; سنڌي شخصيتون: مخدوم عبدالواحد سيوستاني

30 April, 2022

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

(۱۷۳۷ع - ۱۸۰۹ع - نعمان ثاني - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



مخدوم عبدالوالحد صديقي سيوستاني، ولد دين محمد صديقي جي گهر قديم شهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ جا هئا. جتي سندس ڏاڏو مخدوم “عبدالواحد ڪبير” رهندو هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي پاڻ جامع علومن جا صاحب دينوي، فقهي، شرعي فتويٰ جا مظهر هئا. سندن خاندان مذهبي علمي ادبي ۽ قاضي القضاءِ جي عهدي تي فائض هوندا هئا. سيوهڻ هر دور ۾ علم جو گهوارو رهيو آهي. پر مخدوم عبدالواحد صديقي جي دؤر ۾ مذهبي ديني فقهي حوالي سان هڪ اهم حيثيت رکندو هو. مخدوم سليم الله صديقي لکي ٿو ته؛


“مخدوم عبدالوحد سيوستاني رح هڪ اعليٰ ۾ مانوري مذهبي علمي، ادبي ۽ دنياوي شان و شوڪت واري نسب حسب سان تعلق رکندڙ هو. سندس خاندان صدين کان “امربا المعروف ۾ نهي عن المنڪر جي فرض جي ادائگي ۾ مصروف رهيو. هي خاندان سنڌ ۾ پهريائين موجوده دادو ضلع جي مردم خيز شهر ‘پاٽ’ شريف ۾ آباد ٿيو. هن خاندان جا ڪجهه فرد ڪلهوڙن جي دور ۾ پاٽ شريف مان سيوهڻ منتقل ٿيا. اڄ تائين قلندر لعل شهباز جي مقبري سان گڏ اهو پاڙو آباد آهي. انهيءَ پاڙي ۾ مخدوم عبدالواحد سيوستاني ڄائو، نپنو ۽ نالو ڪڍيائين.” (صديقي، ۲۰۰۹:الف )

تصنيفات.

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي چوٽي جو عالم هو، ان ڪري کيس نعمان ثاني سڏيندا هئا. درس تدريس ڏيڻ سان گڏ، قاضي الضا، فقهي ۽ فتويٰ جي منسب تي فائز هو. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون عالم آشڪار آهن، سنڌ هند، عرب عجم تائين مڃيون ۽ تسليم ڪيون ويون آهن.

بياض واحدي

بياض واحدي فتويٰ ۽ فقهي مسئلن جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. بياضي واحدي کي فتويٰ واحدي سان به ياد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سندس اصل نالو “جمع المسائل عليٰ حسب النوازل) آهي. هن ڪتاب جا ۳ يا ۴ جلد چيا وڃن ٿا، جڏهن ته هي ڪتاب فارسي ۽ عربي ۾ لکيو ويو. مولانا سعيد احمد ڀٽو بياض واحدي کي ٻن جلدن ۾ آڻي. ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان ۲۰۰۶ ۾ پهريون ڇاپو ڇپيو ويو آهي، ان جو تعليقات مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي لکيو آهي. ڪتاب جي باري ۾ مخدوم سليم الله صديقي لکي ٿو:

هن ڪتاب مان مخدوم صاحب جي دؤر جي معاشر تي، روحاني، مذهبي، ثقافتي، ۽ ادبي حالتن تي پڻ روشني پوي ٿي. جيئن معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ سنڌي زبان ايتري ته مقبول ۽ عام ٿي وئي هئي. جو ڪجهه حلقا خطبو سنڌي زبان ۾ ڏيڻ جو خيال رکندا هئا. جيئن هڪ هنڌ سوال ڪيو ويو آهي ته خطبه بزبان سنڌي بخواندن جائز است يا نه؟

جمعي جو خطبو سنڌي زبان ۾ پڙهڻ جائز آهي يا نه؟ (صديقي، ۲۰۰۶: ڦ)

بياض واحديءَ کي فقهي مجموعي کان علاوه اسين سنڌ جي علمي تاريخ جي هڪ اهم ڪڙي طور ڳڻي سگهون ٿا. منجهس ان دور جي ريتن رسمن، سماجي حالتن ۽ معاشي ڪمزورين کان سواءِ عالمن، اديبن، ڪتابن ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا پڙهن لاءِ ملن ٿا. (شيخ، ۲۰۰۶: ۳)

مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو تخليقي ڪم ايترو گهڻو آهي جو سندس ڪم تي ڪيتريون ئي پي ايڇ ڊيون ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته ڪجهه ٿيون به آهن، جن ۾ هي آهن

“مخدوم عبدالواحد سيوستاني جا حالات ۽ علمي خدمات” اردو زبان ۾ مقالو لکندڙ:

قاضي محمد عياض ولد قاضي محمد افضل.

“مخدوم عبدالواحد سيوستاني وفتويٰ الفقهيه” (عربي)

مقالو لکندڙ محمود امباني امين قناوي المدرس بالا زهر الشريف.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني ونظرة في التصرف (عربي) مقالو لکندڙ خالد ٽالپر

“مخدوم عبدالواحد جو علمي مقام”

تحقيق ڪندڙ عبدالحميد قلندراني (جامع همدرد ڪراچي يونيورستي.

 مٿيون سڄو، علمي ادبي، فقهي، تحقيقي ڪم همدرد يونيورسٽي، ڪراچي ۾ ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ مخدوم محمد هاشم کي جيڪو مقام حاصل هو. ان کان پوءِ اهڙو ئي مقام مخدوم عبدالواحد کي حاصل ٿيو. وقت جا عالم سندس فتويٰ آڏو سر جهڪائي ڇڏيندا هئا. سندن جاري ڪيل فتوائن جو بياض “جمع المسائل علي حسب النوازل” جيڪو بياض واحدي جي نالي سان مشهور آهي سندن فن فتويٰ نويسي جو اهم شاهڪار آهي. (راجپر، ۲۰۰۸: ۳۰).

رسائل سيوستاني

مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ ننڍا وڏا ڪيئي رسالا لکيا اُهي عربي ۽ فارسي ۾ هئا. انهن مان ۲۱ رسالا محمد انس راڄپر سنڌي ترجمي ۾ آندا آهن. جيڪي ’رسائل سيوستاني‘ جو نالو ڏئي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيا ويا آهن. اهي ۲۱ ئي رسال فقهي مسئلن بابت ئي آهن. ’رسائل سيوستاني‘ ۾ جيڪا رسالا سنڌي ترجمي ۾ آندا ويا آهن اهي هي آهن.

اصدق التصديق بافضليهﮣ الصديق (۲) براهين الغر في منع بيع الحر (۳) الاربعين چاليهه حديثون (۴) ايضاح الخافيهﺒ في سوال العافيت (۵) السبيل الوسطي في اعفاءِ الباطن (۶) ڪشف الڪا من في علم الباطن (۷) تيسير القدير اضحيهﺒ الففير (۸) ارشاد الصواب لمن وقع بعض الصحاب (۹) الادراڪ لضعف ادلهﺒ التنباڪ (۱۰) بسط المقال في حل الاشڪال (۱۱) انوار الفيوضات الباطينهﺒ (۱۲) اجوبه دلپيوندبا سولهﮣ ملا جيوند (۱۳) تهديد الغافرفي تغذيب الڪافر (۱۴) حسن الفهم والتعقل في جمع الڪسب والتوڪل (۱۵) نصب السارب في قس الشارب (۱۶) طريق السداد في وجواب الاعتداد (۱۷) لطف اللطيف في اعطاءِ الرغيب (۱۸) حبرالتسڪين في ڪسر التنوين (۱۹) تسهيل الصعب في ابيات ڪعب (۲۰) مراة الحليهﮣ (۲۱) علم باطن.

قلندر نامو (ناياب)

ديوان واحدي (ناياب)

مٿين ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ ڪجهه هي به نالا ملن ٿا. رسالا در عدالت امير معاويه، حاشيه ااشباهه والنظائر، سبيل الواسين، فضائل ربيع، السيرالمطلوب في زيارت اڪبر محبوب وغيره.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني، نثر سان گڏ شاعر به هو. پاڻ محقق، مجتهد، عالم، فاضل، درس وتدريس ڏيندڙ، ۽ سندس فتويٰ. سنڌ جي حيثيت رکندر هئي. ۴ رمضان ۱۲۲۴هه/ ۱۸۰۹ع تي سيوهڻ ۾ وفات ڪيائون سندس لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

توڪل جي دعويٰ ڪندڙ واندن جي مذمت ۾. تنبيهه المغترين ۾ آهي ته سيدنا عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنه چوندو هو. اوهان مان ڪوبه ائين نه ڪري ته مسجد ۾ ويهي رزق جي طلب ڇڏي ڏئي ۽ چوندو رهي اي الله مون کي رزق عطا ڪر ڇاڪاڻ ته اهو سنت جي خلاف آهي. جڏهن ته اوهان ڄاڻون ٿا ته آسمان سون چاندي نه وسائيندو آهي. امام احمد بن حُمبل رضي الله تعاليٰ عنه کان پچيو ويو ته هڪ مرد پنهنجي گهر يا مسجد ۾ ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو. آن ايستائين ڪوبه عمل نه ڪندس جيستائين الله مونکي منهنجو رزق نه ڏيندو. ته چيائين اهو ماڻهو جاهل آهي. علم نه ٻڌو اٿس ته الله منهنجو رزق منهنجي تلوار جي پاڇي هيٺ رکيو آهي. (سيوستاني ۲۰۰۸ع)

حوالا

صديقي، پاٽائي، سليم الله، مخدوم ،۲۰۰۸: رسائل سيوستاني، مقدمو ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

صديقي، پاٽائي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۶: بياض واحدي، مقدمو ،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

شيخ، انعام، ۲۰۰۶: بياض واحدي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

راڄپر، محمد انس، ۲۰۰۸: رسائل سيوستاني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

سيوستاني، عبدالواحد، مخدوم، ۲۰۰۶: رسائل سيوستاني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا