; سنڌي شخصيتون: March 2024

09 March, 2024

شبير هاتف

شبير هاتف

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



شبير هاتف جو اصل نالو شبير علي شاهه ۽ سندس والد جو نالو سيد الهه بخش شاهه هو. سندس جنم ۲۸ صفر ۱۳۵۹ هجري مطابق ۴ اپريل ۱۹۴۰ع تي وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو. هي ڪافي جي ڀلوڙ شاعر حافظ شاهه جو ڏوهٽو، قاضي اسدالله شاهه ”فدا“ جو پوٽو، غلام رسول شاهه ”سوز“ ٽکڙائي جو ڀاڻيجو، سيد ميران محمد شاهه جو ڀائيٽو، حافظ شاهه ”ناطق“ حسيني ۽ اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني جو ننڍو ڀاءُ، امداد حسيني جو سئوٽ هو. 

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر، ليکڪ، اداڪار، صداڪار، سياستڪار، نوحه خوان انعام ٽکڙائي ۸ اپريل ۲۰۲۱ع تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو، انعام ٽکڙائي جو جنم انتهائي غريبي واري ماحول ۾ ۱۲ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي سنڌوءَ دريا جي هنج ۾ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير ۽ والد جو نالو محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. 

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر

اسحاق سومرو



سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو تعلق سنڌ جي ھڪ پراڻي سياسي ۽ جاگيردار گهراڻي سان آھي. سندس ڏاڏو، والد ۽ چاچو پڻ اسيمبلي ميمبر رھيا آھن. سندس خاندان جو تعلق سنڌ جي لڪياري سيدن جي ميان پوٽي آڪھ سان آھي. سندس پڙ ڏاڏو سيد ميان پير شاھ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سندن ڪاردار (مختيارڪار) ٿي محرابپور تعلقي سڪرنڊ ۾ اچي مقيم ٿيو. محرابپور ۽ صدر آصف علي زرداري جو آباڻو ڳوٺ فتوحل زرداري سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھن. ٻنھي پاڙيسري ڳوٺن وچ ۾ مفاصلو ۱۰ ڪلوميٽر ٿيندو. ٻنھي جو تعلق سڪرنڊ تعلقي ضلعي شھيد بينظير آباد سان آھي. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو ڏاڏو سيد حسن بخش شاھ ۱۹۵۳ ۽ ۱۹۵۶ واري مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رھيو. پاڻ جي ايم سيد جو ھمعصر ۽ کيس انتھائي ويجھو رھيو. مسلم ليگ، عوامي محاذ، ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۾ ساڻس گڏ رھيو. ياد رھي ته سيد حسن بخش شاھ مغربي پاڪستان اسيمبلي جو سنڌ مان انھن چئن ميمبرن مان ھڪ ميمبر ھو، جيڪي ون يونٽ جو بل پاس ٿيڻ واري ڏينھن تي اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر رھيا ۽ ون يونٽ جي حق ۾ پنھنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيائون.

شيخ عبدالحليم جوش

شيخ عبدالحليم “جوش”

“جوش” گم آهي گمنام نه آهي...

حسيب ناياب منگي



صدين کان وٺي سنڌ جي سرزمين تي سوچن جي سرهاڻ جو سلسلو جاري آهي. شاعري جنهن ۾ خوبصورتيءَ جي ساراه آهي، سچائيءَ جي ڳالهه آهي، هر هڪ ڪوي وٽ فڪر ۽ ان جي اُڏام گهڻي کان گهڻي تيز آهي. ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار آهي، آزاديءَ جو پيغام آهي، نوان نوان خيال متعارف ڪرائڻ جو جوش ۽ جذبو توڙي محبت کي خاص انداز سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ خوبصورت لفظن جو جڙاءُ جنهن جنهن به شاعر پنهنجي پورهئي سان فڪري شعور ڏنو آهي سو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس وارن وٽ مهان ثابت ٿيو آهي. اسان جي آڏو شيخ عبدالحليم “جوش” نقاد جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ مشهور رهيو آهي. پر شاعر جي روپ ۾ کيس پرکبو ته اعتراف ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ وارو، سادي سولي ٻوليءَ ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ وارو، ديس وارن کي پنهنجي ڪلام وسيلي شعور ڏيڻ وارو ڪوي آهي. هن به ڌرتيءَ جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن شاعرن وانگر چاهيو ته ڌرتيءَ تان هر هڪ فرق مِٽجي وڃي، هر هڪ جاءِ تي جيڪا نفرت باهه وانگر ڦهلجي رهي آهي تنهن جي پاڙ پٽجي وڃي. اسان جو ديس خوشحال بڻجي وڃي ۽ امن جو ڏيئو هر هنڌ روشن ٿي وڃي. شيخ عبدالحليم “جوش” جي ڪلام کي پڙهڻ کانپوءِ لکڻو پوي ٿو ته سندس سخن طرازيءَ ۾ وفا جي خوشبو ۽ ايثار جو جذبو موجود آهي.

راز بلڙائي

راز بلڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس راز بلڙائيءَ جو اصل نالو عبداللطيف ڪوريجو ۽ سندس والد جو نالو عبدالستار ڪوريجو هو. هن نامور شاعر ۱۲ ڊسمبر ۱۹۲۳ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر درويش، تعلقي گھوڙا ٻاريءَ ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل ۽ انگريزي جا ٽي دجا پاس ڪري، هن عملي زندگيءَ جو آغاز پوليس کاتي ۾ نوڪري اختيار ڪرڻ سان ڪيو ۽ پوءِ استاد ٿيو. ٽنڊي محمد خان جي تاريخي وسنديءّ بلڙي شاهه ڪريم ۾ لڏي اچي رهائش اختيار ڪرڻ سبب "بلڙائي" سڏائڻ لڳو، شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. شعر ۽ شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد زمان طالب الموليٰ ۽ حافظ عبدالله "بسمل" ٽکڙائي هئا، جن سندس گھڻي رهنمائي ڪئي. ۱۹۵۴ع ۾ حيدرآباد ۾ فقير منزل عامل ڪالوني ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد رکيو ويو. اُن وقت بزم جو دائرو صرف حيدرآباد تائين محدود هو. ان بزم جو سرپرست مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، صدر الله بخش عقيلي ۽ سيڪريٽري عبداللطيف ”راز“ بلڙائي کي منتخب ڪيو ويو.