ڪجهه سالن تائين هن کي ڏسندا رهياسين. اها به خبر
پئجي ڪا نه سگهي ته هو ڪٿان ٿو کائي پيئي البته ايتري خبر ضرور هئي ته هو ليڊيز
جيل جي ڀرسان ريل بند جي ڀر ۾ ريلوي واري سُڪَ پل وٽ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. آخر
هڪ ڏينهن خبر پئي ته ان درويش جو هڪ حادثي ۾ سِرُ ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. هن جي
عقيدتمندن سندس لاش انهيءَ ئي جهوپڙيءَ واري جاءِ تي دفنائي ڇڏيو ۽ هو ”سِر ڪٽيو
پير“ سڏجڻ لڳو. ڪجهه ماڻهن اتي صوفي منڊلي مچائي ۽ هر سال سندس مزار تي ميلو به لڳندو
رهيو، جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي، جتي صوفي راڳ پڻ ڳايو ويندو آهي. هن جي
عقيدتمند جو حلقو به ڪافي آهي، جيڪي کيس هڪ صوفي بزرگ درويش ۽ الله لوڪ سمجهن ٿا.
الهڏنو پڙهي وارو
سَٺ کان اسي وارن ڏهاڪن
تائين شهر ۾ هڪ ڪَرڙ وڍ پوري پُني قد وارو شخص، ڪُلهي تي ننڍڙو ٻارُ، هٿ ۾ ٽين جو
توتارو کڻي، رستن روڊن ۽ پاڙن ۾ اعلان ڪندو وتندو هو ته ”هي ٻارُ ڪنهن جو آهي؟“ ۽
ايئن وڃايل ٻارَ مالڪن تائين پهچائي خدمتِ خلق جو ڪم سر انجام ڏيندو هو. هو ان خير
جي ڪم سبب ايترو مشهور ٿي ويو هو جو جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو وڃايل ٻار هَٿِ ايندو هو ته
اهو ان شخص وٽ اسان جي پاڙي علي گوهر آباد ۾ اچي پهچائيندو هو. هن جو نالو ئي
’الله ڏنو پَڙهي وارو‘ مشهور ٿي ويو هو. الهڏنو سومرو اصل ۾ ميونسپالٽي جو ملازم
هو. سندس ڊيوٽي اها هئي ته گهٽين جي چوراهن تي لڳل ميونسپل جي فانوسن ۾ شام جو ڏاڪڻ
کڻي گاسليٽ / تيل وجهي ٻاري اچي ۽ صبح جو وري اهي سمورا وسائي اچي. سچ ته اهو آهي
ته هُن نه رڳو اونداهي گھٽن جا فانوس روشن ٿي ڪيا پر ڪيترين ۽ اداس ۽ پريشان
زندگين کي پڻ روشني ٿي ڏني.
هڪ ڀيري ڏٺوسين ته
الله ڏنو هڪ اٺن ڏهن سالن جي ملوڪ ڇوڪري کي ساڻ ورتيون اعلان ڪندو پيو وتي ته
”هيءَ ڇوڪري ڪنهن جي آهي؟“ ڇوڪري جي عمر ته ڳالهائڻ جي هئي پر هوءَ ويچاري نه فقط
گونگي هئي پر دماغي طور به اپاهج هئي. فقط اشارن سان ڳالهائيندي هئي. تنهن ڪري ڪير
هئي ڪٿان آئي هئي؟ ڪا خبر پئجي ڪانه سگهي! هن نيڪ مرد جو اهو به ڪم هو ته جيستائين
ڪنهن ٻارَ جا مالڪ پيدا ٿين تيستائين ان ٻار جي خوراڪ پوشاڪ جو بندوبست پنھنجي وت
آهر پاڻ ڪندو هو. هن ڇوڪريءَ جو ڪو وارث وسيلو پيدا ڪو نه ٿيو. تنهن ڪري هن کي
پنھنجي گهر ۾ ئي رهائي ڇڏيائين. ڇوڪري آخر سندس سنڀال هيٺ بلوغت کي رسي. اهڙي صورت
۾ هن کي پنهجي زوجيت ۾ وٺڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو. لهٰذا الهڏني ان عمر ۾ ساڻس
شادي ڪئي. الڏني کي انهيءَ ڇوڪري مان ڪيچ ٿي ويا، کيس سهڻا سيبتا مورن جهڙا ۵ پٽڙا ۽ ۱ نياڻي ڄائي. سندس فرزندَ هن وقت برسر روزگار
آهن. الهڏني کي اڳين گهر واري مان به ٻارَ هئا. پر هن نماڻي نينگريءَ سان گهر وارن
جو رويو نهايت مشفقانه رهيو. پاڙيسري هجڻ ناتي منهنجو الهه ڏني سان سٺو واسطو هو ۽
اڪثر ساڻس ملڻ ٿيندو هو. سچ ته هو هڪ نيڪ انسان هو جنهن زندگيءَ جي آخري ڏينهن
تائين وڇڙيلن کي ملائڻ وارو اهو نيڪ ڪم ڪيو.
ارباب شاهه
ارباب شاهه جو ڪردار
به عجيب هو. بت ۾ سَڀرو، هيٺ تي گوڏِ، مٿان ململ جي صدري اڌ ٻانهن سان، پيرن ۾ ٻه
پٽي چپل، وتندو هو پسار ڪندو، ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ. ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهائيندو
هو. ماڻهن جا منجهيل مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن آفيسن ۾ ته ڪڏهن ٿاڻن تي نظر ايندو
هو. آفيسر، واپاري ۽ پوليس وارا سڀ سيد جي ناتي سندس عزت ڪندا هئا. هن ڪيترن
نوجوانن کي نوڪريون به وٺي ڏنيون.
فيروز احمد کرل
طويل قامت نوجوان
فيروز احمد کرل لاهورين جي کرل خاندان جو هڪ نهايت ذهين ۽ خوبرو نوجوان هو. سندس
شخصيت ڏاڍي جاذب نظر هئي. جڏهن ٿري پيس پائي هٿ ۾ گولڊ ليف جو پاڪيٽ کڻي نڪرندو هو
ته ڪنهن اعليٰ آفيسر کان گهٽ ڪو نه لڳندو هو. علم نفيسات سان گڏ قيافه شناسي جو به
ماهر هو. گفتگو ڪرڻ وقت مخاطب تي غالب پئجي ويندو هو. سندس آواز ۾ هڪ شيريني هوندي
هئي. ڏاڍو محبتي ماڻهو هو.
فيروز احمد کرل
لاءِ مشهور هو ته هن کان دليلن ۾ ڪوئي کٽي ڪو نه سگهندو. سندس مطالعو وسيع هو ۽
انگريزي به شاندار هئس. منجهس ايڏو Confidence هوندو هو جو
وڏي کان وڏي شخصيت کان به مرعوب ڪو نه ٿيندو هو ۽ هو پنهنجو رعب ڄمائي ويندو هو. ڀُٽي
صاحب سان به سندس تعلقات هوندا هئا. ڪجهه وقت لاءِ فيروز احمد کرل لاهور به منتقل ٿي
ويو هو جتي هن پنهنجي اعتماد جي بنياد تي ماهر نفسيات طور پنھنجي اسپتال به قائم ڪئي
هئي ۽ ڪافي اسٽاف رکيو هو. پر بعد ۾ هو اسپتال ويڙهي واپس لاڙڪاڻي موٽي آيو. هن وٽ
ماڻهن کي پنهنجي ڳالهين جي سحر ۾ جڪڙڻ جو وڏو هنر هو، سندس دليلن اڳيان ماڻهو
لاجواب ٿي ويندا هئا. بهرحال فيروز احمد کرل لاڙڪاڻي جو بنهه منفرد ڪردار هو، جيڪو
مون کان ڪڏهن به وسري نه ٿو سگهي.
مون جيڪي خوابَ ڏٺا
خوابُ انسان جي هڪ ڪيفيت
جو نالو آهي. هڪڙا خواب جاڳندي اکين سان ڏسبا آهن، جن کي ٻين لفظن ۾ اميد يا خواهش
جو نانءُ ڏئي سگھجي ٿو. ٻيا خوابَ بند اکين سان يعني ننڊ واري حالت ۾ ڏسبا آهن. جن
مان ڪي خوبصورت خوابَ هوندا آهن ته ڪي خوابَ وري دل کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن. مون
پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻنهي قسمن جا خوابَ ڏٺا آهن. جاڳندڙ اکين سان ڏٺل خواب هن طرح
هئا.
غربت واري ماحول مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري گھڻي
کان گھڻو پڙهي، پنھنجي پيرن تي بيهان ۽ والدين جي خدمت ڪري سگھان.
ڪنهن شريف خاندان
مان شادي ڪري پنهنجو گھر آباد ڪريان.
نيڪ صالح اولاد نصيب ۾ هجي، جيڪا آخري عمر ۾
منهنجو سهارو بڻجي.
پنهنجن ٻچن کي حلال جي روزي کارايان ۽ سهڻي
تربيت ڏيان.
سعادت مند اولاد کي اعلا منصبن تي ڏسي
سگھان.
اولاد جي اولاد جون خوشيون پنھنجي اکين سان
پَسي سگھان.
دنيا جو سير سفر ڪري سگھان.
آخري عمر ۾ الله پاڪ پنھنجي هلندي هلائي ۽ ڪنهن
جو محتاج نه ڪري. صحت سالم رهي ۽ هر قسم جي اپاهجي کان مالڪ بچائي ۽ نيڪي جي توفيق
بخشي.
ڏينهن ڏٺي جي انهن
خوابن مان اڪثر جي تعبير پنھنجي اکين سان ڏٺي اٿم، پر اڃا ڪي خوابَ اڻ پورا به
آهن، جيڪي پڻ ضرور ساڀيان ماڻيندا.
بند اکين جا خوابَ
به ڏاڍا ڏٺا. ڪن جا تعبير ڏاڍا سٺا نڪتا ته ڪن وري پوري جسم کي لوڏي ڇڏيو ۽ وهمن ۽
وسوسن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. شروع ۾ ته خوابن جا تعبير ڳولڻ لاءِ پڇائيندو وتندو رهيس، پر
پوءِ آهستي آهستي انهن وهمن ۽ وسوسن مان نڪري آيس. مطلب مطالعي سان اصل حقيقتون سامهون
آيون.
مون جيڪي خوفناڪ خواب
ڏٺا، انهن مان چند هتي بيان ڪريان ٿو.
پهريون خوابُ:
ڏسان پيو ته
اونداهي رات آهي، مان هڪڙي اهڙي بلند عمارت جي آخري منزل تي بيٺو آهيان، جنهن کي ڪوبه
پلويڙو يا ديوار نه آهي، فقط هڪ ڏاڪڻ جو دروازو آهي، جنهن مان کليل ڪوٺي تي اچي
سگھجي. ڏسان ٿو ته ان ڏاڪڻ مان هڪ قد آدم بلا جيڪا اوندهه ۾ بلڪل ڪاري پئي لڳي،
منهنجي تصور ۾ شايد اهو ڪو ڪارو رڇ هو، جيڪو مون ڏانهن وڌندو ٿو اچي. مان خوف ۾
پوئتي هٽندو ٿو وڃان ۽ آخري ڪوٺي جي ڪناري تي پهچان ٿو ۽ بلا منهنجي ايترو قريب
اچي ٿي وڃي جو منهنجا پيرَ نڪري ٿا وڃن ۽ مان ايڏي اوچائيءَ تان پاڻ کي هيٺ ڪرندي ٿو
محسوس ڪريان. خوف ۾ جسم ۾ ڏڪڻي ٿي لڳي ته اُتي اکيون کُلي ٿيون وڃن ۽ جسم خوف وچان
واقعي ڏڪندو رهي ٿو......ساڳيو خوابُ مون زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي.
ٻيو خوابُ:
ڏسان ٿو ته ڪُتن جو
ولر ڪَڍَ پيو آهي. مان رڙيون ڪندو، ڀڄندو ٿو وڃان. آخر اُهي مون کي چَڪي رکن ٿا.
مان رڙيون ٿو ڪريان ۽ اِتي خوف وچان جاڳ ٿي وڃي ٿي.
اصل ۾ مان اڻ تارو
آهيان تنهن ڪري وڏي پاڻيءَ ويجھو ويندي ڊَپُ ٿيندو اٿم. ننڍي عمر ۾ شڪارپور ۾ رهڻ
دوران دوستن سان ڪڏهن سنڌ واهه تي وڃڻ ٿيندو هو ته اتان تنبو يا توري چيهه سان ٻڌي
پوءِ پاڻيءَ ۾ لهندو هوس. پوءِ به واهه جي سير ۾ وڃڻ بجاءِ ڪناري ڪناري تُڙڳندو هوس.
تارو دوستَ دور دور تائين واهه ۾ تار پوڻ لاءِ لهندا هئا ته مون کي ٽيوبَ جي وچ ۾
اندر ويهاري چوڌاري ٻه ٽي ڄڻا ٽيوب سوگھو جھلي تاريندا وٺي هلندا هئا، پر منهنجو
ساهه مُٺ ۾ هوندو هو. منهنجي ٽين خوابَ جو واسطو ڪجهه اهڙي ماحول سان آهي.
ٽيون خوابُ:
مان هن خواب ۾ ڪافي
ڀيرا پاڻ کي گھري پاڻيءَ ۾ ٻڏندي محسوس ڪيو، پوءِ غوطا کائيندي اکيون کُلي وينديون
هيون ۽ ڊَپَ وچان، جسم پگھر سان شل هوندو هو.
جڏهن سانگھڙ ۾ نوڪري
هيم ته اُتي اڪثر دوستن ۾نانگن جو ذڪر ٿيندو رهندو هو، تنهن ڪري اُتي مان ڪافي ڀيرا
نانگن جا خوابَ به ڏسندو هوس. ماحول ڪجهه اهڙو هوندو هو جو، ڏينهن ڏٺي جو به نوڙيءَ
کي نانگ سمجھي ڇرڪَ ڀريندا هئا سين.
جنهن وقت تاريخي
ناول پڙهندو هوس ته انهن راتين ۾ خوابن ۾ گھڻو ڪري جنگ جي ميدان تي ويڙهه نظر
ايندي هئي. جنهن دور ۾ پاڻ وٽ اي سي ڪانه هوندي هئي ته راتين جو کليل ڪوٺي تي
سمهندو هوس. ڏاڍو رومانٽڪ ماحول هوندو هو. اونداهين راتين ۾ ستارن جي جهر مر جو
مزو. ٽيڙو، ڪتيون، کٽون ۽ ڪهڪشان جا منظرَ راتين ۾ وري چنڊ جي چانڊاڻ ۽ ٿڌڙي
هير... اهڙي ماحول ۾ شاعريءَ جو شوق، اڌمو کائي اُٿي پوندو هو ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾
شعرن جي صورت ڪجهه نه ڪجهه لکي وٺندو هوس. اهڙين راتين ۾ مان ڪيئي ڀيرا خوابَ ۾
آسمان جي وسعت ۾ مختلف منظر ڏٺا. ڪڏهن ڪو اڇو لباس اوڍيل انسان اُڏندي نظر ايندو
هو ته ڪڏهن وري حورن پرين جي روپَ ۾ اپسرائون گھمندي ڏسندو هوس. ڪڏهن جنت ۽ دوزخ
جهڙا منظر به سامهون ايندا هئا. ڪڏهن خوابَ ۾ رنگ برنگي روشنيون ٻرندي ۽ اُجھامندي
محسوس ڪندو هوس. جھڙالين راتين ۾ وري جاڳندي ڪيفيت ۾ ڪڪرن جي چُر پُر مان مختلف شڪليون
جوڙيندو رهندو هوس. مطلب ته گرمين جي مند ۾ ڪوٺي تي سمهڻ جو مزو ئي اور هوندو هو.
اهڙا خوابَ به گھڻو تڻو اونهاري ۾ ئي ڏسندو هوس.
شاديءَ جا منظرَ به
منهنجي خوابَن جو حصو رهيا. گھوٽ ڪنوار، ڄاڃي ماڃي، دهل دمام، سهرا لاڏا، ڪاريون
گھوڙا، طعام، قمام وغيره. ڪن خوابن ۾ شادين تي جھيڙا جھٽا به ٿيندي ڏٺم. اهڙا
خوابَ ڪلاشنڪوفن جي گرج سبب ڊَپَ جو سبب بڻيا ۽ اهڙي ماحول کي ڏسندي خوابُ ئي ٽٽي
ويندو هو.
ڪڏهن ڪن خوابن ۾
درگاهن ۾ لڳل ميلا ملاکڙا به ڏٺم. جيئن ته منهنجو خاندان مذهبي روايتن جو پابند
هو، تنهن ڪري منڍ کان منهنجي طبيعت تي به اهو رنگ ڇانيل رهيو. مون کي ڪجهه خوابن ۾
مڪي ۽ مديني جا منظر به نصيب ٿيا. هميشه اها اُڪير هوندي هئي ته ربَ ۽ ربَ جي
محبوب جي گھر جو در ڪڏهن اکين پَسان. آخر منهنجي اها آس به پوري ٿي. حج ۽ عمرو به
نصيب ٿيو.
ننڍين وڏين خوشين
جا لمحا
خوشي ۽ غم سڪي جا ٻه
پاسا آهن. جن جو هر انسان جي زندگيءَ سان گهرو تعلق آهي. ڪي خوشيون ڪن ماڻهن لاءِ
معمولي هونديون آهن ته اُهي ئي خوشيون ڪن جي لاءِ غير معمولي. جهڙيءَ طرح اميرن
لاءِ نئون ويس وڳو خريد ڪرڻ ڪنهن خاص خوشيءَ جو سبب نه بڻبو آهي، جيترو غريب نئين
وڳي خريد ڪرڻ وقت خوش ٿيندو آهي. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو جو ننڍين توڙي وڏين
خوشين جا اهڙا ڪيئي لمحا مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ نصيب ٿيا آهن.
• مان هن ڪٿا
جي پهرين صفحن ۾ لکي آيو آهيان ته مون کي پنهنجي تعليم کي اڌورو ڇڏڻ جو ڪيترو نه
غم هو ۽ ان دوران مون شڪارپور ۾ ڪهڙي طرح هڪ اڻ پڙهيل ۽ جاهل نوڪر وانگر ننڍيون ننڍيون
نوڪريون ڪيون. ائين اڳتي پڙهڻ واري پنهنجي حسرت اندر ئي اندر ۾ سانڍيو پئي ورتم. جڏهن
حالتن سان بغاوت ڪندي اڪيلي سر لاڙڪاڻي هليو آيس ۽ پنهنجي پڙهائي کي اڳتي وڌائڻ جي
خواهش جو اظهار پنهنجن مائٽن سان ڪيم ته ان وقت اسڪولن ۾ داخلا کي ٻه مهينا گذري چڪا
هئا. پڙهائي شروع ٿي چُڪي هئي ۽ داخلا ملڻ جي اميد بنهه ڪانه هئي پنهنجن مهربان
عزيزن خاص طور ڊاڪٽر عبدالڪريم تونيي هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ مون کي ميونسپل اسڪول ۾
داخلا ملي وئي. اها گهڙي منهنجي زندگيءَ جي هڪ وڏي خوشي هئي، جنهن کان پوءِ منهنجي
زندگي هڪ پورهيت مان پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طور تبديل ٿي وئي. ظاهر ۾ ٿي سگهي ٿو ته
اها ڪنهن کي معمولي ڳالهه لڳي پر ان فيصلي منهنجي زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي.
• چوليءَ ۾
مجازي عشق جي چڻگ چمڪڻ واري احساس به طبيعت ۾ هر وقت خوشيءَ جا جذبا اڀاري رکيا.
وصال ۽ فراق جي ڪيفيت مان گذرڻ وقت مٺي مٺي درد ۾ به هڪ پنهنجي لذت هئي. ان خوشي
مون کي زندگيءَ کي نئين نظر سان ڏسڻ ۽ احساسن جي دنيا ۾ جهاتي پائڻ جو هڪ الڳ هنر
سيکاريو ۽ منهنجو اندر اُجاري اڇو ڪيو.
• ۱۹۶۵ع ڌاري پنهنجي ئي محلي علي گوهر آباد جي هڪ
شريف خاندان ديدڙن جي هڪ نيڪ بخت نينگريءَ سان منهنجي شادي ٿي، جيڪا منهنجي لاءِ
واقعي نيڪ بخت ثابت ٿي. انهيءَ شاديءَ جي موقعي تي مان انتهائي خوش هوس. جيتوڻيڪ
سندس خانداني نالو روشن بيگم آهي پر مان کيس پيار مان فهميده سڏيندو آهيان. جيتوڻيڪ
اها ارينج ميريج هئي پر مائٽن جي پسند کي مون داد ڏنو جو ڇوڪري نيڪ صورت هئڻ سان گڏ
نيڪ سيرت به هئي، جيڪا مون سان هر حال ۾ راضي رهي. منهنجي ٻچڙن جي ماءُ بڻي ۽ سندن
تعليم، تربيت جي سلسلي ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ توجه ڏنو. هن پنهنجي اولاد کي
انتهائي پيار ۽ ٻاجهه سان پالي تاتي جوان ڪيو ۽ سندن اخلاقي تربيت به خوب ڪئي. وڏين
تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ هن مون سان اهڙو ته ساٿ نڀايو آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
هوءَ سڄي عمر صبر تحمل سان ٿوري تي به راضي رهي ۽ مون کي ڪڏهن به ڪا تڪليف نه ڏني.
خاص طور پنهنجين نياڻين جي ته اهڙي تربيت ڪئي جو اهي به پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ ڏاهين
۽ بردبار عورتن طور سڃاتيون وڃن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ اڻ مئي سرهائي ۽
خوشي جو باعث آهي.
• ۱۹۶۲ کان ۱۹۷۰ تائين مئٽرڪ کان ايم اي بي ايڊ جي امتحان ۾
امتيازي نمبرن سان پاس ٿيڻ تي وڏي خوشي حاصل ٿي هئي، سڀ کان وڏي خوشي ۱۹۸۹ع ۾ ان ڏينهن محسوس ڪيم جنهن ڏينهن وڏن ڪشالن
کان پوءِ مون کي پي ايڇ ڊي جي اعلى سندَ حاصل ٿي هئي. سچ ته پنهنجي محنت جو ڦلُ ملڻ
سبب دل باغ باغ ٿي وئي هئي.
• ۱۹۷۰ کان ۱۹۷۳ تائين مسلسل ناڪامين بعد ۱ اپريل ۱۹۷۳ع تي جڏهن ڪميشن جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيس ۽
ليڪچرار طور ۱۷هين گريڊ جي نوڪري ملي ته ان ڏينهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه هئي. وڏي
خوشي ان ڪري به هئي جو اهو پرچين ۽ سفارشن جو دور هو، جيڪا پنهنجي پهچ کان مٿي
هئي، بس ڌڻي پنهنجو ڪرم ڪيو. والدين جي دعائن جو ان ۾ وڏو عمل دخل ڀائيندس. ان
موقعي تي منهنجو ان ڳالهه ۾ يقين وڌي ويو ته محنت ڪڏهن به رائگان ڪو نه ويندي آهي.
دير يا سوير ان جو ڦل ضرور ملندو آهي ۽ هر ڪاميابيءَ لاءِ هڪ وقت مقرر هوندو آهي ۽
ان وقت کان اڳ ڪجهه حاصل نه ٿيندو آهي. ائين پوڻن ٻن سالن تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
سانگهڙ ۾ رهڻ کان پوءِ ڊرامائي انداز ۾ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ بدلي ٿيڻ وقت به مون
کي تمام گهڻي خوشي ٿي.
• شاديءَ کان
پوءِ مسلسل ٽن نياڻين جي پيدائش تي مان عام ماڻهن وانگر ڪڏهن به پريشان ۽ ارهو نه ٿيس
بلڪه هر دفعي خوشي محسوس ڪيم، ڇوته نياڻيءَ جي پيدا ٿيڻ کي مان برڪت جو باعث
سمجهندو هوس. اسان جي سماج ۾ پُٽَ اڪثر پراين ڌيئُن جي خواهشن جا غلام ٿي ويندا
آهن پر نياڻيون پنهنجي ماءُ پيءُ سان پُٽن کان وڌيڪ پيار ڪنديون آهن. البته هر نياڻيءَ
جي پيدائش بعد مون کي پُٽَ جي اولاد جي خواهش به ضرور هوندي هئي. ڇوته ڌيئون نماڻيون
ته آخر وڃي پنهنجا گهر وسائينديون آهن پر پُٽن مان والدين جو شجرو اڳتي وڌندو آهي.
• ٽن نياڻين
کان پوءِ مالڪ سائين پُٽُ عطا ڪيو، جنهن جي ڄمڻ جي خبر مون کي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
سانگهڙ ۾ نوڪريءَ دوران پئي. ان دور ۾ الٽرا سائوڊ ۽ ٻين جديد طريقن وسيلي ڌيءُ ۽
پُٽَ جي پيدا ٿيڻ جي اڳواٽ خبر نه پوندي هئي. منهنجي لاءِ اها خبر بي انتها خوشيون
کڻي آئي... پنهنجي وارث جي خواهش هر ڪنهن کي هوندي آهي، سو مان پنهنجي وارث پيدا ٿيڻ
تي ٻَهه ٻَهه پئي ٿيس. اهڙيءَ خوشخبريءَ تي ڪاليج جي ساٿين ڏاڍيون مبارڪون ڏنيون.
مٺايون اچي ويون، نالو به تجويز ٿي ويو احسان الحق. ان کان پوءِ مسلسل هڪ پُٽ وري
نياڻي، وري پُٽ، وري هڪ نياڻي (جيڪا ڪجهه مهينن ۾ گذاري وئي) وري ٻه پُٽ عطا ٿيا.
هر دفعي سندن ولادت منهنجي لاءِ خوشين جا انبار کڻي آئي. پنج فرزند ۽ چار نياڻيون
سڀ منهنجي اکين جا ٺارَ آهن.
زندگيءَ ۾ ڪي
خوشيون مليون، ڪي خواهشون اڌوريون رهجي ويون
• مون
زندگيءَ جا انيڪ سال هڪ ڪمري ۽ بعد ۾ ٻن ڪمرن جي هڪ ننڍڙي گهر ۾ گذاريا هئا ۽
منهنجي زندگيءَ جي خواهش هئي ته ڪاش مون وٽ ڪو اهڙو گهر هجي جتي مان پنهنجي ٻڄڙن
سان سُک واري زندگي گذاري سگهان، ائين ۱۹۸۰ ۾ لاڙڪاڻي جي سميع آباد محلي ۾ پنهنجي پلاٽ تي جڏهن
جاءِ جُڙي راس ٿي ته منهنجي خوشيءَ جي انتها ئي ڪانه هئي. انهيءَ خوشيءَ جو وڏو
سبب اهو به هو جو اها منهنجي بابا سائين پاڻ پنهنجي هٿن سان تيار ڪئي هئي ۽ هڪ ننڍڙي
گهر مان نڪري هاڻي پنجن ڪمرن جي جاءِ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.
• ابتدائي ڏينهن
۾ جڏهن مون اڃا نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو ته ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ پنهنجو مواد
شايع ٿيڻ تي به خوشي محسوس ٿيندي هئي. اڳتي هلي ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي ادب جي مهان
اديبن ۽ شاعرن سان گڏ کوڙ سارن پروگرامن ۾ به شرڪت ڪئي جنهن جي پڻ سرهائي ٿيندي
هئي. ائين مختلف وقتن تي پنهنجن ڪتابن شايع ٿيڻ جي موقعن تي به ڏاڍي سرهائي ملندي
هئي. اهڙي طرح ڪتابن جي مڃتا طور ملندڙ زباني توڙي تحريري راين ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ
ملندڙ ايوارڊن ۽ اعزازن تي به سرهائي محسوس ڪندو هئس.
• هڪ ذميوار
۽ ڪامياب استاد طور فرض سرانجام ڏيڻ واري عمل تي به خوش ٿيندو رهيس، جو مون پنهنجو
فرض ايمانداري سان نڀايو ۽ ڪيترين ئي ڦِرڻين ڪرسين جي آفر کي قبول نه ڪندي رٽائرمينٽ
تائين هڪ استاد ٿي رهڻ کي ئي ترجيح ڏني ۽ رٽائرمينٽ واري ڏينهن به مقرر ڪلاس وٺي ڪاليج
کي خيرآباد چيم. منهنجا لائق شاگرد به منهنجو سرمايو آهن جن کي مان پنهنجن ٻچن
وانگر ئي پيارو سمجهندو آهيان ۽ اهي به جڏهن عزت ۽ احترام سان ملندا آهن ته مَنُ
مهڪي ۽ جيءُ خوش ٿي پوندو آهي.
• مخلص ۽
محبتي دوستن جي سنگت ۽ صحبت کي به مان پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث سمجهندو آهيان، ڪيترن
ئي ويجهن دوستن غمن ۽ خوشين جي لمحن ۾ مون سان ساٿ نڀايو آهي، ان ڪري مان پنهنجن
انهن دوستن تي هميشه فخر محسوس ڪندو رهيو آهيان.
• ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت جڏهن سچل ادبي مرڪز
جڙي راس ٿيو ته تمام گهڻي خوشي ملي، جو اها به منهنجي اکين ۾ هڪ سانڍيل خواب جي
تعبير هئي. ائين ۲۰۱۶ ۾ جڏهن پراڻي عمارت جي جاءِ تي سچل ادبي مرڪز جي نئين سر اڏاوت ٿيندي ڏسي
به بيحد خوشي محسوس ڪيم.
• مان پنهنجي
زندگيءَ جي خوشين وارن لمحن کي ياد ڪريان ٿو ته ۲۰۰۲ع جو سال به ذهن تي تري اچي ٿو، جنهن سال
منهنجي ۾ ٻن پُٽن احسان ۽ رضوان پنهنجي مئرٽ تي پنهنجن سبجيڪٽس ۾ پوزيشن کڻي ڪاميابي
ماڻي ته مون کي ڀرپور خوشي ٿي هئي. گهڻي خوشي ان ڳالهه جي به ٿي ته اُهي ٻئي
منهنجي ئي ڪاليج ۾ منهنجي نوڪريءَ دوران ئي مقرر ٿيا ۽ ساڳي سال مون رٽائرمينٽ
ورتي. ان خوشيءَ ۾ هڪ ٻي خوشيءَ جو اضافو تڏهن ٿيو جڏهن ساڳئي ئي سال منهنجي ٽين
نمبر پُٽ آغا عمران کي به موٽر وي پوليس ۾ سب انسپيڪٽر طور چونڊجي ويو ۽ ڪجهه سالن
بعد کيس ترقي ملي ته به ڏاڍو خوش ٿيس. آغا عمران موٽر وي پوليس ۾ لڳ ڀڳ پنڌرنهن
سال نوڪري ڪئي ۽ پاڻ مڃايو، جنهن بعد هن جوڊيشري ڏانهن رخ رکيو ۽ سالن جي محنت بعد
هڪ ڏکئي امتحان جا سڀ مرحلا پار ڪري جڏهن سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، ته
مون سميت سموري ڪٽنب کي بيحد سرهائي ٿي.ائين ئي منهنجن ٻنهي ننڍن پُٽن آغا ذيشان ۽
آغا اظهار کي به جڏهن نوڪريون مليون ته مان ڏاڍو خوش ٿيس.
• منهنجي ٻچن
سماج ۾ پنهنجو مقام ۽ منزل ماڻي ورتي آهي، کين پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ وڏي عزت ۽
احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندن تعريف ٿئي ٿي. اها ڳالهه مون لاءِ بي انتها
خوشيءَ جو باعث آهي. پنهنجن پُٽن کي ادب جي دنيا ۾ مڃتا ملڻ تي ته اڃا به گهڻي
سرهائي محسوس ڪندو آهيان. خاص طور ڊاڪٽر احسان دانش ۽ رضوان گل ته سنڌي ادب جي
دنيا ۾ پاڻ کي مڃائي چڪا آهن ۽ سندن ڪيترائي ئي ڪتابَ پڻ شايع ٿي چڪا آهن، پر آغا
عمران به هڪ تخليقي ليکڪ آهي ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي چڪو آهي. منهنجي لاءِ
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو منهنجي اولاد کي منهنجي طرفان ادبي وراثت به ملي آهي.
• وڏو فرزند
احسان دانش جڏهن سنڌي ادب (لطيفيات) ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽر بڻيو ته سچ پچ ڏاڍي
خوشي ٿي، جو سندس ڇهن سالن جو تحقيقي پورهيو ساب پيو ۽ علمي ادبي کيتر ۾ کيس وڏي مڃتا
ملي.
• لاڙڪاڻي
کان علاوه ٻين شهرن توڙي ملڪ جي ٻين حصن ۾ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي
حاصل ٿيندي هئي.
• پنهنجي
علمي ۽ قلمي پورهيي توڙي شخصيت متعلق عالمن، اديبن، استادن، دانشورن ۽ دوستن طرفان
ڪيل تبصرا پڙهي بيحد خوشي حاصل ٿيندي رهي. خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر
غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، حميد سنڌي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، انيس انصاري، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر
بدر اڄڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال،
منظور ڪوهيار، اياز گل، احمد خان مدهوش، وفا ناٿن شاهي، مقصود گل، مختيار سمون،
محمد هاشم حامي، انيس گل عباسي، جهانگير عباسي، سڪندر عباسي، پروفيسر غلام الله
شيخ، عبدالمنان چانڊيو، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، ڊاڪٽر فضل حق خورشيد، پروفيسر غلام
حسين ڪٽپر، پروفيسر سرور سيف، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر اسحاق انصاري،
مختيار گهمرو جا منهنجي شخصيت ۽ ڪم تي ڏنل رايا پڙهي مون ڏاڍي سرهائي محسوس ڪئي.
• مون کي
پنهنجي علمي ادبي پورهيي جي مڃتا لاءِ جيڪي به ايوارڊ ۽ اعزاز مليا آهن، انهن تي
مون کي خوشي محسوس ٿي آهي، جيڪڏهن رڳو ايوارڊ ئي ڳڻبا ته ٻه ڊزنن کان مٿي ٿي ويندا
پر جيڪا سرهائي ۲۰۲۱ع ۾ سنڌ جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ايوارڊ ”لطيف ايوارڊ“ ملڻ تي ٿي اها بيان ڪرڻ
کان ٻاهر آهي.
ننڍيون وڏيون
حسرتون، ڏُکَ ۽ تڪليفون
ڏکَن ۽ تڪليفن جو
جيون سان اٽوٽ انگ آهي ۽ انسان جون خواهشون به اڻ کُٽ آهن، جيڪي شايد ئي هڪ
زندگيءَ ۾ پوريون ٿي سگهن. تڏهن ئي شايد شاعر چيو هو ته ”هزارين خواهشين ايسي که
هر خواهش په دم نکلي.“ سو مون به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي خواهشون ڪيون، انهن
مان ڪي ته ڏاڍيون معصوم خواهشون به هيون. ڪي پوريون ٿيون ته ڪي اڌوريون ۽ اڻ
پوريون رهجي ويون. ائين ئي سڄي زندگي انيڪ ننڍن وڏن ڏکن ۽ تڪليفن جي لمحن مان به
گذرندي رهي. زندگيءَ جا ڪي ڏُک ته اهڙا آهن، جو انهن کي جيون ڀر جو روڳ چئي سگهجي ٿو
۽ اهي مان هتي بيان به نه ٿو ڪري سگهان. ڪي ڏکَ ماڻهوءَ کي ٽوڙي وجهندا آهن پر اهو
به سچ آهي ته ڪي سور انسان کي سگهه به ڏيندا آهن ۽ ماڻهو نئين حوصلي سان جيئڻ لڳندو
آهي. اهڙي موقعي تي ڄڻ ڏُکَ رهنما بڻجي ويندا آهن. جيئن لطيف سائين چيو آهي؛ ”ڏيکاريس
ڏُکن، گوندرَ گَسُ پرين جو...“ مان هتي پنهنجي زندگيءَ جي ڪن معصوم خواهشن ۽ ڏکن
جو مختصر ترين ذڪر به ڪرڻ چاهيان ٿو.
• منهنجي
زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا لمحا به آيا جڏهن مان پاڻ کي بلڪل به تنها محسوس ڪيو، انهن لمحن
۾ ائين لڳو ڄڻ منهنجا سڀ عزيز، مٽَ مائٽ، همدرد مون کي تنها ڇڏي وڃي پنهنجن ڪمن
سان لڳا آهن. اهڙي لاتعلقي مون کي ڀوري وجهندي هئي ۽ اهڙي ڪيفيت ۾ مان اڪيلائي ۾ ڏاڍو
روئندو هوس.
• پنهنجي ٻيو
نمبر نياڻيءَ نگهت سيما جي شاديءَ جي موقعي تي عين لائون لهڻ جي وقت اسان جي ئي
گهر ۾ منهنجي سالي ۽ منهنجي نياڻيءَ جي سهري کي شديد دل جو دورو پيو ۽ هو ٿڏي تي
وفات ڪري ويو، جنهن سان سڄي ڪٽنب سميت مون کي وڏو صدمو پهتو. شادماني وارن گهرن ۾
روڄ راڙو پئجي ويو. اهو اسان جي خاندان جو هڪ وڏو حادثو هو، جنهن کي هن وقت به ياد
ڪندو آهيان ته دل تڙپي پوندي آهي. ٻئي ڏينهن تي شادي واري پنڊال ۾ تڏو وڇايو ويو
هو.
• ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن بابا سائين جو سايو سر تان هٽي ويو
ته بيحد ڏُک پهتو ۽ پاڻ کي ساڻو محسوس ڪيم. ڪجهه سالن بعد امڙ جيجل جو به انتقال ٿي
ويو ته يتيميءَ جو شدت سان احساس ٿيو ۽ اندر ۾ غم جو سيلاب اٿلي پيو. والدين جي کوٽ
ڪوبه پوري نه ٿو ڪري سگهي.
• پنهنجن
تمام ويجهن پيارن ۽ ڀائرن جهڙن دوستن مولا بخش ڀُٽي، محمد يوسف لغاري، محمد يوسف
شيخ جي انتقال تي دل کي رنج ۽ غم وڪوڙي ويو ۽ مَنُ ملول ٿي پيو. سوچيندو آهيان اهڙا
پيارا انسان زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ئي ايندا آهن. موت حقيقت آهي، ان کان انڪار ته ممڪن
ناهي پر جڏهن به پنهنجا ۽ پيارا وڇڙي ويندا آهن ته دل کي وڏو صدمو ڏئي ويندا آهن.
اڄ به پنهنجن انهن دوستن کي ياد ڪندو آهيان ته اکيون آليون ٿي وينديون آهن.
• پنهنجي شريڪِ
حيات جي جان ليوا بيمارين برين ٽيومر ۽ دل جي دوري جو ٻڌي تمام گهڻي پريشاني ۽ تڪليف
ٿي. انهن بيمارين جا ڏکيا آپريشن به زندگيءَ جا ڏکيا مرحلا هئا، اسپتالن ۾ هلندڙ
سندس علاج ۽ صحتمند ٿيڻ تائين جو سڄو عرصو انتهائي بيچينيءَ ۾ گذريو.
• ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر واري دور ۾ ئي مون کي وڏي ادبي مڃتا ملي چُڪي هئي،
مون سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ورتي هئي، علمي ادبي پورهيو ايترو جهجهو هو ۽ ايترا ڪتاب
شايع ٿي چڪا هئا، جو صدارتي ايوارڊ لاءِ گهربل معيار تي پورو پئي لٿس ۽ سرڪاري سطح
تي ڊپٽي ڪمشنر جي معرفت منهنجو نالو ايوارڊ لاءِ تجويز ڪيو ويو، اها شايد ۱۹۹۵ع جي ڳالهه آهي، پر خير ان سال منهنجو نالو
فائينل نه ٿي سگهيو. سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي ته ان ايوارڊ ڏانهن ڪو ڌيان به
نه هو، جو مون پنهنجو ادبي ڪم ڪنهن سرڪاري ايوارڊ وٺڻ لاءِ نه پئي ڪيو پر ڪجهه
سالن بعد جڏهن مون رٽائرمينٽ ورتي ته هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجو نالو ايوارڊ لاءِ موڪليو
ويو ۽ لاڳاپيل اداري طرفان اڳواٽ پَڪ ڏني وئي ته هن ڀيري ايوارڊ اوهان کي ئي
ملندو. ان وقت مون کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته شايد اهو ايوارڊ منهنجو حق آهي، جو
مون کان اڳ منهنجن جن هم عصر اديبن کي اهو ايوارڊ ملي چڪو هو، منهنجو ڪم انهن کان
گهٽ نه هو. سفارشين جي دور ۾ مئرٽ تي ڪجهه ملڻ به معجزو هوندو آهي، سو منهنجي
زندگيءَ ۾ ٻيو ڀيرو به اهو معجزو نه ٿيو. ڪجهه عرصو اڳ ٽيون ڀيرو به صدراتي ايوارڊ
لاءِ منهنجو نالو نامينيٽ ٿيو هو پر تڏهن به اهو منهنجي حصي ۾ نه آيو. سچ ته
منهنجي لاءِ منهنجي پڙهندڙن جو پيار ۽ موٽ ئي وڏي ۾ وڏو ايوارڊ آهي.
• منهنجي زندگيءَ جي هڪ معصوم حسرت اها هئي ته ڪاش دنيا جا حسين ملڪ پنهنجين اکين سان ڏسان ۽ انهن جي حُسناڪين کي پنهنجين اکين ۾ سمايان، جن ملڪن جي خواهش سڄي زندگي رهي سي هن وقت تائين نه ڏسي سگهيو آهيان ۽ هاڻي عمر ۽ صحت ڊگها سفر ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي، تنهن ڪري اها حسرت حسرت ئي رهجي وئي.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي ”ڪاوش دنيا“ ۾ ۳ اپريل ۲۰۲۲ع کان ۱۹ مارچ ۲۰۲۳ع تائين ۴۸ قسطن ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا