شيخ عبدالحليم “جوش”
“جوش” گم آهي گمنام نه
آهي...
حسيب ناياب منگي
صدين کان وٺي سنڌ جي سرزمين تي
سوچن جي سرهاڻ جو سلسلو جاري آهي. شاعري جنهن ۾ خوبصورتيءَ جي ساراه آهي، سچائيءَ
جي ڳالهه آهي، هر هڪ ڪوي وٽ فڪر ۽ ان جي اُڏام گهڻي کان گهڻي تيز آهي. ڌرتيءَ سان
عشق جو اظهار آهي، آزاديءَ جو پيغام آهي، نوان نوان خيال متعارف ڪرائڻ جو جوش ۽
جذبو توڙي محبت کي خاص انداز سان پيش ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾
خوبصورت لفظن جو جڙاءُ جنهن جنهن به شاعر پنهنجي پورهئي سان فڪري شعور ڏنو آهي سو
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس وارن وٽ مهان ثابت ٿيو آهي. اسان جي آڏو شيخ عبدالحليم “جوش”
نقاد جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ مشهور رهيو آهي. پر شاعر جي روپ ۾ کيس پرکبو ته
اعتراف ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ وارو، سادي سولي ٻوليءَ ۾
پنهنجا خيال پيش ڪرڻ وارو، ديس وارن کي پنهنجي ڪلام وسيلي شعور ڏيڻ وارو ڪوي آهي.
هن به ڌرتيءَ جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن شاعرن وانگر چاهيو ته ڌرتيءَ تان هر هڪ فرق
مِٽجي وڃي، هر هڪ جاءِ تي جيڪا نفرت باهه وانگر ڦهلجي رهي آهي تنهن جي پاڙ پٽجي وڃي.
اسان جو ديس خوشحال بڻجي وڃي ۽ امن جو ڏيئو هر هنڌ روشن ٿي وڃي. شيخ عبدالحليم
“جوش” جي ڪلام کي پڙهڻ کانپوءِ لکڻو پوي ٿو ته سندس سخن طرازيءَ ۾ وفا جي خوشبو ۽
ايثار جو جذبو موجود آهي.
شيخ عبدالحليم “جوش” جي سڃاڻپ
جو هڪ حوالو سندن والد شيخ عبدالله “عبد” پڻ آهي جيڪو پڻ ڏاتر جي عطا ڪيل ڏات سان
قلم جي مدد سان ڪاغذن تي سوچن جي سرهاڻ آڻي ادبي ماحول کي معطر ڪندو رهيو هو. سندس
ڪلام مان حقيقت جي خوشبو اڄ به اچي رهي آهي. ٻنهي پيءُ پٽ جو ادبي دنيا ۾ پورهيو
سندن نيڪ نيتيءَ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سمجهڻ وارن جي لاءِ ته وڻندڙ لفظن جي کاڻ آهي. شيخ
عبدالحليم “جوش” جي سوانح جا ماخذ کلي عام بنا ڪنهن فرق جي پڌري پَٽ آهن ته اسان
جو هي سادو، سچو ۽ بهترين ڪردار جو مالڪ شاعر ڪراچيءَ ۾ ۱- مارچ ۱۹۳۲ع ۾ پيدا ٿيو. ڪراچيءَ کان
ميرپور خاص ۽ وري ڪراچيءَ ڏانهن موٽي تعليم مڪمل ڪري، ڪراچيءَ ۾ ئي نوڪري ڪيائين.
استاد کان اطلاعات کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي رهڻ تائين ڪراچيءَ ۾ ئي رهيو. شاعريءَ جي
شغف کان مشاعرن ۾ اچڻ تائين، اسٽيج تي اچي پڙهڻ کان ادبي تنظيمن جو حصو ٿي رهڻ
تائين هن ڪراچيءَ ۾ رهندي، ڪراچيءَ جي ماحول کي اکين سان ڏٺو آهي. هو ڪراچيءَ جي
گهڻين ئي ڳالهين، روايتن ۽ احوالن جو اکين ڏٺو شاهد پڻ آهي.
شيخ عبدالحليم “جوش” جنهن گهراڻي
۾ جنم ورتو، تنهن گهر جي ماحول جو مٿس گهرو اثر ٿيو. شاعري ۽ شاعرن جو احوال، ڪتابن
۽ ماحول يا نالي وارن ڪوين جي صحبت کيس شاعريءَ ڏانهن آندو. شعرگوئيءَ جي شوق ۾ ئي
لکڻ شروع ڪيائين. پنهنجي والد مرحوم شيخ عبدالله “عبد” کان اصلاح ڪرائيندو هو.
سندس ڪلام مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ جڏهن ڇپيو ته مڃتا ماڻڻ لڳو. ايتري ۾ ئي پاڻ “بزم
ادب نظامي” يا “محفل احباب” جي اعلانيل طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺڻ لڳو. وڏن وڏن شاعرن
جي آڏو ڪلام پيش ڪري داد وصول ڪرڻ لڳو.
جذبه ء دل جي تقاضا وک وڌائيندا
هلو،
پـــاڻ کــــي مـنـزل بمنزل
آزمـــائيندا هلو.
وقت منصف آهه پڌرا ٿو اڇا ڪارا ڪري،
شام کي ڀل صبح جو همسر بڻائيندا
هلو.
درد سان ئي زندگيءَ ۾ لطف آهي
دوستو،
غم ڏئي مون کي، خوشي منهنجي وڌائيندا
هلو.
شيخ عبدالحليم “جوش” پنهنجي
خوبصورت لفظن جي جوڙ ۽ شاعراڻي ڏات کي سنڌي شاعريءَ جي گهڻن ئي صنفن ۾ استعمال ڪري
ڏيکاريو پر غزل جي زمين تي هن جيڪي لفظن سان موتين جون مالائون جوڙي ڏيکاريون تنهن
۾ ثابت ٿيو ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد حيثيت جو مالڪ آهي. غزل ۾ درد توڙي پيڙائن
کي جنهن نموني “جوش” صاحب لکيو، سو واقعي پڙهڻ وٽان آهي. ڪٿي زخمن جي ڳالهه آهي ته
ڪٿي چوٽ کائڻ جا احوال ملن ٿا. ڪٿي جدائي جي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪٿي آٿت جهڙا اشارا ڏيئي
ٿو:
در تي کڙڪو ٿيو ته دل کي چيم،
ڪــــو ته بــيــمــار کــــي ڏسڻ
آيــــو.
مون کي بيحال جنهن ڪيو اي دل،
سو وري حَــــال ڀــــي پُـــڇـــــــڻ
آيـــــو.
شيخ عبدالحليم “جوش” عشق جي ڳالهه
ڪئي آهي، وڇوڙي متعلق لکيو آهي، تڪليفن ۽ ڏکن کي به هر هر پنهنجي ڪلام ۾ ورجايو
آهي. پرين جي ڏنل غم کي به ياد ڪري ٿو ته وري پنهنجي سپرين کان پيار ۽ اختيار وٺڻ
لاءِ به آتو آهي:
غم ڀلي تون هزار ڏي مون کي،
دل تي پر اختيار ڏي مون کي.
حسرتن جا ڏيئا جلائيندس،
حسرتون بيشمار ڏي مون کي.
تنهنجي نيڻن جي هڪ نهار کپي،
جام کڻ ۽ خمار ڏي مون کي.
شيخ عبدالحليم “جوش” متعلق
مولانا غلام محمد “گرامي” مرحوم جن لکي ويا آهن ته “سندس فن ۾ قلندرانه بيباڪي
آهي. سندس تغزل ۾ غزل جا تمام نفيس قدر ۽ معيار سمايل آهن. ماحول ۽ زندگيءَ جي
مسئلن جي ترجماني، سندس اشاريت ۽ رمزيت ۾ سمايل آهي. (ٽه ماهي مهراڻ شاعر نمبر ص ۵۷۹) محترم اياز قادري سندس ڪلام متعلق رايو ڏيندي لکيو هو ته “هن سنڌي غزل کي
خيالن جا نوان گل ۽ رمزيت ۽ اشاريت جي خوشبو عطا ڪئي آهي”. (سنڌي غزل جي اوسر ڀاڱو
ٻيو ص ۴۷۳). مرحوم سائين امداد حسيني
لکيو هو ته “جوش بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. ٻوليءَ، گهاڙيٽي، پيشڪش جي لحاظ کان
پڪو پختو شاعر آهي... جوش نه رڳو موضوع جي صحيح چونڊ ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت فن کي
به مقدم سمجهي ٿو”. (اونده ۾ لاٽ ص ۱۶ ۽ ۱۷ ) مرحوم سائين تاج بلوچ، شيخ عبدالحليم “جوش” جي شاعري جي حوالي سان لکيو
ته “حليم جوش جي شاعري هڪ نئين احساس ۽ ادراڪ جي شاعري هئي ۽ اڄ به هن جي فن ۽ فڪر
۾ سلاست، تازگي، نواڻ ۽ نئين حسيت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو... حليم جوش خاموش طبع،
گهٽ ۽ سٺو لکندڙ شاعر آهي”. (اونداه ۾ لاٽ ص ۲۹ ۽ ۳۰).
درد کي لادوا ڪري ته ڏسان،
عشق جي انتها ڪري ته ڏسان.
ڇو هلان رهنما جي مرضي تي،
پاڻ کي رهنما ڪري ته ڏسان.
زندگي ۽ سڪون جي ڳولا،
تجربو ٿيندو، ها، ڪري ته ڏسان.
شيخ عبدالحليم “جوش” جا نظم به
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. نظمن ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته ازخود اظهار ڪنداسين ته هو روشن
خيال، وطن پرست ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. هن جي وات تي امن ۽ محبت جي ڳالهه
آهي. سندس ڪلام جو ڪيترو ئي حصو نصاب ۾ پڻ شامل آهي. جنهن مان انساني خدمت جو
جذبو، احساسن جون گهرايون ۽ وطن دوستيءَ جا مثال پڌرا ٿين ٿا:
رنگ ۽ نسل جي لِيڪن کي مِٽايون
گڏجي،
بـاه نـفـرت جـي جـتي آهـــي
وِسايون گڏجي.
موه مايا جو، ڪپت، ڪوڙ، حسد ۽ ڪينو،
پـاڻ کــي پـــاڻ جي ڦندن کان ڇڏايون
گڏجي.
علم سان حلم هجي، سوچ سان گڏ
سچائي،
اهـــڙو پـيـغـام زمــاني
کــــي ٻــــڌايــون گڏجي.
زنــدگـــي آهــــي ٻـيـن لاءِ ٻـيـن
ســــان آهــــــي،
ڪو ٻُڏي ٿو ته هلي اُن کي
بچايون گڏجي.
شيخ عبدالحليم “جوش” صحافت به ڪئي،
روزاني هلال پاڪستان جي ايڊيٽر سان گڏوگڏ کيس ماهوار پيغام ڪراچي جي ايڊيٽر رهڻ جو
موقعو پڻ مليو، صحافت جي ميدان ۾ به کرو، سچو ۽ صاف رهيو. نيڪ نيتيءَ سان اصلاحي
تنقيدي پهلوئن کي اجاگر ڪيائين. سندس مضمون ۽ مقالا پڻ رسالن جي صفحن جي زينت بڻيل
آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو “اونده ۾ لاٽ” جي نالي سان ڇپيل آهي. اسان وٽ ڪي ڪي
ڪردار اهڙا به اڀري آيا آهن، جن کي پنهنجي تعريف يا شهرت جي ڪابه ضرورت نه هوندي
آهي شيخ عبدالحليم “جوش” جهڙي باهمت ۽ پر عزم شخص جو شمار به اهڙن ئي ڪردارن ۾ ٿئي
ٿو.
ظاهر نه ٿيو ڪنهن تي اهو راز
آهيان،
پهتو نه چپن تائين اهو آواز
آهيان.
نغما ٿا لڇن جنهن جي ٽٽل تارن
۾،
اي دوست پڇين ٿو ته اُهو ساز
آهيان.
ــــــــ
اوهان جي شهر ۾ اهڙو به آهي
ديوانو،
“حليم” آهي وري “جوش” ڀي سڏائي ٿو.
ـــــــ
صبح نه آهي شام نه آهي،
دل کي ڇو آرام نه آهي.
“جوش” نٿو ڏسجي عرصي کان،
گم آهي گمنام نه آهي.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
شيخ عبدالحليم ”جوش“
(شاعر، مضمون نويس ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)
مھراڻ جا موتي (قسط نمبر
ـ ۲۲۷)
ساجد رند
عبدالحليم عرف شيخ عبدالحليم
”جوش“ پھرين مارچ ۱۹۳۲ع تي نوآباد محلي، ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالله جي گھر ۾ جنم ورتو.
پاڻ ابتدائي تعليم نؤآباد ڪراچيءَ
جي هڪ سنڌي اسڪول مان حاصل ڪري، ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص پڙهڻ ويو،
جتان ۱۹۴۸ع ۾ واپس ڪراچيءَ موٽي آيو ۽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين.
پيشي جي لحاظ کان ۱۹۴۹ع ۾ لياري
هاءِ اسڪول ۾ اُستاد مقرر ٿيو، ڪجهه عرصو ماستري ڪرڻ بعد، اها نوڪري ڇڏي، سنڌ
اطلاعات کاتي ۾ داخل ٿيو ۽ ترقي ڪري ڊائريڪٽر انفرميشن جي عهدي تائين پهتو.
شيخ عبدالحليم ننڍپڻ ۾ ئي والد
جي رھنمائي ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن جي صحبت ۾ شاعري ڪرڻ لڳو، ۱۹۵۱ع کان وٺي هن ”بزم
ادب نظامي“ ۽ ”محفل احباب“ جي طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، پاڻ غزل جو بهترين
شاعر ٿي اڀريو، جڏھن تہ مضمون نگاريءَ ۽ تنقيد صنفن تي به ڀرپور طبع آزمائي ڪيائون،
سندس نئين زندگيءَ ۾ سندس فن ۽ تنقيد جي مختلف مسئلن تي ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن.
عبدالحليم ”جوش“ شاعر سان گڏ
صحافت ۾ به سرگرم رھيو، پاڻ هفتيوار اخبار ”ناخذا“ رسالن ”نئين زندگي“، ”مھراڻ “۽ ٻين
ادبي رسالن توڙي روزاني اخبارن ۾ به ليک لکندو رھيو.
عبدالحليم ”جوش“ جون ڪيل علمي،
ادبي خدمتون ھيٺين ڪتاب جي صورت ۾ موجود آھن.
(۱) اوندهه ۾ لاٽ (۲۰۰۹ع)
(شاعري)
No comments:
راءِ ڏيندا