; سنڌي شخصيتون: سيد غلام مصطفيٰ شاھ

09 March, 2024

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

سيد غلام مصطفيٰ شاھ

قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر

اسحاق سومرو



سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو تعلق سنڌ جي ھڪ پراڻي سياسي ۽ جاگيردار گهراڻي سان آھي. سندس ڏاڏو، والد ۽ چاچو پڻ اسيمبلي ميمبر رھيا آھن. سندس خاندان جو تعلق سنڌ جي لڪياري سيدن جي ميان پوٽي آڪھ سان آھي. سندس پڙ ڏاڏو سيد ميان پير شاھ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سندن ڪاردار (مختيارڪار) ٿي محرابپور تعلقي سڪرنڊ ۾ اچي مقيم ٿيو. محرابپور ۽ صدر آصف علي زرداري جو آباڻو ڳوٺ فتوحل زرداري سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھن. ٻنھي پاڙيسري ڳوٺن وچ ۾ مفاصلو ۱۰ ڪلوميٽر ٿيندو. ٻنھي جو تعلق سڪرنڊ تعلقي ضلعي شھيد بينظير آباد سان آھي. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو ڏاڏو سيد حسن بخش شاھ ۱۹۵۳ ۽ ۱۹۵۶ واري مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رھيو. پاڻ جي ايم سيد جو ھمعصر ۽ کيس انتھائي ويجھو رھيو. مسلم ليگ، عوامي محاذ، ۽ نيشنل عوامي پارٽي ۾ ساڻس گڏ رھيو. ياد رھي ته سيد حسن بخش شاھ مغربي پاڪستان اسيمبلي جو سنڌ مان انھن چئن ميمبرن مان ھڪ ميمبر ھو، جيڪي ون يونٽ جو بل پاس ٿيڻ واري ڏينھن تي اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر رھيا ۽ ون يونٽ جي حق ۾ پنھنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيائون.


سيد حسن بخش شاھ جا قائد اعظم محمد علي جناح سان پڻ ويجھا تعلقات رھيا. ھو وقت به وقت مسلم ليگ جي مالي مدد ڪندو رھندو ھو، خاص طور تي تنھن وقت مسلمانن جي ترجمان اخبار “الوحيد” جا شيئر خريد ڪيائين. ان کان پوءِ سندس وڏو فرزند سيد شبير احمد شاھ پھريون دفعو ۱۹۷۰ جي اليڪشن ۾ سيد گروپ طرفان سڪرنڊ واري تڪ تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار ۽ صدر آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري کان ھارائي ويو، جنھن بعد ھن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ۱۹۷۷ ۾ پھريون دفعو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيت تان بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونديو ويو. ان کانپوءِ پاڻ ۱۹۹۰، ۱۹۸۸، ۱۹۹۷ ۾ چار دفعا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو پر ۱۹۹۳ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر کيس پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار حاڪم علي زرداري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان شڪست ڏني. سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ سيد غلام مصطفي شاھ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.

سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۵۹ تي پيدا ٿيو، سندس شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجيوئيشن ٿيل آھي. ھن پنھنجي سياست جي شروعات ۱۹۸۷ کان ۱۹۹۲ تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نواب شاھ جي چيئرمين ٿيڻ سان ڪئي. پھريون دفعو ۲۰۰۲ ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پوءِ ۲۰۰۸، ۲۰۱۳، ۲۰۱۸ ۽ ھاڻي ۲۰۲۴ ۾ پنجون دفعو ميمبر ۽ پھريون دفعو قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو آھي. ياد رھي ته سندس چاچو سيد بشير احمد شاھ پڻ ۱۹۸۵ جي غير جماعتي اليڪشن ۾ سڪرنڊ مان بنامقابلي قومي اسيمببلي جو ميمبر چونڊيو ۽ ٻيھر ۱۹۹۷ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي ٽڪيٽ تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ صوبائي وزير ايڪسائيز ايند ٽيڪسيشن مقرر ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاھ پوئين قومي اسيمبلي جي ڪيترين ئي پارلياماني ڪميٽين جو چيئرمين پڻ رھيو. سندس ننڍو ڀاءُ سيد غلام علي شاھ سڪرنڊ تعلقي جو ناظم پڻ رھيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا